تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

پنهنجي ڪارگذاريءَ جو جائزو وٺو

ڪنهن جي هيءَ چوڻي بيحد مشهور آهي ته:
”پنهنجي ڪاميابيءَ جي جائزي بابت ڄاڻ ڪامياب ماڻهن لاءِ ناشتي جي حيثيت رکي ٿي.“
جڏهن توهان پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ٿا وٺو ته پوءِ توهان کي اها ڄاڻ ٿيڻ لڳندي آهي ته توهان صحيح رخ ڏانهن وڃو پيا يا نه. توهان کي ان سلسلي ۾ انگ اکر ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن. مختلف ماڻهو صلاح مشورا ۽ تجويزون ڏين ٿا، توهان کي هدايت ڏين ٿا يا وري تنقيد به ڪن ٿا، جنهن ڪري توهان جي ڄاڻ، معلومات، صلاحيتن توڙي تعلقاتن ۾ لڳاتار اضافو ٿيندو ٿو رهي ۽ اهي سڀ مرحلا ان وقت اڃا وڌيڪ ڪارائتا ثابت ٿين ٿا، جڏهن توهان انهن سمورين ڳالهين کي سامهون رکي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن جو جائزو وٺي، پنهنجو پاڻ کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪريو ٿا.

[b]ڄاڻ ۽ جائزي جا ٻه قسم:
[/b] جڏهن توهان ڪو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ ٽپي پئو ٿا ته پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي سلسلي ۾ توهان کي ٻن قسمن جي معلومات گهربل هوندي آهي. هاڪاري ۽ ناڪاري يا سٺي ۽ خراب.
عام طور تي اسين سٺن نتيجن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ٿا. مثال طور: رقم حاصل ڪرڻ، ماڻهن طرفان تعريف ٻڌڻ، ترقي، گراهڪن جو اطمينان، انعام ۽ خوشي وغيره. ان قسم جي سٺي معلومات، موٽ يا ڄاڻ اسان کي گد گد ڪري ٿي ۽ اسين انهن نتيجن تي خوش ٿي وڌيڪ جذبي کان ڪم وٺون ٿا. اهي سموريون ڳالهيون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته اسين ڪاميابيءَ جي رستي تي وڃي رهيا آهيون.
ان جي ابتڙ اسين ناڪاري معلومات ۽ نتيجن کي پسند نه ٿا ڪريون. مثال طور، ڪنهن به ڪم جو بهتر نتيجو حاصل نه ٿيڻ، نهايت گهٽ رقم ملڻ، ماڻهن جي تنقيد، غلط ۽ نامناسب ڪارڪردگي، نظرانداز ٿيڻ، حالتن جو موافقت ۾ نه هجڻ، اندروني پريشاني، اڪيلائپ تڪليف وغيره اسان کي ڪنهن ڪنهن وقت ته ڇتو ڪري ٿي ڇڏي.
بهرحال اها حقيقت نهايت اهم آهي ته جهڙي نموني پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي سلسلي ۾ مثبت جائزو ۽ نتيجا اسان کي خوش ڪي همٿائين ٿا، اهڙي ئي نموني ناڪاري خبرون، جائزا، ڪارڪردگي ۽ نتيجا پڻ اسان لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسين انهن بابت به سٺي نموني ۽ سٺي ذهن سان سوچيون ته اهي اسان کي ٻڌائين ٿا ته اسان ڪٿي ڪٿي غلط ۽ نامناسب ڪم ڪري پنهنجو پاڻ لاءِ پريشاني پيدا ڪئي. اهڙي قسم جي معلومات نهايت ڪارائتي هوندي آهي جيڪا اسان کي پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.
اصل ۾ اها معلومات توهان لاءِ ايتري ته ڪارائتي هوندي آهي، جو توهان ڪيترائي اهم منصوبا صرف ان لاءِ بدلائي ڇڏيندا آهيو، جو توهان ان سلسلي ۾ حاصل ٿيندڙ ناڪاري معلومات کي ڪيئن محسوس ڪندا آهيو يا ان کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندا. اها ناڪاري معلومات ۽ جائزا توهان کي سڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ موقعا مهيا ڪن ٿا.
اسان جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندڙ ماڻهو اسان کي اهو ٻڌائين ٿا ته اسين پنهنجي ڪم ۾ بهتري ڪيئن ٿا آڻي سگهون ۽ ان کي اڃا سٺو ڪيئن ٿا ڪري سگهون. ان موقعي تي اسين پنهنجي رويي ۽ طرز عمل کي سڌاري سگهون ٿا ته جيئن اسين پنهنجي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون.
پنهنجي گهربل مقصد ۽ منزل تائين پهچڻ لاءِ توهان کي کپي ته پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت هر قسم جي (هاڪاري توڙي ناڪاري) جائزن ۽ تجزين کي قبول ڪريو ۽ انهن کي مڃي وٺو.

[b]صحيح يا غلط ڄاڻ:
[/b] پنهنجي ڪارڪردگي جي جائزي جي سلسلي ۾ توهان کي جيڪا معلومات ملي ٿي، ان مان ڪا معلومات سٺي ۽ اثرائتي هجي ٿي. يعني توهان کي پنهنجي گهربل مقصدن جي ويجهو آڻي ٿي پر ڪا معلومات اهڙي به هوندي آهي جيڪا توهان جي خيال ۾ نامناسب ۽ نامعقول هوندي آهي ۽ توهان کي پنهنجي گهربل مقصد کان پري ڪري ٿي ڇڏي.
