تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

سچي ڳالهه چئو

مارڪ ٽوئين جو قول آهي ته:
”جڏهن توهان ڪنهن بابت شڪ ڪرڻ لڳو ته سچي ڳالهه چئي ڇڏيندا ڪريو.“
اسان مان ڪيترائي ماڻهو سچ نه ٿا ڳالهائين، ڇاڪاڻ ته اهو عمل اسان کي تڪليف پهچائي ٿو. اسين سچ ڳالهائڻ سبب ان جي نتيجن کان ڊڄون ٿا ته ڪٿي ٻين ماڻهن کي ان سان تڪليف نه پهچي، سندن جذبن ۽ احساسن کي ڌڪ نه لڳي، يا وري اهي ڪاوڙ يا ناراضگي ظاهر نه ڪن پوءِ جڏهن اسين سچ نه ٿا ڳالهايون ته ٻيا به اسان سان سچ نه ٿا ڳالهائين، تنهن ڪري اسان پنهنجي زندگيءَ جي معاملن کي صحيح نموني نبيري نه ٿا سگهون.
توهان سڀني اها چوڻي ته ٻڌي هوندي ته، ”سچ سمورن فڪرن کان آجو ڪري ٿو ڇڏي“ يا ”سچ ته بيٺو نچ“ سچ ڳالهائڻ کان پوءِ اسين ڪنهن به معاملي کي بي فڪر ٿي نبيري سگهون ٿا.
سچ ڳالهائڻ سبب اسان ۾ هڪ اڻ ڏٺل طاقت اچي ٿي وڃي. ان ئي طاقت سبب اسان سچ جو دامن، پڪڙي اڳتي وڌندي ڪو به سٺو ۽ اثرائتو قدم کڻي سگهون ٿا.

[b]سچ جو اثر
[/b] هڪ طريقو آزمايو ويندو آهي، جنهن کي ‘راز’ جو نالو ڏنو ويو آهي. مختلف ماڻهو هڪ ميز جي چوگرد ويهن ٿا ۽ کين چيو ويندو آهي ته اهي پنهنجي زندگيءَ جا ‘راز’ ٻڌائين. يعني، اتي اهي ڳالهيون ڪريون ته ٿي سگهي ٿو ته ٻيا ماڻهو ان کي پسند نه ڪن ۽ اسان کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين. انهن ماڻهن کي چيو ويندو آهي ته اهي اٿي بيهي پنهنجا راز ظاهر ڪن ۽ پوءِ آخر ۾ پنهنجي جاءِ تي ويهي رهن.
ويٺلن ۾ ڪا به اڳواٽ ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿئي. نه ئي کين اڳ ۾ ڪنهن جي باري ۾ ڪجهه معلوم هوندو آهي. جڏهن هر ڪو پنهنجو راز ٻڌائيندو ويندو آهي ته ٻيا خاموشيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ٻڌندا رهندا آهن. ايئن هڪ ٻئي کي ڏسي ۽ اعتماد ڪري هر ڪو پنهنجا اصل راز ظاهر ڪرڻ لڳندو آهي، جيڪي ٻين حالتن ۾ هوند هو ڪٿي به ظاهر نه ڪن ها. مثال طور: ”مون اٺين ڪلاس جي امتحان ۾ نقل ڪري امتحان پاس ڪيو.“ تنهن کان پوءِ جڏهن هو ڏسندا ويندا آهن ته سندن راز ظاهر ڪرڻ تي ويٺلن مان ڪو به نه ٿو کلي، نه ٺٺولي ٿو ڪري ۽ نه ئي ڪنهن کي تڪليف پهچي رهي آهي ته هو پاڻ به ان کان وڌيڪ اهم راز ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
پوءِ جڏهن انهن ماڻهن جون دليون انهن رازن کان خالي ٿي وينديون آهن ته اهي هڪ ٻئي ڏانهن ميٺ محبت سان ڏسندا رهندا آهن ۽ پوءِ ٿوري دير رکي اهي پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندا آهن. اهي هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت محسوس ڪندا ويندا آهن ۽ کين محسوس ٿيندو آهي ته جيڪي راز اهي سينن ۾ ڪافي عرصي کان لڪايو ويٺا هئا، اهي اهڙا به نه هئا،جو ٻين کي يا توهان کي پاڻ کي انهن مان ڪو نقصان ٿئي ها.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن طرفان پنهنجا راز ظاهر ڪرڻ کان پوءِ انهن ۾ موجود ڪيتريون بيماريون به آهستي آهستي پاڻ مرادو ختم ٿي ٿيون وڃن. سندن مٿي جو سور لهيو وڃي، پيٽ ۾ پوندڙ وڪڙ ختم ٿي ٿا وڃن. سندن زندگيءَ تي ڇانيل ذهني دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال به ختم ٿيو وڃي. انهن ۾ زندگيءَ جي هڪ ئين لهر ڊوڙڻ لڳندي آهي. اهي پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪرڻ لڳندا آهن ۽ سندن خوش مزاجي واپس اچي ويندي آهي.
ان مثال مان ظاهر ٿيو ته سچ ڳالهائڻ لاءِ پهريون ڀيرو گهڻيءَ توانائيءَ جي ضرورت پوي ٿي، پر پوءِ جڏهن سچ جي اها طاقت اظهار جي عمل مان گذري ٿي ته پوءِ اسين زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ بنا خوف خطري جي اڳتي وڌي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳون ٿا.

