ڊپ سان مهاڏو اٽڪايو
”اسين رڳو هڪ ئي طريقو اختيار ڪري سگهون ٿا يا ته پنهنجي زندگيءَ ۾ هٿراڙيون هڻندا رهون، يا وري اها اميد رکون ته اسان کي نهايت پرسڪون موت نصيب ٿيندو يا وري اسين هڪ اهڙي ڀرپور ۽ مڪمل حياتي گذاريون، جنهن ۾اسان جا مقصد، حدف ۽ خواب حقيقت ۾ بدلجي وڃن.“
ڪيون ساريو وڏو دانشور هو، هڪ ميڙ ۾ هن هي يادگار جملا چيا هئا ته:
”مون کي ڊپ وڪوڙي ويو آهي، پر مون کي جنهن شئي جو خوف وڪوڙي ورتو آهي، آءٌ ان تي ڌيان ئي نه ٿو ڏيان، پر ان کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ چوندس: ”مون کي ڪهڙي شئي مان ڊپ يا خوف آهي؟“ آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته هڪ سراسر ڪامياب انسان توهان کي اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته ان کي ڪاميابين جي ڀيٽ ۾ ناڪامين کي وڌيڪ منهن ڏيڻو پوي ٿو. توهان کي گهرجي ته توهان ناڪاميءَ، خوف ۽ خطرن سان مهاڏو ڏئي هرحال ۾ ڪاميابي حاصل ڪريو.“
جڏهن توهان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي سفر تي روانا ٿيو ٿا ته رستي ۾ توهان کي مختلف قسم جي خوفن ۽ خطرن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته خوف هڪ قدرتي ۽ فطري شئي آهي. جڏهن به توهان ڪو نئون قدم کڻو ٿا، نئون منصوبو شروع ڪريو ٿا يا اهڙين حالتن ۾ ڦاسي ٿا وڃو، جيڪي توهان کي پريشان ڪن ٿيون ته پوءِ توهان کي ڊپ وڪوڙي وڃي ٿو.
بدقسمتيءَ جي ڳالهه ته اها آهي ته انهيءَ خوف سبب ڪي ماڻهو ته پنهنجين ڪوششن کي سطحي انجام تائين به نه ٿا پهچائين ۽ پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش موجب ڪاميابي حاصل نه ٿا ڪري سگهن. ان جي ابتڙ ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪاميابيءَ جي رستي ۾ آڏو ايندڙ خطرن، ڊپ ۽ خدشن کي نهايت هوشياري ۽ رٿابنديءَ سان منهن ڏين ٿا ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب نتيجا حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪن ٿا.
کين خبر آهي ته خوف هڪ اهڙي شئي آهي جيڪا ڪاميابيءَ جي رستي ۾ هلڻ وقت اچڻ هڪ فطري حقيقت آهي، جنهن کي مڃڻ کان سواءِ گذارو ڪونهي. کين ان حقيقت جي ڄاڻ ٿي وڃي ٿي ته خوف سان مقابلو ڪري ئي وڌ ۾ وڌ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
[b]اسين ايترا ڊنل ڇوآهيون؟
[/b] لکين سال اڳ ڊپ جي صورت ۾ اسان جو بدن ۽ ذهن اسان کي اهو پيغام ڏيندو هو ته هاڻي خير ڪونهي. اهو اسان کي امڪاني خطري کان اڳواٽ واقف ڪري ٿو ڇڏي. بدقسمتيءَ سان اهو پيغام ان زماني ۾ ڪارائتو هو، جڏهن اسان جي جان کي ڪو هڪڙو امڪاني خطرو هوندو هو، پر اڄ ڪيترائي خطرا اسان جي جان کي نقصان نه ٿا پهچائين.
اڄ اهو ڊپ ان خبردار ڪندڙ پيغام کان به وڌيڪ چتاءُ جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو اسان کي خبردار ڪري ٿو ته اسان کي لازمي طور تي هوشيار ۽ محتاط رهڻ کپي. پنهنجي ڪاميابيءَ جي رستي ڏانهن ويندي اسان کي ڪيترائي خطرا سامهون اچي سگهن ٿا، پر اسين پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪاميابيءَ ڏانهن وکَ وڌائيندا ٿا رهون.