جڏهن مان ڪاميابيءَ جي اصولن جي وضاحت لاءِ سکيا پروگرام ڪندو آهيان ته مان ان نقطي جي وضاحت لاءِ پنهنجي ٻڌندڙن منجهان ڪنهن هڪ شخص کي ڪمري جي هڪ ڪنڊ وٺي بيهڻ لاءِ چوندو آهيان.
منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مان ان شخص تائين پهچي وڃان. پوءِ جي ان تائين پهچي ويس ته معنيٰ ته مان پنهنجي منزل تي پهچي ويس.
مان ان شخص کي چوان ٿو ته هو هڪ اهڙيءَ مشين جو ڪردار ادا ڪري جيڪا ”ڪارڪردگيءَ“ جي حوالي سان لڳاتار معلومات ڏيندي رهي. هر ڀيري جڏهن به مان هن ڏانهن وک کڻان ٿو ته هو شخص مون کي ٻڌائي ٿو ، ”بلڪل صحيح“ پر جڏهن مان ڄاڻي واڻي غلط راءِ رکان ٿو ته هو يڪدم مون کي ٻڌائي ٿو ته ”بلڪل غلط“.
پوءِ آئون سکيا ۾ حصو وٺندڙن کان پڇندو آهيان ته هن ڪهڙو لفظ وڌيڪ چيو، ”بلڪل صحيح“ يا ”بلڪل غلط“ سندن جواب ”بلڪل غلط“ هوندو آهي، پر پوءِ به آءٌ پنهنجي منزل تي پهچي ويندو آهيان.
اهوئي اصول اسان جي زندگيءَ تي لاڳو ٿئي ٿو. اسان جو فرض ۽ ذميداري اهي ته اسين پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ ٽپي پئون ۽ پوءِ پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت جائزن ۽ معلومات وسيلي پنهنجو پاڻ کي سڌارايندا، پنهنجا گهربل مقصد حاصل ڪري وٺون.
جيڪڏهن اسين نهايت ذهانت ۽ سمجهداريءَ سان ان جائزي ۽ معلومات مان فائدو وٺنداسين ته آخرڪار اسين پنهنجن خوابن کي تمام جلد حقيقت ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

[b]غلط جائزن ۽ ڄاڻ کي منهن ڏيڻ جا طريقا:
[/b] غلط ۽ ناڪاري جائزن يا معلومات کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا.
1- اهڙي جائزي کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو:
پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان جڏهن توهان کي ناڪاري ۽ غلط جائزن ۽ معلومات کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ته اهو چئي ان تان هٿ کڻي وڃو ته: ”مون کي ان جي ضرورت ڪونهي. آءٌ ان قسم جي تنقيد برداشت نه ٿو ڪري سگهان. مون کي اهڙي قسم جي معلومات ۽ تنقيد نه گهرجي.“
توهان اهو سمجهو ته اهو جائزو ۽ معلومات رڳو سادي قسم جي معلومات آهي. ان کي تنقيد بدران پنهنجي بهتريءَ لاءِ رهنما سمجهو. ان معلومات ۽ جائزي کي ايئن سمجهو، جيئن هڪ جهاز ۾ آٽوميٽڪ سرشتو هوندو آهي، اهو پاڻمرادو ڪم ڪندڙ سرشتو پائليٽ کي هر وقت اهو ٻڌائيندو رهندو آهي ته تون هن وقت هيتري اوچائيءَ تي آهين يا وري هيترو هيٺ اڏامين پيو.
پوءِ پائليٽ ان خودڪار سرشتي طرفان ڏنل ڄاڻ سبب پاڻ کي بهتر بڻائي ٿو ۽ صحيح رستي تي هلي ٿو. اهڙيءَ معلومات کي پنهنجي ذهن تي حاوي نه ڪريو ۽ ان کي صرف اهڙي سادي معلومات سمجهو، جيڪا توهان کي سڌي رستي تي هلڻ لاءِ رهنمائي ڪري ٿي ۽ جتي توهان ٿڙو ٿاٻڙجو ٿا، اُتي ڄڻ توهان کي هٿ جهلي سهارو ڏئي ٿي.
2- ناڪاري جائزي بابت ناراضگي ظاهر ڪيو:
ناڪاري ۽ غلط جائزي ۽ معلومات بابت پنهنجي ڪاوڙ ۽ ناراضگي ظاهر ڪريو ۽ سمجهو ته اهڙي قسم جي معلومات صرف ۽ صرف تنقيد جي حيثيت رکي ٿي ۽ اها معلومات واقعي سٺي ۽ اثرائتي به ڪونهي، تنهن ڪري ان تي ڪاوڙ ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي، ان کي رڳو هڪ ٻئي تي تنقيد ئي سمجهو ۽ ان جو اثر قبول نه ڪريو.
3- ناڪاري معلومات ۽ جائزي کي نظرانداز ڪريو:
جڏهن توهان کي اهڙي قسم جي ناڪاري معلومات يا جائزا وصول ٿين ته انهن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ان کي ڪا به اهميت نه ٿا ڏيو.