[b]ٻين کي ٻڌائڻ جي چاهت
[/b] پنهنجي زندگيءَ جي معمول ۾ ٽي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي اسين ٻين کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا پهرين ڪاوڙ ۽ ڏک آهي، جنهن کي اسين ٻين اڳيان ظاهر ڪرڻ چاهيون ٿا.
ٻي ڳالهه اسان جون اهي لڪل خواهشون ۽ ضرورتون آهن، جيڪي پوريون نه ٿيڻ تي اسان کي ڏک ٿئي ٿو، جنهن جي ردعمل ۾ اچي اسين ناراض به ٿيون ٿا.
ٽين ڳالهه جيڪا اڃا به اهم آهي، اسان جون ڪاميابيون ۽ سٺيون ڳالهيون آهن، جن بابت اسين ٻين جي وات مان ساراهه جا لفظ ٻڌڻ چاهيون ٿا. پنهنجي ساراهه تي اسان جو اندر ٺري ٿو پوي، اسين خوشي ۽ سڪون محسوس ڪرڻ لڳون ٿا.
عام طور تي ڪاوڙ ۽ ڏک اسان جي اڻ پورين خواهشن جي پوري نه ٿيڻ جو عڪس ۽ ردعمل هوندو آهي. توهان کي ڪنهن ٻئي تي ڪاوڙ اچي ته پوءِ سڀ کان اڳ پنهنجو پاڻ کان پڇو ته: ”آءٌ ان مان ڪهڙي ڳالهه چاهيان ٿو، جيڪا مون کي نه ٿي ملي؟“
اسان مان هر شخص جي هڪ اهم پر مشڪل عادت ۽ رويو اهو آهي ته ڪيترائي ماڻهو سچ لڪائڻ بدران منهن تي چئي ڏيندا آهن، پر اڪثر ايئن به ٿيندو آهي ته اسان مان ڪيترا ماڻهو ٻين جي جذبن ۽ احساسن جو ايترو خيال رکندا آهن، جو سچ ڳالهائي انهن جي جذبن ۽ احساسن کي تڪليف پهچائڻ نه چاهيندا آهن ۽ ايئن اسين سچ کي لڪائي پنهنجي روح کي ئي زخمي ڪندا رهندا آهيون.