ٻن سالن جي هڪ ٻار بابت سوچيو، جيڪو صرف ڊپ سبب توهان سان گڏ ٻاهر شئي وٺڻ نه ٿو وڃي. توهان کي کپي ته پنهنجي زندگيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪاميابيءَ واسطي پاڻ سان اهڙي ٻن سالن جي ٻار جهڙو سلوڪ نه ڪريو. ڊپ ڪا ايتري خطرناڪ شئي ڪونهي. ٻين لفظن ۾ اهو مڃي وٺو ته جيتوڻيڪ ڊپ توهان جي رستي ۾ موجود آهي پر تنهن هوندي به توهان ان کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيو.
ڊپ لاءِ پاڻ کي تيار رکو:
ڪي ماڻهو ڊپ جي پريشاني ڪندڙ احساس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش باوجود ڪامياب نه ٿا ٿين، جو اهي ذهني طور تي اندر ئي اندر هيسيل ئي هجن ٿا. جيڪڏهن توهان به ڪنهن اهڙي شخص جهڙا آهيو ته پوءِ توهان هڪ وڏي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهيو، جنهن ڪري توهان پنهنجي گهربل مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نه ٿا اچو.
ڪڏهن ڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ خطري کي منهن ڏيڻو ئي پوندو آهي ۽ اسين ڪڏهن ته اهڙي خطري کي به منهن ڏئي ويندا آهيون، جيڪو پوءِ اسان کي اجايو لڳندو آهي.
ماڻهن کي سيڙپ ۾نقصان ٿئي ٿو، ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا طريقا ئي وساري ٿا ڇڏين. ماڻهو جبلن کان هيٺ ڪري سگهن ٿا، پر پوءِ به هڪ پراڻي چوڻي اسان کي اهو سبق سيکاري ٿي ته ”جيستائين توهان عملي قدم نه کڻندؤ، هرگز ڪامياب نه ٿيندؤ“.
[b]فرضي حالتون حقيقي لڳن ٿيون:
[/b] ڊپ جو هڪ ٻيو اهم رخ به ياد رکڻ جهڙو آهي ته انسان جي حيثيت سان اسين پاڻ کي هڪ اهڙي هنڌ پهچائي ٿا ڇڏيون، جتي اسان جا سموراڊپ اسان جا پنهنجا گهڙيل هونداآهن. ڪنهن ڪم ڪرڻ وقت اسين پاڻهي ناڪاري نتيجن جو تصور ڪري وٺندا آهيون. خوشقسمتيءَ سان هڪ پاسي ته اسين خيالن جي دنيا ۾ رهون ٿا ۽ ٻين اهم خطرن ۽ خدشن کي منهن ڏئي انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اصل حقيقت کان واقف ٿي پنهنجي لاءِ اطمينان ۽ سڪون جي ڪيفيت ۾ هليا ٿا وڃون. اسين نهايت سمجهداريءَ ۽ عقل جو مظاهرو ڪرڻ جا پابندآهيون. نفسياتي ماهرن موجب خوف مان مراد اها آهي ته:
”فرضي حالتون حقيقي معلوم ٿيڻ لڳن ٿيون.“
اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڊپ کي ڪيئن ٿا داخل ٿيڻ جو موقعو ڏيون. ان عمل کي صحيح نموني سمجهڻ لاءِ اهڙين سمورين شين جي فهرست تيار ڪريو، جن کان توهان کي ڊپ ٿو لڳي. ان فهرست ۾ ان ڳالهه جو خيال رکو ته اهي شيون شامل نه ڪريو، جن کان توهان کي ڊپ ته لڳي ٿو، پر اُهي عملي قدم لاءِ سهڪاري نه آهن. مثال طور ڪا ڪاني، ڪو پکو يا اهڙي ڪا ٻي شيِءِ. اهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺل شيون آهن. توهان اهڙين شين جي فهرست ٺاهيو، جن کي ڪرڻ سان توهان کي ڊپ محسوس ٿئي ٿو. مثال طور توهان کي هڪ ماڪڙ پڪڙڻ وقت ڊپ لڳندو آهي يا توهان کي اهو ڊپ لڳندوآهي ته ڪو نانگ چڪ نه پائي يا موٽرسائيڪل يا ڪار جي ٽڪر سبب ڪو حادثو نه ٿي پوي وغيره. هيٺيان ڪم ڪندي ڊپ محسوس ڪندو آهي:
1- پنهنجي آفيسر سان پگهار وڌائڻ جي ڳالهه ڪندي.
