تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

وڌيڪ خرچڻ لاءِ گهڻو ڪمايو

غربت جي باري ۾ ويليس ڊي واٽلز جو چوڻ آهي ته:
”توهان ڪهڙي به نموني ’غربت‘ جي وضاحت ڪريو، پر اها حقيقت آهي ته دولتمند ٿيڻ کان سواءِ هڪ حقيقي ۽ ڪامياب زندگي ممڪن ڪونهي.“
هڪ جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته وڌ ۾ وڌ دولت حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپ ڪرڻ يا اضافي شيون وٺڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ رقم خرچ ڪريو يا وري وڌ ۾ وڌ دولت ڪمايو. وڌيڪ بهتر طريقو اهو آهي ته توهان وڌ ۾ وڌ دولت ڪمايو.
اصل ۾ وڌ ۾ وڌ دولت ڪمائڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان پنهنجي خواهش موجب شيون حاصل ڪرڻ، سير سپاٽو ڪرڻ، ڪپڙا خريد ڪرڻ، تفريحي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دولت ڪمايو ۽ ان ذريعي وڌ ۾ وڌ سيڙپ ڪريو، اها نهايت سولو طريقو آهي.

[b]گهڻي دولت ڪيئن ڪمائجي؟
[/b] دولت ڪمائڻ جي سلسلي ۾ پهريون مرحلو اهو آهي ته توهان اڳ ۾ ته فيصلو ڪريو ته توهان ڪيتري دولت ڪمائڻ چاهيو ٿا يقين ڪريو ته توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، اهو اڳ ۾ ئي حاصل ڪري چڪا آهيو ۽ اها به ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪونهي ته هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جن ان تصور ۽ خيال تي عمل ڪيو ۽ تمام گهڻيءَ دولت جا مالڪ ٿي ويا.
دولت ڪمائڻ لاءِ ٻيو مرحلو آهي ته پنهنجو پاڻ کان سوال پڇو ته، ”ان واڌرو دولت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي شيءِ خدمت يا اضافي ڪم ڪري سگهان ٿو؟“ توهان هن دنيا، توهان سان ڪاروبار ڪندڙ، پنهنجي سماج، پنهنجي ڪاروباري ساٿين ۽ ڪلاس فيلوز يا گراهڪن کي ڪهڙي سهوليت يا فائدو ڏيئي خوش ڪري سگهو ٿا.
دولت ڪمائڻ لاءِ آخري مرحلو آهي ته توهان اها شيءِ تيار ڪريو ۽ پنهنجون خدمتون بهتر نموني انجام ڏيو.

[b]ڪاروباري رويو پنهنجايو
[/b] هن جديد دور ۾ اڪثر ڪاروباري ادارا پنهنجن ملازمن ۽ آفيسرن ۾ ڪاروباري رويي جو ٻج ڇٽي رهيا آهن، سو جيڪڏهن توهان ڪنهن اداري ۾ ملازم آهيو ته پوءِ پنهنجي آمدنيءَ جي ڪنهن به نئين ذريعي کي ڳولي ۽ ان بابت پنهنجي مالڪ کي واقف ڪريو پنهنجي لاءِ وڌيڪ دولت ڪمائڻ جا موقعا پيدا ڪري سگهو ٿا.
توهان جي مالڪ وٽ اهڙن متوقع گراهڪن جي ڪا فهرست هجي، جن سان هن وقت تائين رابطو نه ڪيو ويو آهي، توهان ان مان به لاڀ حاصل ڪري سگهو ٿا يا وري توهان جي گڏيل ٽيم ايتري سرگرم ۽ ڦڙتيلي هجي جو توهان جا داري جا ٻيا شعبا به توهان جي مدد ۽ خدمت حاصل ڪرڻ چاهيندا هجن ۽ توهان کي وڌيڪ پگهار ڏيڻ جي آڇ ڪن. انهن سڀني بابت جيڪڏهن پنهنجي مالڪ کي تجويزون ڏيو، ته به توهان کي وڌيڪ آمدني حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ توهان کي پنهنجي نوڪريءَ ۾ ترقي ملي وڃي.

