تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

پنهنجو اعتماد هميشه قائم رکو

اسٽان ڊيلي هميشه وڏي سوچ سوچيندو هو. سندس چوڻ آهي ته:
”منهنجو اعتماد هميشه کان قائم آهي. آءٌ پنهنجي زندگيءَ جا معمول وارا ڪم اهڙي نموني ڪندو آهيان، جيئن هر شخص منهنجي خوشحالي ۽ خوشي وڌائڻ ۾ رڌل هجي.“
پنهنجو اعتماد سدائين قائم رکو، اهو سوچڻ ڇڏي ڏيو ته هرڪو ماڻهو توهان جي خلاف آهي. توهان جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي، پر ان بدران پنهنجي ذهن ۾اهو خيال ۽ تصور رکو ته هر ماڻهو توهان لاءِ خوشي ۽ ڪاميابي چاهي ٿو. ڪنهن به مصيبت، پريشانيءَ، رڪاوٽ کي ناڪاري ۽ غيرتعميري انداز سان ڏسڻ بدران اهو ڏسو ته ان مصيبت، پريشانيءَ يا رڪاوٽ ۾ توهان لاءِ ڪهڙي قسم جي ڀلائي، بهتري ۽ سڌارو لڪل آهي، جنهن ڪري توهان جون صلاحيتون، خوبيون ۽ توانائيون اڀري ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن توهان ان کي لڳاتار پنهنجي لاءِ وقف ٿيل ۽ امڪانن جو خزانو سمجهندا رهندؤ ۽ سدائين اهو خيال ۽ تصور قائم ڪندا رهو ته هيءَ دنيا توهان جي گهربل مقصدن ۽ منزل تي پهچڻ جي سلسلي ۾ توهان جي مدد لاءِ هر وقت تيار بيٺي آهي ته پوءِ توهان محسوس ڪندؤ ته توهان لاءِ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪيترو آسان آهي!
هڪ تحقيقي جائزي ذريعي اها ڳالهه چٽي ٿي چڪي آهي ته جڏهن ڪامياب ماڻهو مثبت رويو اختيار ڪن ٿا ۽ روشن اميدون قائم رکن ٿا ته پوءِ کين هر اها شئي ملي ٿي وڃي، جيڪا سندن ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي، پر ان جو مطلب اهو هوندوآهي ته توهان اڃا وڌيڪ ڪوشش ڪري وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪريو.
جيڪڏهن توهان کي ڪنهن نوڪريءَ مان جواب ملي ٿو ته پوءِ ايئن سمجهو ته توهان کي ٻئي ڪنهن هنڌ ڪنهن سٺيءَ نوڪريءَ لاءِ رستو صاف ٿي مليو آهي، جنهن ۾ پگهار ۽ سهولتون به وڌيڪ هونديون. جيڪڏهن توهان ڪنهن موذي بيماريءَ ۾ مبتلا آهيو ته اهو نه سوچيو ته اها توهان کي اڃا وڌيڪ بيمار ڪندي، پر اهو سوچيو ته ان مان صحتياب ٿي، توهان اڃا وڌيڪ سال جيئرو رهڻ جي قابل ٿي ويندؤ ۽ توهان جي زندگي ايترو بهتر ۽ متوازن ٿي ويندي.
نيپولين بل چيو آهي ته:
”ڇا ڪڏهن توهان جي زندگيءَ ۾ اهڙو ڪو لمحو آيو، جڏهن توهان سان ڪو خوفناڪ واقعو پيش آيو هجي، جيڪو پوءِ توهان لاءِ رحمت ۽ راحت جو سبب ٿيو هجي، تنهن ڪري ياد رکو ته هر برائيءَ ۾ ايتريقدر ئي چڱائي ۽ ڀلائي لڪل هوندي آهي.“

