طاقتور جٿي ۾ ڦڙتيلا ٿيو
”هر معاشري ۾ انساني شاهڪار موجود هجن ٿا اِهي اُهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي انساني جٿن ۾ سرگرم نظر ايندا آهن. سندن رويو ٻين ماڻهن لاءِ ‘مثالي نمونو’ ثابت ٿئي ٿو. هي اهي روشن ۽ مثالي ڪردار هوندا آهن، جن جي ٻيا ماڻهو ساراهه ڪن ٿا ۽ انهن جي پويان هلن ٿا. اسين انهن کي انساني عملي شاهڪار سڏيون ٿا.“
”پنهنجي اثر رسوخ واري جٿي ۾ سرگرم نظر اچو.“ هي هڪ اهڙو اصول آهي، جيڪو ڪاميابيءَ جو ضامن آهي ۽ جيڪي ماڻهو عظيم ترين ڪاميابيون حاصل ڪري چڪا آهن، اڪثر اهو اصول اختيار ڪندا آهن. ان اصول کي سادي زبان ۾ هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو: ”انساني شاهڪار ٿيو.“
تنهن ڪري توهان هڪ اهڙي شخص ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو، جيڪو پنهنجي اثر رسوخ واري حلقي ۾ ظاهر ۽ سرگرم نظر اچي ۽ جيڪو ٻين لاءِ اُتساهه جو باعث هجي.
اسان جي سماج لاءِ اها وڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اسان کي جيتري قدر ”انساني شاهڪار“ ۽ ”مثالي انساني ڪردار“ جي ضرورت آهي. اسان جي سماج ۾ اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به نه ٿا ملن.
هن دنيا ۾ اڪثر ماڻهو عقل ۽ شعور کان آجا هوندا آهن. هنن ۾ ڪا خوبي ۽ صلاحيت به نه هوندي آهي ته پوءِ توهان انهن ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿا نمايان ڪري سگهو؟
ان جو جواب هي آهي ته توهان کي کپي ته توهان شعوري طور هڪ اهڙو طرز عمل اختيار ڪريو، جنهن جي ذريعي توهان تمام گهڻن پريشانين ۽ بيچينيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺو. پر توهان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هڪ ”مثالي ڪردار“ ۽ ”شاهڪار انسان“ ٿيڻ جي ضرورت آهي، جو پنهنجي تجربي ۽ نظرئي ذريعي توهان کي هدايتون ۽ رهنمائي ڏئي. توهان کي اها رهنمائي ۽ هدايت ڏيڻ لاءِ هڪ ”مثالي ڪردار“ ۽ ”شاهڪار انسان“ ۾ هيٺيون خاصيتون ۽ خوبيون هجڻ گهرجن.
1- انفرادي معيار
اهي ”مثالي ڪردار“ ۽ ”شاهڪار انسان“ پاڻ کي پنهنجي انفرادي معيارن، سوچ ۽ روين کان ڌار ڪري توهان جي روين، سوچ ۽ معيار مطابق ٿي ٿا وڃن.
2- وقار قائم رکو
ان خوبيءَ ۽ خاصيت جا ٽي پاسا آهن:
پهريون اهو ته مسئلن ۽ مشڪلاتن جي صورت ۾ پنهنجو حوصلو ۽ همٿ قائم رکن ٿا. جيئن ته اهي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي معيار جي حيثيت سان اڳواڻن واري زندگي گذارين ٿا، تنهن ڪري اهي ماڻهو ٻين ماڻهن جي به اڳواڻي ڪري سگهن ٿا. ٻيو اهو ته انهن ۾ سڪون جي ڪيفيت موجود هوندي آهي، جنهن ڪري هنن ۾ حوصلو ۽ همٿ پيدا ٿئي ٿي. ان سڪون ۽ اطمينان سبب ٻين ماڻهن ۾ به اها همٿ وڌي ٿي ته سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو. ٽين خاصيت ۽ خوبي ”يقين ڪرڻ، مستقل مزاجي“ آهي. ان جو هڪ عظيم مثال ونسٽن چرچل جو آهي، جنهن ٻي عالمي جنگ ۾ اولهه جي قومن جي اڪيلي سر سربراهي ڪئي ۽ اولهه جي تهذيب کي نازين جي فسطائيت هٿان شڪست کان بچايو. اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿي سگهيو ته چرچل ۾ اطمينان جي صلاحيت موجود هئي ۽ هن اها اعتماد سان ڀريل ۽ حوصلي واري اڳواڻي مهيا ڪئي، جنهن ڪري برطانيا ۽ آمريڪي قومن ۾ همٿ ۽ حوصلو پيدا ٿيو.