وڌيڪ اهو ته توهان ڪنهن بنا فائدي ۽ غير اثرائتي معلومات يا جائزي کي نظرانداز ڪري سگهو ٿا. توهان کي خبر آهي ته جيڪي ماڻهو هروڀرو ٻين تي تنقيد پيا ڪندا آهن، انهن کي ٻين جي فائدي ۾ ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي. اهي ماڻهو رڳو پنهنجي مرضي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. افسوس ته اهو آهي ته ڪنهن شخص جي ڪارڪردگيءَ بابت راءِ ڏيڻ يا جائزي سان توهان ان جي زندگي بدلائي ٿا ڇڏيو.
جڏهن توهان غلط ۽ فضول قسم جي معلومات ملڻ تي رڙيون ڪريون ٿا ۽ ان تان هٿ کڻي وڃو ٿا ته توهان جو اهو رويو يا طرز عمل وڌيڪ اثرائتو ثابت نه ٿو ٿئي. توهان جو اهو رويو يا طرز عمل عارضي طور تي توهان جي اندر جي باهه کي ته ٿڌو ڪري ٿو ڇڏي. اهو سڀ ڪجهه ڪري توهان ناڪاري خيالن جي زور کان ته آجا ٿي ويا، پر اڳتي هلي ان جا پوندڙ اثر توهان لاءِ سٺا ثابت ڪو نه ٿيندا. جيڪڏهن توهان حالتن کي منهن نه ڏيندؤ ته توهان زندگيءَ ۾ اڳتي هلي ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪندؤ؟
اها حقيقت به نظر آڏو هئڻ گهرجي ته تنقيدي معلومات ۽ جائزي ذريعي اسان کي پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اسين ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رويي ۽ رٿابنديءَ ۾ بهتري آڻي اڳتي وڌي سگهون ٿا.
پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت ٻين کان راءِ وٺو:
ڪيترائي ماڻهو توهان جي ڪارڪردگيءَ بابت رضاڪاراڻي طور نه ڪا راءِ ڏين ٿا، نه ئي معلومات مهيا ڪن ٿا. اصل ۾ هو توهان کان ڊڄن ٿا، کين خبر نه آهي ته ان راءِ ۽ تبصري کان پوءِ توهان جو ان بابت طرز عمل ڇا هوندو. توهان جي احساسن کي ڇيهو نه ٿا پهچائڻ چاهين ۽ توهان جي جذبن کان به ڊڄن ٿا.
تنهن ڪري جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت صحيح ڄاڻ ملي ته پوءِ انهن ماڻهن جو حوصلو وڌائي، انهن کان وقت به وقت راءِ ۽ معلومات حاصل ڪندا رهو. توهان کين احساس ڏياريو ته هو پنهنجي راءِ ڏيڻ مهل نه ڊڄن، ڇاڪاڻ ته توهان ته پاڻ چاهيو ٿا ته توهان کي اصل حقيقت جي خبر پوي ته جيئن توهان پنهنجو پاڻ ۾ بهتري آڻي سگهو.
پنهنجن گهرڀاتين ۽ ويجهن ساٿين کان اهو سوال پڇو ته آءٌ پنهنجو پاڻ کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪيئن ٿو ڪري سگهان. منهنجون ڪمزوريون مون کي ٻڌايو ته جيئن آءٌ پاڻ کي سڌاري سگهان. ٿي سگهي ٿو ته ان سوال جو جواب توهان کي رنج پهچائي، پر توهان جي سوال جي موٽ ۾ توهان کي جيڪا نئين ۽ حقيقي معلومات ملندي، اها تمام گهڻي اهم ۽ قيمتي آهي ۽ توهان کي پاڻ انهن ماڻهن جو ٿورائتو هجڻ گهرجي، جن توهان کي اها اهم معلومات ڏني، جنهن کان اڳ توهان بلڪل بي خبر هئا. پوءِ انهن ماڻهن جي ڏنل راين، صلاحن ۽ تنقيد کي ذهن ۾ ويهاريو، ان کان پوءِ توهان انهن راين ۽ مشورن تي عمل ڪري، پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪري ڪاميابيءَ جي ڏاڪي تي اڳتي قدم وڌائي سگهو ٿا.

[b]هڪ قيمتي گُر، جيڪو توهان کي سکڻ گهرجي:
[/b] 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڪروڙ پتي شخص مون کي ان سوال کان واقف ڪيو، جنهن ذريعي منهنجي زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آئي. جيڪڏهن آءٌ توهان کي چوان ته هن ڪتاب پڙهڻ مان توهان ان سوال کي پنهنجي ڪاروباري ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ داخل ڪريو ته اجايو نه ٿيندو ۽ آءٌ غلط نه هوندس. هي سوال هر وقت ياد رکڻ لائق آهي ۽ توهان جي رقم ۽ وقت وانگر ئي قيمتي آهي، تنهن ڪري اهو جادو ئي سوال ڪهڙو آهي، اهو سوال هي آهي:
”گذريل هفتي (ٻئي هفتي/مهيني) توهان جي ماڻهن سان لاڳاپن (خدمتن يا شين جي فراهمي) جي معيار جي شرح (هڪ کان وٺي ڏهن تائين) ڇا رهي؟“
ان سوال کي هيئن به چئي سگهجي ٿو:
” گذريل هفتي (ٻئي هفتي/مهيني) دوران توهان جي پنهنجي مئنيجر، والدين، پنهنجي استادن، پنهنجي ڪلاس، پنهنجي کاڌي پيتي، پنهنجي جنسي زندگيءَ، پنهنجي زندگيءَ ۽ هن ڪتاب بابت توهان جي رويي ۽ طرز عمل جي شرح (هڪ کان ڏهه تائين) ڪهڙي رهي؟“
جيڪڏهن توهان جي جواب جي شرح 10 کان گهٽ آهي ته پوءِ ٻيو سوال اهو ٿو اٿي ته ان شرح کي ڏهن تائين آڻڻ لاءِ توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟
هيءُ ئي اهو مرحلو آهي، جتي توهان کي اهم ۽ قيمتي معلومات حاصل ٿئي ٿي جيڪا ڪنهن به ڪامياب پيداوار، خدمت يا تعلق ٺاهڻ لاءِ ضروري ۽ لازمي آهي.