2- پنهنجي گرل فريند سان ملاقات ۽ تاريخ بابت ڳالهه ڪندي.
3- تيراڪي ڪندي.
4- پنهنجي ٻارن کي گهر ۾ نوڪر يا نوڪرياڻي وٽ اڪيلو ڇڏيندي.
5- نوڪري وڃائڻ جو ڊپ محسوس ڪندي.
6- آفيس جي ڪم سان ٻاهر ويندي.
7- ڪنهن نئين ڪم بابت دوستن سان مشورو ڪرڻ وقت.
8- پنهنجي ذميدارين مان ڪا هڪ پنهنجي ماتحت حوالي ڪندي.
[b]هاڻي هيڏانهن اچو:
[/b] پنهنجي هر خوف کي هيٺين طريقي سان ظاهر ڪريو:
1) ”آءٌ چاهيان ٿو ته هيئن ڪريان، پر مون کي هن ڳالهه کان ڊپ ٿو لڳي.“
2) ”آءٌ اهو خيال ڪري ئي ڊپ ٿو محسوس ڪريان ته...“
3) ”آءٌ هيئن ڪريان، پر مون کي ڊپ ٿو لڳي ته...“
انهن ٽنهي جملن ۾ جيڪو اهم لفظ آهي، اهو تصوراتي خوف آهي ته جيڪڏهن هيئن ٿي وڃي يا هونئن ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟
اصل حقيقت اها آهي ته جڏهن اسين پنهنجي مستقبل بابت ڪنهن ناڪاري تصور جو سوچيون ٿا ته اسان ان جي ڪنهن نتيجي اچڻ يا ردعمل ٿيڻ کان اڳ ئي پاڻهي ان بابت نتيجا قائم ڪري ڊڄي ٿا وڃون.
مٿين ڳالهين ۾ جن ڳالهين کان اسان کي ڊپ ٿو لڳي، انهن جو ذڪر اسين هڪ نئين ۽ مختلف انداز ۾ ڪريون ٿا.
[b]سوال ساڳيا ۽ ورجاءُ مختلف:
[/b]1- آءٌ پنهنجي آفيسر سان پگهار وڌائڻ لاءِ ڳالهائڻ چاهيان ٿو، پر مون کي اهو سوچي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هو انڪار ڪندي ڇڙٻون نه ڏئي.
2- آءٌ پنهنجي گرل فرينڊ سان ملاقات جو وقت ۽ تاريخ طئي ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مون کي خوف ٿو ٿئي ته متان هوءَ جواب نه ڏئي.
3- آءٌ سمنڊ ۾ ترڻ ته چاهيان ٿو پر مون کي اهو سوچي ڊپ ٿو وٺي ته ڪٿي منهنجو آڪسيجن ماسڪ خراب نه ٿي وڃي، جنهن ڪري آءٌ ٻڏي نه پوان.
4- آءٌ پنهنجي ٻارن کي گهر ۾ نوڪرن وٽ اڪيلو ڇڏڻ ته چاهيان ٿو پر متان انهن جي بي ڌيانيءَ سبب ٻارن کي ڪو حادثو يا پريشاني نه ٿي پوي.
5- آءٌ موجوده نوڪري ڇڏي ٻي ڪا سٺي نوڪري ڪرڻ ٿو چاهيان پر گڏوگڏ اهو به سوچي ڊپ ٿو لڳي ته هيءَ نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ٻي سٺي نوڪري نه به ملي ۽ هيءَ به ڇڏي ڏنم ته پوءِ ڇا ٿيندو.
6- آءٌ پنهنجي ڪاروباري معاملن بابت دوستن سان مشورا ڪرڻ چاهيان ٿو، پر ڪٿي اهي صحيح صلاح نه ڏين ته پوءِ اجايو پريشانيءَ ۽ شرمندگيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو.
