ڪاميابيءَ کي گرمجوشي سان سرشار ڪريو
”جذبو، حوصلو ۽ گرمجوشي، ڪاميابيءَ لاءِ هڪ زبردست محرڪ جي حيثيت رکن ٿا. توهان جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ شروع ڪريو ته ان کي مڪمل ڌيان سان گهري نموني سوچي، خلوص ۽ دل سان ڪريو ۽ پنهنجي سموري توانائي ۽ ڪوشش ان ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ ان تي پنهنجي شخصيت جو ٺپو هڻي ڇڏيو. هر وقت چست ۽ برجستا رهو. گرمجوشي، ولولو ۽ جذبو پيدا ڪريو. ان ڪم سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪريو. اهڙي نموني توهان ان ڪم کي سٺي نموني پورو ڪري سگهندؤ. جذبي، ولولي ۽ گرمجوشيءَ کان سواءِ ڪو به وڏو مقصد حاصل نه ٿو ڪري سگهجي.“
جذبو ۽ ولولو اهڙا عنصر آهن، جيڪي توهان کي لڳاتار ڪاميابيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا. توانائي به مهيا ڪندا رهنداآهن ۽ ٻاهرين ذريعن کان ان سلسلي ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ بدران پنهنجي اندر جو هڪ سچو ۽ حقيقي جذبو، روحاني نوعيت جو هوندو آهي، اهو انسان جي اندران اڀرندو آهي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪاميابين جو سبب بڻبو آهي.
[b]پاڻ کي ولولي سان ٽمٽار ڪريو:
[/b] گرمجوشيءَ لاءِ انگريزي ۾ Enthusiasm لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو يوناني زبان جي لفظ Enthoes مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته خدا جي ذات سان پاڻ کي سرشار ۽ ٽمٽار ڪرڻ، ڪنهن وقت اهو جوش ۽ جذبو ۽ گرمجوشي پنهنجو مفهوم، وڌيڪ متحرڪ ۽ توانيءَ طور بيان ڪري ٿو. جيئن توهان ڏٺو هوندو ته هڪ بهترين ايٿليٽ جي حالت اهڙي هوندي آهي جيڪو ڊوڙڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺو هوندو آهي ۽ سڄو چهرو ڪاميابيءَ لاءِ ٻهڪندو رهندا آهن. ٻين موقعن تي اهو جذبو، جوش ۽ ولولو پاڻ کي وڌيڪ پرسڪون ۽ اطمينان واري انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيئن مڌر ٽريسا جو جذبو ۽ ولولو، جيڪو ڪلڪتي ۾ مرڻينگ ماڻهن جي مدد ڪرڻ وقت هن ۾ ڏٺو ويندو هو. ان ۾ ته بلڪل ڪو شڪ ڪونهي ته توهان اهڙن ماڻهن سان ملي چڪاآهيو، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي مقصد بابت جوش ۽ جذبي سان ڀرپور هوندا آهن ۽ پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ سندن جوش ۽ جذبو ۽ گرمجوشي سندن منهن مان پئي ٻهڪندي آهي. ان قسم جو جوش پنهنجي ڪم ۾ شوق کي اڃا وڌائي ٿو. اهرو جذبو تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن توهان دلي طور تي اهو ڪم ڪڻ ۾ مخلص ۽ تيار هوندا آهيو.
ولولو ۽ گرم جوشي ان ئي وقت پيدا ٿيندي آهي. جڏهن توهان جيڪي ڪم ڪريو پيا، تنهن کي شوق ۽ اُمنگ سان ڏسو. جيڪڏهن توهان کي اهو ڪم پسند آهي ۽ توهان کي اهو ڪندي لطف محسوس ٿو ته ڄڻ توهان ڪامياب ٿي چڪا آهيو.
[b]ڪاميابي پڪي آهي:
[/b] جڏهن توهان پنهنجي ڪم ۽ ڌنڌي سان محبت ڪريو ٿا ۽ پنهنجي ڪم ۽ ڌنڌي مان بلڪل مطمئن ۽ خوش آهيو ته توهان ڄڻ پنهنجو مقصد ۽ منزل اڳواٽ ئي حاصل ڪري چڪا هوندا آهيو. جڏهن توهان پنهنجي مقصد سان شوق سان پسنديد کي ظاهر ڪريو ٿا ۽ ان کي مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ سان جاري رکو ٿا ۽ پوءِ ڄڻ ڪاميابيءَ جي بلڪل خاطري ٿيو وڃي.
جيڪڏهن توهان وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿا ڪريو ته پوءِ توهان جي پرواهه ڪير ڪندو، جڏهن توهان پنهنجي جذبي ۽ شوق سان ڪو ڪم ڪريو ٿا ته پوءِ هر ڪو توهان جي تعريف ڪري ٿو.
