تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

‘بهتر’ کان اڳتي ‘بهترين’ لاءِ وڌو

جم ڪولنز چيو هو ته:
”ننڍي ڪاميابي، وڏي ڪاميابيءَ جي دشمن هوندي آهي.“
اهو ڪيترو نه سادو تصور آهي، حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته دنيا جا ڪيترا ڪامياب ماڻهو به اڪثر ان ‘معمولي ڪاميابيءَ’ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل هوندا آهن ۽ ڪا ‘وڏي ڪاميابي’ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ سندن انتظار ڪندي رهجي ويندي آهي.
جڏهن اسين ڪنهن معمولي ڪاميابيءَ تي ئي خوش ٿي ويندا آهيون يا صرف ڪنهن معمولي ڪاميابيءَ کي ئي پنهنجي اصل ڪاميابي سمجهي بس ڪري ويهي رهندا آهيون يا وري صرف معمولي ڪاميابيءَ لاءِ ئي جاکوڙيندا رهندا آهيون ته پوءِ اسان وٽ ‘وڏيءَ ڪاميابيءَ’ لاءِ سوچڻ يا جدوجهد ڪرڻ جو وقت ئي نه بچندو آهي.
جڏهن توهان صرف معمولي ڪاميابيءَ لاءِ ڪوشش ڪريو ٿا ۽ پوءِ ان ڪاميابيءَ لاءِ رٿابندي ۾ مصروف ٿي ويندا اهيو ته پوءِ ڪيئن وڏين ڪاميابين بابت سوچيندا يا انهن ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندا؟
توهان جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺو ۽ اهڙين سرگرمين جي فهرست تيار ڪريو، جنهن سان توهان وڌ ۾ وڌ ڪاميابي، وڌ ۾ وڌ مالي ترقي ۽ آمدني حاصل ڪري سگهو ٿا ته توهان کي اهو ڏسي هڪ خوشگوار حيرت ٿيندي ته توهان پنهنجي 20 سيڪڙو سرگرمين ذريعي 80 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪريو ٿا.
پنهنجو وقت، توانائي ۽ ڪوششون ڪنهن به فضول، غير تعميري ۽ وقت جي زيان جهڙين سرگرمين تي وڃائڻ بدران اهو تصور ڪريو ته جيڪڏهن توهان انهن اجائين ۽ فضول سرگرمين بدران صرف 20 سيڪڙو سٺين سرگرمين تي پنهنجو وقت، توانائي ۽ ڪوششون صرف ڪيون هجن ها ته توهان ڪيڏي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ها؟
جيڪڏهن توهان پنهنجو واندڪائي وارو وقت اجايو ٽي وي ڏسڻ، نيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ ۽ ٻين غير معمولي سرگرمين ۾ مصروف ٿيڻ بدران پنهنجي گهرو سرگرمين ۽ شادي ٿيل زندگيءَ تي ڌيان ڏيڻ، پنهنجي ڪاروبار ۽ آمدني وڌائڻ جا نوان ذريعا ڳولڻ ۽ ٻين اهڙين سٺين سرگرمين ۾ لڳايو ها ته توهان کي ڪيترو نه فائدو ٿئي ها؟
توهان اهو ڪيئن ٿا چئو ته هيءُ واقعو ”عظيم ترين ڪاميابي آهي“ آهي ته جيئن ”معمولي ڪاميابيءَ“ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو. اچو ته اسان توهان کي ان لاءِ هڪ آسان طريقو ٻڌايون.
1.“معمولي ڪاميابين” جي سامهون “وڏين ڪاميابين” جي فهرست ٺاهيو:
جڏهن توهان ڪاغذ جي هڪ پاسي عظيم ۽ ٻئي پاسي معمولي ڪاميابين کي لکندؤ ته توهان پنهنجي سوچ کي چٽي انداز ۾ لکي سگهندؤ ۽ اها به خاطري ڪري وٺندؤ ته توهان کي ڪهڙي قسم جا سوال پڇڻا آهن. ڪهڙي قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کپي، توهان جو سڌوسنئون قدم ڪهڙو هئڻ گهرجي وغيره وغيره. ان عمل ذريعي توهان کي پتو پئجي ويندو ته واقعي وڏي ڪاميابي توهان جو انتظار ڪري رهي آهي.
2. وڏي ڪاميابي جي لاءِ صلاح
جيڪي ماڻهو توهان کان اڳ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري چڪا آهن، انهن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪريو ۽ انهن کان پڇو ته وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون اينديون آهن ۽ انهن ان کي ڪيئن پار ڪيو وڃي ٿو. اهي تجربيڪار ماڻهو، توهان کي اهي طريقا ۽ ترڪيبون ٻڌائي سگهن ٿا، جن جي ذريعي توهان کي ڄاڻ ٿي ويندي ته وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري قدر وقت، توانائي ۽ پڪي ارادي جي ضرورت آهي.
3. تجربو ڪريو
وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ۾ ئي ڪي وڏي اڇل ۽ ٽپ ڏيڻ بدران ڪو ننڍو عملي تجربو ڪريو ۽ پنهنجي وقت، رقم ۽ ڪوششن جو هڪ محدود حصو خرچ ڪري، هڪ خاص محدود منصوبي کي عملي طور تي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان جو اهو تجربو ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي عرصي جي رٿابندي ڪريو ته جيئن توهان پنهنجي رقم، توانائي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪوششن ذريعي اها عظيم ترين ڪاميابي حاصل ڪري سگهو.
4. وقت ڪيئن خرچ ڪجي؟
۽ پوءِ آخر ۾ ڏسو ته انهن سرگرمين سبب توهان واقعي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي يا اڃا به توهان کي وڌيڪ وقت، رقم ۽ ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي.