روشن مستقبل لاءِ اڻپورن ڪمن کي پورو ڪريو
”اسان مان ڪو به شخص پنهنجي ماضيءَ کي بدلائي نه ٿو سگهي، پر ان کي سامهون رکي اسين پنهنجي مستقبل کي ته بهتر ٺاهي سگهون ٿا.“
ڇا اها ڳالهه درست معلوم ٿئي ٿي؟ ڪي ماڻهو اهڙي نموني حياتي گذارين ٿا، ڄڻ اها زندگي مٿن وڏو بار بڻيل هجي، جنهن ڪري سندن چيلهه چٻي ٿي پئي هجي. جيڪڏهن هو پنهنجي مٿان رکيل ان بار کان آجا ٿي وڃن ته آسانيءَ سان ڪامياب ٿي سگهن ٿا.
شايد توهان پنهنجي ماضيءَ جي زخمن، ناڪامين، اڌ ۾ ڇڏيل ڪمن ۽ ڪاوڙ يا ناراضگيءَ کي چنبڙيا پيا آهيو، پر ماضيءَ جا اڌ ۾ ڇڏيل ڪم پورا ڪرڻ اهو آخري قدم هوندو آهي، جنهن کان پوءِ اسان اڳيان ڪاميابي ئي ڪاميابي آهي.
آءٌ اهڙن ڪيترن ماڻهن کي سڃاڻان ٿو، جن پنهنجي ماءُ پيءُ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪم کي لڳي ويا ۽ سندن آمدني ٻيڻي ٽيڻي ٿي وئي، تنهن کان سواءِ هنن پنهنجي پيداواري صلاحيت ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ به ٻيڻو اضافو ڪيو.
آءٌ انهن ماڻهن کي به سڃاڻان ٿو، جن پنهنجن دشمنن کي معاف ڪري ڇڏيو. انهن ماڻهن کي به معاف ڪري ڇڏيو، جن کين ماضيءَ ۾ نقصان پهچايو هو ۽ هاڻي ته هو ايئن ڪري پنهنجن پراڻن طبي مرضن کان به نجات حاصل ڪري چڪا آهن.
اصل ۾ اسان کي کپي ته اسين ماضيءَ جي اڌ ۾ ڇڏيل ڪمن کي مڪمل ڪريون ته جيئن اسين پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن اڳتي وڌي سگهون. ان سلسلي ۾ آءٌ هڪ طريقو استعمال ڪندو آهيان، جنهن کي آءٌ ”مڪمل حقيقي عمل ۽ سچائي، سڏيان ٿو.
[b]مڪمل حقيقتون ۽ سچو خط:
[/b] ”مڪمل حقيقي ۽ سچو عمل“ ۽ هڪ اهڙو سٺو طريقو آهي، جنهن سان توهان ماضيءَ جي ناڪاري جذبن ۽ احساسن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي حال جي فطري ۽ خوشگوار ماحول ۾ موٽي سگهو ٿا.
مڪمل سچائيءَ ۽ حقيقت چوڻ جو اصل سبب اهو آهي ته اسين جڏهن پريشان ۽ ڪاوڙيل هوندا آهيون ته جنهن شخص ڪري اسين پريشان ۽ ڪاوڙيل هوندا آهيون، ان تائين پنهنجا خيال ۽ احساس صحيح نموني نه ٿا پهچائي سگهون. اسين ڪاوڙ ۽ تڪليف ۾ اچي ٿا وڃون ۽ پنهنجي جذباتي ڪيفيتن تي تمام گهٽ قابو پائي سگهندا آهيون.
”مڪمل حقيقي ۽ سچي عمل“ ذريعي اسين پنهنجين اصلي ۽ جذباتي ڪيفيتن ۽ احساسن کي ظاهر ڪري سگهون ٿا. ان اظهار ذريعي اسين پنهنجي خوداعتمادي، قربت ۽ سهڪار به ٻيهر حاصل ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان جي خطري واريءَ حالت کي معمول تي آڻڻ لاءِ دوا جو ڪم ڪن ٿيون.
