پڪي ڪاميابيءَ لاءِ تخليقي سوچ ڌاريو
”جڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ ماڻهو، هڪ بامقصد حدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي پاڻ ۾ هم خيالي ۽ مطابقت پيدا ڪن ٿا پاڻ کي هڪ اهڙيءَ حالت ۾ آڻي ٿا ڇڏين، جتي اهي نهايت ئي گهري سوچ ۽ فڪر سان پنهنجن بي مثال صلاحيتن ۽ شعور ذريعي وڏي مقصد ڏانهن وڌندا ويندا آهن.“
اسان سڀني کي خبر آهي ته جڏهن اسان کي ڪنهن ڳالهه جو نتيجو ڪڍڻو هوندو آهي يا ڪو مسئلو حل ڪرڻ چاهيندا آهيون ته پوءِ هڪ بدران ٻه دماغ بهتر رهن ٿا. جيئن چوندا آهن ته، ”ٻه ته ٻارهن“ تنهن ڪري پنجن ڇهن ڄڻن تي مشتمل هڪ اهڙي جماعت جو تصور ڪريو، جيڪي هر هفتي پنهنجن مسئلن جي حل ۽ همٿائڻ واسطي هڪ ٻئي سان ملندا رهندا آهن.
انهيءَ عملي کي ”تخليقي ڳالهيون سوچڻ ۽ سوچ رٿابندي وارو عملو“ چوندا آهن ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ زبردستي طريقي ۽ ترڪيب طور ڪم ايندو ۾ ڪو به آهي.
[b]ڪارائتو نظريو
[/b] نپولين هل پهريون ڀيرو پنهنجي شاندار ڪتاب "Think and Grow rich" ۾ ”تخليقي انداز پهچائڻ سوچ ويچار ڪرڻ ۽ رٿابندي ڪرڻ“ لاءِ ڪيترين ئي ٽيمن بابت 1937ع ۾ لکيو ۽ پوءِ ويهين صدي جي شروع کان اڄوڪي جديد زماني تائين امير ترين صنعتڪارن به ان طريقي کي سٺي نموني اختيار ڪيو آهي ۽ انهن ان طريقي جي اهميت سمجهي، ان کي برقرار رکيو آهي. اهو هڪ اهڙو تصور ۽ نظريو آهي، جنهن کي ڪروڙ پتي ماڻهو پنهنجي ڪاميابيءَ جو بنياد چوندا آهن.
اينڊريو ڪارنيگيءَ وٽ به اهڙي قسم جي هڪ ٽيم موجود هئي ۽ هنري فورڊ به اهڙي ئي ٽيم ٺاهي هئي. اصل ۾ فورڊ وٽ ٿامس ايڊيسن ۽ هار وي فائر اسٽون جهڙا ذهين ماڻهو موجود هئا ۽ اهڙن ئي ماڻهن جهڙن هڪ ٽيم فورڊ جي شاندار ڪاميابيءَ جو سبب آهي.
اهڙي قسم جا ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اهي ”عظيم تخليقي قوت ۽ توانائي“ يعني خدا جهڙي آفاقي قوت ۽ طاقت، جنهن سندن زندگيون ٺاهيون سان وابستگي اختيار ڪري وٺون ته اسان ۾ هڪ اهڙي زبردست قوت ۽ طاقت اچي ويندي، جنهن جي استعمال وسيلي اسين ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا.
پاڪ انجيل ۾ فرمان آهي ته:
”جتي به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه يا ٽي ماڻهو گڏجي وڃن، آءٌ انهن جي وچ ۾ موجود هوندو آهيان.“ (ميٿو 20: 18)
تنهن ڪري عظيم تخليقي قوت اها قوت به آهي، جيڪا اسان کي هڪٻئي مان حاصل ٿئي ٿي جيڪا اسان کي خدا طرفان ڏنل هوندي آهي.
