تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

ڪاميابيءَ لاءِ عمل ۾ جنبي وڃو

آمريڪي سياستدان ابراهم لنڪن چيو هو ته:
”ٿي سگهي ٿو ته اهي ماڻهو به ڪاميابي حاصل ڪن جيڪي ڪاميابيءَ جي انتظار ۾ ويٺا آهن، پر انهن ماڻهن کي پڪ سان ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي، جيڪي عمل ۾ جنبي وڃن.“
جان رسڪن جو چوڻ آهي ته:
”اسان جي سوچ ڄاڻ ۽ ڀروسو ايتريقدر سٺا نتيجا پيدا نه ٿا ڪن، جيتري قدر اسان جو ”عمل“ شاندار نتيجا حاصل ڪري ٿو.“
هن دنيا ۾ توهان جي سوچ ۽ معلومات جو ڪو به قدر ڪونهي، پر سڄو قدر توهان جي ”عمل“ جو آهي، جنهن کي سموريءَ دنيا ۾ اهميت حاصل آهي. هن دنيا ۾ ڪاميابيءَ لاءِ هڪ ئي مڃيل اصول آهي. ”هن ڪائنات ۾ عمل ئي ساراهڻ ۽ آجيان ڪرڻ جوڳو آهي.“
اهو اصول جيترو سادو سودو ۽ سچو آهي، اوتري قدر ئي اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته ڪيترا ماڻهو سڌو سنئون عملي قدم کڻڻ بدران تجزين، رٿابندي ۽ انتظام ڪيئن ڪجي جي مونجهارن واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي، پنهنجي ترقيءَ جا رستا پاڻ روڪيو ويٺا هوندا آهن.
جڏهن توهان عمل ڪرڻ جي ارادي سان ڪم ڪريو ٿا ته اهي سموريون ڳالهيون ۽ شيون توهان کي ملي ٿيون وڃن ۽ نهايت تيزيءَ سان مدد ۽ سهڪار لاءِ توهان ڏانهن ڊوڙنديون ٿيون اچن، جيڪي توهان جي ڪاميابيءَ لاءِ اڻٽر آهن.
توهان پنهنجو عملي قدم کڻي ٻين کي اهو ٻڌايو ٿا ته توهان جو اهو عمل ۽ رويو ڪيتري قدر سنجيده آهي.
ان سنجيدگيءَ سبب ماڻهن جون اکيون کلي ٿيون وڃن ۽ اهي توهان ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳن ٿا. توهان پنهنجي تجربي ذريعي اهڙي معلومات ڏيڻ جي شروعات ڪريو ٿا، جيڪا توهان کي ٻين ڪتابن يا ماڻهن مان حاصل نه ٿي ٿئي. توهان کي اهو معلوم ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو ته توهان پنهنجي ڪم کي ڪهڙي نموني بهتر طور ۽ نهايت چستيءَ سان ڪري سگهو ٿا.
جيڪي شيون ۽ ڳالهيون اڳ ڏکيون ۽ منجهيل لڳنديون هيون، اهي هاڻي چٽيون ۽ صاف نظر اچڻ لڳن ٿيون، اڳ جيڪي شيون مشڪل لڳيون پئي اهي هاڻي سوليون ٿي پيون، ماڻهن جو لاڙو توهان ڏانهن ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪي توهان جي مدد ۽ سهڪار لاءِ تيار هوندا ۽ توهان کي همٿائيندا رهندا. جڏهن توهان عملي قدم کڻو ٿا ته سڀ ڪم صحيح ۽ سولي نموني ٿيڻ لڳي ٿو.

