ناڪاميءَ جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيو
”جڏهن اسين ناڪاميءَ کي پنهنجي مٿان حاوي نه ٿيڻ ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏينداسين ته اسان اڃا وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط ٿي وينداسين. اسان جو اهو رويو ۽ طرز عمل اسان جي اعتماد کي وڌيڪ سگهه بخشيندو ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ سولي ڳالهه آهي.“
جيڪڏهن اسان کي ڪامياب ٿيڻو آهي ته پوءِ اسان کي لازمي طور اهو سکڻو پوندو ته ناڪامي ۽ مايوسيءَ کي ڪيئن منهن ڏجي. جڏهن توهان کي ڪنهن ٽيم ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي، توهان کي ڪنهن به عهدي لاءِ چونڊيو نه ٿو وڃي توهان کي پنهنجي پسند واري اسڪول ۾ داخلا نه ٿي ملي، ڪا نوڪري نه ٿي ملي، توهان کي ڪنهن اهم ماڻهوءَ سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي. توهان کي بنا ڏوهه نوڪريءَ مان ڪڍيو ٿو وڃي ته پوءِ توهان ناڪاميءَ ۽ مايوسيءَ جو اظهار ڪريو ٿا. وڌيڪ اهو به ته توهان ان وقت به مايوسي محسوس ڪريو ٿا، جڏهن توهان جي ڪنهن ڪتاب جو مسودو رد ڪيو وڃي ٿو يا وري توهان جنهن کي شاديءَ جي آڇ ڪريو ٿا، اها ان کي قبول نه ٿي ڪري.
[b]مايوسي رڳو هڪ خيال آهي:
[/b] ناڪاميءَ ۽ مايوسيءَ کي رد ڪرڻ لاءِ توهان کي اها حقيقت محسوس ڪرڻ گهرجي ته ناڪامي ۽ مايوسي اصل ۾ صرف هڪ خيال ۽ افسانو آهي. اهو اهڙو خيال آهي جيڪو اجايو توهان جي ذهن ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي.
ان ڳالهه تي غور ڪريو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي دوست کي چئو ته اها توهان سان گڏ رات جي ماني کائي ۽ جيڪڏهن اهو توهان جي ان آڇ کي رد ڪري ڇڏي ته ان مان ظاهر ٿيو ته اصل ۾ توهان سان گڏ ماني کائڻ لاءِ توهان وٽ اڳ ۾ ڪو ساٿي نه هو، تنهن ڪري توهان ان کي اها آڇ ڪئي ۽ هاڻي اها آڇ رد ٿيڻ کان پوءِ به توهان ساڳيءَ حالت ۾ آهيو، تنهن مان ظاهر ٿيو ته صورتحال تبديل نه ٿي ۽ ساڳي ئي رهي، پر اها صورتحال ان وقت خراب ٿئي ها، جڏهن توهان اهو سوچڻ لڳو ها ته ڪو به شخص مون سان ويهڻ کي پسند ئي نه ٿو ڪري ۽ آءٌ ڪا ناپسنديده شخصيت آهيان.
ٻيو مثال: جيڪڏهن توهان ڪنهن اسڪول ۾ داخلا وٺڻ چاهيو ٿا، پر توهان کي داخلا نه ٿي ملي. توهان ته اڳ ۾ ئي ان اسڪول يا ڪاليج ۾ داخل ٿيل ئي نه هئا ۽ درخواست ڏيڻ يا رد ٿيڻ وقت به موجود نه آهيو. درخواست ڏيڻ کان اڳ يا پوءِ ٻنهي صورتن ۾ توهان لاءِ ساڳي صورتحال آهي ته پوءِ مايوسي ڇاجي؟ ان تي غور ڪريو ته جيڪڏهن توهان کي نفعو نه ٿيو ته نقصان به ته نه ٿيو.