[b]ضرورت ڳولي پورائو ڪريو
[/b] مشهور سائسندان ٿامس اي ايڊيسن چيو هو ته: ”مون اهڙي ڪا به شيءِ ايجاد نه ڪئي، جنهن ۾ ٻئي لاءِ ڪو فائدو يا خدمت جو پاسو موجود هجي. آءٌ پهرين اهو ڏسان ٿو ته دنيا کي ڪهڙيءَ شيءِ جي ضرورت آهي ۽ پوءِ ان مطابق ايجاد لاءِ پنهنجون ڪوششون شروع ڪريان ٿو.“
هن ڪاروباري تاريخ ۾ تمام گهڻا ڪاروباري ماڻهو اهڙا آهن، جن ڪاميابي ۽ وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين ‘ضرورت’ کي ڳوليو، پوءِ ان جو حل ڳوليائون، پر ان جي باوجود اسان مان اڪثر ماڻهو اهو ڪڏهن به نه ٿا سوچين ته ڪهڙي شيءِ جي ڪڏهن ۽ ڪهڙي نموني ضرورت آهي يا اهو ممڪن به آهي.
جيڪڏهن توهان پنهنجي ذاتي ڪاروبار يا اضافي ملازمن وسيلي وڌ ۾ وڌ ڪمائڻ جو خواب ڏسي رهيا آهيو ته پوءِ انهن ضرورتن کي ڳوليو جن جي پورائي اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.
اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان خاص ماڻهن لاءِ هڪ ويب سائيٽ تيار ڪريو، خاص ماڻهن کي تعليم يا مهارت مهيا ڪريو، سماج ۾ موجود ڪيترين ضرورتن لاءِ شيون يا خدمتون مهيا ڪريو ۽ اهو به ته هن ڪاروباري دنيا ۾ هڪ ڪاروبار قائم ڪرڻ يا خدمت مهيا ڪرڻ جي گنجائش هر وقت موجود رهندي آهي.
مثال طور:
• ٻارن لاءِ جوگر اهڙي ماڻهوءَ ايجاد ڪيو، جيڪو پاڻ ته جوگنگ ڪرڻ چاهيندو هو، پر کيس ان دوران پنهنجي ٻار جي سارسنڀال جو به اونو هو.
• توهان ڪهڙي قسم جي ضرورت ڳولي سگهو ٿا، اها ضرورت توهان جي طرف هرهنڌ موجود آهي. ان ڳالهه کان هٽي ته توهان ڪاليج جا شاگرد آهيو. تنهن ڪري هن دنيا ۾ هميشه هڪ اهڙي ضرورت موجود هوندي آهي، جنهن کي هڪ موقعي ۾ بدلائي توهان پاڻ ڪجهه نه ڪجهه دولت حاصل ڪري سگهو ٿا.

[b]موجوده ڌنڌو ڇڏي نئون سوچيو
[/b] هڪ وڏي ڪاروبار اداري ”دي ميڪس“ جو وڏو سربراهه اورباني ڊيو جڏهن هڪ ڪامياب نوجوان هو ۽ هو ڪميشن ايجنٽ طور کيس حاصل ڪيل ڪميشن مان پنجاهه سيڪڙو يعني اڌو اڌ ان ماڻهوءَ کي ڏيڻو پوندو هو، جنهن جي آفيس ۾ هو ڪم ڪندو هو. جڏهن هو ان ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ ڏيندو هو ته ڄڻ کيس ٻَرو چڙهي ويندو هو. کيس پنهنجي ذهانت ۽ قابليت تي پورو ڀرسو هو، سو هن ٺهيل گهر وڪڻڻ جو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن وڌ ۾ وڌ آمدني حاصل ٿي سگهي ۽ پوءِ ڊيو جلد ئي پنهنجي طور تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار آفيس کولي، جنهن جي مسواڙ 500 ڊالر ماهوار هئي.
ڊيو وانگر انهن ٻين ماڻهن کي به پنهنجي ڪامياب ڪاروبار لاءِ ڪنهن وڏي ڪاروباري اداري جي نالي جي ضرورت نه هئي، تنهن کان پوءِ ڊيو سوچيو ته ڇو نه هڪ اهڙو ڪاروباري ادارو ٺاهيو وڃي، جنهن ذريعي ڪميشن ايجنٽن کي وڌ ۾ وڌ آزادي حاصل هجي.
هن وقت ان اداري جا پنجاهه ملڪن ۾ 92 هزارن کان وڌيڪ ايجنٽ آهن، جيڪي پنهنجي طور تي ڪاروابر ڪري، پنهنجي اداري جي آمدني وڌائڻ سان گڏ پاڻ به تمام گهڻو ڪمائي رهيا آهن.
جيئن ته ڊيو پنهنجي موجوده نوڪري سان گڏ به ٻئي متبادل ڪاروبار لاءِ سوچيو ۽ پوءِ جائيداد جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان هڪ سٺي ڪاروبار جي ضرورت کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي ڏينهن رات جي محنت، مستقل مزاجيءَ سبب هزارين ڪميشن ايجنٽن جي صورت ۾ پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پنهنجي خواب کي ساليانو ڪروڙين ڊالرن جي ڪاروبار ۾ بدلائي ڇڏيائين.

