وڏيءَ ڪاميابيءَ لاءِ ڪهڙي سکيا کپي
”جيڪڏهن آءٌ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو هنر سکي وٺان ٿو ته پوءِ آءٌ واقعي ڪامياب آهيان.“
جن ماڻهن وٽ وڌيڪ ڄاڻ ۽ مهارت آهي اهي انهن ماڻهن کان وڌيڪ فائدي ۾ رهن ٿا، جن وٽ اهي سڀ ڳالهيون نه آهن ۽ ٿي سهي ٿو ته توهان اهو سوچيندا هجو ته عظيم ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال محنت ۽ صلاحيت حاصل ڪرڻي پوندي اهي ته اصل حقيقت اها آهي ته پنهنجي عام رويي بدلائڻ مثال طور روزانو هڪ ڪلاڪ پڙهڻ جي عادت، ٽيليويزن ڏسڻ بدران علم ۽ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ مختلف سکيا پروگرامن ۾ شرڪت ذريعي توهان پنهنجي ڪاميابيءَ جي معيار کي حيرت انگيز طور تي سڌاري سگهو ٿا.
[b]ٽي وي گهٽ ڏسو:
[/b] اها هڪ افسوس جوڳي حقيقت آهي ته اسان مان ڪيترائي ماڻهو روزاني گهٽ ۾ گهٽ 6 ڪلاڪ ٽي وي ڏسن ٿا، جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان توهان به انهن ماڻهن مان شامل آهيو ته جڏهن توهان جي عمر 60 سالن ٿيندي ته ڄڻ توهان به پنهنجي عمر جا قيمتي 15 سال ٽي وي ڏسڻ ۾ ضايع ڪري چڪا هوندؤ. 15 سال يعني توهان جي زندگيءَ جو چوٿون حصو!
ڇا توهان واقعي پنهنجي زندگيءَ جو چوٿون حصو ايئن اجايو وڃائڻ چاهيو ٿا، جڏهن ته جن ماڻهن کي توهان ٽي ويءَ تي ڏسي وقت ضايع ڪريو ٿا، اهي پاڻ نهايت امير ڪبير ٿي، شاهاڻي ٺٺ سان زندگي گذارين پيا.
جڏهن منهنجي پنهنجي مهربان استاد سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿي ته هن مون کي ٽي وي روزانو هڪ ڪلاڪ گهٽ ڏسڻ جي صلاح ڏني. هن چيو ته روزانو هڪ ڪلاڪ گهٽ ٽي وي ڏسڻ جو مطلب ته توهان کي سال ۾ 365 ڪلاڪ اضافي ملي ويا. يعني توهان وٽ ٻن مهينن جو وقت فالتو بچي ويو، جنهن ۾ توهان پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪري سگهو ٿا. مون کائنس پڇيو ته ان بچايل وقت کي ڪيئن ڪم آڻيان. هن جواب ڏنو، ان وقت ۾ ڪو به سٺو ۽ تعميري ڪري سگهين ٿو. اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته ان بچايل قيمتي وقت کي ڪيئن ٿا پنهنجي لاءِ فائديمند بڻائي سگهون پر ان لاءِ سڀ کان سٺو ۽ تعميري ڪم اهو آهي ته توهان ان بچايل وقت دوران پاڻ ۾ پڙهڻ جي عادت وجهو، ڪامياب ماڻهن جون آتم ڪهاڻيون پڙهو. نفسيات، مالي معاملن، صحت ۽ اهڙن ٻين معلوماتي ڪتابن کي پڙهو. ڪامياب زندگيءَ گذارڻ جي اصولن تي عمل ڪريو.