ان عمل ۽ طريقي مان اها مراد ڪونهي ته ڪو اسين ٻين بابت ناڪاري ڪيفيتن ۽ احساسن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکون، پر ان جو هڪ سبب اهو آهي ته اسين پنهنجي انهن ڪيفيتن ۽ احساسن کي سڃاڻون ۽ پوءِ انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته جيئن اسين پنهنجي فطري حالت، يعني خوشيءَ ڏانهن واپس موٽي سگهون، جنهن ڪري اسان جي خوشين جي درياءَ جو هڪرو ٻيهر جاري ساري رهي سگهي.
[b]سچي عمل جا مرحلا:
[/b] اهڙي عمل کي زباني ۽ لکت ٻنهي طريقن سان ڪري سگهجي ٿو. بهرحال توهان جيڪو به طريقو استعمال ڪريو، ان جو مقصد اهو آهي ته توهان پنهنجي سخت ڪاوڙ جو کلئي نموني اظهار ڪريو.
جيڪڏهن توهان ان عمل ۾ زباني طور حصو وٺو ٿا ته پوءِ هميشه ٻئي شخص جي اجازت سان ان عمل ۾ حصو وٺو ۽ ان عمل جي شروع ۾ ئي پنهنجي ڪاوڙ کي ظاهر ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ درگذر، معافي تلافيءَ ۽ ان کان پوءِ وري خوشيءَ ۽ مسرت جي عمل مان پاڻ کي گذاريو.
توهان هيٺين ڄاڻايل اٽڪلن ذريعي هر مرحلي تي پنهنجو ڌيان رکي سگهو ٿا.
1- ڪاوڙ ۽ ناراضگي:
مون کي سخت ڪاوڙ آهي ته.....مان....کان بيزار ٿي چڪو آهيان.
مون کي هن کان نفرت آهي....مان.....کان ڪاوڙيل آهيان.
2- ڏک ۽ غم:
ان وقت مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو مون کي تمام گهڻو ڏک آهي....
مون کيان وقت.....کان ڏاڍو مون کي ان.....سلسلي ۾ تمام گهڻو ڏک پهتو گهڻي مايوسي ٿي.
3- ڊپ ۽ خوف:
مان ڊڄندو هوس ته ڪٿي....... مان ان وقت.....کان ڊڄي ويس.
مان ان وقت هيسجي ويس جڏهن......مون کي ڊپ آهي ته.....
4- پڇتاءُ ۽ افسوس:
مون کي افسوس آهي ته.... مون کي افسوس آهي ته.....
مون کي......لاءِ معاف ڪري ڇڏيو منهنجو اهو مطلب نه هو ته....
5- خواهشون:
ڪاش مون اها خواهش نه ڪئي.... منهنجي اها خواهش آهي ته....
هجي ها.....
مان چاهيان ٿو ته تون اهو ڪر..... مان چاهيان ٿو ته.....
6- محبت، درگذر ۽ شاباس:
مان سمجهان ٿو ته.... مون.....لاءِتوکي معاف ڪيو.
مان توهان جي تعريف ڪندو آهيان...... لاءِ توهان جي مهرباني
مان.....لاءِ محبت ڪريان ٿو مان.....کي ساراهيان ٿو.
جيڪڏهن توهان ان عمل ۾ زباني طور تي دل سان حصو نه وٺي رهيا آهيو يا وري ٻيو شخص ان عمل ۾ حصو نه ٿو وٺي يا وٺڻ نه ٿا چاهي ته پوءِ ”مڪمل ۽ سچو خط لکي پنهنجي احساسن کي لکت ۾ آڻيو.“
[b]حقيقي ۽ خط:
[/b] مڪمل حقيقي ۽ سچو خط لکڻ وقت هيٺيان اپاءُ وٺو:
1) ان شخص کي خط لکو، جنهن توهان کي پريشان ڪيو آهي. توهان سچي عمل ۾ جنهن جذبن ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ گهريو ٿي، هن خط ۾ به اهڙي ئي قسم جا جذبا ۽ احساس لکو.