هاڻي توهان پنهنجو جائزو وٺو ۽ اندازو لڳايو ته ڪٿي توهان جو اهو خوف پنهنجو پاڻ اجايو ته پيدا ڪيل ڪونهي؟
ڊپ کان ڇوٽڪارو ڪيئن ملندو؟
پنهنجي انهيءَ ڊپ کان عملي طور تي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقواهو آهي ته توهان پنهنجو پاڻ کان پڇو ته توهان کي ڪهڙي ڳالهه يا شيءِ جو خيال ڪري ڊپ ٿو ٿئي. پوءِ اهڙين ڳالهين بدران سٺيون ڳالهيون سوچڻ شروع ڪريو.
تازو مون کي هوائي جهاز ذريعي آئرلينڊ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. مون ڏٺو ته منهنجي اڳيان ويٺل هڪ عورت ڊپ ۾سيٽ جي ٻانهن کي اهڙيءَ سختيءَ سان پڪڙيون ويٺي هئي، جو سندس آڱرين جا پور ئي اڇا ٿي ويا هئا. منهن هيڊو ٿي ويو هو ۽ هوءَ سخت پريشان لڳي رهي هئي.
آءٌ وٽس پهتس ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيومانس ته، آءٌ مختلف مسئلن جي سلسلي ۾ ماڻهن کي سکيا ڏيندو آهيان.
مون کائنس پڇيو ته، هوءَ پنهنجي سيٽ کي ايترو سختيءَ سان ڇو پڪڙيو ويٺي آهي؟ هن ”ها“ ۾ جواب ڏنو. مون کيس چيو ته ”هوءَ فڪر نه ڪري پر ڪجهه دير لاءِ پنهنجون اکيون ٻوٽي، اهو سوچي ته کيس ڇا جي ڪري اهو ڊپ پيو لڳي.
هن اکيون بند ڪيون ۽ منهنجي پڇڻ تي جواب ڏيڻ لڳي ته مون کي ايئن ٿو لڳي ته هي جهاز اڏامڻ شرط ڪري تباهه ٿي ويندو. مون وري کائنس پڇيو ”تون آئرلينڊ ڇو پئي وڃين؟“
هن جواب ڏنو ته آءٌ پنهنجن پوٽن پوٽين وٽ موڪلون ملهائڻ وڃي رهي آهيان.
مون کيس چيو: اها ته سٺي ڳالهه آهي، اتي توکي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ وڻي ٿي. هن چيو ته اتي مون کي ”ننڍڙي پتڪڙي دنيا“ نالي جهولو وڻي ٿو.
مون کيس چيو ته، ڇا تون هينئر تصور ڪري سگهين ٿي ته تون هن وقت ڊزني لينڊ ۾ آهين ۽ پنهنجن پوٽن پوٽين سان جهولن ۾ لڏي رهي آهين. هن چيو: ها، مون کيس چيو ته، پوءِ ڊپ ڇا جو؟ بلڪل بي فڪر ٿي ويهه. پاڻ جلد آئرلينڊ پهچڻ وارا آهيون.
مون ڏٺو ته هوءَ آهستي آهستي سڪون محسوس ڪرڻ لڳي. سندس زور سان سيٽ کي پڪڙيل هٿ ڍرا ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ هوءَ جلد ئي سيٽ کي ٽيڪ لڳائي آرام سان ويهي رهي.
توهان به پنهنجي تصوراتي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ اها ٽَل استعمال ڪري پرسڪون رهي سگهو ٿا.
[b]جسماني هيجان مان نجات ماڻيو:
[/b] ڊپ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو هڪ ٻيو طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجو سمورو ڌيان ان هيجان ڏانهن ڏيو، جيڪو هن وقت توهان محسوس ڪري رهيا هجو. ٿي سگهي ٿو ته توهان کي ڊپ لڳڻ سبب توهان جو بدن ڏڪي رهيو هجي، تنهن کان پوءِ جنهن شيءِ کان توهان کي ڊپ محسوس ٿي رهيو آهي، تنهن کان خيال هٽائي ڪنهن ٻئي سٺي خيال کي ذهن ۾ آڻيو. مثال طور پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪرڻ بابت ڪا ڳالهه، خود اعتماديءَ وارو ڪو ڪارنامو، ڪنهن سٺي موقعي جي ياد وغيره.
انهن ٻنهي يعني ڊپ ۽ سڪون وارن خيالن کي پنهنجي دماغ ۾ محسوس ڪريو، ٻن ٽن منٽن کان پوءِ ڊپ لهي ويندو ۽ توهان اطمينان ۽ سڪون محسوس ڪرڻ لڳندا.
