تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

مرحليوار ڪاميابي حاصل ڪريو

چارلس ڪونراڊ جا هي ڏاهپ ڀريا لفظ آهن:
”توهان جي شعور ۾ اها ڳالهه ضرور هجڻ گهرجي ته توهان ڪيتري قدر وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا.“
اهو وقت ياد رکو جڏهن توهان وڏا ٿي رهيا هئا ۽ توهان جا ماءُ پيءُ ڪجهه مهينن کان پوءِ بار بار توهان جو قدم ماپيندا رهندا هئا. پنهنجي والدين جي ان رويي ۽ طرز عمل ذريعي توهان کي اهو چٽي نموني پتو پئجي ٿو وڃي ته ماضيءَ جي حوالي سان پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو. اهڙي نموني توهان ۾ اهو حوصلو پيدا ٿئي ٿو ته ترقيءَ جي رستي ڏانهن وک وڌائڻ جي سلسلي ۾ صحيح ۽ درست طريقو اختيار ڪريو.
اهڙيءَ ريت ئي ڪامياب ماڻهو قدم قدم سان ملائي، پنهنجي ڪاميابيءَ جي رستي تي اڳتي وڌندا آهن. ايئن ئي انهن ۾ جوش ۽ ولولو وڌيو آهي ۽ جنهن ذريعي اهي پنهنجا گهربل مقصد حاصل ڪري وٺندا آهن.
غور ڪريو، فطري ۽ جبلتي طور تي توهان سدائين پنهنجي ڪاميابيءَ ۾ بهتري لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهيو. جيڪڏهن توهان ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين چئن ڳالهين تي پنهنجو مڪمل ڌيان ڏيو ته پوءِ اهو تصور ڪريو ته قدم به قدم ڪاميابيءَ جي حاصل ڪرڻ ذريعي توهان ۾ ڪيترو حوصلو ۽ جذبو پيدا ٿيندو.

[b]صرف اهم مقصد ۽ منزل کي اڳيان رکو:
[/b] اسين پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ اهو سبق سکون ٿا ته اسان کي صرف پنهنجي قيمتي ۽ اهم مقصد ۽ منزل کي ئي نظر اڳيان رکڻ گهرجي. اسين جيترا ڀيرا رسي ٽپون ٿا، صرف انهن ڀيرن کي ئي ڳڻيون ٿا. صرف انهن موقعن کي ئي ڳڻيون ٿا، جيڪي اسان گڏ ڪيا آهن. ڇو ته ڪاميابي ئي ته اسان جو گهربل مقصد ۽ منزل هوندي آهي.
ڪاروبار سواءِ ٻين شعبن ۾ ڪارگذاريءَ جو جائزو وٺو:
توهان کي گهرجي ته صرف ڪاروباري شعبي ۾ نه، پر دلچسپيءَ جي ٻين شعبن ۾ به پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺو. توهان جي ذاتي زندگي هجي يا سياست جو ميدان، تعليمي مقصد هجي يا هڪٻئي سان ناتا، توهان کي قدم به قدم پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ گهرجي.
گهريلو زندگيءَ ۾ ڪار گذاريءَ کي پرکيو:
توهان کي گهرجي ته پنهنجي گهريلو زندگيءَ ۾ به پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺو. توهان ڏسو ته توهان ڪيترا ڀيرا پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏجي ماني کاڌي آهي، ساڻن ڪچهري يا راند روند ڪئي آهي.
اصل ۾ توهان کي پنهنجي گهريلو زندگيءَ ۾ به ڪارڪردگيءَ بابت پنهنجون اوليتون مقرر ڪرڻ گهرجن. توهان پنهنجي گهرڀاتين لاءِ سٺي آمدني حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي قيمتي وقت مان گهرڀاتين لاءِ به ڪجهه وقت ڪڍو. پنهنجي گهرواريءَ کي ڀر ۾ ويهاري کائنس گهريلو مسئلا ٻڌو، انهن جي حل ۾ کيس مدد ڏيو. پنهنجن ٻارن کي به وقت ڏيو.

[b]اڄ ئي ڪاميابيءَ بابت جاچيو:
[/b] اهو فيصلو ڪري وٺي ته پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ جو عمل اڄ کان پر هينئر کان ئي شروع ڪريو. ان ڳالهه جي به خاطري ڪريو ته زندگي جي هر شعبي مالي، پيشوراڻي، تعليم، سير ۽ تفريح، صحت ۽ تندرستيءَ، گهرڀاتين ۽ ٻين ناتن، ٻين لاءِ خدمت جي منصوبن جي حوالي سان پنهنجي ڪاميابيءَ جي جاچ ڪرڻ جو عمل اڄ کان ئي شروع ڪريو.
پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾ جاچ، کوجنا ۽ مطالعي مان حاصل ڪيل نتيجن کي اهڙين خاص جاين تي لڳايو، جتي سڀ ڏسي سگهن.