[b]ڪاميابيءَ ۾ تيزي آڻڻ جو طريقو
[/b] ”اعليٰ ذهانت ۽ باصلاحيت ماڻهن جي ٽيم“ جو بنيادي نظريو اهو آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن خاص مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ۽ ذهانتون پاڻ ۾ گڏجي استعمال ڪن ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾، وڌ ۾ وڌ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ”اعليٰ ذهانت ۽ باصلاحيت ماڻهن جي ٽيم“ اهڙن ماڻهن تي آڌاريل ٿي سگهي ٿي، جيڪي باقاعده ۽ هڪ مقرر ڪيل عرصي کان پوءِ يعني هفتيوار يا ماهوار ٻه مهينن کان پوءِ هڪ ٻئي سان ملاقات ڪن ٿا. ان ٽيم ۾ شامل ماڻهن طرفان امڪاني ۽ ڪارائتي معلومات ڄاڻ ۽ نظريا ۽ تصور حاصل ڪرڻ کان پوءِ نه صرف توهان پنهنجن محدود خيالن ۽ نظرين مان نڪري اچو ٿا، پر پنهنجن مقصدن ڏانهن وڌيڪ اڳڀرائي ڪيو ٿا.
اعليٰ صلاحيت ۽ ذهين ماڻهن جي ٽيم ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهي ماڻهو به شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪي توهان جي خاص صنعت يا ڪاروبار بابت ڄاڻ رکندا هجن. اها ٽيم ڪاروباري ۽ ذاتي يا ٻنهي معاملن تي غور ڪري سگهي ٿي، پر انهيءَ ذهين ۽ باصلاحيت ٽيم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته اهي ماڻهو هڪ ٻئي سان نهايت سچائيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن.
ان قسم جو ڀروسو پيدا ڪرڻ لاءِ رازداري تمام ضروري آهي. يعني ان ٽيم ۾ شامل ماڻهو هڪ ٻئي سان مڪمل طور تي وفادار رهن. هڪ ٻئي کي نهايت ايمانداريءَ سان پنهنجن تجربن ۽ خيالن کان واقف ڪن.
[b]نوان خيال نوان موقعا
[/b] جڏهن توهان پنهنجو پاڻ لاءِ اعليٰ صلاحيت ۽ ذهين ماڻهن جي ٽيم تيار ڪريو ته ان ڳالهه جو خيال رکو ته ان ٽيم ۾ اهي ماڻهو شامل هجن، جن جو تعلق مختلف پيشوراڻي شعبن سان هجي ۽ اهي ماڻهو توهان کان وڌيڪ تجربيڪار هجن ۽ اهڙن ماڻهن سان توهان جا رابطا ڪرائين جن تائين توهان جي پهچ نه ٿي هجي.
جيتوڻيڪ پنهنجي خاص پيشوراڻي شعبي سان تعلق نه رکندڙ اعليٰ ذهانت وارن ۽ باصلاحيت ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻ، ظاهري طور تي ڪو ڪارائتو عمل محسوس نه ٿو ٿئي ۽ سچ ته اهو آهي ته اسين سمورا ماڻهو صرف پنهنجي ئي واسطيدار شعبن جي ماڻهن جي تجربي ۽ مهارت کي ئي پنهنجي لاءِ بهتر سمجهون ٿا، پر حقيقت ۾ جڏهن توهان پنهنجي خاص پيشوراڻي زندگيءَ جي شعبن کان سواءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن جي ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهن کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو ٿا ته توهان پنهنجي گهربل حدف جي مختلف پاسن جي لحاظ کان ايتري قدر ڪارائتي معلومات ۽ علم حاصل ڪري ٿا وٺو، جو توهان لاءِ اهو مقصد حاصل ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ٿو وڃي.
هنري فورڊ گاڏيون تيار ڪرڻ جو ماهر هو. ٿامس ايڊيسن اهڙو سائنسدان هو، جيڪو ايجادون ڪندو رهندو هو. هاروي فائر اسٽون ڪاروباري معاملن جو ڄاڻو هو، تنهن ڪري جڏهن ٽئي ماهر هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا ته پوءِ مالي، انتظامي ۽ قانوني معاملن بابت سڀني جي گڏيل مشورن ۽ صلاحيتن سبب مختلف معاملا ۽ مسئلا نهايت آسانيءَ سان حل ٿيڻ ۽ نبرجڻ لڳا.