[b]ڊپ تڙڻ وارو وقت ياد ڪريو:
[/b] ڇا توهان کي اها خبر آهي ته درياهه ۾ ترڻ لاءِ تختي تان ڪيئن ٽپو ڏبو آهي؟
ته پوءِ توهان کي پڪ سان اهو وقت به ياد هوندو، جڏهن توهان ان تختي جي ڪناري تي بيهي هيٺ جهاتي پاتي هوندي.
پاڻي ايترو گهرو نه هو جيترو ڏيکاءُ ڏئي رهيو هو ۽ پوءِ تختي ۽ پنهنجي اکين جي اوچائي کي ڏسندي ڏسندي توهان کي ايئن لڳو ته تختي کان هيٺ تائين جو فيصلو ڪافي گهڻو آهي. توهان کي تمام گهڻو ڊپ لڳي رهيو هو ۽ توهان پنهنجي والدين ۽ تيراڪي سيکاريندڙ ڏانهن ڏٺو هو ۽ کين ٻڌايو هو ته توهان کي هيٺ ٽپو ڏيندي ڊپ پيو لڳي.
پوءِ انهن توهان کي دم دلاسو ڏنو هوندو، توهان کي پڪ ڏياري هوندي ته ڪجهه به نه ٿيندو. اسين جو هتي بيٺا آهيون. هنن توهان کي همٿايو هوندو، پوءِ توهان به هنن جي ڳالهين ۾ اچي ڊپ واري ڳالهه ذهن مان ڪڍي، ان تختي تان ٽپو ڏنو هوندو. پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويؤ.
پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيڻ کان پوءِ ڪجهه نه ٿيڻ تي توهان ڪافي خوشي محسوس ڪئي هوندي. توهان جا ماءُ پيءُ ۽ دوست يار به اڳتي وڌي توهان وٽ پهتا هوندا. توهان به خوشيءَ ۾ تري ڪناري تي پهتا هوندا ته توهان ڪيترو نه خوشي محسوس ڪئي هوندي. توهان اهو وقت ياد ڪيو هوندو، جڏهن توهان ڊپ محسوس ٿيڻ باوجود ٽپو ڏنو هوندو، پر ڪجهه به نه ٿيو، پوءِ ته توهان جو ڊپ اصل لهي ويو ۽ توهان بار بار تختي تي چڙهي ٽپ ڏيڻ شروع ڪيا هوندا، پوءِ ڊپ ته لهي ويو، مورڳو ئي توهان کي ان ڪم ۾ مزو اچڻ لڳو.
[b]ٿوري خطري کي منهن ڏيو:
[/b] جيڪڏهن توهان ڪنهن وڏي خطري کي منهن ڏيڻ ۾ ڊڄو ٿا ته پوءِ ڪنهن گهٽ ۾ گهٽ خطري کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو، ايئن آهستي آهستي توهان کي خطرن کي منهن ڏيڻ اچي ويندو.
جيڪڏهن توهان ڪنهن ڊپ سبب ڪنهن ڪم ۾ هٿ نه ٿا وجهڻ چاهيو ته پوءِ ان ڊپ جي سطح يا شدت کي گهٽايو. پنهنجين صلاحيتن کان ڪم وٺو ۽ پنهنجي لاءِ اهي حدف ۽ مقصد مقرر ڪريو، جن کي توهان گهٽ مشڪل سمجهي منهن ڏيڻ جي همٿ ساريو.
جيڪڏهن توهان ڪنهن سيلز ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪريو ٿا ته پهرين پنهنجن انهن گراهڪن سان ملو، جن بابت توهان کي خيال آهي ته توهان پنهنجون شيون کين آسانيءَ سان وڪڻي سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڪاروبار لاءِ اوڌر جي ضرورت آهي ته انهن ادارن سان رابطا ڪريو، جيڪي توهان کي اوڌر ڏيڻ کان انڪار نه ڪن. جيڪڏهن توهان راند کيڏڻ چاهيو ٿا ته پهرين اها راند کيڏڻ جا طور طريقا ۽ گر سکو. ان سان توهان کي راند کيڏڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ آهستي آهستي توهان ان ۾ ماهر ٿي ويندؤ ۽ ايئن ڪاميابي جي رستي ۾ ايندڙ خطرن سان مقابلو ڪندؤ، منهن ڏيندي آخر توهان پنهنجي منزل ۽ مقصد تائين پهچي ويندؤ.