جذبو ۽ گرمجوشي ڪيئن پيدا ڪجي؟
توهان پنهنجي زندگيءَ جي اهم ترين شعبن ۾ ڪاميابي لاءِ پاڻ ۾ جوش خروش ڪيئن ٿا پيدا ڪري سگهو. اچو ته اسان ٿوريءَ دير لاءِ توهان جي ڌنڌي تي نظر وجهون.
هڪ گيلپ سروي ۾ ٻڌايو ويو ته دنيا ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي ڪم يا ڌنڌي مان خوش نه آهن ۽ ڪو ٻيو ڌنڌو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ توهان به پنهنجو پاڻ کان اهو پڇو ته ”ڇا آءٌ اهو ڪم ڪري رهيو آهيان جيڪو مون کي پسند نه آهي.“
پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪم يا ڌنڌي مان خوش آهيو ۽ توهان وٽ پنهنجي ٻئي ڪم يا ڌنڌي ڪرڻ لاءِ گهربل موقعا موجود آهن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهان اهو ٻيو ڪو ڪم يا ڌنڌو ڪري وڌيڪ دولت ڪمائي سگهو ٿا ته پوءِ ته پڪ سمجهو ته توهان ڪامياب ٿي ويندؤ. جڏهن توهان پنهنجي خواهش موجب هڪ مهانگو محل خريد ڪري ٿا وٺو، توهان وٽ نهايت قيمتي گاڏي اچي چڪي آهي ۽ توهان هر قسم جي سهولت حاصل ڪري چڪا آهيو، توهان ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر ڪر چڪا آهيو ته پوءِ هاڻي توهان پنهنجو وقت ڪيئن خرچ ڪندؤ؟
ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ ڌنڌي سان محبت ڪندا آهن. ان ڪم کي نهايت خلوص ۽ سنجيدگيءَ سان ڪنداآهن ۽ ان کي پنهنجي لاءِ هڪ دلچسپ مصروفيت سمجهي ڪندا آهن، پر اهي ڪامياب ان لاءِ آهن ته هنن هڪ طريقو ڳولي لڌو آهي، جنهن ذريعي اهي پنهنجي ڌنڌي سان محبت ڪندا آهن ۽ ان کي پسند ڪندا آهن.
جيڪڏهن توهان پنهنجي پسنديده ڪم يا ڌنڌي واروشعبو اختيار ڪرڻ واري مهارت نه ٿا رکو ته پوءِ اهڙي مهارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن توهان کي پنهنجي پسنديده ڪم ۾ عارضي يا پارٽ ٽائيم نوڪري ملي ٿي ته اها به نوڪري حاصل ڪريو. رضاڪاراڻي طور تي بنا ڪنهن اجوري جي ان ڪم ڌنڌي ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو. گڏوگڏ پنهنجي موجوده نوڪري به ڪندا رهو.
پنهنجي موجوده نوڪريءَ واري وقت کان پوءِ باقي بچيل وقت تي ڌيان ڏيو ۽ ان مان اهو وقت ڪڍو، جنهن ۾ توهان خوشي حاصل ڪري سگهو. توهان پنهنجي ڪم ۾ مڪمل مصروف ٿي وڃو. توهان جي خدمتن ۽ صلاحيتن جي مڃتا ٿيڻ لڳي. ان کي ساراهيو وڃي، توهان جي ڪوششن ۽ ڪم ۾ دلچسپيءَ کي مڃيو وڃي ۽ توهان پاڻ پنهنجي ذات ۽ ٻين ماڻهن سان وڌ ۾ وڌ تعلق ۾ اچي انهن سان لڳ لاڳاپا وڌائڻ لڳو. توهان ان سموري عرصي ۾ ڇا ڇا ڪندا رهندؤ؟ توهان پاڻ ان عرصي ۾ ڇا محسوس ڪيو؟
اهي سڀ حالتون ۽ واقعا ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته توهان پنهنجي روزاني معمول کان هٽي به پنهنجي زندگيءَ ۾ جذبو ۽ جوش پيدا ڪري سگهو ٿا. توهان کي اها خبر پئجي ٿي وڃي ته انهن وقتن مان توهان سڀ کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي وقت محسوس ڪئي!
[b]ولولي ۽ شوق کي زندهه ڪئين رکجي؟
[/b] جذبو ۽ شوق ڪاميابيءَ لاءِ هڪ بهترين ۽ زبردست ترڪيب آهي ۽ اهو هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن کي لڳاتار ڌيان، غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي.