3. ٻين جي روين تي نظر ۽ بهتري
جيئن ته ڪو ”انساني شاهڪار“ هڪ مثالي نموني جي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري سندس چوگرد موجود ماڻهن ۾ به ساڳئي قسم جي سوچ پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ اهي به اهڙو ئي رويو ۽ طرز عمل اختيار ڪن ٿا، جيڪو کين پاڻ کي به حيران ڪري ٿو.
4. همدرديءَ وارو انداز
جيئن ته ”انساني شاهڪار“ ۽ ”مثالي ڪردار“ پنهنجي معاشري سان نهايت گهري نموني لاڳاپيل هوندا آهن، تنهن ڪري اهي ٻين ماڻهن سان نهايت همدرداڻو ۽ شفقت وارو رويو ۽ سلوڪ اختيار ڪن ٿا. اهي ٻين ماڻهن سان شديد نموني لاڳاپا رکن ٿا، انساني محرومين تي سندن اندر سڙي ٿو وڃي ۽ ڌرين وچ ۾ اختلافن جي صورت ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
5. رويي جي معيار ۾ اضافو
”انساني شاهڪار“ ۽ ”مثالي ڪردار“ وارا ماڻهو پنهنجي صلاحيتن سبب ظاهر ۾ غير اهم صورتحال کي بامقصد، مزي واري ۽ يادگار صورتحال ۾ بدلائي ٿا ڇڏين. ان سلسلي ۾ سندن سمجهداري ۽ عقل ۽ شعور وارو رويو ۽ طرز عمل نهايت اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سندن عمل جي انداز ۾ نهايت خوبصورتي، حسن ۽ ڪمال مثاليت شامل هوندي آهي، تنهن ڪري ٻين جي زندگي خراب ٿيڻ بدران انهن ۾ ڄڻ بهار اچي ٿي وڃي.
6. هلڪڙو سلوڪ ۽ اعليٰ رويو
”انساني شاهڪار“ ۽ ”مثالي ڪردار“ جهڙن ماڻهن ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته اهي ٻين طرفان غيرمهذب سلوڪ جي باوجود نهايت ئي سهڻي، مهذب ۽ فياضاڻي رويي جو مظاهرو ڪن ٿا. سندن ڏيک ٻين لاءِ مهربانيءَ جي احساسن ۽ انهن جي آجيان ڪرڻ ۽ عزت سان ڀريل هوندو آهي.
7. ذميداري قبول ڪرڻ جو اظهار
اهي ماڻهو پنهنجي رويي ۽ طرز عمل جي نتيجن جي سلسلي ۾ معافي وٺڻ وارو رويو اختيار نه ڪندا آهن، پر کلئي دل سان ذميداريءَ کي قبول ڪن ٿا. اهي پنهنجن ناڪاميبن کي لڪائين نه ٿا، پر ان جو کليو اظهار ڪن ٿا ۽ پنهنجي هار کي فتح ۾ بدلائي ٿا ڇڏين.
8. مقصد تان نه هٽو
اهي ماڻهو هر قسم جي صورتحال ۾ اعليٰ مقصد قائم رکن ٿا، جنهن ڪري اهي مستقل ۽ لڳاتار ڪاميابي حاصل ڪندا ويندا آهن ۽ ٻين لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪندا ويندا آهن.