[b]صرف خيالي پلاءُ پچائڻ سان ڪاميابي نه ملندي:
[/b] تجربن مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ناڪام ماڻهو عمل نه ڪرڻ ۽ ڪامياب ماڻهو عمل ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪن ٿا. ڪامياب ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي سجاڳ ڪري گهربل عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ٿا ڏين ۽ جڏهن هڪ دفعو ڪو منصوبو ٺاهي ٿا وٺن ته پوءِ ترت ان تي عمل شروع ڪري ٿا ڏين. اُهي عمل ڪرڻ لاءِ يڪدم حرڪت ۾ اچي ٿا وڃن ۽ جيڪڏهن ان دوران کانئن ڪا غلطي به ٿي وڃي ٿي ته ان کي ترت مڃيندي، ان کي درست ڪري اڳتي ٿا وڌن. اهي پنهنجو پاڻ کان پڇاڻو ڪري صحيح ۽ غلط کي سمجهي، اڳتي ۽ اڃا اڳتي قدم وڌائيندا ٿا رهن ۽ آخرڪار پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ڪري ٿا وٺن.
ڪاميابي لاءِ توهان کي سڦل ماڻهن وارو رويو ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ سندن ان رويي ۽ طرز عمل جو بنياد ”عمل“ هوندو آهي.
آءٌ توهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته توهان پنهنجا مقصد ۽ حدف ڪهڙي نموني ٺاهيو، انهن کي ڪهڙي نموني مختلف حصن ۾ ورهايو ۽ ڪهڙي نموني مشڪلاتن جو اندازو ڪري انهن کي منهن ڏيڻ جا طريقا سوچيو. ڪهڙي ريت پنهنجي ڪاميابيءَ جو تصور ٺاهي ان تي عمل ڪريو ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اڳڀرائي ڪري اڳتي وڌو.

[b]حاصلات لاءِ عملي قدم کڻڻ بيحد ضروري آهي:
[/b] جوناٿن ونٽرز چيو هو ته:
”جيڪڏهن توهان جو جهاز (منزل) توهان تائين نه ٿو پهچي ته پوءِ پاڻ ئي تري ان ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪريو.“
عملي قدم جي طاقت جي اظهار لاءِ سئو ڊالرن جو چيڪ کڻي ماڻهن کان پڇان ٿو ته: ”ڪنهن کي چيڪ جي ضرورت آهي؟“
انهيءَ سوال تي ڪيترا ماڻهو هٿ مٿي کڻي چيڪ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ شايد ڪي ماڻهو ته رڙيون ڪرڻ به شروع ڪن ته ”مون کي کپي، مون کي کپي“ يا ”هي چيڪ مون کي ڏئي ڇڏيو.“ پر آءٌ اهو چيڪ هٿ ۾ جهلي ايستائين اتي بيٺو هوندو آهيان، جيستائين ڪو شخص پاڻ اڳتي وڌي اهو چيڪ منهنجي هٿ مان نه ٿو وٺي.
آخرڪار ايئن به ٿيندو ته ڪو شخص سٽ ڏئي منهنجي هٿ ۾ جهليل چيڪ ڇڪي وٺندو آهي، پوءِ جڏهن اهو شخص پنهنجي ڪوشش سان سئو ڊالرن جو مالڪ بڻجي ويندو آهي ته پوءِ آءٌ ويٺلن کان پڇندو آهيان ته هن شخص اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو جيڪو ٻيا ڪرڻ جي خواهش رکڻ باوجود ڪري نه سگهيا؟
پوءِ آءٌ پاڻ ئي جواب ڏيندو آهيان، ”هن شخص عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهوئي ڪيو، جيڪو رقم حاصل ڪرڻ ضروري هوندو آهي.“
جيڪڏهن توهان به ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿا ته ايئن ڪريو.
توهان کي لازمي طور عمل جي ميدان ۾ لهڻو پوندو ۽ اڪثر توهان جيترو جلد قدم کڻندا، توهان کي ڪاميابي به اوترو ئي جلد ملندي.
زندگيءَ جي هڪ عالمگير ۽ آفاقي سچائي اها آهي ته ”جڏهن توهان ڪنهن شئي يا ڳالهه بابت هڪ خاص رويو يا طرز عمل اختيار ڪريو ٿا ته اهو طريقو ۽ طرز عمل توهان ٻين شين ۽ ڳالهين جي سلسلي ۾ اختيار ڪيو ٿا. توهان جيڪڏهن ڪنهن مهل ڪنهن اڳيان محتاط آهيو ته پنهنجي آئينده زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ به ساڳيو محتاط رويو اختيار ڪندا آهيو.
توهان کي گهرجي ته پنهنجي ان طرز عمل جو پاڻ ئي جائزو وٺي ان کي بدلايو. اهوئي وقت آهي جو توهان محتاط رويو ڇڏي ڏيو ۽ پوئتي نه هٽو ۽ نه ئي بيهي رهو، پر وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي.....اڃا اڳتي.....۽ ان کان به اڳتي وڌندا رهو.

