دولت صحيح خرچ ڪيو
”دولت حاصل ڪرڻ جو به هڪ خاص طريقو آهي، ڪيترن ماڻهن کي ان جي باري ۾ ڄاڻ ئي ڪونهي، جو تمام گهڻا ماڻهو مالي طور ڪامياب نه ٿا ٿين. دولت کان محروم ٿيڻ ڪو مسئلو ڪونهي پر ان ڳالهه جي علامت آهي ته توهان جي اندر جي حالت ڇا آهي؟“
دنيا جي هر شيءَ وانگر مالي ڪاميابيءَ جي شروعات به ذهن سان ئي ٿئي ٿي. توهان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان جي مرضي ڪهڙي آهي. تنهن کان پوءِ پاڻ کي پڪ ڏياريو ته مالي ڪاميابي توهان جو حق آهيڌ ته پوءِ ان تي ان انداز ۾ ڌيان ڏيو ۽ ان بابت سوچيو ته ڄڻ توهان کي مالي ڪاميابي اڳ ۾ ئي حاصل ٿي چڪي آهي ۽ آخر ۾ پنهنجو پاڻ سان اهو واعدو ڪريو ته لڳاتار ۽ پڪي ارادي سان جدوجهد مستقل مزاجيءَ جي صورت ۾ اهو ڪم توهان لاءِ ڪافي ڏکي ڳالهه ڪونهي.
هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو مالي ڪاميابيءَ لاءِ پهريون قدم کڻڻ کان به لاچار آهن گهڻو ڪري دولت جي محدود مفهوم کان واقف هوندا آهن ۽ سدائين ان اُڻ تڻ ۾ هوندا آهن ته اهي مالي ڪاميابيءَ جي لائق آهن به يا نه.
[b]هاڪاري سوچ ۽ رويو پنهنجايو
[/b] دولتمند بڻجڻ لاءِ ضروري آهي ته دولت بابت ڪنهن به ناڪاري سوچ کي ختم ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ڪجهه عجيب ٿي لڳي ته اسين دولت بابت اهڙو رويو اختيار ڪريون، پر اسان جي دماغ ۾ ننڍي هوندي کان ئي اها سوچ ويهاري ويندي آهي، ممڪن آهي ته جواني جي ڏينهن ۾ توهان هي ٻڌو هجي ته:
• نوٽ وڻن تي ته نه ٿا ڦٽن.
• ايترا ڏوڪڙ ڪونهن جو ضرورتون پوريون ٿي سگهن.
• دولت ڪمائڻ لاءِ دولت جي ضرورت هوندي.
• دولت سمورن خرابين جي پاڙ.
• جن ماڻهن وٽ دولت هوندي آهي، اهي خراب ۽ غيرمهذب هوندا.
• ٻن ماڻهن وٽ تمام گهڻي دولت هوندي هڪ خود غرض ٻيا خود پرست.
• هر هڪ ماڻهو لک پتي نه ٿو بڻجي سگهي.
• توهان خوشي پئسن سان نه ٿا خريد ڪري سگهو.
• دولتمند ماڻهن کي صرف دولت جو ئي خيال هوندو.
• دولتمند ماڻهو روحانيت نه ٿو حاصل ڪري سگهي.
توهان کي اهڙي قسم جا پيغام ننڍپڻ ۾ ئي ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن، جيڪي اصل ۾ توهان جي مالي ڪاميابيءَ کي ڌڪي، سست ۽ ختم ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪهاوتن جي اثرن سبب توهان جي لاشعور ۾ هڪ قسم جي سرگرم ۽ اڻ گهڙيل حالت سامهون اچي ٿي، جيڪا توهان جي شعوري خواهشن جي ابتڙ آهي.
توهان جي ننڍپڻ ۾ پرورش دوران ۽ جيئن جيئن توهان وڏا ٿيندا ويا ته ‘دولت’ بابت توهان جي ماءُ پيءُ، استادن، مذهبي اڳواڻ، دوستن ۽ مٽن مائٽن توهان کي ڇا پڙهايو ۽ سيکاريو؟
ڪي ماڻهو اهو چون ٿا ته دولت پورهيتن جي استحصال سان حاصل ٿئي ٿي. اهو به چيو ٿو وڃي ته دولت پاڻ ئي پاڻ نه ٿي ملي، نه ئي اها وڻ ۾ ميووي وانگر ملي ٿي ۽ اها تڪليفن سان ملي ٿي.