[b]ڇا توهان به ايئن سوچي رهيا آهيو؟
[/b] جي ها ته پوءِ واهه واهه!! پر جي نه ته، دير نه ڪريو ۽ هاڻي ئي ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪري ڏيو.
[b]آن لائين ڪاروبار ڪريو
[/b] وڌ ۾ وڌ دولت ڪمائڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته توهان آن لائين (انٽرنيٽ ذريعي) ڪاروبار شروع ڪريو. جديد دنيا ۾ انٽرنيٽ تي ڪاروبار دولت ڪمائڻ جو هڪ نهايت ئي سولو طريقو آهي، جنهن سان گڏوگڏ توهان پنهنجي موجوده ڪاروبار يا نوڪري به جاري رکي سگهو ٿا.
توهان اليڪٽرانڪ ڪتاب، آڊيو معلومات، مختلف قسمن جي سافٽ ويئرن، سکيا لاءِ مواد ۽ ٻيون ضروري شيون انٽرنيٽ ذريعي وڪرو ڪري سگهو ٿا. رڳو ڌيان ۽ کوجنا جي ضرورت آهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون انٽرنيٽ تي وڪرو ڪري سگهجن ٿيون. انهن وڪري وارين سين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن لاءِ گراهڪ ڳولهڻ جون ڪوششون ڪو ڏکيو ڪم نه آهي.
هاڻي انٽرنيٽ شين جي خريداري ۽ وڪري جو هڪ وڏو مرڪز بڻجي چڪو آهي. نيٽ تي سوين ويب سائيٽون، اخباري ڪٽنگس، ڪلب ۽ ميمبر موجود آهن، جن ذريعي توهان شيون وڪڻي سگهو ٿا.
جڏهن توهان کي نيٽ ذريعي شيون وڪڻڻ واري طريقي ۾ مهارت حاصل ٿي ويندي ته توهان پنهنجي طور تي شين جي خريداري ۽ وڪري کان سواءِ ٻين ادارن جي شين کي به وڪڻي سگهندؤ.

[b]وڪري جي نظام ۾ شامل ٿيو
[/b] سموريءَ دنيا ۾ هن وقت تمام گهڻا اهڙا واپاري ۽ صنعتي ادارا موجود آهن، جيڪي ”وڪري جي هڪ خاص نظام“ وسيلي پنهنجون شيون ۽ خدمتون وڪڻي رهيا آهن، جن مان هڪ ٻه شيون اهڙيون به ٿي سگهن ٿيون، جيڪي توهان نهايت آسانيءَ سان وڪڻي سگهو ٿا.
انهن شين ۾ طبي ۽ غذائي شيون،سينگار ۽ بيوٽي پارلر لاءِ تيار ڪيل شيون، رڌ پچاءَ بابت معلومات ۽ شيون، رانديڪا، تعليمي معلومات ۽ مواد ايستائين جو قانوني خدمتون به شامل آهن. جڏهن توهان نيٽ ذريعي جانچ ڪندؤ ته توهان لاءِ تمام گهڻا موقعا ۽ امڪان پيدا ٿي ويندا.