حقيقت ته اها آهي ته ڪنهن اڳيان سوال ڪرڻ مان توهان جو ڪو نقصان نه ٿو ٿئي، تنهن ڪري ڪنهن کي سوال ڪرڻ، درخواست ڪرڻ يا ڪجهه گهرڻ ۾ ڪو به حرج ڪونهي. توهان به اڳ ۾ ئي خالي آهيو، تڏهن ته ٻين کان گهرو پيا. ملي ٿو ته ٺيڪ آهي نه مليو ته به خير آهي. توهان جڏهن ڪنهن کان ڪجهه گهرو ٿا، عرض يا درخواست ڪريو ٿا ته ڪي ته توهان جو اهو عرض بروقت اگهايو ڇڏين، ڪي رد ڪن ٿا ته ڪي وري انتظار ڪرڻ جي بهاني ٻئي ڪنهن مهل تي ٽاريو ٿا ڇڏين. ڪا ڳالهه نه آهي، توهان پنهنجي ڪوشش جاري رکو، ڪڏهن ڪامياب به ٿي سگهو ٿا.
ڀٽائيءَ ڪيڏي نه قيمتي ڳالهه هيٺين بيت ۾ چئي آهي ته:
ليلا! ليلائج، اٿئي ماڳ منٿ جو،
جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائج،
آسرو مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
[b]انڪار ۽ قبوليت جي ڇڪتاڻ:
[/b] منهنجي هڪ دوست پنهنجي هڪ ڪم جي سلسلي ۾ مختلف ماڻهن سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن 90 ماڻهن کي فون ڪيا، انهن مان 18 ماڻهن کيس ان ڪم کان انڪار ڪيو ۽ صرف 9 ماڻهن حامي ڀري. سندس ڪاميابي 10 سيڪڙو چئي سگهجي ٿي، جيڪا هڪ حساب سان سٺي هئي.
پر جيڪڏهن منهنجي اها دوست 50 ماڻهن کي فون ڪري انڪاري جواب ٻڌي مايوس ٿي وڃي ها ۽ چوي ها ته کڏ ۾ وڃي پوي، ڪير به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. ماڻهو وڏا......آهن وغيره ته مايوسي سندس مقدر هئي، پر هن اهو سوچيو ئي ڪو نه. ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته انهن ماڻهن سان ملي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن کان کين واقف ڪري تنهن ڪري هوءَ ناڪاميءَ جي احساس کان به واقف هو ۽ هن ناڪاميءَ کي به پنهنجي ذهن ۾ رکيو. آخرڪار هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو.
تنهن ڪري جيڪڏهن توهان ڪنهن مقصد خاطر سندرو ٻڌي بيهي ٿا رهو ته پوءِ توهان ۾ جوش ۽ جذبو به پيدا ٿئي ٿو. توهان جي همٿ وڌي ٿي ۽ توهان ناڪاميءَ ۽ ڪاميابيءَ ٻنهي جي تجربن مان ڪجهه نه ڪجهه سکو ٿا. توهان پنهنجي مستقل مزاجيءَ مان ڪاميابيءَ جي رستي تي هلندا رهو ٿا ۽ آخرڪار منزل تي پهچي وڃو ٿا.
”پنهنجن خوابن تان هٿ نه کڻو. ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي ئي سڀ کان اهم طرز عمل ۽ رويو آهي. جيڪڏهن انڪار ٻڌڻ کان پوءِ توهان ۾ حوصلو، خواهش ۽ ڀروسو قائم نه ٿو رهي ته پوءِ توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهو.“
[b]مقصد تان هٿ نه کڻو:
[/b] ان حقيقت کي چڱيءَ ريت ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ٻين کان مدد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا انڪار ٻڌڻو پوندو. ان سلسلي ۾ ڪاميابيءَ جي چاٻي اها آهي ته توهان مايوس ٿي پنهنجي مطالبي تان هٿ نه کڻي وڃو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان جي سوال تي نه به چوي ٿو ته توهان پنهنجي ان سوال تان هٿ نه کڻو ٿي سگهي ٿو ته توهان جنهن کان سوال ڪيو تنهن توهان کي يا توهان جي ڳالهه کي سمجهيو ئي نه هجي، پر پوءِ توهان جي بار بار سوال ڪرڻ تي هن ڏيان ڏئي، توهان جي ڳالهه ٻڌي ۽ سمجهي هئي ۽ پوءِ اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته ان جي اها ”نه“، ”ها“ ۾ بدلجي وڃي.