[b]ڪامياب ماڻهو “عمل” ۾ اڳڀرا هوندا آهن:
[/b] اڪثر ماڻهو غيرمعمولي ۽ ڊگهي رٿابندي نه ٿا ڪن نه وڌيڪ انتظار ٿا ڪن. اهي ڪاميابيءَ لاءِ يڪدم پنهنجي منصوبي تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين.
ڪنهن به ڪم لاءِ رٿابندي جي وڏي اهميت آهي، پر ان کي مناسب وقت تي استعمال ڪرڻ گهرجي. ڪي ماڻهو عملي قدم لاءِ مناسب وقت جي انتظار ۾ پنهنجي زندگيءَ جو قيمتي وقت وڃائي ٿا ڇڏين. اصل ۾ ڪنهن به منصوبي تي عمل لاءِ ”مناسب“ ۽ ”صحيح وقت“ ڪڏهن ڪڏهن ئي ايندو آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته توهان جيڪو سوچيو ۽ ان لاءِ رٿابندي ڪئي آهي، تنهن تي يڪدم عمل ڪيو وڃي. ترت عمل جي ميدان ۾ اچي وڃيو. جڏهن توهان پهريون ڀيرو عملي قدم کڻندؤ ته توهان کي پنهنجي مقصد جي سلسلي ۾ گهربل ڪارائتي معلومات پاڻ ئي ملڻ شروع ٿي ويندي، جنهن ذريعي توهان پنهنجين غلطين کي سڌاريندا هلو. جڏهن توهان عملي ميدان ۾ ٽپو ڏيندؤ ته پوءِ توهان پنهنجي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهربل معلومات حاصل ڪري غلطيون درست ڪري اڃا وڌيڪ بهتري ڏانهن هلندا هلندؤ.

[b]حدف جي حاصلات لاءِ عملي وکون کڻون:
[/b] اڪثر ماڻهو ان اصطلاح کان واقف آهن ته: ”عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ پنهنجي مقصد کي سامهون رکي اڳتي وڌو.“
اصل ۾ مسئلو ۽ ڏکيائي هيءَ آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اصل زندگيءَ ۾ مقصد ته مقرر ڪن ٿا، پر اڳڀرائي لاءِ همٿ نه ٿا ڪن. هو سدائين تياريءَ ۾ وقت وڃائي ٿا ڇڏين. پنهنجي منزل تائين پهچڻ جو تيز ترين طريقو اهو آهي ته ان ڏانهن تڪڙي اڳڀرائي ڪجي ۽ ان مطابق ڪو ڪم ڪيو وڃي.
اڳڀرائي ڪندي مختلف ضروري ۽ معلوم طريقا اختيار ڪندا رهو، جلد ئي توهان پنهنجي حدف موجب ضروري عملي قدم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندؤ. اهو طريقو ڪارائتو ۽ فائديمند آهي.
جڏهن اسان پهريون ڪتاب (Chichen soup for the soul) جي وڪري جي مهم شروع ڪئي ته مون کي پتو پيو ته جيڪڏهن اسين ان ڪتاب ۾ ڇپيل مواد جا مختلف ٽڪرا اخبارن کي مفت ڇاپڻ جي اجازت ڏيون ۽ صرف اهو شرط رکون ته هو انهيءَ ٽڪرن شايع ڪرڻ کان پوءِ هيٺان اهو حوالو لکن ته هي ٽڪرا اسان ڪتاب Chichen soup for the soul تان کنيا آهن ته ان سان نه صرف ڪتاب جي مشهوري ٿيندي پر وڪري ۾ به مدد ملندي.

[b]آسرو ۽ انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏيو:
[/b] هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هيٺين ڳالهين لاءِ انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏيو:
1- ڪنهن به قسم جي درست ۽ مڪمل حالت
2- جوش ۽ جذبي جو انتظار
3- ڪنهن به قسم جي اجازت
4- ڪنهن به قسم جي ٻيهر خاطري
5- ڪنهن به قسم جي تبديلي
6- صحيح وقت جو انتظار
7- ٻارن جي گهرن ڏانهن واپسي
8- وڌيڪ بهترين زائچو
9- نئين انتظاميا جو انتظار
10- ڪنهن به خطري ان جي غيرموجودگي
11- ڪنهن به ماڻهوءَ طرفان توهان جي ڳولا
12- چٽيون هدايتون
13- غيرمعمولي خود اعتمادي
14- ڪنهن به قسم جي تڪليف