[b]ذهين ٽيم ڪيئن ٺاهجي؟
[/b] توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو مقام حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪي ماڻهو ۽ يقينن اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن اهو وڏي ۾ وڏو مقام اڳ ۾ ئي حاصل ڪيو هوندو آهي. اصل مسئلو اهو هوندو آهي ته اهڙن ماڻهن جي نهايت سوچي سمجهي چونڊ ڪئي وڃي. جيڪڏهن توهان لک پتي ٿيڻ چاهيو ٿا ۽ توهان هن وقت پنجاهه هزار رپيا ڪمائي رهيا آهيو ته پوءِ اهي ماڻهو توهان کي اهڙي سٺي معلومات ۽ خدمتون آڇيندا ته جيئن توهان وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهو. توهان کان بهتر اهي ماڻهو صرف ان لاءِ توهان سان شامل ٿي ويندا ته ان ريت اهي هو ڪم به ڪري وٺندا، جيڪو اڳ ۾ کانئن ڪرڻ کان رهجي ويو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته اهي ماڻهو وڌيڪ ذهين ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪن.
ڪيترا ذهين گهرجن؟
اعليٰ ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهن تي مشتمل ٽيم جو مثالي ۽ بهترين تعداد پنج يا ڇهه ماڻهو آهي. جيڪڏهن ان ٽيم جو تعداد ان کان گهٽ هجي ته پوءِ ان جي اهميت گهٽجي ٿي وڃي. بهرحال جيڪڏهن 6 ڄڻن تي آڌاريل باصلاحيت ٽيم جا ميمبر هر مهيني پاڻ ۾ گڏجي ويهن ته سندن سوچ ويچار سان هر معاملو ۽ مسئلو ڪاميابيءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو.
[b]ذهين ٽيم جو ميل جول
[/b] ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهن تي مشتمل ٽيم جي پاڻ ۾ ملاقات هر ٻئي مهيني ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سمورا ميمبر شرڪت ڪن. اهي ماڻهو پاڻ روبرو شريڪ ٿي يا فون ذريعي ان ملاقات ۾ شريڪ ٿي صلاح مشورا ڏيئي سگهن ٿا. ملاقات لاءِ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين سوچ ويچار به ڪافي آهي.
شروعاتي چند ملاقاتن جي پهرين ڪلاڪ دوران ٽيم جي هر ميمبر کي هڪ ٻئي سان تعارف ۽ ڪچهري ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي وٽن موجود مختلف قسم جي معلومات، حالتن، واقعن، ضرورتن ۽ مشڪلاتن کان واقف ٿي سگهن.
هر ملاقات ۾ هيٺ ڏنل طريقيڪار اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر هڪ ميمبر کي پڪ سان خبر پئجي وڃي ته سندن خواهشن ۽ ضرورتن جو پورائو ٿي رهيو آهي. توهان واري ٽيم کي کپي ته هو هڪ ماڻهو مقرر ڪن جيڪو ٽيم ۾ شريڪ ميمبرن کي سندن تقريرن دوران وقت جو پابند بڻائي ۽ کين يادگيري به ڪرائيندو رهي ته جيئن هر ميمبر کيس مليل وقت ۾ پنهنجي تقرير دوران راءِ يا صلاح ڏيئي سگهي ۽ سمورا ميمبر مڪمل ڌيان سان سندس تقرير ٻڌي، سندس خيالن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.