ايني جي عمر ان وقت 30 سال هئي، جڏهن هن منهنجن سيمينارن ۾ شرڪت شروع ڪئي. کيس ورثي ۾ تمام گهڻي دولت ملي هئي، پر کيس دولت کان نفرت هئي. ڪنهن سيمينار ۾ دولت جو ذڪر ايندو هو ته هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي ته ان دولت سندس ڪٽنب کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سندس پيءُ جنهن وٽ بي حساب دولت هئي، اهو ڪڏهن به گهر ۾ نه رهيو. سندس ٻه ٽي ڪم هئا يا ته دولت ڪمائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر هوندو هو يا وري دولت کي خرچ ڪرڻ لاءِ دنيا جي سير تفريح ۾ لڳو پيو هوندو هو.
نتيجو اهو نڪتو جو سندس ماءُ مڙس جي مٿس ۽ گهر تي ڌيان نه ڏيڻ سبب هوءَ نشو ڪرڻ لڳي. هوءَ شراب پي پنهنجو غم مٽائيندي رهي يا ٻارن سان وڙهندي هئي. گهر ۾ ماءُ ۽ ٻارن ۾ هميشه جهيڙا پيا ٿيندا هئا ۽ سندن گهرو ماحول تباهه ٿي ويو. سندن ننڍپڻ نهايت تڪليفن ۾ گذريو. هوءَ ذهني پيڙاءُ ۾ رهي، پر هن پنهنجي پيءُ جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ديوانگيءَ ۽ لالچ کي پنهنجي تڪليف ۽ مصيبت جو اصل سبب سمجهڻ بدران، هڪ ٻار جي حيثيت سان دولت کي ئي خراب سمجهڻ شروع ڪيو. جيئن ته اينيءَ ننڍپڻ ۾ هن دولت هوندي به ڪافي پريشانيون ۽ تڪليفون سٺيون، سندس ننڍپڻ ۾ سمورا فيصلا جذباتي پريشانين ۾ ڪيا ويا، تنهن ڪري اهي فيصلا سندس دل ۽ دماغ ۾ گهر ڪري ويهي رهيا ۽ اهي ناڪاري سوچن ويهن سالن تائين سندس دماغ جي ڪنڊ ۾ کُپ کوڙي ويٺيون.
اها ڪهاڻي مون توهان کي ان ڪري ٻڌائي ته ڏسو ڪيئن نه دولت هوندي درست دڳ تي نه هلڻ يا دولت جي درست استعمال نه ڪرڻ سبب ڪري گهر تباهه ٿي ٿا وڃن ۽ ان کان سواءِ به توهان کان دولت جي سلسلي ۾ ٻيا به اهڙا غلط فيصلا ٿي ٿا وڃن، جنهن ڪري توهان ان دولت کان تمام پري هليا ٿا وڃو.
1. پيءُ کان وڌيڪ دولت ڪمائڻ جو حق ناهي
اسڪاٽ جي عمر 18 سال هئي ۽ هڪ انشورنس ڪمپنيءَ سان ڪم ڪندي کيس اڃا مهينو مس پورو ٿيو هو ته کيس ڪميشن طور 856 ڊالر مليا. سندس پيءُ جي عمر 46 سال هئي ۽ اهو پاڻ به انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ئي ڪم ڪندو هو ۽ هڪ مهيني کان پوءِ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ وارو هو. اسڪاٽ جي پيءُ کي پگهار جو جيڪو چيڪ ملندو هو اهو 1360 ڊالر هو. اسڪاٽ پنهنجي دل ۾ سوچيو ته، ”آءٌ پنهنجي پيءُ کي ڇا ٿو چئي سگهان، آءٌ ان عظيم ۽ شريف النفس انسان کي پنهنجي ۽ سندس وچ ۾ اهميت جي فرق کي ڪيئن سمجهايان؟“
پوءِ اسڪاٽ لاشعور ۾ فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ دولت نه ڪمائيندو ته جيئن سندس پيءُ کي ذهني تڪليف نه ٿئي.
2. دولت جي حاصلات لاءِ خانداني اصولن جي ڀڃڪڙي
ٽوني هڪ مزدور جي گهر ۾ نپيو ۽ وڏو ٿيو. سندس پيءُ مالهي هو ۽ دولت مند ڪٽنبن جي باغن ۾ ڪم ڪندو هو. دولتمند ماڻهن تي ڀروسو نه ڪيو ويندو آهي ۽ انهن کي گهٽ ذهن وارو سمجهيو ويندو آهي، جيڪي گهٽ حيثيت وارن ماڻهن کي هر وقت گاريون يا ڇڙٻون پيا ڏيندا آهن. ٽوني جي پيءُ هڪ عام مزدور جي زندگيءَ کي ئي ترجيح ڏني. دولتمند ٿيڻ جو مطلب خانداني اصولن جي ڀڃڪڙي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏن به ڪڏهن دولتمند بڻجڻ لاءِ نه سوچيو ۽ نه ئي ڪوشش ڪئي.