ڪنهن به منصوبي، گڏجاڻي، ملاقات، جماعت ۽ سکيا پروگرام توڙي صلاح مشوري جي پڄاڻيءَ تي مٿين ٻن سوالن بابت ڄاڻڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو.

[b]ان سوال کي پنهنجي هفتيوار عادت ٺاهي ڇڏيو:
[/b] آءٌ هر آچر رات پنهنجي گهرواريءَ کان اهي ٻئي سوال پڇندو آهيان ۽ پوءِ هڪ روايتي منظرنامو هيٺينءَ ريت نظر ايندو آهي.
”گذريل هفتي تنهنجي لاڳاپن جي معيار جي شرح گهٽ هئي؟“
”اٺ.“
”ان کي ڏهن تائين ڪيئن پهچائي سگهجي ٿو؟“
مون کي اهو ياد ڏيارڻ کان سواءِ ته 10 جي اها شرح ڪيئن حاصل ڪجي، هن چيو: ٻارن کي سمهڻ لاءِ بستري ڏانهن موڪليو. رات جي ماني کائڻ لاءِ مون وٽ وقت تي پهچ يا وري مون کي اڳواٽ ٻڌاءِ ته اڄ توکي دير ٿي ويندي. مون کي انتظار ڪرڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ کان سخت چڙ آهي. آءٌ توکي هڪ لطيفو ٻڌايان ٿي:
”فرش تي پيل گندگيءَ جي ڍير بدران پنهنجا ميرا ڪپڙا فرش تان کڻي، ميرن ڪپڙن جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي اچ.“
آءٌ پنهنجي اسسٽنٽ کان هر جمعي جي شام اهو سوال پڇندو آهيان ته جڏهن اها عورت شروع شروع ۾ نوڪريءَ تي آئي هئي ته سندس جواب هو.
”ڇهه“
”ان کي ڏهن تائين آڻڻ لاءِ تون ڇا ٿي ڪري سگهين؟“
پنهنجي چئن مهينن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ پاڻ هڪ گڏجاڻي رکي هئي، پر ٻين مصروفيتن سبب اها گڏجاڻي ٿي نه سگهي. تنهن ڪري مون پاڻ کي غير اهم محسوس ڪيو ته توهان منهنجي بدران ٻين کي اهميت ڏيو ٿا. آءٌ توهان سان ڪيترن معاملن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿي، پر توهان ڌيان ئي نه ٿا ڏيو. ٻي اهم ڳالهه ته مون کي ايئن ٿو لڳي ته توهان مون کان گهربل ڪم نه پيا وٺو. توهان غير اهم ڪمن کان سواءِ مون کي ڪرڻ لاءِ اهڙو ڪو وڏو ڪم ئي نه ٿا ڏيو، جنهن سان منهنجون صلاحيتون ظاهر ٿين. آءٌ چاهيان ٿي ته منهنجا فرض ۽ ذميداريون وڌيڪ هجن ۽ توهان ان سلسلي ۾ مون تي اعتماد ڪريو.
اهڙي قسم جو جواب ٻڌڻ ڪو ايترو آسان ڪونهي ۽ اهو سڀ سچ هو، جنهن جا ٻه شاندار نتيجا نڪتا.
مون پنهنجي اسسٽنٽ کي وڌيڪ اهم ڪم ڏيڻ شروع ڪيو ۽ جلد ئي مون تان ڪافي بار هلڪو ٿيڻ لڳو ۽ مون کي به هڪ نهايت محنتي ۽ ذميدار اسسٽنٽ ملي وئي، جنهن مون کي ڪافي ذميدارين ۽ اجائين پريشانين کان آجو ڪري ڇڏيو.
هميشه صلاحون گهرڻ ۽ ڏيڻ لاءِ تيار رهو:
ڪيترائي ماڻهو پنهنجي بهتريءَ لاءِ ٻين ماڻهن جي صلاحن ۽ تجويزن کان پيا ڊڄندا آهن، ڇو ته کين اهڙي قسم جي معلومات پنهنجن ڪنن تائين پهچائيندي ڊپ لڳندو آهي، پر ان ۾ گهٻرائڻ جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي. سچ نه ٻڌڻ کان بهتر آهي ته سچ ٻڌو ۽ ان ۾ ڄاڻايل خامين کي خوبين ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريو. چوندا آهن ته سچ ته بيٺو نچ ڇا لاءِ. سچي ڳالهه ان وقت ته کڻي ڪڙي لڳي، پر پوءِ جڏهن توهان ان تي غور ڪندؤ ته اها توهان کي وڌيڪ بهتر لڳندي، بجاءِ ان جي ته توهان پنهنجي باري ۾ ڳالهه ٻڌي پاڻ کي بهتر ڪريو. اها ڳالهه لڪائڻ سان ڪجهه به نه ورندو. ان قسم جي معلومات ۽ جائزي کان سواءِ توهان پنهنجي ذاتي زندگيءَ لڳ لاڳاپن ۽ ڪارڪردگيءَ کي نه ته بهتر بڻائي سگهو ٿا نه ئي ان ۾ ڪو سڌارو آڻي سگهو ٿا.