2) جيڪڏهن ٻيو شخص اهڙو ناهي، جو اهو به توهان وانگر حقيقي سچائي ظاهر ڪري ته پوءِ توهان پنهنجو خط مڪمل ڪري ان شخص اڳيان ڦٽو ڪري اچو.
3) جنهن شخص توهان کي پريشان ڪيو آهي، جيڪڏهن اهو به عمل ۾ توهان سان شرڪت لاءِ راضي آهي ته توهان کي کپي ته ان کي به ”مڪمل حقيقي سچو خط“ لکڻ جو موقعو ڏيو. پوءِ پاڻ ۾ خطن جي مٽاسٽا ڪريو. پوءِ جڏهن خط پڙهڻ لڳو ته ٻنهي کي هڪ ٻئي جي سامهون موجود هجڻ گهرجي ۽ پوءِ ان عمل تي پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪريو. پنهنجي ڳالهه جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، پر ٻئي جي ڳالهه به ٻڌو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن ڪا ڏکائي ٿئي ته توهان انهن ڇهن ئي مرحلن مان رهنمائي حاصل ڪري سگهو ٿا.
درگذر ڪري ڪاميابيءَ جي رستي تي وڌندا رهو:
پريشان ڪندڙ کي معاف نه ڪرڻ بابت اذا بيلا هالينڊ ڪيڏي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي ته:
”جيستائين توهان ان شخص کي معاف نه ٿا ڪريو، جنهن توهان کي پريشان ڪيو آهي ته پوءِ اهو غيرضروري طور تي توهان جي ذهن تي ڇانيل رهندو ۽ توهان کي ان مان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندي.“
جيتوڻيڪ معافيءَ جو ڪاميابيءَ جي هڪ طريقي طور ذڪر معمول موجب نه ٿو لڳي، پر حقيقت اها آهي ته سخت ڪاوڙ، ناراضگيءَ ۽ بدلو وٺڻ جي خواهش رکڻ جي ذريعي توهان جي اها قيمتي توانائي ضايع ٿي سگهي ٿي، جنهن کي توهان پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سٺي نموني استعمال ڪري سگهو ها.
درگذر وارو رويو اختيار ڪري پنهنجي حال ۾ رهو!
پنهنجي ڪاروباري معاملن، گهرڀاتين ذاتي ۽ ٻين ماڻهن سان ناتن جي حوالي سان به اسان کي پيار ۽ درگذر تي مشتمل سلوڪ اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسين پنهنجي حياتي ۾ ڪاميابيءَ ڏانهن اڳڀرا ٿي سگهون.
توهان کي کپي ته پنهنجي ڪاروباري ساٿيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن توهان تي ڪوڙو الزام هنيو ۽ توهان جي دل کي صدمو پهچايو، پنهنجي آفيس جي ان ساٿيءَ سان به معاف ڪرڻ وارو سلوڪ اختيار ڪيو، جنهن توهان جون پرپٺ برايون ڪيون ۽ توهان جي حصي جي آمدني به پاڻ کڻي ويو. توهان پنهنجي ان اڳوڻي زال کي به معاف ڪريو، جنهن توهان کي تمام گهڻو پريشان ڪيو ۽ طلاق جي ڪارروائيءَ دوران توهان خلاف گهٽ وڌ ڳالهيو. اهو ضروري ڪونهي ته ڪو توهان سندس اهڙي سلوڪ کي وساري ڇڏيو يا ان تي وري ڀروسو ڪريو، پر توهان کي کپي ته ان لاءِ معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ وارو رويو اختيار ڪريو ۽ ڪاميابيءَ لاءِ اڳڀرائي ڪريو.
جڏهن توهان ماضيءَ جون ڪڙيون ڳالهيون وساري معافيءَ ۽ درگذر ڪرڻ واوسلوڪ اختيار ڪريو ٿا ته توهان ماضيءَ جي ڪوڙڪيءَ مان نڪري، پنهنجي ”حال“ ۾ موٽي اچو ٿا، جتي خوشگوار، مثبت واقعا ۽ حالتون توهان جي انتظار ۾ بيٺا هوندا آهن. جڏهن توهان پنهنجي ماضيءَ ۾ اٽڪجي پئو ٿا ته توهان جون اهي سموريون اهم ۽ قيمتي توانائيون ۽ صلاحيتون ختم ٿي وڃن ٿيون، جيڪي توهان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل آهن.