3. دولتمندي هڪ ٻوجهه
جارج جي پيءُ وٽ تمام گهڻي دولت آهي، جارج جي پيءُ کيس سندس پسند موجب هڪ تمام قيمتي تحفو وٺي ڏنو، پر گڏوگڏ کيس اهو به ٻڌايائين ته هاڻي ان جي سنڀالڻ جي ذميداري به سندس ئي آهي. بهرحال جارج جي ننڍپڻ ۾ ساڻس ٿيل ان واقعي کيس ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏي ته توهان تمام گهڻي دولت حاصل ڪئي ته پوءِ ان کي سنڀالڻ جي ذميداري به توهان جي پنهنجي هوندي، تنهن ڪري جارج دولت جي خواهش هوندي به ان کي سنڀالڻ جي ذميداريءَ کان بچڻ لاءِ ان کان پري ٿيندو ويو.
باب پراڪٽر چيو آهي ته، ”توهان کي اها ڳالهه هر حالت ۾ سمجهڻ گهرجي ته بئنڪ اڪائونٽ، ڪاروبار، صحت، سماجي زندگي ۽ آفيس عهدي جي باوجود حالت، توهان جي گذريل سوچ جي عملي اظهار کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي عملي واقعي ۾ سنجيدگيءَ سان تبديلي آڻڻ ۽ بهتريءَ ۾ دلچسپي رکو ٿا ته پوءِ توهان کي کپي ته لازمي طور يڪدم پنهنجا خيال بدلايو.“
[b]ناڪاري رويي کي بدلائڻ لاءِ ٽي وکون
[/b] توهان کي ننڍپڻ ۾ ئي دولت بابت جيڪي تصور ذهن ۾ ويهاري ويا آهن، انهن کي رڳو هڪ سادي ۽ زبردست طريقي سان بهتر ۽ وڌيڪ اختيار تصورن ۾ بدلائي سگهجن ٿا ۽ اهو طريقو ٽن ڳالهين تي مشتمل آهي. جيڪڏهن توهان اها ئي مشق پنهنجن ساٿين يا ننڍڙي گروپ جي صورت ۾ گڏجي ڪريو ته توهان کي ان ۾ اڃا وڌيڪ مزو ايندو.
1. غلط خيالن کي لکو
سمورين خرابين جي پاڙ دولت آهي.
2. ناڪاري خيالن تي بحث ڪري اهي غلط ثابت ڪريو
توهان اهو ڪم، انهن پراڻن ۽ دقيانوسي خيالن جي مقابلي ۾ نون ۽ سٺن خيالن کي ظاهر ڪري ۽ لکي ڪري سگهو ٿا. توهان ان کي وڌ ۾ وڌي خوشگوار ٺاهي سگهو ٿا، توهان جي شعور ۾ هڪ زبردست تبديلي هن ريت پيدا ٿي سگهي ٿي ته توهان سوچيو:
• دولت انسانيت جو بنياد
• دولت تمام گهڻين تفريحن جو بنياد
• دولت صرف انهن ماڻهن لاءِ خراب ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪي اصل ۾ پاڻ ئي خراب هجن.
• پر آءٌ ته هڪ نهايت مهربان ۽ پيارو انسان آهيان ۽ ان دولت کي سموري دنيا ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهان ٿو.
توهان دولت بابت پنهنجن خيالن کي هڪ پني تي لکي، انهن کي وڏي واڪ پڙهي پاڻ ۾ اعتماد ۽ يقين پيدا ڪري سگهو ٿا.