پر زندگيءَ بابت پنهنجي نظرئي کان پاسو ڪرڻ جو سڀ کان خراب ۾خراب حصو ڪهڙو آهي؟ صرف توهان ئي ته آهيو، جن کي ان راز جي خبر نه آهي، بلڪه هڪ ٻيو شخص عام طور تي پنهنجي گهرواري، دوستن ۽ ڪاروباري ساٿين کي ٻڌائي ٿو ڇڏي ته هو ڇو مطمئن ڪونهي؟
ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ بابت سئو سيڪڙو زميداري کڻڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري پيا ٽاريندا آهن. اصل مسئلو هي آهي ته اهي هڪ غلط شخص وٽ پنهنجو فرياد ۽ شڪايت کڻي وڃن ٿا، کين گهرجي ته پنهنجي مسئلي بابت صحيح شخص، يعني توهان کي ٻڌائين پر جيئن ته اهي توهان جي ردعمل کان گهٻرائين ٿا، تنهن ڪري توهان هڪ اهڙي معلومات ۽ ڳالهه ٻڌڻ کان محروم رهجي ٿا وڃو، جيڪا توهان جي پاڻ ۾ ناتن، توهان جي ڪارخاني جي پيداوار، توهان جي خدمتن ۾ بهتريءَ ۽ سڌاري لاءِ ضروري آهي. ان مسئلي جي حل لاءِ توهان کي هيٺيون ٻه ڳالهيون هر حالت ۾ ڪرڻ کپن.
پهرين اها ته توهان کي ڄاڻي واڻي ۽ کليءَ دل سان اهڙي قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي. پنهنجي والدين، دوستن، ساٿين، ڪلاسن جي ساٿين، استادن، شاگردن ۽ بزرگن کان سوال ڪريو. انهن کي چئو ته اهي توهان جي ڪارڪردگيءَ بابت پنهنجن خيالن ۽ تبصرن کان توهان کي واقف ڪن. پنهنجي سڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ معلومات حاصل ڪرڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو.
ٻي ڳالهه هيءَ هي جيڪي ماڻهو توهان کي توهان جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو پيش ڪن، انهن جو ٿورو مڃيو. انهن اڳيان معافيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ بدران نهايت وقار سان سندس ان رويي جو ٿورو مڃيو ۽ کين چئبو ته اهي آئينده به توهان کي توهان جي ڪارڪردگيءَ بابت واقف ڪندا رهن.
واريءَ مان ٺهيل پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪرو ۽ ماڻهن آڏو سوال ڪيو، پوءِ ڏسو ته انهن مان ڪنهن جي راءِ يا صلاح سٺي آهي ۽ پوءِ بنا ڪنهن هٻڪ جي ان تي عمل ڪريو. حالتن ۽ معلومات کي سڌارڻ لاءِ سمورا گهربل ضروري قدم کڻو.
ڪجهه سال اڳ اسان جي اداري پنهنجي پرنٽنگ پريس سان ناتا ختم ڪري ڇڏيا، جو هڪ ٻيءَ پرنٽنگ پريس ان کان به گهٽ اگهه تي اسان کي پنهنجو مواد ڇاپي ڏيڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ سهولتون ۽ خدمتون به آڇيون هيون. چئن مهينن کان پوءِ اسان سان اسان جي اڳوڻي پريس مالڪ رابطو ڪيو ۽ پڇيو ته اهڙو ڪهڙو سبب آهي جنهن ڪري اسين هاڻي ساڻن ڪاروبار نه ٿا ڪريون.
مون کين ٻڌايو ته هڪ ٻيو پريس وارو اسان کي گهٽ اگهه ۾ ڪم ڪري ڏئي ٿو ۽ جلد ئي اسان جي مرضيءَ وارو ڪم تيار ڪري، پاڻ ئي اسان کي پهچايو وڃي ۽ اهڙيءَ ريت اسان کي گهٽ خرچ، گهٽ پريشانيءَ سان سمورو ڪم وقت سر ملي ٿو وڃي، پر جيڪڏهن توهان به اسان کي ساڳيون سهولتون، خدمتون ۽ رعايتون ڏيو ته اسين ٻيهر توهان کي اهو ڪم ڏئي سگهون ٿا. سندس راضي ٿيڻ تي اسان کيس ٿورو ڪم ڏنو. آخرڪار اسان پنهنجي پراڻي اداري کان ئي ڪم ڪرائڻ شروع ڪيو، جنهن اسان کي گهٽ اگهه ۽ بهترين خدمتن سان وقت سر ڪم تيار ڪري ڏيڻ شروع ڪيو هو.
