تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

ڪاميابيءَ لاءِ هينئر کان پتوڙيو

ليکڪ اولوير وينڊل هومز چيو آهي ته:
”ڪيترائي ماڻهو ڪاميابيءَ جي حسرت دل ئي دل ۾ کڻي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا. ايئن ڇو ٿو ٿئي اهو اڪثر ان ڪري ٿئي ٿو ته سندن دل ۾ جيئري رهڻ جي خواهش اڳ ۾ ئي پيدا ٿي چڪي هوندي آهي ۽ ان کان اڳ جو کين ان بابت ڄاڻ ٿئي، وقت گذري چڪو هوندو آهي.
ڪاميابيءَ جي شروعات لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ڪونهي. جيڪڏهن توهان علم نجوم تي يقين رکو ٿا ۽ ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن فلڪياتي ماهر کان سٺو وقت ۽ تاريخ پڇڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٺيڪ آهي.
جيڪڏهن توهان کي ستارن جي چالن تي نه، پر پنهنجين صلاحيتن ۽ مهارتن تي يقين آهي ته پوءِ توهان ڪاميابيءَ جي شروعات ڪنهن به وقت، بلڪ هاڻي کان ئي ڪري سگهو ٿا.
وڌيڪ اهو ته حالتون کڻي ڪهڙيون به هجن، اهو انتظار نه ڪريو. جيڪڏهن توهان سٺا تقرير ڪندڙ ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هينئر کان ئي ڪنهن مقامي اسڪول ۽ ڪلب وغيره ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪريو ۽ تقرير ڪرڻ لاءِ اهم نقطا پني تي لکي، انهن جي تياري ڪريو، ڏکيائي ٿي ته ڪنهن سٺي تقرير ڪندڙ دوست يا ساٿيءَ سان رابطو ڪري فن بابت ضروري هدايتون ۽ مهارت حاصل ڪريو.
جيڪڏهن توهان ڪو ريسٽورينٽ هلائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پهرين ڪنهن سٺي ۽ مشهور ريسٽورينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪريو.
پر جيڪڏهن رڌپچاءَ ۾ دلچسپي اٿوَ ته پوءِ پهرين رڌپچاءَ سيکاريندڙ ڪنهن اداري ۾ داخلا وٺو يا وري ان سلسلي ۾ ٽي وي چئنلن تي هلندڙ پروگرام ڏسو.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪو به ڪم ڪرڻ جو سوچيو ته پوءِ ان تي عمل لاءِ تڪڙو عملي قدم کڻو ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يڪدم ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏيو. توهان جيڪو به ڌنڌو يا ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهيو ٿا ته ضروري ته ڪونهي ته توهان کي ان بابت اڳواٽ ئي مڪمل ڄاڻ هجي، توهان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِجدوجهد شروع ڪريو. توهان پاڻمرادو سکندا ۽ مهارت حاصل ڪندا ويندؤ.
مشهور جبل چاڙهي ري بريڊي جو قول آهي ته، ”توهان پهرين جبل تان ٽپو ته ڏيو پوءِ ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ ڄڻ توهان کي پر لڳي ويندا ۽ توهان جلد پنهنجي مقصد تائين پهچي ويندؤ.“
ان مرحلي تي مون کي غلط نه سمجهو. آءٌ تعليم تربيت ۽ مهارت حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو حامي آهيان. توهان کي وڌيڪ سکيا جي ضرورت آهي ته اها ڪٿان به حاصل ڪريو.
پر جيڪڏهن توهان ڪنهن ڳالهه کان ڊڄو ٿا ته پوءِ ڪجهه به نه ورندو. اهو ڊپ توهان کي اڳتي وڌڻ ئي نه ڏيندو، تنهن ڪري بي ڊپا ٿي اڳتي وڌو، الله توهان جو حامي ۽ ناصر آهي ۽ ڪاميابي توهان جي قدم چُمندي.
مڪمل تياريءَ جو به انتظار نه ڪريو، توهان ڪڏهن به مڪمل تياري نه ڪري سگهندؤ. تنهن ڪري صرف جيتري تياري ڪري سگهو ٿا ڪريو ۽ ڪاميابيءَ لاءِ اڳتي وڌو.