3. نئون ۽ بهتر سوچيو
دولت بابت پنهنجن پراڻن ۽ دقيانوسي خيالن کي نون ۽ سٺن خيالن ۾بدلائڻ لاءِ هي آخري قدم آهي. توهان کي اهڙي ڪنهن ”زبردست خيال“ ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي ٻڌائڻ کان پوءِ توهان جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وڃي. جڏهن اها خوشگوار ۽ هيجان پيدا ڪندڙ لهر توهان جي بدن ۾ پکڙجي وڃي ته پوءِ توهان پنهنجي ڪمري ۾ هلندي اهي نيون ڳالهيون ۽ بيان ورجائيندا رهو. اهو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين جاري رکو ۽ پوءِ اها توهان جي مستقل عادت بڻجي ويندي، توهان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪريو ته:
”جڏهن مون وٽ دولت ايندي ته اها منهنجي لاءِ پيار خوشي ۽ ڀلائيءَ جو سبب هوندي.“
ياد رکو! ته مالي ڪاميابيءَ بابت تصور ۽ خيال پاڻمرادو پيدا نه ٿيا ٿين. توهان کي کپي ته توهان انهن تصورن بابت سوچيو، جيڪي خوشحاليءَ تي مشتمل هجن. توهان کي گهرجي ته خوشحاليءَ ۽ مالي ڪاميابيءَ بابت اهي خيال هر وقت ذهن ۾ آڻيندا وڃو ۽ مالي ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾ سمورو ڌيان ڏيو. جڏهن توهان شعوري طور ۽ ڄاڻي واڻي اهي خيال پنهنجي ذهن ۾ آڻيندا ويندؤ ته پوءِ پراڻا ۽ غلط خيال آهستي آهستي توهان جي ذهن مان مٽجندا ويندا ۽ انهن جي جاءِ سٺا ۽ نوان خيال والاريندا ويندا. هيٺ ڪي اهڙيون وڌيڪ ڳالهيون ٻڌائجن ٿيون، جن ذريعي توهان مقصد حاصل ڪري سگهو ٿا.
• خدا اسان کي گهڻيون نعمتون ڏنيون آهن ۽ مون کي نهايت تيزيءَ سان تمام گهڻي دولت حاصل ٿي رهي آهي، جيڪا اسان سڀني لاءِ بهتر ثابت ٿي رهي آهي.
• هاڻي مون وٽ سوچ کان به وڌيڪ دولت آهي.
• دولت مون کي ڪيترن ئي غير امڪاني ذريعن مان حاصل ٿي.
• آءٌ پنهنجي سموريءَ دولت کي سٺي نموني استعمال ڪري رهيو آهيان.
• ڀلي آءٌ ڪم ڪري رهيو هجان، راند ۾ مصروف هجان يا ننڊ ۾ ته به منهنجي دولت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو.
• مون کي سموريءَ سيڙپ مان نفعو حاصل ٿي پيو.
• ماڻهو نهايت پيار ۽ محبت سان مون کي دولت پيش ڪن ٿا ۽ آءٌ ان مان وڌ ۾ وڌ مزو ماڻيان ٿو.
جڏهن توهان سٺن خيالن ۽ اميدن کي ورجايو ٿا ته ڄڻ ان سان اڳ ۾ ئي پيدا ٿيل جذبن ۽ احساسن کي ورجايو ٿا ۽ انهن کي ورجائي پنهنجي لاشعور ۾ نقش ڪري سگهو ٿا.
[b]لکپتي ٿيڻ بابت گهڻو سوچيو
[/b] جڏهن توهان دولت حاصل ڪرڻ يا ٻئي مقصد لاءِ پنهنجي پاران سٺن ۽ تصورن کي ظاهر ڪريو ٿا ته پوءِ توهان کي اڪثر ناڪاري ۽ غلط خيالن ۽ تصورن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. مثال طور، ”توهان ڪنهن کي دوکو ڏيئي رهيا آهيو؟“ ”توهان ڪڏهن به دولتمند بڻجي نه ٿا سگهو.“ ۽ ”مون کي ڪيترا ڀيرا توهان کي اها ڳالهه ٻڌائڻي پوندي ته....“ جڏهن اهڙي قسم جا ناڪاري خيال توهان اڳيان اچن ته پهرين انهن کي لکڻ شروع ڪريو. تنهن کان پوءِ پنهنجون اکيون بند ڪري اهي تصور ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڏيو، جيڪي انهن مخالف خيالن سان لاڳاپيل هجن.
اسان سڀني ۾ هڪ اهڙي خواهش موجود آهي، جنهن ذريعي اسين انهن خيالن سان مهاڏو اٽڪائي سگهون ٿا يا انهن کي نظرانداز ڪري سگهون ٿا، پر اهي ناڪاري خيال ۽ تصور توهان کي گهڻيءَ دير تائين منجهائي رکن ٿا. هاڻي اها توهان جي ذميداري آهي ته انهن ناڪاري خيالن ۽ تصورن کي مڪمل طور تي محسوس ڪريو ۽ پوءِ انهن سان مهاوڏ ڏيو. جيتوڻيڪ توهان ان عمل کي کليل يا بند اکين سان ڪري سگهو ٿا، پر ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته اهي بند اکين سان بهتر خيالن ۽ تصورن جو وڌيڪ بهتر اظهار ڪري سگهن ٿا. هر ڪنهن کي پنهنجي مرضيءَ جو طريقو اختيار ڪرڻ ڏيو.