هن ڪهڙو طرز عمل اختيار ڪري پاڻ وڻايو، هن پنهنجي ڪاروبار کي بهتر ڪرڻ ۽ گراهڪ کي قابو ڪرڻ لاءِ اسان آڏو هٿ ٽنگيو، اسان کي عرض ڪيائين، هو اسان جي شرطن آڏو جهڪي پيو. هن ان کي پنهنجي اَنا جو مسئلو نه بڻايو ۽ ڪامياب ٿيو.
هن ٽن سالن جي ٿوري ئي عرصي ۾ حدف حاصل ڪري ورتو:
Thin things in 30 days هڪ اهڙو بهترين ڪتاب هو جيڪو بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل هو. ان ڪتاب جي سڀ کان وڏي ۽ دلچسپ ڳالهه اها هئي، جو اهو ڪتاب صرف ۽ صرف ٻين ماڻهن کان مليل تبصرن ۽ معلومات تي مشتمل هو.
ان جي ليکڪا هڪ اشتهاري اداري ۾ ڪم ڪندي هئي، پر کيس نوڪري پسند نه هئي. هن پنهنجو ذاتي اشتهاري ادارو کولڻ چاهيو ٿي، پر وٽس اهو ادارو ٺاهڻ لاءِ گهربل رقم موجود نه هئي. تنهن ڪري هن مختلف ماڻهن کان پڇڻ شروع ڪيو ته هوءَ هڪ لک ڊالر ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهي؟
اڪثر ماڻهن کيس ٻڌايو ته هو ڪتاب لکي ۽ وڪڻي ايتري رقم حاصل ڪري سگهي ٿي.
هن فيصلو ڪيو ته ٺيڪ آهي جيڪڏهن هوءَ ڪو ڪتاب لکي ته اها 90 ڏينهن اندر ان ڪتاب جون هڪ لک ڪاپيون وڪرو ڪري سگهي ٿي ۽ هڪ ڊالر في ڪاپي فائدي جي حساب سان اها ٽن مهينن اندر هڪ لک ڊالر گڏ ڪري سگهي ٿي.
هن هڪ دفعو ٻيهر ماڻهن کان پڇڻ شروع ڪيو ته: ”آمريڪا ۾ ڪهڙي موضوع تي ڪتاب لکجي، جيڪو بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ ليکجي.“ ماڻهن کيس ٻڌايو ته اهڙوڪتاب گهڻو وڪامي سگهي ٿو، جنهن ۾ وزن گهٽائڻ جا نسخا ڏنل هجن. هن وري ماڻهن کان پڇيو ته ان سلسلي ۾ ڪافي سٺا سٺا ماهر موجود آهن، انهن اڳيان منهنجي حيثيت ڪهڙي هوندي؟
ماڻهن کيس چيو ته ان سلسلي ۾ عورتن کان پڇيو وڃي ته اوهان لاءِ بهتر ٿيندو.
اها عورت بازارن ۾ وڃي عورتن کان پڇڻ لڳي، جن مان اڪثر جواب ڏنو ته اسين پنهنجين ”رانن جو وزن گهٽائڻ چاهيون ٿيون.“ هن وري کانئن پڇيو ته، توهان اهو وزن ڪڏهن گهٽائڻ چاهيون ٿيون؟ هنن جواب ڏنو ته ”اپريل يا مئي جي مهينن ۾، جڏهن پيراڪي جي موسم هوندي آهي.“ پوءِ ان عورت هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو عنوان هو: ”30 ڏينهن اندر پنهنجي رانن جو وزن گهٽايو.“
هن اپريل ۾ اهو ڪتاب شايع ڪرايو ۽ جون تائين وٽس هڪ لک ڊالر موجود هئا. کيس اها ڪاميابي صرف ان ڪري ملي، جو هوءَ ماڻهن کان سندن راءِ وٺندي رهي.
ڪوشش سان ڪاميابي ڪيئن ٿي حاصل ٿئي؟
ماءُ پيءُ جي معاملن بابت The People Making هڪ نهايت شاندار ڪتاب هو، جنهن ۾ گهرو مسئلن جي حل لاءِ ڪامياب طريقا ٻڌايا ويا هئا.
ڪتاب لکندڙ جي هڪ تمام ڊگهي ۽ پيشوراڻي زندگيءَ آمريڪا جي سماجي ڀلائيءَ واري کاتي سندس خدمتون حاصل ڪيون ته جيئن هو هڪ اهڙو جائزو تيار ڪري، جنهن ۾ ٻڌايو وڃي ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ کين ڪهڙي قسم جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. سٺ ڏينهن کان پوءِ هن 150 صفحن تي مشتمل هڪ جائزو آمريڪا جي سماجي ڀلائيءَ واري کاتي کي پيش ڪري ڇڏيو.