[b]پهرين وک: روحاني رهنمائي ماڻيو
[/b] ذهين ماڻهن تي آڌاريل ٽيم جي پاڻ ۾ ملاقات جي شروعات ۾ بهتر آهي ته ملاقات جي ابتدا ڌڻي تعاليٰ اڳيان ان درخواست سان ڪئي وڃي ته ٽيم جي هر ميمبر کي زبردست روحاني قوت ۽ رهنمائي حاصل ٿي سگهي. سڀ ميمبر هن دنيا کي ٺاهڻ واري طاقت ۽ ڪائناتي طاقت آڏو درخواست پيش ڪن ته کين هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ همٿ ڏئي دعا هيئن گهرو:
”اي پالڻهار! اسان توهان کان دعا ٿا گهرون ته اسان کي روشني عطا فرماءِ ۽ اسان جون دليون پنهنجي رهنمائيءَ ۽ هدايت سان ڀري ڇڏ.“
[b]ٻي وک: معلومات جي حاصلات
[/b] هڪ ٻئي سان رابطو ۽ تعلق قائم ڪرڻ ۽ جذبي ۽ ولولي جو اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته هڪ ٻئي کي پنهنجي ڪاميابين کان واقف ڪيو وڃي. گذريل ملاقات کان پوءِ حاصل ٿيل ننڍين ننڍين ڪاميابين جي ذڪر کان پوءِ اها به خبر پئجي ٿي وڃي ته ذهين ماڻهن جي ٽيم پنهنجو ڪم سٺي نموني ڪري رهي آهي.
[b]ٽين وک: جوڳو وقت
[/b] جيتوڻيڪ هر ميمبر لاءِ 10 کان 15 منٽن جو وقت نهايت مناسب لڳي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو اهڙو مسئلو يا پريشاني پيش اچي وڃي ته واسطيدار شخص جي ڳالهائڻ جو وقت وڌائڻ جي اجازت به ڏيئي سگهجي ٿي. ملاقات وقت ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هر ڪو ميمبر چوي ته مون کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، پر ان لاءِ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي جج مقرر ڪيو وڃي ته ڪنهن کي ڪيترو وقت ڏنو وڃي، يا سڀني کي هڪ جيترو وقت ڏنو وڃي.
پوءِ جڏهن هر ميمبر لاءِ وقت مقرر ٿي وڃي ۽ اهو جج ان تي عمل به ڪرائي، ته پوءِ هرڪو ميمبر ڏاڍي سڪون سان پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو شخص وڌيڪ وقت گهري، پر کيس اهو وقت نه ڏنو وڃي، ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪاوڙجي پوي ۽ ٽيم مان نڪري به وڃي، پر ڪوشش ڪريو ته ايئن نه ٿئي. ڪو نه ڪو وچ ۾ پئي ڳالهه کي ٺاهي ۽ قابل قبول حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري.
[b]چوٿين وک: ڌيان سان ٻڌڻ
[/b] ذهين ماڻهن جي ٽيم جي ميمبرن جي پاڻ ۾ ملاقات دوران توهان هنن کان پاڻ ۾ ڪهڙي قسم جي ڳالهين، سوچ ويچار ۽ غور فڪر جي اميد ڪريو ٿا. مثال طور، ”مون کي رابطن جي ضرورت آهي، مون کي... مختلف حوالا گهرجن، مون کي پنهنجي ڪاروبار ۾... ڪري نقصان پهتو، مون کي اهڙي ماهر جي ضرورت آهي، جيڪو مون کي پنهنجي.... مسئلي جو حل ٻڌائي. منهنجي خواهش آهي ته...، مون کي اهو فائيل ڏيکار، مون کي ڪاروبار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ رقم حاصل ڪرڻ جا طريقا ٻڌايو وغيره وغيره.
خاص وقت ۾ خيالن جي ڏي وٺ، غور ۽ فڪر، سوچ ۽ ويچار، ذاتي ۽ پيشوراڻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي. ايئن هڪ موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪنهن نتيجن تي پهچڻ کان پوءِ ٻئي مسئلي بابت غور ويچار ڪري سگهجي ٿو.
جيتري وقت تائين ميمبرن کي اهميت ملندي رهندي، اهي ٽيم جي معاملن ۾ دلچسپي وٺندا رهندا ۽ جيستائين سندن قدر ٿيندو رهندو، اهي ٽيم جي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهندا. هن دنيا ۾ هر ڪو پنهنجو پاڻ کي اهم ئي سمجهندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته ٻيو به کيس اوتري ئي اهميت ڏئي.