معاف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي:
مون کي خبر آهي ته ڪنهن ڳالهه کي درگذر ڪرڻ يا ڪنهن کي معاف ڪرڻ ڪيتري قدر مشڪل ڪم آهي. ننڍپڻ ۾مون کي ڪو اڻواقف اغوا ڪري ويو ۽ مون تي ڪافي تشدد به ڪيائين. منهنجو شرابي پيءُ به اڪثر مون کي مارڪٽ ڪندو رهندو هو. مون کي نسلي امتياز ۽ تعصب جو نشانو بڻايو ويو، منهنجي هڪ نوڪر هڪ وڏي رقم جو غبن ڪيو، مون کي نهايت بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن ۾ ڦاسائي ڪيس هلايا ويا ۽ ڪيتري ڪاروباري سودن ۾ مون کي نقصان پهچايو ويو.
پر ماضيءَ ۾ لڳل هر زخم ۽ ڌڪ کان پوءِ به مون پنهنجي هر مخالف کي معاف ڪري ڇڏيو، ڇو ته مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ماضيءَ ۾ اٽڪيو پيو هوندس ته ماضيءَ جون ڪڙيون يادون منهنجو پيڇو ڪو نه ڇڏينديون ۽ مان پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش موجب ڪاميابيءَ جي راهه تي سفر ڪري ئي نه سگهندس.
جڏهن به اهڙي قسم جو ڪو واقعو مون کي پيش ايندو هو ته مون اهو سبق به سکي ورتو ته آئينده اهڙي قسم جي واقعن کي ٿيڻ کان اڳ ڪيئن روڪي سگهجي ٿو. مون کي اهو به پتو پئجي ويو ته آءٌ پنهنجي وجدان تي ڪهڙي نموني بهتر طور ڀروسو ڪري سگهان ٿو ۽ جڏهن به مون ڪنهن جي معاملي کي درگذر ڪيو يا ته پنهنجو پاڻ کي ڪافي هلڪو، آزاد ۽ مضبوط محسوس ڪرڻ لڳس ۽ اجائين ڳالهين کي نظرانداز ڪري، اهم ڳالهين تي ڌيان ڏيئي، پنهنجي توانائيءَ جو بهتر استعمال ڪري ڪاميابي ڏانهن اڳتي کان اڳتي وڌندو رهيس.
آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا ڪاوڙ جي نقصان بابت چيو آهي ته:
”ڪاوڙ هڪ اهڙي عمل وانگر آهي، جيئن توهان زهر ته پاڻ پي رهيا هجو پر اميد اها رکيو ويٺا هجو ته ان سان توهان جو دشمن مري ويندو.“
جنهن قسم جو طرز عمل توهان جي احساسن کي صدمو پهچائي ٿو، توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته مون به انهن مان اڪثر جذبن ۽ احساسن کي محسوس ڪيو آهي، پر توهان کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته جيڪا به شيءِ توهان جي دل کي صدمو پهچائي ٿي، ان کان وڌيڪ توهان جي دل ۾ جيڪا سخت ڪاوڙ ۽ ناراضگي پيدا ٿئي ٿي، توهان جي احساسن کي جيڪا تڪليف ولوڙي ٿي ۽ توهان جو ذهن جن ناڪاري خيالن جو گهر بڻجندو ٿو وڃي، بار بار ڪنهن سان نفرت خيال ذهن ۾ اچي ٿو، سان مخالف کان وڌيڪ توهان کي پاڻ ئي اندر ئي اندر نقصان پهچائي ٿي.
”عفو ۽ درگذر“ لفظ جو حقيقي مفهوم هي آهي ته پنهنجي مخالفن خاطر نه، پر پنهنجي فائدي خاطر پنهنجن مخالفن کي معاف ڪري، سندن سلوڪ کي وساري، معاملي کي درگذر ڪري ڇڏيو.