[b]نقصان ۾ به فائدي جو راز ڳولي ڪڍو:
[/b] عام طور ڪنهن به شخص سان جڏهن به ڪو خراب واقعو پيش اچي ٿو ته فطري طور تي ان خراب، خوفناڪ يا خطرناڪ واقعي ۾ توهان لاءِ ڪنهن قسم جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جو راز لڪل هوندو آهي. توهان کي گهرجي ته هميشه معاملي جو روشن رخ ذهن ۾ رکو ۽ ان جو اونداهو رخ ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪريو، بلڪ ان کي وساري ڇڏيو.
هتي هر ماڻهوءَ سان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو مثال طور: هڪ شاگرد کي ڪلاس مان نيڪالي ملي سگهي ٿي. هڪ ملازم نوڪري وڃائي سگهي ٿو، هڪ عورت يا مرد کي طلاق به ٿي سگهي ٿي، ڪو دوست يا ڪاروباري شخص فوت ٿي سگهي ٿو. ڪاروبار ۾ نقصان ٿي سگهي ٿو، سخت ڌڪ لڳي سگهي ٿو، سخت بيماريءَ جو شڪار ٿي سگهجي ٿو. پر انهن سمورين ڏکائين ۽ تڪليفن ۾ به ڪٿي نه ڪٿي سک ۽ راحمت جو پهلو ضرور لڪل هوندو آهي.
بهتر ڳالهه ته اها آهي ته توهان يڪدم پاڻ کي اهو محسوس ڪرايو ته انهن سڀني مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ به توهان لاءِ ڪا چڱائي لڪل آهي، تنهن ڪري توهان اهو ڏسو ته توهان ۾ ڪيتري سهپ آهي، مصيبتن ۽ ڏکيائين ۾ توهان جيترو گهڻو خير جو پهلو ڳوليندا اوترو چڱو ٿيندو.
ڊبليو ڪليمنٽ اسٽون چيو هو ته:
”جڏهن زندگي توهان کي هڪ ليمون ڏئي ٿي ته ان کي نپوڙي رس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪريو.“

[b]هر صورتحال ۾ موقعا ڳوليو:
[/b] جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ هر واقعي ۽ صورتحال جو هن سوال ذريعي آڌرڀاءُ ڪريو ٿا ته ان واقعي ۽ صورتحال ۾ ”ڪمزور امڪان ۽ موقعو“ موجودآهي ته پوءِ توهان کي هر حال ۾ ڪاميابي نصيب ٿي وڃي ٿي. ڪاميابي جا خواهشمند ماڻهو هر موقعي ۽ بحث ۾ ان اميد تي حصو وٺندا آهن ته ان ڳالهه ٻولهه يا بحث ۾ ڪا نه ڪا چڱائي لڪل هوندي ۽ کين اها به اميد هوندي آهي ته اهي جيڪي ڪجهه ڳولين ٿا ۽ جنهن جي توقع رکن ٿا، آخرڪار اهو حاصل ڪري وٺندا.
جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته ڪنهن امڪان يا صورتحال ۾ اتفاق طور تي چڱائي ۽ ڀلائي موجود نه ٿي هجي. ان مان مراد آهي ته هيءَ دنيا توهان کي چئي رهي آهي ته توهان پنهنجي حياتي جي مقصد، يعني سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڌريو ته پوءِ توهان کي هر مشڪل ۽ رڪاوٽ ۾ هڪ اهڙو امڪان يا موقعو نظر ايندو، جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي خواهش موجب عظيم ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا.
پنهنجي ميز تي پيل شيشي يا ڪمپيوٽر جي مانيٽر اسڪرين تي ڪاغذ جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو چمنبڙائي ڇڏيو ۽ ان تي لکو ته هن دنيا ۾ توهان سان پيش ايندڙ هر واقعي ۾ توهان لاءِ هڪ سٺو ۽ بهتر امڪان لڪل آهي ته جيئن توهان اها ڳالهه ڪڏهن به نه وساريو. ان ۾ توهان جي ترقيءَ، سڌاري ۽ بهتريءَ جي علامت لڪل آهي.
توهان کي گهرجي ته هي فقرو روزانو مسلسل ورجائيندا رهو ته ”مون کي پڪ آهي ته دنيا منهنجي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ سوچي رهي آهي، پر مون کي اها خبر ڪونهي ته اها چڱائي ۽ ڀلائي ڪهڙي آهي؟“
تنهن کان پوءِ توهان امڪانن، موقعن ۽ معجزن ٿيڻ جي اميد قائم ڪري ڇڏيو.
الله تعاليٰ اسان جي بهتري چاهي ٿو:
اها هڪ پڪي حقيقت آهي ته خدا هميشه پنهنجن ٻانهن جي بهتري چاهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيون ڏکيائون ۽ رڪاوٽون پيش اچن ٿيون، سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته پوءِ به اهو امڪان ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته خدا انهن مصيبتن ۽ تڪليفن کان پوءِ کيس وڌيڪ سک، چين، راحت ۽ سڪون ڏيندو آهي.
جيڪو شخص بيمار ٿئي ٿو ته اها بيماري به ان مريض لاءِ الله جي رحمت ثابت ٿئي ٿي جو علاج کان پوءِ ان شخص جي صحت اڳ کان وڌيڪ بهتر ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جي نوڪري ختم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ پڪ رکوته خدا ان لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ ضرور ڪو سٺو انتظام ڪري رکيو هوندو.
تنهن ڪري اسان کي اهو پڪو ۽ مڪمل يقين رکڻ کپي ته خدا هميشه اسان جي بهتري چاهي ٿو.