مون پنهنجي پيش وراڻي زندگيءَ جي شروعات استاد طور ڪئي. جڏهن آءٌ پهرين ڏينهن ڪلاس ۾ پهتس ته مون کي پڙهائڻ جو تجربو نه هو ۽ مون کي ڪلاس روم ۾ اثرائتي نظم ۽ ضبط، شاگردن طرفان تنقيد ۽ هر قسم جي سوال جواب ۽ روين ۽ نالائق شاگردن کي پڙهائيءَ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو ۽ سکڻو هو، پر پنهنجي تجربي نه هئڻ باوجود مون کي ڪم ته شروع ڪرڻو هو، سو آءٌ به شروع ٿي ويس. پڙهائيءَ دوران مون کي سمورن معاملن بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي وئي.
توهان جڏهن ڪو به ڪم ڪريو ٿا ته توهان کي پاڻ ئي پنهنجي سٺي يا خراب ڪارڪردگيءَ جو پتو پوندو ٿو وڃي، پر جيڪڏهن توهان ڪنهن غلطيءَ جو ڊپ رکي ڪم ڪندا ته سدائين هيسيل ئي هوندا ۽ ان ڪم ۾ اڃا به ڪا نه ڪا غلطي هروڀرو به ٿي ويندي، تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي تنقيد يا ڇڙٻ کان نه ڊڄو، اهو سڀ ڪجهه توهان کي فائدو ڏيندو. ڇو ته جڏهن توهان کي پنهنجي غلطيءَ جو پتو پوندو ۽ توهان ان کي سڌاريندا رهندؤ ته اڳتي هلي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
جيڪڏهن توهان ڪو ڪاروبار ڪرڻ چاهيو ٿا ته پهرين توهان کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي، ان کي ڪنهن ڪاغذ تي لکي رکو ۽ پوءِ ڪنهن ڄاڻو ماڻهوءَ کي ڏيکاريو. جيڪڏهن توهان جا مالي وسيلا سٺا آهن ته پوءِ ٺيڪ، نه ته ڪنهن مٽ مائٽ دوست يا ڪنهن ڌارئي کان قرض وٺو ۽ ڪم شروع ڪري ڏيو. جڏهن توهان عملي طور ڪاروبار ۾ حصو وٺندؤ ته توهان کي ان جي هي مٿانهينءَ بابت ڄاڻ ٿيندي ويندي ۽ جيڪڏهن توهان سمجهداريءَ کان ڪم وٺي، ان کي بهتر ڪيو ته پوءِ توهان کي آئينده ڪا ڏکيائي نه ٿيندي.
جڏهن توهان ڪاروبار شروع ڪريو ته ٻين ماڻهن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيو. ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي توهان تي تنقيد ڪندا، رستو منجهائيندا ته توهان هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو، ڇو ته هي ڪاروبار توهان لاءِ ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو دارومدار آهي. انهن مان ڪيترن اهو ڪم ڪيو به نه هوندو، پر توهان کي صلاحون اهڙيون ڏيندا ڄڻ سموري دنيا سندن مشورن تي پئي هلي.
پر انهن سان ضرور ملو، جيڪي توهان کي سٺيون صلاح ڏين ٿا، اخلاقي مدد ڪن ٿا اهڙن ماڻهن جون صلاحون توهان کي ڪاميابي ڏانهن وڌڻ ۾ مدد ڪندو.
تنهن ڪري توهان جتي به آهيو، جهڙي به حال ۾ آهيو، عملي قدم کڻو ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪاميابي حاصل ڪريو.
شروعات ڪئين ڪجي؟
هڪ چيني چوڻ آهي ته، ”هڪ هزار ميلن جو سفر شروع ڪرڻ لاءِ پهريون قدم کڻڻ ضروري آهي.“
ڪاميابيءَ لاءِ تمام سٺو نسخو آهي ته جيڪي ڳالهيون توهان هن ڪتاب ۾ پڙهيون ۽ سمجهيون آهن، تن تي يڪدم توهان سمورن ڪم هڪ ئي وقت نه ٿا ڪري سگهو، پر ڪاميابيءَ لاءِ پهرين وک ته وڌائي سگهو ٿا. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اصول ٻڌايا ويا آهن، انهن تي عمل ڪريو ۽ ڪاميابي ماڻيو. پاڻ کي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ذميداريءَ لاءِ مڪمل تياري ڪريو. توهان اڳيان پنهنجو مقصد بلڪل چٽو هئڻ کپي. توهان فيصلو ڪريو ته توهان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇا حاصل ڪرڻو آهي. پوءِ پنهنجي سوچ موجب خاص ۽ تڪڙي حاصل ٿي سگهندڙ مقصد کي سامهون رکي، پاڻ ۾ يقين جي قوت وڌايو، سٺي سوچ کان پوءِ پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي تصور کي روزانو پڪو ڪريو. ڪنهن کان به ڪا شيءِ ملي يا ڪا ڳالهه ٻڌو، ان کي هينئن سان هنڊايو، مقصد جي رستي ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کان نه گهٻرايو.