[b]سچ جو ميوو مٺو
[/b] هڪ ڪاروباري اداري هڪ منصوبي واسطي اسان جون صلاحڪاري خدمتون حاصل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ اسان کين هڪ قابل عمل منصوبو ٺاهي ڏيئي ڇڏيو. جڏهن اسان پاڻ ان منصوبي تي ٻيهر غور ڪيو ته اسان کي لڳو ته، شايد اسان جي ڏنل منصوبي سبب اهو ادارو گهربل نتيجا حاصل ڪري نه سگهي، تنهن ڪري اسان کين سڀ ڪجهه سچ ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو.
اسان کي ڊپ هو ته متان ادارو اهو سمجهي ته اسان سندن درخواست تي دل سان ۽ ايمانداريءَ سان ڪم نه ڪيو، تڏهن ته ان مان نقص نڪتو، پوءِ اهي اسان تي ڇوهه ڇنڊيندا ۽ اهو ڪم ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيندا، اسان کي ڪافي مالي نقصان به ٿئي ها، پر اسان سڀني ڳالهين کي سامهون رکڻ کان پوءِ به اداري جي سربراهه کي سڀ ڪجهه سچ ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو.
پر جڏهن اسان کين سچ ٻڌايو ته منتظمن جو رويو بلڪل مختلف ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هو. انهن اسان جون ڳالهيون ۽ خيال ٻڌڻ کان پوءِ به اسان جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو، ئي فيصلو برقرار رکيو، ڇو ته سندن خيال ۾ اسان هيڏو رسڪ کڻي کين جيڪو سچ ٻڌايو، اها وڏي ڳالهه آهي. اسان جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ هو اسان جي ڳالهين سان سهمت ٿيا ۽ هنن محسوس ڪيو ته اسان جي اداري ساڻن نهايت ايمانداريءَ وارو تعلق جوڙيو آهي.
تنهن کان پوءِ اسان جو اهو تبديل ٿيل منصوبو ايترو ته ڪامياب ٿيو جو نه صرف ان اداري اسان کي طئي ٿيل رقم کان وڌيڪ انعام طور ڏني، پر ٻين واسطيدار ادارن کي به اسان جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي سفارش ڪيائون.

[b]هر ويل سچ چئو
[/b] ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو طريقو ۽ عادت اها آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي، توهان سچ ڳالهائڻ سکي وٺو. اصل ۾ جيترو جلد توهان پاڻ کان پڇو ٿا ته، ”آءُ حيران آهيان ته سچ ڳالهائڻ لاءِ سٺو وقت ڪهڙو آهي؟“ ته پوءِ اهو ئي بهتر وقت آهي ته توهان ان وقت کان ئي سچ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڇا سچ ڳالهائڻ سان توهان کي تڪليف پهچندي؟ ها ٿي سگهي ٿو ته توهان کي تڪليف پهچي. ڇا سچ ڳالهائڻ سان تمام گهڻو ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو؟ جي ها، ايئن به ٿي سگهي ٿو، پر ڇا به ٿي پوي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان جيترو جلد ٿي سگهي، سچ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيو. وڌيڪ جلد ۽ وڌيڪ تيزيءَ سان سچ ڳالهائڻ جي عادت اختيار ڪريو.
پوءِ توهان اهو ڪجهه حاصل ڪري وٺندؤ جيڪو توهان چاهيو ٿا. ماڻهن کي پتو پئجي ويندو ته توهان ڪٿي بيٺا آهيو ۽ توهان جي صلاحيتن جو اندازو توهان جي ذهني رويي سان ڪيو ويندو.