توهان محسوس ڪندؤ ته اها ٽيم مختلف مرحلن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سوچ ويچار جو سلسلو اڳتي وڌائيندي. شروع شروع ۾ ٽيم جي ڪارروائي رسمي نموني هلندي رهندي، پوءِ جيئن جيئن اهي هڪ ٻئي سان ويجها ٿيندا ويندا ته، انهن مان تڪلف ختم ٿي ويندو. اهي جيئن هڪ ٻئي کان واقف ۽ هجائتا ٿيندا ويندا، تيئن تيئن ڳالهيون ڪاروباري معاملن کان اڳتي وڌي، ذاتي معاملن تي صلاح مشورن تائين پهچي وينديون ۽ ايئن ذاتي لڳ لاڳاپا وڌندا ويندا ۽ تعلق هڪ ٻئي جي گهر ڀاتين جهڙو ٿيندو ويندو ۽ هڪ ٻئي لاءِ همدردي ۽ خلوص وڌندو رهندو. اهڙي نموني اسين ان ٽيم مان ٻيا به ڪيترا فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا.
[b]پنجين وک: پڪو ارادو
[/b] جڏهن ٽيم جا ميمبر هڪ ڀيرو پنهنجي مقرر وقت اندر پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه، خيالن جي ڏي وٺ، سوچ ويچار جو ڪم مڪمل ڪري وٺن ٿا ته پوءِ کين چيو وڃي ٿو ته اهي زباني طور تي پنهنجي ان عزم ۽ پڪي ارادي کي ظاهر ڪن ته اهي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن عملي ڪوشش ڪندا. يعني ميمبر ان ڳالهه جو اظهار ڪندا ته اهي ايندڙ ملاقات کان اڳ، اڄوڪيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ذڪر ڪيل معاملن ۽ مسئلن جو حل ۽ مقصد جي پورائيءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا اهو عزم ۽ ارادو وقت نه، پر ڊگهي عرصي لاءِ هئڻ گهرجي.
ان پڪي عزم ۽ ارادي جي ظاهر ڪرڻ ذريعي ان ڳالهه جي خاطري ڪئي وڃي ته هر ميمبر گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪري رهيو آهي.
[b]ڇهين وک: ٿورو مڃڻ
[/b] ذهين ماڻهن تي مشتمل ٽيم جي ميمبرن جي اها ملاقات سڀني جو ٿورو مڃي پڄاڻيءَ تي پهچائي سگهجي ٿي. يا اهو به ممڪن آهي ته توهان هر ميمبر وٽ وڃو ۽ ملاقات ۾ ظاهر ڪيل خيالن، سٺي سلوڪ جي مڃتا ڪندي سندس ٿورا مڃو.
[b]ستين وک: پڇاڻي لاءِ تياري
[/b] جڏهن ٽيم جا ميمبر پهرين ملاقات کان پوءِ ٻئي هفتي وري پاڻ ۾ گڏجن ٿا ته پوءِ گذريل ملاقات جي مواقعي تي مقرر ڪيل حدفن ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي طرفان ڪيل عملي ڪارروائيءَ بابت هڪ ٻئي کي واقف ڪن ٿا ته ڇا هر ميمبر ڪنهن به قسم جو ڪو عملي قدم کنيو آهي يا مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا اڳڀرائي ڪئي آهي.
باصلاحيت ميمبرن جي ٽيم جي هڪ حقيقي اهميت اها آهي ته هر ميمبر پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي سلسلي ۾ پڇاڻي لائق آهي ته هن پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ۽ نتيجو ڇا نڪتو؟
جڏهن گهربل مقصد جي سلسلي ۾ ڪا آخري تاريخ مقرر ڪجي ٿي ته پوءِ هو وڌيڪ سٺي ۽ تعميري نموني مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تڪڙا اُپاءَ وٺن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ پاڻ کي پڇاڻي لائق سمجهن ٿا. سچي ڳالهه ۽ حقيقت اها آهي ته جڏهن توهان کي خبر پوي ٿي ته توهان کان هر حالت ۾ پنهنجي ذميداريءَ بابت پڇاڻو ٿيندو ته پوءِ توهان آخري تاريخ جي هر لمحي تائين مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون جوڙي رکو ٿا.