[b]ڪامياب ماڻهو پڙهاڪو هوندا آهن:
[/b] هڪ تحقيقي جائزي لاءِ سڀ کان اڳ انهن ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي وئي، جن امن جو نوبل انعام حاصل ڪيو هو ۽ پوءِ انهن ماڻهن جي فهرست ٺاهي ويئي، جن زندگيءَ جي مختلف شعبن، سائنس، مذهب، نفسيات، صحت ۽ راندين ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون. پوءِ انهن ماڻهن جون لکيل يا انهن بابت لکيل سندن حياتيءَ جي حالتن ۽ آتم ڪهاڻين کي سندن ڪارنامن سان ڳنڍيو ويو. انهن سڀني جي حياتيءَ جي اصليت پڙهڻ مان پتو پيو ته اهي سڀ پڙهائي جا تمام گهڻا شوقين هوندا هئا ۽ اهي ڪوشش ڪندا هئا ته هر قسم جي موضوع، خاص طور تي سندن پسنديده موضوع بابت وڌ ۾ وڌ پڙهي ڄاڻ حاصل ڪن، تنهن ڪري اسان کي به کپي ته وڌ کان وڌ پڙهؤن.
جيڪڏهن توهان هڪ هفتي ۾ هڪ ڪتاب پڙهو ٿا ته معنيٰ ته توهان ڏهن سالن ۾ 250 ڪتاب پڙهو وٺو ٿا ۽ ويهن سالن اندر هڪ هزار ڪتاب پڙهي سگهو ٿا ۽ انهيءَ ڪتابن جي پڙهائيءَ وسيلي توهان پنهنجي ڄاڻ ۾ وڌ ۾ وڌ اضافو ڪري سگهو ٿا. تنهن ڪري مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب پڙهو ۽ انهن ۾ ٻڌايل ڳالهيون پڙهي، پنهنجيءَ ڄاڻ ۾ اضافو ڪريو.
[b]وڌيڪ تڪڙو پڙهڻ سکو:
[/b] جيڪڏهن توهان پنهنجي خواهش جي ابتڙ آهستي پڙهڻ جا عادي آهيو ته پوءِ ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪريو، جنهن ذريعي توهان تڪڙو ڪتاب پڙهي سگهو.
پڙهڻ جو منظم طريقو سمجهه ڏئي ٿو:
جڏهن توهان مختلف موضوعن نفسيات، تعليم، صحت، واپار، طب، ذاتي معاملن ۽ ورزش جي معلومات بابت ڪتاب پڙهو ٿا ته انهن موضوعن تي مهارت حاصل ڪري وٺو ٿا، ڇو ته اهوئي علم ۽ معلومات ڪنهن سٺي زندگيءَ گذارڻ جو بنياد آهن. انهن ڪتابن ۾ آزمايل تجربن، دانش، ڄاڻ طور طريقن، انتظام هلائڻ ۽ ڪاميابيءَ جا راز ڏنل هوندا آهن.
جيڪڏهن توهان هفتي ۾ هڪ ڪتاب پڙهڻ جا عادي ٿي ٿا وڃو ۽ اهو به ياد رکو ٿا ته توهان انهن ڪتابن ۾ ڇا پڙهيو ۽ هر ڪتاب مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سبق سکي پنهنجي عملي زندگي ۾ اختيار ڪريو ٿا ته توهان هڪ انتهائي ڪامياب ۽ شاندار زندگي گذاري سگهو ٿا.
مٿي ڄاڻايل موضوعن کان سواءِ ٻين مختلف سٺن مضمونن بابت ڪتاب پڙهي به توهان پنهنجي ڄاڻ وڌائي، پاڻ کي اڃا وڌيڪ باصلاحيت ٺاهي، اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري سگهو ٿا. توهان کي گهرجي ته مختلف موضوعن تي مشتمل شاهڪار ڪتابن کي پنهنجي لائبريريءَ ۾ سانڍي رکو.
جيڪڏهن توهان ۾ ڪتاب خريد ڪرڻ جي طاقت ڪونهي ته به ڪا ڳالهه ناهي، ڪنهن لائبريريءَ، دوست يا مٽ مائٽ کان اوڌر تي به اهو ڪتاب وٺي پڙهي سگهو ٿا.
[b]وڏن ماڻهن جي زندگيءَ بابت پڙهو:
[/b] زندگيءَ جي مختلف موضوع تي ڇپيل ڪتابن کان سواءِ ڪي ڪتاب اهڙا به هوندا آهن، جنهن ۾ دنيا جي ڪيترن عظيم ۽ ڪامياب ماڻهن جي حياتين جو ذڪر هوندو آهي ته هنن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇا ڇا ۽ ڪيئن ڪري اهي ڪاميابيون حاصل ڪيون. اهڙا ڪتاب شاندار ڪتابن ۾ ليکيا وڃن ٿا ۽ انهن کي پڙهڻ کان پوءِ توهان به ڄاڻي سگهو ٿا ته توهان پاڻ به پنهنجي زندگيءَ کي ڪيئن ٿا عظيم بڻائي سگهو.