سندس خيال موجب اهو هڪ نهايت سٺو ۽ ڪارائتو دستاويز هو، هنن به ان جائزي کي تمام گهڻو ساراهيو. هنن کانئس پڇيو ته هن اهڙو شاندار دستاويز ڪيئن تيار ڪيو؟ هن جواب ڏنو ته مون صرف اهو ڪيو، جو توهان جي کاتي جي ماڻهن سان ملي، کانئن پڇيم ته سماجي ڀلائي جي ڪمن لاءِ ڪهڙو طريقو بهتر رهندو؟
ماڻهن جي مشورن تي ڌيان ڏيو:
مشهور ڏاهي يڪ منٽرفل جو قول آهي ته:
”انسان کي هڪ ساڄو پير ڏنو ويو آهي ته هڪ کاٻو پير ته جيئن هو ساڄي پير سان ڪيل غلطيءَ کي کاٻي پير سان صحيح ڪري.“
پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت اسين ڪنهن کان ڄاڻ وٺون يا نه. اها ڄاڻ ڪنهن ڪنهن ذريعي يا طريقي سان اسان وٽ پهچي ٿي وڃي. اها ڄاڻ ڪنهن ساٿيءَ طرفان اسان کي زباني طور به ملي سگهي ٿي يا ڪنهن کاتي طرفان اماڻيل خط جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي پنهنجي بئنڪ طرفان خط ملي ته توهان جي قرض لاءِ ڏنل درخواست رد ٿي وئي آهي يا وري توهان کي ڪنهن اهڙي خاص موقعي بابت ڄاڻ ملي ٿي، جيڪو توهان کي پنهنجي ڪنهن قدم جي صورت ۾ ملي ٿو.
بهرحال ڪهڙي به ذريعي کان توهان کي ڄاڻ يا معلومات حاصل ٿئي، توهان لاءِ اها ڳالهه ضروري آهي ته ان تي ڌيان ڏيو، غور ڪيو ۽ پوءِ ان مطابق قدم کڻو. جيڪڏهن توهان ناڪاري ۽ غير تعميري ڳالهيون ٻڌو ٿا ته انهن تي غور ڪري اهڙو ڪو قدم کڻو، جيڪو توهان جي خيال ۾ صحيح هجي.
پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت ٻين ماڻهن کان صلاح مشورو وٺڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪارڪردگيءَ بابت پنهنجي پاڻ کان به راءِ وٺو. صاف دليءَ سان ورتل راءِ توهان اڳيان آرسي ثابت ٿيندي. توهان کان وڌيڪ ڪو ٻيو بلڪل سچائي سان توهان کي ڄاڻ ڏيندو؟ تنهن ڪري پنهنجي اندر جو آواز ٻڌو ۽ پنهنجن احساسن کي پرکيو. پنهنجي جسماني چرپر جوجائزو وٺو ۽ پنهنجين سوچن ۽ فڪرن بابت به غور ڪريو.
”ڇا توهان جو ذهن ۽ جسم چوي ٿو ته آءٌ توهان جي ڪارڪردگيءَ مان خوش آهيان؟ آءٌ ان کي تمام گهڻو پسند ڪريان ٿو ۽ توهان جيڪو ڪم ڪريو پيا، اهو مون کي به پسند آهي وغيره يا وري اهو ته، ”آءٌ ڪافي فڪرمند آهيان، آءٌ جذباتي طور ٿڪجي چڪو آهيان. مون کي هي ڪم پسند ڪونهي. مون کي ته اهو ڪم پسند آهي جيڪو فلاڻو ڪري پيو.“
پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ پنهنجي ڪم بابت توهان کي جيڪا به ڄاڻ ملي، تنهن کي نظرانداز نه ڪريو.
سموري معلومات صحيح ۽ فائديمند ناهي هوندي؟
ضروري ڪونهي ته ڪو هر قسم جي معلومات صحيح ۽ فائديمند هجي. توهان کي گهرجي ته توهان ان ذريعي جي ڳولا ڪريو، جتان توهان کي اها معلومات ملي رهي آهي. ڪا معلومات اهڙي به هوندي آهي جيڪا واسطيدار شخص جي نفسياتي انتشار جو شاهڪار هوندي آهي.
مثال طور جيڪڏهن ڪنهن پريشاني سبب توهان جو مڙس توهان کي اهو ٻڌائي ٿو ته تون ڪا سٺي زال نه آهين ته ضروري ڪونهي ته ڪو هو صحيح هجي، پر پوءِ به جيڪڏهن توهان جو مڙس پريشانيءَ ڪري ۽ ڪاوڙيل آهي ته سندس ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ هن جي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.

[b]معلومات جي انداز ۽ نوعيت تي غور ڪريو:
[/b] وڌيڪ اهو ته توهان کي کپي ته معلومات ڏيندڙ جي انداز ۽ نوعيت تي به نظر رکو. جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي چوي ٿو ته ”تون ته صفا گڏهه آهين“ اها سندس چريائپ جي نشاني آهي ته کيس هڪ چڱو ڀلو انسان به گڏهه ٿو لڳي، پر جيڪڏهن ٽي ماڻهو چون ٿا ته توهان گڏهه آهيو ته لڳي ٿو ته توهان بابت ڪا سازش ٿي رهي آهي، پر جيڪڏهن ڏهه ماڻهو ساڳي ڳالهه ڪن ٿا ته پوءِ سوچڻو پوندو ته ڇا ايئن آهي ته ڪو نه؟
ان مان اهو نقطو سامهون آيو ته جيڪڏهن گهڻا ماڻهو گڏجي هڪ ئي ڳالهه ڪندا هجن يا ساڳي راءِ رکندا هجن ته پوءِ سوچڻو پوندو ته ان ۾ ڪا نه ڪا سچائي ته آهي ته پوءِ توهان انهن جي ڳالهه مڃو ڇو نه ٿا؟
ڪي ماڻهو پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان ٻين جي ڳالهه يا صلاح ٻڌڻ پسند نه ڪندا آهن. جيڪڏهن ماڻهو کين ڪا ڳالهه ٻڌائڻ به چاهين ٿا ته هو انهن کي سختيءَ سان منع ڪري ٿا ڇڏين يا وري جيڪڏهن اها ڳالهه سندن طبيعت جي برخلاف آهي ته چڙي ٿا پون. انهن ماڻهن جي اهڙي سلوڪ سبب ڀلي کڻي سندن ڪيترو به نقصان ٿي وڃي، پر اهي ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ يا صلاح مڃڻ بدران اهوئي هڪ ٽنگ تي بيهي، پنهنجي ڳالهه کي اجايو صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪندا. اهي ٻين جي ڳالهه ئي نه ٻڌندا ۽ پاڻ کي ئي عقل جو اڪابر سمجهندا رهندا.