[b]توهان لاءِ دولت ۽ توهان مالڪن لاءِ قيمتي
[/b] جهڙي نموني توهان لاءِ دولت قيمتي آهي، اهڙي نموني توهان به پنهنجي موجوده مالڪ ۽ گراهڪن لاءِ قيمتي بڻجي وڃو ۽ پوءِ پنهنجون سموريون توانائيون خرچ ڪري ڇڏيو. توهان پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ تڏهن قيمتي ٿي سگهو ٿا، جڏهن توهان سندس مسئلا حل ڪري سگهو ۽ ان لاءِ وڌيڪ آمدني حاصل ڪري، هن جي ‘ضرورت’ بڻجي وڃو.
توهان کي کپي ان سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ سکيا حاصل ڪريو. نيون نيون مهارتون حاصل ڪريو، نوان نوان لاڳاپا ۽ خيال ٺاهيو. ڪنهن به شعبي ۾ وڌيڪ سکيا ۽ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه موقعن جي ڳولا ۾ رهو.

[b]آمدنيءَ لاءِ وسيلا ڳوليو
[/b] وڌ ۾ وڌ دولت حاصل ڪرڻ ۽ معاشي طور تي وڌ ۾ وڌ تحفظ حاصل ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجي آمدنيءَ لاءِ مختلف ذريعا ۽ وسيلا ڳوليو جن ذريعي توهان پنهنجي آمدني وڌائي سگهو ٿا.
جڏهن توهان زندگيءَ جي مختلف وسيلن ۽ ذريعن جي ڳولا ۾ نڪرندؤ ته توهان واقعي ايترا ذريعا ۽ وسيلا ڳولي وٺندؤ، جيڪي توهان لاءِ مالي طور تي فائديمند هوندا. مثال طور: توهان پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نهايت سادو ڪم به ڪري سگهو ٿا. توهان ننڍن ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي سگهو ٿا. جائيداد جي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪري سگهو ٿا. انٽرنيٽ ذريعي صلاحڪاري خدمتون ڏيئي سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان کي پڙهڻ جو شوق آهي ته توهان انهن ڪتابن تي تبصرا لکي سگهو ٿا، جيڪي توهان پڙهي چڪا آهيو. توهان آرٽ جا ناياب نمونا حاصل ڪري وڪڻي سگهو ٿا.

[b]امتيازي خاصيت
[/b] جڏهن توهان پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ مختلف ذريعن جي ڳولا ۾ هجو ته پوءِ انهن شعبن تي خاص ڌيان ڏيو، جن لاءِ توهان کي تمام ٿورو وقت ۽ سيڙپ ڏيڻا پون. توهان جو مقصد صرف اهو هئڻ کپي ته توهان ان پارٽ ٽائيم معاشي شعبي جي گهر ڪريو، جنهن لاءِ توهان کي ڪنهن به قسم جي پابنديءَ کي منهن ڏيڻو نه پوي ۽ توهان واندڪائيءَ ۾ گهمي ڦري به سگهو.
اهو به خيال رکو ته سڀ کان وڌيڪ ڌيان پنهنجي مستقل نوڪريءَ تي ڏيو. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته توهان پارٽ ٽائيم نوڪريءَ ۾ وڌيڪ مصروف ٿيڻ سبب پنهنجي پراڻي مستقل نوڪري به وڃائي ڇڏيو ۽ ايئن اڌ کي ڇڏي سڄيءَ لاءِ ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ اهو اڌ به توهان جي هٿن مان نه ڪري وڃي. توهان پنهنجي ان مقصد، خيال ۽ تصور کي ايترو چٽو ڪريو، جو پنهنجي خيالي تصور طور تي محسوس ڪري سگهو ته توهان انهن بيشمار ذريعن وسيلي تمام گهڻي آمدني حاصل ڪري رهيا آهيو. توهان اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوستن سان به ڳالهايو، مختلف ڪتاب ۽ اخبارون پڙهو، جن مان مليل موقعن، ذريعن ۽ وسيلن کي پنهنجي ڪم لاءِ جيڪو سٺو ۽ مناسب معلوم ٿئي، تنهن کي اختيار ڪريو.