تنهن کان پوءِ پنهنجي ڪاميابيءَ جي رفتار جي حد مقرر ڪريو ۽ ان کي آهستي آهستي وڌائيندا وڃو. پنهنجن رهجي ويل منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ طريقيڪار ٺاهيو. ناڪاري خيالن کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ اڳتي وڌڻ جي عادت وجهو، پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ معلوماتي مواد پڙهو. گهرڀاتين کي به گهمائڻ ڦيرائڻ وٺي وڃو انهن ماڻهن سان ملڻ في الحال ڇڏي ڏيو، جيڪي توهان جي مقصد جي رستي ۾ رڪاوٽ آهن، سٺيون صلاحون نه ٿا ڏين ۽ تنقيد ٿا ڪن.
تنهن کان پوءِ مالي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سوچ ۽ طريقيڪار کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪريو. ڪو اهڙو سرشتو ٺاهيو، جو توهان جي آمدنيءَ مان ڏهه سيڪڙو رقم پاڻ مرادو سيڙپ ٿيندي وڃي. تنهن کان سواءِ وقت ۽ توانائي ڪڍي انسان ذات جي ڀلائيءَ جي ڪمن تي به ڌيان ڏيو. پنهنجي خرچن جو جائزو وٺو ۽ انهن کي وڌ ۾ وڌ حد تائين گهٽايو ته جيئن توهان مالي توانائي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي سگهو. عياشيءَ واري زندگي گذارڻ بدران سادي ۽ پرسڪون زندگي گذاريو.
اهو به ياد رکو ته قيمتي ڪمن ڪرڻ لاءِ به وقت گهربل هجي ٿو، رات وچ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي. ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۽ ڪوششون سڄي ڄمار ڪبيون رهبيون آهن. انسان ڪاميابيءَ لاءِ ڳالهيون سموري حياتي سکندو رهندو آهي.
جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل اصول اختيار ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ توهان کي ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو، پر همٿ نه هاريو، جيڪي ماڻهو انهن اصولن تي عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن، انهن کان مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪريو. توهان صرف ڪوشش ڪريو، اڳتي ڪاميابي پاڻ ئي نصيب ٿيندي.
ڪجهه ڳالهيون ۽ شيون اهڙيون به آهن، جيڪي توهان جي خاص پيشي، مقصد، حالتن جي لحاظ کان ڌار هجن ٿيون، جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪونهي، پر انهن معاملن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ بنيادي اصول ضرور هن ڪتاب ۾ لکيل آهن. ڪاميابيءَ لاءِ هينئر کان ئي شروعات ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪريو ۽ خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ انهن اصولن تي عمل ڪرڻ شروع ڪريو.
اڳواٽ اثر
سائنسدان، ايجاد ڪندڙ ۽ فلسفي بڪ منسٽر فلر انسانن جي خدمت ڪرڻ جي شروعات جي سلسلي ۾ اڳواٽ اثرن جو ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته ماکيءَ جي مک جي بنيادي ذميداري اها آهي ته اها گلن مان رس چوسي کڻي اچي، پر رس ڳوليندي اها مک اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪ نهايت وڏي مقصد ڏانهن هلي ٿي وڃي. جڏهن ماکيءَ جي اها مک اڏامندي اڏامندي گلن مان رس چوسيندي ويندي آهي ته اڻ ڄاڻائيءَ ۾ انهن گلن جي ٻجن کي به پنهنجي پرن ۾ کنيو ٿي اچي، جنهن سان هن نباتاتي دنيا ۾ گذريل نسل ڪشي شروع ٿيو وڃي ۽ اها گذريل نسل ڪشي ماکيءَ جي مک طرفان پنهنجي اهم مقصد يعني گلن جو رس چوسڻ جي ڳولا ۾ هڪ وڏو نتيجي جي حيثيت ۾ سامهون اچي ٿي.