9. مفهوم ۾ وسعت
اهي ماڻهو نهايت ئي اعليٰ ۽ مثالي نموني پنهنجي ذات سان به تعلق قائم رکندا آهن ۽ ساڳئي نموني ئي ٻين سان به تعلق رکندا آهن، جنهن ڪري کين اهي طريقا معلوم ٿي ويندا آهن، جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي زندگيءَ کان سواءِ ٻين جي زندگين ۾ به بهتري پيدا ڪري سگهن ٿا. انساني انفراديت جو بنياد اڳيان اظهار ڪرڻ لاءِ نه صرف پنهنجي ذات کي سمورين حدن ۽ پابندين مان آزاد ڪري ٿا ڇڏين، پر ٻين جي ذات کي به هر قسم جي پابندين کان آزاد ڏسڻ چاهيندا آهن.
10. اعتماد ۽ صلاحيت ۾ واڌ
اهي ماڻهو ٻين ماڻهن جي توانائين گهٽائڻ بدران انهن کي اڃا وڌيڪ طاقتور ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. اهي ماڻهو زندگيءَ جي نظرين جي چونڊ ۽ پنهنجن خواهشن جي پورائيءَ لاءِ سازگار ماحول ٺاهڻ لاءِ پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت ٻين ماڻهن جي صلاحيتن ۽ اعتماد وڌائڻ جو سبب بڻبا آهن. اهڙا سازگار ماحول ٺاهڻ سبب ٻيا ماڻهو به اهڙي قسم جو ماحول ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري سندن تخليقي صلاحيتون ترقي ۽ ڪاميابي ۾ اضافو ٿئي ٿو.
مثالي بڻجڻ جا گُرَ
اصل ۾ توهان کي ‘اعليٰ’ ۽ ‘مثالي’ ٿيڻ سان سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿو ٿئي ته يا ته ماڻهو توهان سان گڏجي ڪو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا يا وري توهان جو اثر رسوخ ۽ شهرت استعمال ڪرڻ چاهين ٿا اهي توهان کي هڪ وڏي ڪامياب شخص جي حيثيت سان ڏسن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته توهان سندن ڪاميابيءَ لاءِ ڪيترائي موقعا مهيا ڪري سگهو ٿا. هو توهان کي ڀروسي لائق سمجهن ٿا ۽ توهان تي اعتماد ڪن ٿا ته توهان نهايت ذميداريءَ، ايمانداريءَ ۽ شعور سان پنهنجي روزمرهه جا ڪم ڪندا رهندا آهيو.
شايد اهو ئي سبب آهي جو اهڙي قسم جي شاهڪار ۽ مثالي ڪردارن کي سڃاڻڻ جو سڀ کان آسان طريقو اهو آهي ته ماڻهو انهن ڏانهن پاڻ کي ڇڪجي پيا ايندا آهن.
انهن ماڻهن کي به ڏسو، جن سان سندن ڪاروباري ۽ سماجي ناتا قائم آهن. انهن ماڻهن ڏانهن اهي ئي ٻيا ماڻهو ڪشش محسوس ڪن ٿا، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيءَ جي عروج تي هوندا آهن.
ڇا توهان تازو پنهنجن دوستن ۽ ٻين ملاقاتين جو غور سان جائزو ورتو آهي. ڇا انهن مان ڪو به شخص اعليٰ ۽ مثالي انسان آهي. جيڪڏهن ايئن ڪونهي ته پوءِ پنهنجي رويي جو جائزو وٺو ۽ پاڻ کي هڪ ‘اعليٰ’ ۽ ‘مثالي’ انسان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريو، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي قسم جا ماڻهو توهان ڏانهن ڇڪجندا پيا اچن. بيشڪ پنهنجو ڪم ٿورو ڪريو، پر ان کي سٺي نموني ڪريو. بهتر کان بهتر ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رويي ۾ خاطر خواهه بهتري آڻيو.
توهان پنهنجي آفيس ۾ چانهه پيئڻ لاءِ ڪاغذ جون پياليون استعمال ڪريو ٿا، پر پنهنجي آفيس جي ماحول کي باوقار ۽ شاندار بڻائڻ لاءِ هاڻي شيشي يا پٿر مان ٺهيل پياليون استعمال ڪريو، پنهنجي آفيس جي ماحول کي خوشگوار بڻايو، جيئن سڀني جي ان ۾ دلچسپي وڌي.