پنهنجي ڪارڪردگي بابت جيڪڏهن توهان گهرڀاتين، دوستن، ساٿين ۽ گراهڪن يا ٻين ماڻهن جي توهان بابت راءِ ٻڌندا رهو ته توهان به انهن جي ڳالهه تي ڪن ڌريو، ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ به توهان جي ڪا ڀلائي هجي.
ان تي ضرور ڌيان ڏيو ۽ اهو به ڏسو ته اهي ماڻهو اها ڳالهه ڪهڙي انداز ۾ پيا ڪن؟ هڪ فهرست ٺاهيو ۽ ان کي اڳيان رکي عملي قدم کڻڻ بابت لکندا وڃو، جيڪي توهان کي صحيح رستي تي چڙهڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

[b]ناڪاميءَ جي صورت ۾ ڇا ڪجي:
[/b] جڏهن توهان کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان هر طرح کان اهي خبرون ملنديون رهن ته توهان ناڪام ٿي چڪا آهيو ته توهان هيٺيون طريقو اختيار ڪري پنهنجي طرفان نهايت مناسب ردعمل ظاهر ڪري سگهو ٿا.
1) توهان اها ڳالهه مڃي وٺو ته توهان پاڻ وٽ موجود معلومات، علم ۽ صلاحيت سان بهترين ڪوششون ڪيون.
2) توهان اهو به مڃي وٺو ته توهان پنهنجي طرفان هرممڪن ڪوشش ڪئي ۽ ان جو ڪنهن حد تائين سٺو نتيجو به نڪتو، پوءِ توهان آئينده به حالتن جو مقابلو ڪندا رهندؤ ۽ مايوس نه ٿيندؤ.
3) توهان پنهنجي ناڪاميءَ جي تجربي سان جيڪي ڪجهه سکيو، تنهن کي هڪ پني تي لکندا وڃو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان تي وري نظر وجهندا وڃو ته يادگيري رهي ۽ ان کي بهتر بڻائي سگهجي. پنهنجي گهرڀاتين، ۽ گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهن کان پڇو ته هنن ان صورتحال مان ڪهڙو سبق حاصل ڪيو ۽ کانئن پڇو ته هاڻي توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟ ۽ ڪيئن پاڻ کي بهتر ڪري سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ٿا سگهو.
4) ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾ ٻين طرفان ڏنل صلاح مشورا، ڄاڻ ۽ ڪيل تنقيد تي به سندن ٿورا مڃيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان کي ڄاڻ ڏيندي خشڪ رويو اختيار ڪري ٿو ته ان مان لڳي ٿو ته هو پاڻ يا وري توهان جي ردعمل ڪري هيسيل آهي. انهن جي ان سلوڪ مان ايئن نه ٿو لڳي ته ڪو توهان نااهل يا تيز مزاج آهيو، ته به انهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هنن طرفان توهان کي ڏنل معلومات تي کين ساراهيو ۽ کين ٻڌايو ته توهان انهن کان خوش آهيو. پنهنجي ناڪاميءَ جي وضاحت، پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ ٻين تي الزام مڙهڻ رڳو وقت جو زيان آهي. فضول قسم جي معلومات کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
5) جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کان معافي گهرڻي آهي ته پهرين واندڪائي ۾ اهو ڪم ڪري وٺو. پنهنجي ناڪاميءَ کي خوش دليءَ سان قبول ڪريو. ان کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
6) پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ وقت مقرر ڪريو. اها ڳالهه ياد رکڻ ضروري آهي ته توهان کي حاصل ٿيل ناڪامين جي مقابلي ۾ لاتعداد ڪاميابيون توهان جو انتظار ڪري رهيون آهن. توهان ڪيترين ئي غلطين باوجود ٻين ڪيترن ناڪام ماڻهن کان سٺو ڪم ڪيو آهي.
7) همٿ نه هاريو، جيڪي گهرڀاتي سنگتي ساٿي توهان سان بي لوث ۽ سچي محبت ڪن ٿا، انهن سان ڪجهه وقت گذاريو.
8) پنهنجن مقصدن ۽ سوچ تي نئين سر ڌيان ڏيو. ناڪاميءَ جي تجربي سبب توهان جيڪو سبق حاصل ڪيو آهي، تنهن کي نظر ۾ رکي پاڻ کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ ٻيهر پرعزم ٿي ڪوششون ڪريو. جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿئي ته ان مقصد ۾ ڪا تبديلي آڻي، ڪم ڪرڻ بابت نئين حڪمت عملي ٺاهيو ۽ پوءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پئو. پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪريو ۽ عمل جي ميدان ۾ مڙس ماڻهو ٿي بيهي رهو.