عظيم ماڻهن جا داستان ٻين ماڻهن لاءِ روشنيءَ جو مينار هوندا آهن،جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ عروج حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. سموريءَ دنيا ۾ لائبريريون اهڙن ماڻهن بابت ڪتابن سان ڀريون پيون آهن.
هڪ ٻي عظيم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن توهان ٽيليويزن ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ فضول ڊرامن ۽ فلمن بدران دستاويزي فلمون ڏسو، جن ۾ عظيم ماڻهن جي جدوجهد جو ذڪر ڪيل هوندو آهي.
[b]ڪاميابيءَ لاءِ جلسن ۽ سکيا پروگرامن ۾ وڃو:
[/b] جڏهن توهان ڪاميابيءَ جا گُر سکڻ لاءِ ڪنهن جلسي يا سکيا پروگرام ۾ وڃو ٿا ته اتي هڪ ته سکڻ وارن جو هجوم هوندو آهي ته ٻئي طرف اتي اهي وڏا مقرر به سکيا ڏيندڙ طور موجود هوندا آهن، جيڪي پنهنجي تجربن ذريعي ڪاميابي جي مختلف طريقن کان واقف ڪن ٿا.
اخبارن تي لاڳيتو نظر رکو ته جيئن توهان کي انهن جلسن ۽ سکيا پروگرام جي تاريخ ۽ هنڌ بابت ڄاڻ ٿي سگهي، جتي وڃي توهان پاڻ به فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا.
[b]سکيا لاءِ تيار رهو:
[/b]”نوڙت ۽ انڪساريءَ ذريعي توهان وڌ ۾ وڌ ۽ بهتر کان بهتر سکي سگهو ٿا.“
هڪ ڀيري جڏهن آءٌ هو ڪتاب لکي رهيو هوس ته مون سان ملڻ لاءِ سڪپ باربر نالي هڪ شخص آيو، جيڪو ماڻهن کي ڪارن جي ريس ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪارون هلائڻ سيکاريندو هو. جڏهن مون کانئس پڇيو ته سندن شاگردن جي ڪا خاص خاصيت ڪهڙي آهي ته هن ٻڌايو ته سندس شاگرد هر وقت سکڻ لاءِ تيار رهندا آهن.
پنهنجي زندگيءَ ۾ عظيم ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي کپي ته کليءَ دل سان هر شئي سکڻ لاءِ تيار رهو. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن شئي يا ڳالهه جي اڳواٽ ڄاڻ نه آهي، تنهن هوندي به ان ڄاڻ کي وساري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکي اهو سکڻ جي ڪوشش ڪريو، جيڪو ڪجهه توهان جو استاد يا سيکارڻ چاهين ٿا.
جيڪي ماڻهو زندگيءَ جي تجربن مان گذري چڪا آهن، تن کي سيکارڻ ۽ پڙهائڻ به اچي ٿو، انهن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ انهن کي پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ استعمال ڪريو.
جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي جلسي ۽ سکيا پروگرام يا ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيو ۽ اتي سيکارجندڙ معاملن کان اڳ ئي واقف آهيو ته پوءِ هروڀرو پاڻ پڏائڻ بدران ماٺ ڪري ويهي رهو ۽ انتظار ڪريو ته توهان کي اڃا ڪي ٻي نئين معلومات حاصل ٿئي.
موجود موقعن مان فائدو ماڻيو:
دنيا ۾ اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا آهن، جيڪي وتن موجود موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن. اهو اصول ڪاميابيءَ لاءِ هڪ سونهري اصول جي حيثيت رکي ٿو. چيو وڃي ٿو اها حقيقت آهي ته خوش قسمتي انسان جو در هڪ ڀيرو ضرور کڙڪائي ٿي ۽ اهوئي انسان خوش قسمت هوندو آهي ۽ ڪامياب به ٿيندوآهي جيڪو پهرين ئي کڙڪي تي گهر جو دروازو کولي ۽کيس اندر وٺي ٿو اچي.
جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ حاصل ٿيندر موقعن مان فائدو حاصل نه ٿا ڪرڻ ڄاڻن. اهي ڪاميابيءَ کي پاڻ کان ڪيترائي ڪلوميٽر پري ڌڪي ٿا ڇڏين ۽ سموري حياتي ان ڪاميابيءَ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوششون ڪندا، اوندهه ۾ هٿراڙيون ڏيندا رهندا آهن پر جيئن چوندا آهن ته “پنهنجي وڍئي جو، ويڄ نه طبيب”. سو انهن سان به ايئن ئي ٿيندو آهي ۽ پوءِ سڄي زندگي ڪاميابيءَ جي ڳولا ۾ خوار خراب پيا ٿيندا آهن.
[b]سکڻ لاءِ تياري واسطي ڇا ڪجي؟
[/b] جيڪڏهن توهان ڪاروباري معاملن جا ماهر آهيو ۽ سمجهو ٿا ته توهان جو اهو صلاحڪاري ڪاروبار ان وقت عروج حاصل ڪندو، جڏهن توهان ان سلسلي ۾ قومي سطح تي ڪو ڪنوينشن ڪندؤ ته پوءِ توهان هاڻي ان ئي ان بابت تياري ڇو نه ٿا شروع ڪريو ۽ ان ڪانفرنس جو خاڪو ڇو نه ٿا ٺاهڻ لڳو.
جيڪڏهن توهان پنهنجي اداري جي ڪاروبار ۾ ترقي چاهيو ٿا ته پوءِ توهان پنهنجي اداري جي مالڪ کان اهو ڇو نه ٿا پڇو ته اداري جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ويهي صلاح مشورا نه ٿا ڪريو ۽ توهان ان سلسلي ۾ ڇا ٿا ڪري سگهو. توهان کي گهرجي ته اهي سمورا ڪم اڳواٽ ڪندا وڃو، پوءِ جڏهن توهان جي ترقيءَ جو موقعو ايندو ته توهان چئي سگهو ٿا ته مون کي اهو ڪم اچي ٿو ۽ آءٌ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار به آهيان.
ڇا توهان کي ڪنهن نئين غير ملڪي زبان سکڻ جي ضرورت آهي؟ ڇا توهان کي جديد ترين مهارت کان واقف ٿيڻ جي ضرورت آهي؟ ڇا توهان کي ماڻهن سان نوان ناتا قائم ڪرڻ گهرجن؟ ڇا توهان کي نوان ڪاروباري ناتا قائم ڪرڻ کپن؟ يا ان سلسلي ۾ ڪا مهارت حاصل ڪرڻ کپي؟ ڇا توهان کي پنهنجون تيار ڪيل شيون وڪڻڻ لاءِ پنهنجون مهارتون اڃا بهتر بڻائڻ کپن؟ ڇا توهان کي پنهنجي تيار ڪيل شين تي مشتمل مهارتن کي اڃا به سڌاري بهتر بڻائڻ کپي؟ ڇا توهان ڪمپيوٽر تي نيون نيون مهارتون ۽ طريقا سکي رهيا آهيو؟ ڇا توهان کي هڪ ساز سکڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي؟ ڇا توهان اداڪاري ڪرڻ سکڻ چاهيو ٿا. ڇا توهان ڪٿي وڃڻ لاءِ واسطيدار عملدار وٽ وڃي يا خط لکي ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا.
بهرحال توهان جيڪو به سکڻ چاهيو ٿا، اهو سکڻ لاءِ بلڪل تيار رهو ۽ انهن ڏهن ڳالهين جي هڪ فهرست يار ڪيو، جيڪي توهان ڪنهن شيءِ کي سکڻ لاءِ اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا. ان تياري لاءِ وقت ڪڍي سکيا حاصل ڪريو، ڪتاب پڙهو، نيون نيون مهارتون حاصل ڪريو. پنهنجي اداري طرفان تيار ڪيل شين جي نمائش ۾ شرڪت ڪريو.
مٿي ڪيل سموري بحث مباحثي مان اهو سبق حاصل ٿئي ٿو ته ولولي، جوش ۽ جذبي توڙي ثابت قدميءَ سان هٿ ايندڙ موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهو.