مشهور ريسٽورنٽ ڪي.ايف.سي (KFC) جي باني ڪرنل هارلٽن شروع ۾ اٽڪل 300 ماڻهن کان سندس کاڌي بابت ناڪاري لفظ ٻڌا، پر هن همٿ نه هاري ۽ پاڻ کي بهتر بڻايائين ۽ ان کان پوءِ ماڻهن سندس ريسٽورينٽ ۽ کاڌي کي ايترو ته پسند ڪيو جو هاڻي اهو ماڻهو سموريءَ دنيا ۾ ان ريسٽورينٽ جي 11 هزار شاخن جو مالڪ بڻجي چڪو آهي.
دنيا جي هن گولي تي 6 ارب کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، ڪو نه ڪو ته اهڙو هوندو، جيڪو توهان جي مطالبي تي ڌيان ڏيندو ۽ توهان کي ڪامياب ڪندو. ناڪاميءَ جي خوف يا ماڻهن جي ناراض ٿيڻ کي نه ڏسو، پنهنجي ڪم ۽ مقصد کي ڏسو. دنيا وڏي آهي ۽ الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪري ڪوشش ڪندا رهو. مايوسي ڪفر آهي، يقيناً توهان کي ڪاميابيءَ جي رستي تي ڪو نه ڪو اهڙو ماڻهو ضرور ملندو جيڪو توهان جهڙي ئي ماڻهوءَ جي انتظار ۾ هوندو ته پوءِ ڇو نه اسين پاڻ به ان ماڻهوءَ سان ملڻ جي انتظار ۾ ڪوشش جاري رکندا اچون.
[b]مسلسل پوئيواري ڪري مايوس نه ٿيو:
[/b] جڏهن نوجوان رڪ هاءِ اسڪول لاءِ ٻارن جي ترت ذهني اوسر ۽ تڪڙي ڪاميابيءَ لاءِ هڪ منصوبو تيار ڪيو ۽ ان کي 155 ادارن کي ماڻي ڏنائين ۽ ان کان پوءِ ڪيترن مهينن تائين باقاعدگيءَ سان انهن ادارن جي جواب جو انتظار ڪندو رهيو پر ڪنهن به موٽ نه ڏني، پوءِ به هو مڙس ماڻهو ٿيو، انهن کي وري وري يادگيريءَ لاءِ لکندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن تان هٿ نه کنيائين ۽ آخرڪار هڪ اداري کيس هڪ لک ٽيهن هزار ڊالرن جو معاوضو اماڻي ڏنو. رڪ ۽ سندس ساٿين سموري دنيا ۾ ٽيهه هزار اسڪولن ۾ ان منصوبي تي عمل لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي، وڌيڪ هڪ سئو ملين ڊالر گڏ ڪري ورتا. رڪ کي اها ڪاميابي ان ڪري نصيب ٿي ته هن لڳاتار انڪار جي باوجود همٿ نه هاري.
1989ع ۾ رڪ کي ڇهه ڪروڙ 35 لک ڊالرن جي امدادي رقم وصول ٿي، جنهن جي ذريعي هن نوجوانن لاءِ هڪ ادارو ٺاهيو. جيڪڏهن رڪ شروع ۾ ئي 155 ادارن طرفان سندس منصوبي بابت موٽ ملڻ تي مايوس ٿي هٿ ڪڍي وڃي ها ته کيس اڄ هيڏي وڏي ڪاميابي نصيب نه ٿئي ها.
سلويسٽر اسٽالون چيو آهي ته:
”جڏهن آءٌ پنهنجي ڪنهن مطالبي جي موٽ ۾ انڪار ٻڌندو آهيان ته اهو انڪار هڪ صدا بڻجي مون کي هار مڃڻ بدران سجاڳ ڪري اڃا زور سان ڪوششون جاري رکڻ لاءِ همٿائيندو آهي.“
[b]لڳاتار ڪوشش ڪاميابي يقيني:
[/b] هڪ نوجوان ڊاڪٽر پنهنجي پڙهائي مڪمل ٿيندي ئي ڪيليفورنيا ۾ اسپتال کولڻ جو پروگرام ٺاهيو. جڏهن هن اتي جي ڪن ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو ته انهن کيس ڪنهن ٻئي هنڌ اسپتال کولڻ جي صلاح ڏني. هنن کيس ٻڌايو ته هو ان ڪري ڪامياب نه ٿيندو جو هتي اڳ ۾ ئي ان کان وڌيڪ سٺيون اسپتالون موجود آهن. تنهن کان پوءِ اهو ڊاڪٽر ڪيترن مهينن تائين ان علائقي ۾ ويندو رهيو ۽ اتي رهندڙن کان هيٺيان سوال پڇيائين:
”ڇا مون کي هتي اسپتال کولڻ کپي؟“
”جي ها، ته پوءِ ڪهڙي هنڌ.“
”مون کي پنهنجي اسپتال کلڻ بابت ڪهڙي سٺي اخبار ۾ اشتهار ڏيڻ گهرجي؟“
”ڇا آءٌ اها اسپتال صرف صبح جو کوليا يا وري شام جو يا سڄو ڏينهن کليل هجي؟“
”جيڪڏهن اسپتال کولڻ جي افتتاحي تقريب ۾ توهان کي به شرڪت جي دعوت ڏيان ته توهان ايندؤ؟“ وغيره.