مان انهن ماڻهن کي به سڃاڻان ٿو، جن جڏهن پنهنجي مخالفن کي معاف ڪيو ته سندن مٿي جو اهو سور به آهستي آهستي جلد ختم ٿي ويو، جنهن ڪيتري عرصي کان کين پريشان ڪري رکيو هو. سندن پراڻي قبضي ختم ٿي وئي، سندن گوڏن جو سور لهي ويو، سندن نظر تيز ٿيندي ويئي ۽ سندن ڪيتريون اهڙيون پراڻيون بيماريون، جيڪي دوا کائڻس سان به نه ٿي لٿيون، اهي اوچتو اوچتو پاڻ ئي ختم ٿي ويون. ڪيترن ماڻهن جي ذاتي ۽ پيشيوراڻي زندگي ۾ معجزا ٿي ويا. يقين ڪريو: درگذر ۽ معافيءَ جو عمل مشڪل ضرور آهي، پر وڏو فائديمند به آهي.
[b]درگذر ڪرڻ جا مرحلا:
[/b] درگذر ڪرڻ جا ضروري مرحلا هيٺيان آهن:
1- پهرين ته اها ڳالهه مڃو ته توهان کي سخت ڪاوڙ ۽ ناراضگي آهي.
2- اها ڳالهه به مڃي وٺو ته توهان کي ڏک ۽ افسوس ٿي رهيو آهي.
3- اهو به اعتراف ڪري وٺوته توهان خدشن ۽ شڪ شبهن ۾ مبتلا ٿيندا ٿا وڃو.
4- ان واقعي ۾ پنهنجو ڏوهه به مڃي وٺو.
5- اهو به اعتراف ڪريو ته توهان جي خواهش پوري نه ٿي ۽ پوءِ توهان پنهنجو پاڻ کي ٻئي شخص جي جاءِ تي رکي ان جي جذبن ۽ احساسن جو خيال ڪريو.
6- پنهنجي ڪاوڙ، ناراضگي ۽ نفرت کي ختم ڪريو ۽ ٻين کي معاف ڪري ڇڏيو.
[b]لسٽ جوڙيو:
[/b] انهن ماڻهن جي فهرست ٺاهيو، جن جي ڪري توهان کي ڏک ۽ نقصان پهتو آهي. اهو به سوچيو ته انهن ماڻهن جي ڪري توهان کي ڪهڙو رنج ۽ نقصان پهتو.
پوءِ ڪيترا به ڏينهن ٿي وڃن، هر هڪ شخص سان ”مڪمل حقيقي ۽ سچو عمل“ ورجايو. توهان ان عمل کي پنهنجي سامهون پيل خالي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي نظر ۾ رکي، زباني ۽ لکت ۾ ڪري سگهو ٿا. مناسب وقت ڪڍي ان ڳالهه تي غور ڪريو ته جڏهن ٻين ماڻهن توهان سان اهو سلوڪ ڪيو ته ان وقت سندن زندگين ۾ ڇا ڪجهه ٿيڻ کپي ها. ان سلسلي ۾ هيٺ ڏنل سچائي ۽ يادگيري اهم آهي.
”توهان سميت سمورا ماڻهو پاڻ کي مليل معلومات، مهارت ۽ ترڪيبن ذريعي پنهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ بهتر کان بهتر ڪوشش ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي ڪجهه بهتر ڪرڻ جي قابل هجن ها ته اهي به بهتر ڪن ها. جڏهن کين اهو وڌيڪ بهتر طور پتو پوي ٿو ته سندن رويو ٻين تي ڪيئن/ڪهڙو اثر وجهي ٿو ته پوءِ اهي پنهنجين ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي لاءِ گهٽ نقصان پهچائيندڙ طريقا ۽ وڌيڪ اثرائتا طريقا ڳولهين ٿا ۽ اهڙي نموني گهٽ کان گهٽ نقصان پهچائيندڙ سلوڪ ۽ طرز عمل اختيار ڪن ٿا.“
ڌيان ڏيو ته ڪي به ماءُ پيءُ ننڊ مان اٿندي ئي پنهنجي ساٿيءَ کي اهو نه ٿو چئي/نه ٿي چئي ته مون ٻارن کي دڙڪا ڏيڻ ۽ انهن تي سخت ڪرڻ جا وڌيڪ ٽي نوان طريقا سوچي ورتا آهن. ماءُ پيءُ ته هميشه اهوئي ڪندا آهن جيڪو سندن والدين کي پنهنجن ٻارن لاءِ ڪرڻ کپي، پر انهن جي نفسياتي زخمن، علم ۽ معلومات جي کوٽ ۽ والدين جي حيثيت ۾ مهارت جو نه هجڻ ۽ سندن زندگيءَ ۾ گذريل دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ ڪري کين ۾ اهي رويا پيدا ٿي ٿا وڃن، جيڪي اسان کي ڏک ۽ رنج پهچائين ٿا.