[b]اطمينان ايڪشن سان ئي حاصل ٿئي ٿو:
[/b] ڇا توهان کي خبر آهي ته انگريزي زبان ۾ لفظ Satisfaction (سڪون ۽ اطمينان) جا آخري ڇهه لفظ a.c.t.i.on. (عمل) آهن. لاطيني ٻولي ۾ Satis جي معنيٰ مناسب/ڪافي آهي. پراڻن رومي باشندن چٽي نموني ان جو مطلب اهو سمجهيو ته ”عمل“ سبب ئي ماڻهو کي آخرڪار ”سڪون ۽ اطمينان“ حاصل ٿئي ٿو.
جڏهن به توهان ۾ عملي قدم کڻڻ واسطي جوش ۽ جذبو پيدا ٿئي ته پوءِ عمل ڪرڻ ۾ دير نه ڪريو.
ميڪ ڊونالڊز جي باني ري ڪراڪ چيو هو ته، ڪاميابي ٽن طريقن ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي:
1. صحيح وقت تي، صحيح جاءِ جي چونڊ.
2. ان ڳالهه جي ڄاڻ ته توهان صحيح وقت تي صحيح هنڌ پهتل آهيو.
3. عملي قدم جو اظهار.
مالڪ مون کي ڪاميابي عطا ڪر!
هڪڙو ماڻهو روزانو ڌڻيءَ تعاليٰ کان هيءَ دعا گهرندو هو:
”اي خدا! مون کي ڪاميابي ڏي، منهنجي خواهش آهي ته آءٌ ملڪ جي سڀ کان وڏي لاٽري کٽي وٺان، مون کي تنهنجي مدد جو انتظار آهي!“
جڏهن هو لاٽري کٽڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته هن ڌڻيءَ در وري اها دعا ڪئي:
”اي الله! آءٌ پنهنجي زال سان تمام سٺو سلوڪ ڪريان ٿو، مون شراب پيئڻ به ڇڏي ڏنو آهي. آءٌ هاڻي هڪ سٺو ۽ نيڪ انسان ٿي چڪو آهيان. هاڻي ته مون کي ڪاميابي ڏئي ۽ اها وڏي لاٽري کٽڻ ۾ منهنجي مدد ڪر!“
هڪ هفتي کان پوءِ هو وري به ڌڻيءَ در ٻاڏائي رهيو هو:
”اي الله! مون الائجي ڪيترا ڀيرا خيالن ۾ ڏٺو آهي ته آءٌ اها لاٽري کٽي چڪو آهيان، تنهن ڪري هاڻي ته مهرباني ڪر اها لاٽري کٽڻ ۾ منهنجي مدد ڪر!“
اوچتو آسمان مان آواز آيو:
”اي منهنجا ٻانها! مون تي به هڪ مهرباني ڪر، پهرين ان لاٽريءَ جي ٽڪيٽ ته خريد ڪر، جنهن کي کٽڻ ۾ آءٌ تنهنجي مدد ڪري سگهان!“
اهڙا ماڻهو به هن دنيا ۾ پيا آهن جيڪي آسري تي پيا جيئن.
ناڪامي، ڪاميابيءَ جو پيش خيمو آهي:
وليم اي گليڊ اسٽون سياڻو گفتو چيو آهي ته:
”دنيا ۾ ڪو به شخص تمام گهڻين ۽ وڏين غلطين کان سواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿو ڪري سگهي.“
هن دنيا ۾ اڪثر ماڻهو ان ڪري اڳتي قدم نه ٿا وڌائين، جو کين ناڪاميءَ جو ڊپ هوندو آهي. ان جي ابتڙ ڪامياب ماڻهن کي اها پڪ هوندي آهي ته ناڪامي ڪاميابي جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جو نالو آهي. هو سمجهن ٿا ته ناڪامي هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن ذريعي اسين پنهنجي غلطين کي سڌاري، اڳتي لاءِ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، تنهن ڪري نه رڳو اسان کي ناڪاميءَ جي ڊپ مان جند ڇڏائڻي آهي پر اسان کي کپي ته اسين ناڪامين لاءِ تيار رهون ۽ نهايت شوق سان ناڪاميءَ جي آجيان ڪريون. ڪاميابيءَ ڏانهن پنهنجي سفر جي شروعات ڪريو، ڀلي غلطيون ڪريون ۽ ان مان سبق حاصل ڪري پاڻ کي بهتر بڻايو ۽ پنهنجي مقصد ۽ منزل ڏانهن روانا ٿيون.
جڏهن توهان پنهنجو ڪو ڪاروبار شروع ڪريو ٿا ته توهان آڏو اهو اصول وڌيڪ يقين سان موجود هوندو آهي. مثال طور: سيڙپ ڪندڙ ماهرن کي خبر آهي ته اڪثر ڪاروبار ناڪام ٿي ويندا آهن، پر تجربن ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو ڪاروبار اهڙي شخص شروع ڪيو آهي، جنهن جي عمر 55 سال يا ان کان وڌيڪ آهي ته پوءِ ان ڪاروبار جي ڪاميابيءَ جا امڪان 73 سيڪڙو هوندو آهي. وڏيءَ عمر جا ڪاروباري ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکي، پوءِ ڪو ڪم ڪندا آهن.