جيڪي ماڻهو سندن سوالن جا مناسب جواب ڏيندا هئا، هو انهن جا نالا ۽ ڏس پتو لکندو هو. اهڙيءَ ريت ڪجهه مهينن اندر ئي هن 12500 ماڻهن جو در کڙڪايو ۽ 6500 ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪيترن ماڻهن کيس بددل ڪيو ته وري ڪيترن همٿايس به. بهرحال هن دل نه هاري ۽ جڏهن اسپتال کولي ورتائين ته، پهرين مهيني وٽس 233 مريض علاج لاءِ آيا ۽ اهڙي ريت هن هڪ اهڙي علائقي مان 72000 ڊالرن جي وڏي آمدني حاصل ڪئي، جنهن بابت کيس صلاح ڏني وئي هئي ته اتي هڪ وڌيڪ اسپتال کولڻ جي گنجائش ئي ناهي.
[b]دنيا جي مشهور ماڻهن به انڪار کي منهن ڏنو:
[/b] دنيا جا اٽڪل سمورا ڪامياب ۽ مشهور ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ”انڪار“ کان سرفراز ٿي چڪا آهن. مثال طور:
1) جڏهن اليگزينڊر بل پنهنجي ايجاد ڪيل ”ٽيليفون“ جا حق واسطا هڪ لک ڊالرن جي عيوض ويسٽرن يونين کي وڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اداري جي صدر ڪارل آرٽن کيس جواب ڏنو: ”هيءُ بجليءَ تي هلندڙ رانديڪو اسان جي ڪنهن به ڪم نه ڪونهي.“
2) مشهور ناول لکندڙ اسٽيفن هاڪنگ ان وقت ڪروڙين ڊالرن جي غلطي ڪئي، جڏهن هن ناشرن طرفان سندس ناول جي مسودي کي لڳاتار رد ڪرڻ سبب مايوس ٿي، ان کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. اڪثر ناشرن کيس جواب ڏنو هو ته کين اهڙي قسم جي سائنسي فڪشن جي ضرورت ڪونهي، جنهن ۾ خيالي جنت جو ذڪر موجود هجي. اهڙي قسم جا ناول ماڻهو وٺڻ پسند ڪو نه ڪندا آهن. خوشقسمتيءَ سان سندس زال مسودو رديءَ جي ٽوڪريءَ مان ڪڍي سنڀالي رکيو ۽ پوءِ پاڻ به مختلف ناشرن سان رابطو ڪيائين، جن مان هڪ آخرڪار اهو ڇاپڻ جو ارادو ڪيو. سندس ناول (Corrie) جون پوءِ 40 لکن کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ ان ناول تي هڪ وڏي فلم به تيار ٿي. 1998ع ۾ گوگل (google) جي ٻن گڏيل ٺاهيندڙن سرجي برن ۽ لاربي بيج ”ياهو Yahoo“ سان رابطو ڪيو ۽ ٻنهي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ نئون ادارو ٺاهڻ جي آڇ ڪيائون پر ياهو اها آڇ رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ پنجن سالن اندر ئي google ترقي ڪندي ٻه ڪروڙ ڊالر اثاثن جو مالڪ بڻجي ويو. پراسرار ڪهاڻين جي مشهور برطانوي ليکڪ جان ڪريزي جو پهريون ڪتاب شايع ڪرڻ جي حوالي سان 743 ماڻهن کيس انڪار ڪيو پر هن به همٿ نه هاري ۽ آخرڪار اهو ڪتاب وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ڄڻ ته ڪاميابي سندس در جي ٻانهي بڻجي وئي.