جڏهن توهان پنهنجي منزل ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ولولي، شوق ۽ گرم جوشيءَ سان سرشار ۽ ٽمٽار ٿي ٿا وڃو ته توهان جي ڪاميابي نهايت تيزيءَ سان توهان جي ويجهو ايندي ويندي آهي ۽ توهان جي مصروفيت ايترو وڌي وڃي جو ڏينهن ڪيئن ٿو گذري. توهان کي ڪَلَ خبر ئي نه ٿي پوي. ان شوق، جذبي، ولولي ۽ گرم جوشيءَ ذريعي توهان گهٽ وقت ۾ وڌيڪ ڪم ڪري سگهو ٿا. توهان بهترين فيصلا ڪري سگهو ٿا، توهان ٻين ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وڃو ٿا ۽ اهي به توهان جي ڪاميابيءَ ۾ توهان جو ساٿ ڏئي، ان جو حصو بڻجڻ جي خواهش ڪن ٿا.
هتي سوال اهو ٿو اُٿي ته توهان پنهنجي ان جذبي ۽ گرمجوشيءَ کي ڪيئن تازو ۽ جيئرو رکي سگهو ٿا؟ ان جوحل هي آهي ته توهان کي جيڪو ڪم پسند هجي. توهان پاڻ کي ان ۾ وڌ ۾ وڌ مصروف رکو. ان شوق ۽ گرمجوشيءَ کي هر وقت تازو توانو رکڻ جوهڪ ٻيو طريقو اهوآهي ته پنهنجي اصل مقصد کي سدائين سامهون رکو. اهو فيصلو ڪريو ته توهان آخر ڇا ٿا چاهيو ۽ پوءِ ان کي حاصل ڪري وٺو. ان ڳالهه جي خاطريءَ لاءِ ته توهان پنهنجي مرضيءَ موجب ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا، پنهنجن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ جي پڪي ۽ سنجيده ڪوشش ڪريو.
جذبي ۽ گرم جوشيءَ کي تازو ۽ هر وقت جيئرو رکڻ جو هڪ ٻيو طريقو اهو آهي ته پنهنجي مقصد سان ٻيهر شامل ٿي وڃو. توهان کي اها خبر آهي ته جيڪي ڪم ۽ ڳالهيون ڪرڻ توهان جي خيال ۾ تمام ضروري هونديون آهن، تن ۾ نهايت ئي وڏو مقصد لڪل هوندو آهي. مثال طور، پنهنجي گهر وارن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست، پنهنجي مستقبل لاءِ تحفظ جي خواهش، پنهنجي تندرستيءَ لاءِ مختلف اپائن کڻڻ جي سلسلي ۾ توهان ۾ جوش، شوق، جذبو ۽ گرم جوشي پيدا ٿئي ٿي. جڏهن توهان کي محسوس ٿئي ٿو ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ڪيترائي موقعا موجود آهن ته پوءِ توهان کي اهو به محسوس ٿيندو ته توهان وٽ هڪ ٻيو موقعو ۽ امڪان موجود آهي ۽ اهو موقعو ۽ امڪان توهان جو رويو آهي، ايستائين جو جيڪڏهن توهان لفٽ ۾ ٽن اڻ سڃاتل ماڻهن ۾ ڦاسجي ٿا وڃو ته انهن کان بچي نڪرڻ لاءِ توهان وٽ هڪ موقعو ته بهرحال موجود هوندو آهي ۽ اهو موقعو توهان جوپنهنجو رويو هوندوآهي. جڏهن توهان پنهنجو ڪو ڪم مرضيءَ موجب نه ٿا ڪريو يا نه ٿا ڪري سگهو ته توهان کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي. توهان بدمزاج ٿي سگهو ٿا يا وري پنهنجو ڪم سٺي نموني نه ڪرڻ سبب توهان جي ملاقات نون ماڻهن سان ٿي وڃي ٿي.
چونڊ جو حق ته وري به توهان وٽ ئي آهي، ته پوءِ توهان ان شيءِ کي ڇو نه چونڊيو، جنهن سان توهان کي خوشي حاصل ٿئي، بهرحال چونڊ جو آخري حق توهان وٽ ئي آهي.
آخري نقطو اهو آهي ته توهان جڏهن پنهنجي جوش ۽ ولولي کي ظاهر ڪريو ٿا ته پوءِ توهان ۾ ٻين لاءِ ڇڪ ۽ ڪشش پيدا ٿي ويندي، اهي توهان سان کيڏڻ چاهيندا، توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيندا، توهان کي پنهنجي مقصد پوري ڪرڻ ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ مدد ۽ سهڪار ڏيندا. نتيجو اهو ٿو نڪري ته توهان گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ ۾ وڌڪاميابي حاصل ڪري ٿا وٺو.