[b]صلاحيتن ۾اضافي لاءِ سکيا وٺو:
[/b]”جيستائين توهان پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي نه ٿا آڻيو، توهان ڪڏهن به تبديل نه ٿا ٿي سگهيو.“
فرض ڪريو ته گاڏي هلائيندي توهان کي اوچتو اها خبر پوي ٿي ته توهان هڪ هنگامي (ايمرجنسي) بريڪ سان سفر ڪري رهيا آهيو ته ڇا توهان گيس تي وڌ ۾ وڌ زور ڏيندؤ؟ نه توهان رڳو بريڪ تي زور گهٽائيندؤ ۽ پنهنجي اضافي توانائي خرچ ڪرڻ کان سواءِ بريڪ تان دٻاءُ گهٽائي ڇڏيندؤ ۽ يڪدم رفتار وڌائي ڇڏيندؤ.
اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگي هنگامي بريڪ سان گذاري رهيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پنهنجي زندگيءَ مان ناڪاري خيال، جذباتي رڪاوٽون ۽ پنهنجي اندر مان ويڙهاڪ رويو ۽ طرز عمل ختم ڪري ڇڏيون. جيڪو توهان جي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.
جيڪڏهن آءٌ توهان کي ٻڌايان ته منهنجي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو راز ڇا آهي ته ان جو جواب اهو آهي ته مون پنهنجي ذاتي پيشواراڻي زندگيءَ ۾ اهڙن سوين پروگرامن ۽ جلسن ۾ شرڪت ڪئي آهي، جنهن ۾ ذاتي سڌاري ۽ بهتري لاءِ طريقا ڏسيا ويندا آهن.
[b]سکيا پروگرامن ۽ مشورن ذريعي صلاحيتون وڌايو:
[/b] جيتوڻيڪ مختلف قسم جي سکيا پروگرامن ذريعي توهان پنهنجين صلاحيتن کي وڌائي سگهو ٿا، پنهنجي ذهن کي وسيع ڪري زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جا وڌ ۾ وڌ موقعا حاصل ڪري سگهو ٿا، پر ان جي باوجود ڪن ماڻهن کي جذباتي رڪاوٽن ۽ ننڍپڻ ۾ لاڳو ٿيل ناڪاري طور طريقن ۽ عادتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کپي، تنهن ڪري اسان کي کپي ته مختلف قسمن جي پاڻ کي سڌارڻ وارن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري صلاح وارو رويو اختيار ڪيون.
منهنجي اندازي موجب هن وقت صرف 20 سيڪڙو اهڙا ماهر موجود آهن، جيڪي مختلف قسم سان پاڻ سڌارڻ ۽ صلاح مصلحت ڪرڻ واري سلسلي ۾ سکيا ۽ ڄاڻ ڏئي سگهن ٿا.
ان قسم جا اڪثر ماهر صرف هڪ خاص قسم جي سڌاري واري پروگرام ۾ مهارت رکن ٿا. توهان کي کپي ته توهان نفسياتي، ذهني ۽ پنهنجي روين پنهنجي سڌاري ۽ صلاح مشوري لاءِ ٽنهي شعبن جي ڌار ڌار ماهرن سان رابطو قائم ڪريو.
اها ڳالهه سمجهي وٺو ته اسان جي دنيا ۾ علم ۽ معلومات ۾ نهايت تيزيءَ سان واڌارو اچي رهيو آهي. اصل ۾ اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته گذريل ڏهن سالن جي اندر انساني علمن ۾ ٻيڻو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ ان عمل ۾ گهٽتائي ٿيڻ جي ڪنهن به قسم جي اميد ڪونهي.
ان کان به وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته توهان جي پيشيواراڻي زندگيءَ ۾ ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ جهڙي قسم جي ڄاڻ ۽ علم ضروري آهي، تنهن ۾ به تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو توهان کي کپي ته سموري حياتي سکڻ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي عادت پڪي ڪري ڇڏيو. پنهنجي ذهن ۾ بهتري پيدا ڪريو، پنهنجي مهارت ۾ سڌارو آڻيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي وڌايو.