[b]پڇاڻي ۽ حصيداري
[/b] ذهين ماڻهن تي مشتمل ٽيم بدران توهان هڪ پنهنجو پڇاڻو پاڻ ۾ حصيداري ذريعي به شرڪت ڪري سگهو ٿا. اهو هيئين ته توهان ٻه يا ٽي ڄڻا پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن به مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي تي ڪم ۽ ذميداري رکو ٿا، پوءِ هڪ مقرر وقت ۾ ملاقات ڪري يا ٽيليفون تي رابطو ڪري هڪ ٻئي کان پڇو ٿا ته توهان پنهنجي ڪم ۽ ذميداري جي سلسلي ۾ ڇا ڪيو؟ ۽ ايئن توهان سڀ ان ڳالهه جو جائزو وٺندا رهندؤ ته توهان جو ڪم ڪٿي پهتو ۽ توهان مان ڪنهن پنهنجي ڏنل ذميداري سٺي نموني پوري ڪئي ۽ جنهن نه ڪئي ته ڇو نه ڪئي؟
توهان اهو به طئي ڪري سگهو ٿا ته توهان اهي ٻه يا ٽي ڄڻا هر هفتي يا 15هين ڏينهن پاڻ ۾ ملي، ان ڳالهه تي غور ڪريو ته توهان پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن توهان کي اها خبر هوندي ته توهان کي پنهنجي مٿان ذميداريءَ بابت پنهنجي ڪارڪردگيءَ کان ٻئي کي واقف ڪرڻو پوندو ته توهان وڌيڪ جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪندؤ ته جيئن ٻئي تي اهو تاثر ويهي ته توهان ذميداري سان ڪم ڪرڻ ڄاڻو ٿا.
جيڪڏهن توهان خودمختيار آهيو ۽ گهر ۾ ويهي پنهنجو ڪم پورو ڪريو ٿا ته اها به هڪ خاص ۽ بهتر ڳالهه آهي، جو توهان ڌيان سان اهو ڪم ڪري سگهو ٿا، پوءِ جڏهن توهان اهو محسوس ڪريو ٿا ته توهان جو ٻيو جوڙيوال توهان جي پڇاڻي لاءِ تيار هوندو ته توهان به پنهنجي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تڪڙي اڳڀرائي ڪندؤ.
توهان پنهنجي ساٿي ۽ جوڙيوال کي چئي سگهو ٿا ته اهو توهان کي نون نون نظرين، معلومات، خيالن، رابطن جي ذريعي ۽ موقعن کان واقف ڪندو رهي. توهان پنهنجي ساٿيءَ کي پنهنجن نون نظرين ۽ خيالن کان واقف ڪري سگهو ٿا ۽ ان سلسلي ۾ کانئس ڪا ڄاڻ يا راءِ به وٺي سگهو ٿا. مثال: توهان کي ڪنهن اهڙي شخص سان ملائي، جيڪو توهان جا مسئلا حل ڪري وٺي يا وري توهان کي نيٽ تي يا خط ذريعي به واقف ڪري سگهي.
هڪ پڇاڻو ڪندڙ ساٿي يا جوڙيوال توهان ۾ ان وقت جوش جذبو، ولولو ۽ گرم جوش پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ توهان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن توهان وسيلن جي کوٽ يا ڪنهن ڳالهه ڪري مايوس ٿي ٿا وڃو.
پنهنجي پاڻ پڇاڻي واري عمل جي ڪاميابيءَ جو راز اهو آهي ته توهان هڪ اهڙي ساٿي يا جوڙيوال جي چونڊ ڪريو، جيڪو پاڻ به ڦڙتيلو هجي ۽ توهان جي منزل تي پهچڻ لاءِ توهان ۾ جذبو ۽ گرم جوشي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ۽ توهان جي مقصد ۽ منزل تي پهچڻ جي سلسلي ۾ پڪي ارادي سان توهان جي مدد ۽ توهان سان سهڪار ڪري.