جيڪڏهن توهان پنهنجي گهر ۾ سال ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون پارٽيون تقريبون ڪريو ته انهن جو تعداد گهٽائي ايترين ننڍين تقريبن بدران سال ۾ صرف هڪ ئي معياري ۽ شاندار تقريب منعقد ڪريو، جنهن ۾ هر ڪو شخص کاڌي پيتي جون سٺيون شيون کائي ۽ ايئن سمجهي ته سندس نهايت قدر ڪيو ويو ۽ کين جوڳي اهميت ملي.
بهرحال توهان جي رويي مان ظاهر ٿيڻ گهرجي ته توهان هڪ ‘اعليٰ’ ۽ ‘مثالي’ انسان آهيو.
[b]مثالي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ساڻن عزت ۽ احترام سان پيش اچو
[/b] انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته توهان سڀ کان پهرين جنهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچو ٿا، اها توهان جي پنهنجي ئي ذات آهي. جو اوهان سٺو لباس پايو ٿا، سٺو کاڌو کائو ٿا ۽ اوهان جي سموري هلت چلت مان شائستگي ۽ نفاست نظر اچي ٿي. ‘اعليٰ’ ۽ ‘مثالي’ ماڻهو سڀني سان پيار ۽ احترام سان پيش اچن ٿا. پنهنجي ان طرز عمل ۽ رويي ذريعي اهي ماڻهو ٻين کي سبق سيکارين ٿا ته اهي به ساڻن عزت، وقار ۽ احترام ۽ پيار سان محبت سان پيش اچن، ڇو ته اهي ماڻهو پنهنجي ذات ۽ ٻين ماڻهن سان هميشه فڪر ۽ محتاط واري رويي سان پيش اچن ٿا. جيڪڏهن توهان ڪم ڪار ۾ سست آهيو، هميشه دير سان ڪم ڪندڙ آهيو ۽ پنهنجي ذات سان به لاپرواهي ظاهر ڪريو ٿا ته پوءِ توهان کي به پاڻ جهڙا ئي ماڻهو ملندا، جيڪي توهان سان به اهڙو ئي سلوڪ ڪندا.
فرض ڪريو ته جيڪڏهن ‘اعليٰ’ ۽ ‘مثالي’ ڪردار وارو ڪو شخص توهان سان ملڻ اچي رهيو آهي ته توهان جو پهريون ردعمل ڇا هوندو؟ توهان جو ردعمل اهو هئڻ گهرجي ته توهان اهو سوچي وٺو ته ان سان گڏ ويهي توهان هڪ مزيدار مشروب پيئندؤ، سٺو کاڌو کائيندؤ ۽ ايئن سٺي نموني وقت گذاريندؤ.
جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو سربراهه توهان جي گهر اچي ته خبر پوڻ تي سڀ کان ڇا اڳ توهان پنهنجي گهر جي صفائي ڪو نه ڪرائيندؤ. ڇا ان لاءِ تمام سٺو کاڌو تيار نه ڪرائيندؤ. بلڪل اوهان ايئن ڪندؤ، پوءِ اهڙو سٺو انتظام توهان پنهنجي پاڻ لاءِ ڇو نه ٿا ڪريو. توهان به ته اوترائي اهم آهيو، جيترو ڪنهن ملڪ جو سربراهه بس اوهان پاڻ کي اهميت ڏيڻ سکو.
ڳالهه ايئن ختم ڪجي ته ڪي ماڻهو ان لاءِ زندگيءَ جو هڪ خاص معيار اختيار ڪندا آهن، ان جو سبب اهو ڪونهي ته ٻيا ساڻن ڪهڙو رويو رکندا آهن، پر اهي اصل ۾ پنهنجو پاڻ سان اهڙو سلوڪ ڪندا آهن، پر جڏهن توهان پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ خاص اعليٰ سطحي سهڪار حاصل ڪري ٿا وٺو ته پوءِ توهان موٽ ۾ پنهنجي آسپاس جي ماڻهن کان به ساڳيو سلوڪ اختيار ڪريو ٿا توهان کي اتي سڏايو وڃي ٿو، جتي اهو اعليٰ سطحي معيار موجود هجي ٿو. اهو صرف ان لاءِ آهي ته توهان هڪ ‘اعليٰ’ ۽ ‘مثالي’ انسان آهيو.