[b]ناڪامي، ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ آهي:
[/b] بڪ منٽر فل پنهنجي زندگيءَ تجربي جي بنياد تي چيو آهي ته:
”تمام گهڻين غلطين کان پوءِ ئي تمام گهڻا تجربا حاصل ٿيندا آهن.“
مون کي هڪ دوست سائنسدان جي ڪهاڻي تمام گهڻي پسند آهي. ان سائنسدان طبعي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته هن ايتريون وڌيڪ ڪاميابيون ڪيئن حاصل ڪيون ته هن جواب ڏنو:
”جڏهن آءٌ ٻن سالن جو هئس ته منهنجي ماءُ مون کي هڪ سبق سيکاريو، جيڪو منهنجين شاندار ۽ وڏين ڪاميابين جو بنياد ثابت ٿيو آهي. هڪ ڏينهن آءٌ فرج مان کير جي بوتل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته اها منهنجي هٿن مان ڇڏائجي وئي ۽ سمورو کير هارجي ويو ۽ ڌرڻي جي فرش تي پکڙجي ويو. آءٌ هيسجي ويس ته هاڻي مون کي دڙڪا ملندا، پر منهنجي ماءُ ڪاوڙجڻ بدران مون کي چيو ته، ”تو ڪيڏي نه خوبصورت گندگي پکيڙي آهي، مون هن کان اڳ کير جو ايڏو وڏو درياهه ته ڏٺو ئي ڪو نه هو. بهرحال جيڪو نقصان ٿيڻو هو، اهو ته ٿي ويو، هاڻي ان کي صاف ڪرڻ کان اڳ کير جي ان تلاءَ ۾ جيتري راند ڪرڻي اٿئي ڪري وٺ. نقصان جو ڪو نه ڪو فائدو ته وٺ.“
پوءِ آءٌ کير جي ان تلاءَ ۾ راند ڪرڻ لڳس. منهنجي ماءُ واپس آئي ۽ چيائين ته هاڻي اها گندگي توکي پاڻ صاف ڪرڻي آهي، تنهن ڪري هاڻي اها وڌائڻ ۽ گهٽائڻ به تنهنجي مٿان آهي، پر ان کان اڳ مون کي اهو ٻڌاءِ ته تون ان کي ڪهڙيءَ شئي سان صاف ڪندين. ٽوال سان، اسفنج سان يا وائپر سان.
جڏهن اسان ٻنهي گڏجي رڌڻي ۾ پکڙيل کير کي صاف ڪيو ته منهنجي ماءُ چيو: ”هتي اسان کير سان ڀريل هڪ بوتل کي ننڍڙن هٿن سان کڻڻ جو ناڪام تجربو ڪيو. هاڻي هڪ ٻي بوتل کڻون ۽ ان کي پاڻيءَ سان ڀري فرج ۾ رکي، پوءِ ڏسون ٿا ته تون ان کي ڪيرائڻ کان سواءِ فرج مان ڪيئن ٿو ڪڍين.
هن مون کي ڀوڳ چرچي ۾ ڪيترو نه شاندار سبق سيکاري ڇڏيو!
سائنسدان چيو ته ان لمحي ۾ مون سوچي ورتو ته ناڪامي سبب ڊڄڻ نه گهرجي. اهوئي تجربو هو جنهن ان سائنسدان لاءِ ڪاميابيءَ جو بنياد رکيو ۽ هن هڪ طبعي سائنسدان طور سڄيءَ دنيا ۾ مشهوري ماڻي.