[b]احساسن کي ڇيهو نه رسائجي
[/b] ماڻهو سچ ڳالهائڻ کان نٽائڻ لاءِ اڪثر اهو بهانو ڪندا آهن ته آءٌ فلاڻي جي احساسن کي ڇيهو رسائڻ نه ٿو چاهيان، اهو بلڪل ڪوڙ آهي. جيڪڏهن توهان به ڪڏهن اهڙي خيال ۾ وٺجي وڃو ته ياد رکو، توهان اصل ۾ پاڻ کي پنهنجن احساسن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو. اهو نهايت بزدلاڻو رويو آهي، ايئن ڪري توهان ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهو.
جيڪڏهن سچ کي لڪايو وڃي ته هميشه نقصان ئي ٿيندو آهي. توهان ان کي جيترو لڪائيندو اوترو ئي توهان کي پاڻ ۽ ٻين کي وڌيڪ نقصان ٿيندو.
اهو ٻڌڻ نه ٿا چاهيو، پر...
مشهور انڊسٽريل سيمول گولڊين هڪ ڀيرو چيو هو ته، ”آءُ نه ٿو چاهيان ته منهنجا سمورا ملازم منهنجي ها ۾ ها ملائين. آءُ چاهيان ٿو ته اهي سڀ ماڻهو منهنجي اڳيان سچ ڳالهائين ۽ اهو سوچين ته منهنجي اجائي چاپلوسيءَ بدران سچ ڳالهائي ڀلي نوڪري وڃائين.“
ميريلين ٽم ملزنالي ڪاروباري اداري ۾ ڪم ڪري رهي هئي. سندس هڪ دوست کيس ٻڌايو ته نائيڪي (Nike) نالي هڪ ڪاروباري ادارو پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجي اداري جون شاخون کولڻ چاهي ٿو.
ميريلن لاءِ نائيڪي ۾ ملازمت هڪ شاندار موقعي جي حيثيت رکندي هئي، تنهن ڪري هن انهن جي ڪاروبار بابت پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ته جيئن نائيڪي جي سربراهه فل نائيٽ سان ملاقات وقت کيس ٻڌائي سگهي ته ڪهڙي نموني سندس ڪاروبار کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي.
جڏهن ميريلن پڇا ڳاڇا ڪئي ته کيس ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون. پهرين اها ته ان ڪاروباري اداري جون شيون ته سٺيون هيون، پر انهن جو معيار مستقل طور تي سٺو نه هو. صرف نائيڪي جي شهرت ۽ وڏي نالي سبب ماڻهو اهي شيون خريد ڪندا هئا.
ميريلن لاءِ وڏو ڊپ اهو هو ته ‘نائيڪي’ سان ڪم ڪرڻ ڪري سندس پيشه وراڻي راءِ سبب اداري جا ڪيترا ٻيا عملدار ساڻس اختلاف ڪري سگهيا ٿي. کيس اهو به ڊپ هو ته جيڪڏهن هوءَ نائيڪي جي سربراهه کي ٻڌائيندي ته سندن اداري جون تيار ڪيل شيون سٺيون ۽ معياري نه آهن ۽ ماڻهو رڳو سندن نيڪ ناميءَ سبب اهي شيون خريد ڪن ٿا ته ٿي سگهي ٿو ته پاڻ تي تنقيد ٻڌي هو ڪاوڙجي پوي.
پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو هوءَ اداري جي سربراهه فل نائيٽ سان ملي ته اداري جي نئين شاخ کولڻ جي سلسلي ۾ سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ڪافي شاندار ۽ همٿائڻ جوڳي هئي، پر جيئن جيئن ڳالهيون اڳتي وڌنديون ويون ته ميريلين ڪافي بيچين ٿي وئي ۽ کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي شين جي غيرمعياري هجڻ بابت فل نائيٽ کي واقف ڪرڻ ئي کپي. کيس سچ ٻڌائڻو پوندو. هوءَ ڪافي دير اُڻ تڻ ۾ رهي ته فل نائيٽ کي اها ڳالهه ٻڌائي يا نه، پر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ آخرڪار هن پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪئي ۽ فل نائيٽ کي ٻڌائي ٻڌيائين ته جيڪڏهن هن پنهنجي شين جو معيار نه سڌاريو ته اها نئين شاخ ڪامياب ٿي نه سگهندي.
ميريلين اها ڳالهه ڪڍي ته سندن اها ملاقات وقت کان اڳ ئي ختم ٿي ويئي. هوءَ اهو سوچيندي ٻاهر نڪتي ته هن ته صحيح ڳالهه ڪئي هئي، پر جيڪڏهن مالڪ کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي ته ان ۾ سندس ڪهڙو ڏوهه هاڻي ته شايد کيس نوڪري به نه ملي، پر پوءِ هوءَ پرسڪون ٿي وئي. هن سوچيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو، چڱو ٿيو، پوءِ جي خرابيءَ کان بهتر آهي ته هينئر ئي ڳالهه صاف ٿي وئي. هن ته سچ ٻڌائي ڇڏيو، هاڻي ڀلي ان جو ڪهڙو به نتيجو نڪري.
ٻن هفتن کان پوءِ فل نائيٽ ميريلين کي ٻيهر گهرايو. هن کيس چيو ته مون تنهن جي ڳالهه تي چڱي نموني غور ڪيو. سمورين ڳالهين کي پرکيو ۽ مون کي معلوم ٿيو آهي ته تون جيڪي ڪجهه ٻڌايو هو، صورتحال ان مطابق ئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هوءَ کيس سچ نه ٻڌائي ها ته سندس ها ۾ ها ملائيندڙن ملازمن جي چوڻ تي هو شين جي معيار کي بهتر ئي سمجهندو رهي ها ۽ ٻئي طرف اهي شيون واپرائيندڙ اندر ئي اندر شين جي خراب معيار سبب، اهي شيون وٺڻ کان پاسو ڪندا وڃن ٿا ۽ ايئن اداري جي ساک خراب ٿئي ها ۽ ڪاروبار کي ڄڻ اندر ئي اندر اڏوهي لڳي وڃي ها پوءِ ان اداري جي شين جو معيار بهتر ٿي ويو ۽ هن آمريڪا سميت سموريءَ دنيا ۾ تيزيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.