تنهن ڪري دولت بابت توهان کي جڏهن به ڪو خراب يا مخالف تصور ذهن ۾ اچي، پريشان ڪري يا رنڊڪ وجهي ته پوءِ توهان اهو آسان طريقو استعمال ڪريو.
[b]وقتي احساس
[/b] جڏهن توهان دولت بابت غلط ۽ مخالف خيالن ۽ تصورن ۾ اچي وڃو ته پوءِ پنهنجي احساسن تي وڌيڪ ڌيان ڏيو.
خيالن جو آڌرڀاءُ
انهن خيالن ۽ تصورن جو آڌرڀاءُ ڪريو ۽ جيترو ٿي سگهي، انهن کي پنهنجي اندر اچڻ ڏيو.
[b]خيالن کي نظرانداز ڪرڻ
[/b] توهان اهو سوال پنهنجو پاڻ کان پڇو ته ڇا توهان اهڙن خيالن ۽ تصورن کي نظرانداز ڪري سگهو ٿا، پوءِ ها يا نه ۾ جيڪو به جواب اچي اهو قابل قبول آهي.
پنهنجو پاڻ کان پڇو ته ڇا آءٌ انهن خيالن ۽ تصورن کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ تيار آهيان؟ جيڪڏهن ان جو جواب ‘نه’ آهي، پر پوءِ؟ به توهان کي يقين نه ٿو اچي ته پوءِ پاڻ کان هي سوال پڇو ته، ”ڇا مون کي اهو احساس ٿئي ها“ ۽ ”يا مون کي قطعي اهو احساس نه ٿئي ها.“
جيڪڏهن پوءِ به توهان کي ڪجهه محسوس ٿئي ته پوءِ وري پاڻ کان نئون سوال پڇو.
ڪڏهن؟
پاڻ کان پڇو: ”ڪڏهن؟“
اهو صرف محسوس نه ڪرڻ جو ‘بهانو’ آهي. ياد رکڻ يا انهن کي نظرانداز ڪرڻ جو فيصلو توهان جو پنهنجو آهي، جنهن کي توهان ڪڏهن به استعمال ڪري سگهو ٿا.
هن عمل کي ورجائيندا رهو ته ڪنهن به خيال ۽ احساس کي نظرانداز ڪري سگهو.
موجودگي
ياد رکو ته دولت ۽ دولت کي حاصل ڪرڻ کي پنهنجي روزاني خيالن ۽ تصورن ۾ ايئن شامل ڪري ڇڏيو ته ڄڻ توهان اهو ڏسي رهيا آهيو ته توهان جو مقصد اڳ ۾ ئي پورو ٿي چڪو آهي.
پهرين ان يقين کي تصور جي نظر ۾ ڏسو ته توهان پنهنجو پگهار وصول ڪري رهيا آهيو يا مسواڙ تي ڏنل گهرن جي مسواڙ وصول ڪري رهيا آهيون. توهان کي ماڻهو پنهنجا قرض واپس ڪري رهيا آهن.
تصورن ۾ پنهنجي بئنڪ اڪائونٽن جا اهي تفصيل ڏسو، جن ۾ توهان کي پنهنجي گڏ ڪيل تمام گهڻي دولت جا تفصيل معلوم ٿي رهيا آهن. توهان جيڪي شيئر ورتا آهن، انهن تي توهان کي هيڪاندو نفعو ملي رهيو آهي.
هاڻي وري انهن سمورين شين جو تصور ڪريو، جيڪي توهان خريد ڪري سگهو ٿا، تصور ڪريو ته توهان کي دنيا جي بهترين ريشم مان تيار ڪيل لباس پاتل آهي. اهو به تصور ڪريو ته توهان دنيا جي هڪ وڏي ۽ مهانگي ”مساج گهر“ ۾ پنهنجي بدن جو مساج ڪرائي رهيا آهيو. وڌيڪ اهو به ته توهان تصور ڪريو ته سمنڊ ۾ پيراڪي ڪري رهيا آهيو ۽ سامونڊي لهرن جي گجيءَ توهان جي سموري بدن کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ ماحول حد کان وڌيڪ خوشگوار ٿي ويو آهي.
آخر ۾ اهو به تصور ڪريو ته توهان انهن سمورين نعمتن لاءِ ڌڻي تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيو ۽ توهان کي اڃا وڌيڪ نعمتون ملي رهيون آهن. تنهن ڪري لڳاتار اهو تصور ڪندا رهو ته توهان جيڪي ڪجهه چاهيو ٿا، اهو توهان کي اڳ ۾ ئي ملي چڪو آهي ۽ توهان هرحال ۾ خوش آهيو.