ساڳئي نموني جڏهن توهان ٻيڙيءَ ۾ ويهي سير ڪندا آهيو ته توهان جي اڳتي وڌڻ سبب درياءَ جي لهرن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ٿيو وڃي. زندگي به اهڙي آهي. جڏهن توهان نهايت تيزيءَ ۽ سرگرميءَ سان پنهنجي مقصد ڏانهن اڳتي وڌندا ويندا ۽ ڪوشش جاري رکندا ته توهان جي انهن ڪوششن ۽ جدوجهد سبب اهي اڳواٽ اثر پيدا ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي اصل مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهربل سموري ڄاڻ ۽ علم حاصل ٿي ٿو وڃي.
دنيا ۾ ڪو به اهڙو ڪامياب شخص ڪونهي، جنهن کي ڪاميابيءَ لاءِ گهربل ڳالهين ۽ شين بابت قطعي طور اهو معلوم هجي ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ۽ ڪڏهن حاصل ٿي ويندو، هر ڪامياب ماڻهوءَ پنهنجن خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي ۽ جڏهن هن هڪ ڀيرو عملي قدم کنيو ته پوءِ کيس اهو شيون ۽ غير امڪاني طور تي حاصل ٿينديون ويون.
ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي ڪامياب ماڻهن پنهنجي لاءِ مختلف حدف ۽ مقصد رکيا هجن ۽ انهن لاءِ بهترين رٿابندي به ڪئي هجي، پر اها حقيقت آهي ته هر نئين ڪاميابي انهن لاءِ امڪان ۽ دروازا کولي ڇڏي. توهان کي گهرجي ته توهان پنهنجي گهربل منزل تي ڌيان ڏيندا رهو. پنهنجي اها منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين وک وڌايو ۽ لڳاتار اڳتي وڌندا رهو، هر قسم جا غير متوقع امڪان ۽ موقعا توهان جي راهه ۾ ڄڻ ته وڇائبا ويندا.
ڪاميابيءَ جي شروعات پاڻ ڪريو!
هن ڪتاب ۾ مون تمام گهڻي ڪوشش ڪري توهان کي انهن اصولن کان واقف ڪيو آهي، جن ذريعي توهان پنهنجن خوابن کي مختلف طريقن سان تعبير جو روپ ڏئي سگهو. اهي اصول منهنجي لاءِ به نهايت ڪارائتا ثابت ٿيا آهن ۽ ڪيترا ماڻهو به انهن اصولن مان فيضياب ٿي چڪا آهن ۽ اهي اصول توهان لاءِ به اثرائتا ٿي سگهن ٿا، پر اهو هڪ اهڙو مرحلو آهي، جتي ولولو، سرگرميءَ ۽ جوڙجڪ جو عمل رڪجي وڃي ۽ توهان کي اجايو گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي ٿي.
ان مرحلي تي صرف توهان پاڻ..... ها... توهان پاڻ ئي عملي قدم کڻي پنهنجن خوابن موجب پنهنجي زندگي ٺاهي سگهو ٿا. ڪو به ٻيو ماڻهو توهان جي ذميداري نه سنڀاليندو ۽ نه ئي ڪنهن به قسم جي مدد ڪري سگهي ٿو.
پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ سفر جي شروعات لاءِ توهان وٽ سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا موجود آهن ۽ پوءِ به توهان پنهنجي مرضيءَ موجب ڪاميابي حاصل ڪري ٿا وٺو. هرڪو ڄاڻي ٿو ته توهان ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا، توهان کي به خبر آهي ته توهان ايئن ڪري سگهو ٿا.
ته پوءِ انتظار ڇا جو، قدم اڳتي وڌايو ۽ ڪاميابيءَ جي رستي تي هلندا وڃو. اهو عمل نهايت دلچسپ ٿيڻ کان سواءِ سخت محنت جي به گهر ڪري ٿو، تنهن ڪري ڪاميابيءَ ڏانهن پنهنجي انهيءَ سفر جو مزو ماڻيو.
رچرڊ پال ايونز دانائيءَ وار ي ڳالهه ڪئي آهي ته، ”جيڪو شخص ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس گهرجي ته هو ڪاميابيءَ ڏانهن پهرين وک کڻي.“