ڪنهن شيءِ جو خوف!
ڪي خوف ايترا ته شديد هوندا آهن، جو اهي توهان کي معذور ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن واقعي توهان کي هر شيءِ مان ڊپ لڳي ٿو.
هوائي جهاز ۾ ويهڻ سان ڊپ لڳي ٿو، بجلي تي هلندڙ ڏاڪڻ يا لفٽ ۾ چڙهڻ کان ڊپ لڳي ٿو ته توهان ڪڏهن به ڪاميابيءَ جي واٽ تي هلي نه سگهندؤ، پر خوشقسمتيءَ سان ان مسئلي جو به حل موجود آهي ۽ ان سادي حل جو نالو آهي: ”پنجن منٽن ۾ ڊپ جو علاج“ اهو هڪ جادوئي علاج آهي. ان علاج ذريعي توهان جي جسم جي انهن حصن کي دٻايو وڃي ٿو يا هلڪو زور ڏنو وڃي ٿو، جيڪي ان ڊپ جو اثر جلد قبول ڪن ٿا.
ڊوڙ پايو:
جيليوم اپالونائر چيوآهي ته:
هِنَ چيو: ”هن ڪناري تي هليو اچ.“
هُنَ چيو: ”مون کي ڊپ ٿو لڳي.“
هِنَ وري چيو: ”تون اچ ته سهي، ڪجهه نه ٿيندو.“
پوءِ هو ڊڄندو ڊڄندو ڪناري تي آيو ته ٻئي ڌڪو کڻي ڏنس ۽ هاڻي هو آسانيءَ سان اڏامي سگهي ٿو.“
سمورن ڪامياب ماڻهن کي خطرن کي منهن ڏيندي خوشي محسوس ٿيندي آهي. جيڪڏهن کين ڊپ به ٿيندو آهي ته به هو ڪاميابيءَ لاءِ هڪ ڀيرو ته ضرور ڊوڙندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سندن ڊپ وڌي به وڃي ٿو، پر ان کان وڌيڪ کين اهو ڊپ ۽ فڪر اچي ورائيندو آهي ته جيڪڏهن مون هن ڀيري موقعي مان فائدو نه ورتو ته پوءِ ڪاميابي هٿن مان نڪري ويندي. هو پنهنجي سوچ ۽ جبلت تي يقين ڪن ٿا ۽ ڪاميابيءَ جي پهرين مرحلي ڏانهن وڌڻ جي ڪڍ لڳي ٿا پون.
فريڊرڪ ول ڪاڪس ڪيڏي عقلمنديءَ واري ڳالهه ڪئي آهي ته:
”خطري کي منهن ڏيڻ کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ڪونهي، چور دروازي وسيلي ماڻهو ڪامياب ٿي نه ٿو سگهي.“
[b]ڏکيائيءَ ۾ به محنت نه ڇڏيو:
[/b] جمي جانسن چيو هو ته:
”ڇا توهان آرامده حياتي گذارڻ چاهيو ٿا؟ يا توهان خطري کي منهن ڏئي هڪ وڏي ۽ شاندار زندگي گذارڻ چاهيو ٿا؟“
اهو هڪ سونهري اصول آهي ته ڪهڙيون به حالتون هجن، خطري کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ڪاميابيءَ ڏانهن وڌڻ جو موقعو هٿان نه وڃايو. جيڪڏهن توهان هڪ محفوظ ۽ آرامده زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندؤ ۽ نه ئي عظيم مقصد ۽ حدف حاصل ڪري سگهندؤ. پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش موجب حياتي گذارڻ لاءِ شاندار ڪاميابي حاصل ڪريو.
ري بريڊ بري پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي چيو هو ته:
”جيڪڏهن توهان ڪاميابيءَ لاءِ خطري کي منهن ڏيندؤ ته پڪ ڄاڻو ڪامياب ٿيندؤ ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي سهاري جي آسري ۾ هوندؤ ته ناڪام رهندؤ.“