[b]معافيءَ جو کليل اعلان:
[/b] پنهنجن مخالفن ۽ دشمنن کي معاف ڪرڻ جو آخري طريقو اهو آهي ته توهان ٻين لاءِ معافي ۽ درگذر جو ڪيترائي ڀيرا سرعام اعلان ڪريو:
”مان انهن سمورين خواهشن ۽ روين تان هٿ کڻان ٿو، جن جي ڪري مان پاڻ کي قيد ۾ بند ۽ پابند محسوس ڪريان ٿو. مان پاڻ کي هاڻي ان قيد مان آزاد ڪريان ٿو ته جيئن مان خوشي، مسرت، امن ۽ سڪون حاصل ڪري سگهان. مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان هاڻي پائيدار طريقو اختيار ڪندس ته جيئن مون کي زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي، جنهن سان مون کي خبر پوي ته مان پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش موجب پنهنجي لاءِ ڪاميابي حاصل ڪري سگهان. هاڻي مون کي هر قسم جي فڪر ۽ پريشانيءَ بابت پتو پئجي چڪو آهي، تنهن ڪري مان اعلان ٿو ڪريان ته مون کي ڪنهن به ماڻهوءَ مان ڪنهن به قسم جي ڪا به اميد ڪونهي. مان هاڻي هر قسم جي اميدن کان آزاد ٿي چڪو آهيان ۽ ٻين کي به هر قسم جي خواهشن کان آزاد ڪريان ٿو. مان نه صرف پنهنجون پاڻ کي معاف ڪريان ٿو، پر انهن ڳالهين لاءِ ٻين سڀني کي به معاف ڪريان ٿو.“
[b]درگذر جو رويو اختيار ڪري سگهو ٿا:
[/b] 1972ع ۾ هڪ اهڙي نوجوان فوٽو گرافر کي انعام ڏنو ويو هو، جنهن هڪ اهڙي ويٽنامي ڇوڪريءَ جو فوٽو ڪڍيو، جنهن جون ٻانهون خوف ۽ دهشت سبب غيرمعمولي نموني پکڙيل هيون. سندس بدن تي ڪپڙا به نه هئا ۽ اها تيزيءَ سان ڊوڙي رهي هئي ۽ ان ڳوٺ ڏانهن رڙيون ڪري وڌي رهي هئي، جنهن تي ائٽم بم اڇلايا پئي ويا. سندس ڪپڙا به سڙي چڪا هئا.
اها تصوير دنيا جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪيترائي دفعا شايع ٿي ۽ اڃا به محفوظ آهي. ان ٻارڙيءَ کي ان ڏينهن پنهنجي جسم جي اڌ حصي تي زخمن جي تڪليف برداشت ڪرڻي پئي ۽ پوءِ 17 دفعا سرجريءَ ۽ 14 مهينن جي نفسياتي علاج سبب اها ٻارڙي جنهن جو نالو ڪِن (Kin) هو معجزاڻي نموني بچي وئي.
هاڻي هوءَ ڪئناڊا جي شهري آهي ۽ يونيسڪو (UNISCO) جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم جي سفير آهي.
جيڪو به شخص ان ڇوڪريءَ سان ملي ٿو، تنهن جو چوڻ آهي ته هن مان امن ۽ سڪون جا حيرت انگيز ڪرڻا نڪرندا آهن.