مقصد کي ضرور ماڻيو
”جيڪڏهن توهان دولت کي اهميت نه ٿا ڏيو ته ان جي حاصلات جي ڪوشش به نه ٿا ڪريو ۽ ان کان محروم رهو ٿا. توهان دولت کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، جو اها به اوهان جي ڳولا ۾ آهي. جيڪڏهن دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان جي دل ۾ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڪي خواهش هجي.“
زندگيءَ بابت چيو ويندو آهي ته ان ۾ توهان جيڪو مقصد ذهن ۾ رکي اڳتي وڌندؤ، اهو ئي توهان کي حاصل ٿيندو. ڪا نئين نوڪري ڪرڻ، سڀ کان اهم اهو ته مال ۽ دولت حاصل ڪري شاندار زندگي گذارڻ لاءِ خواهشن تي به اهو اصول لاڳو ٿئي ٿو.
[b]دولتمند ٿيڻ جو فيصلو ڪريو
[/b] دولتمند ٿيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته توهان کي شعوري طور تي اهو فيصلو ڪرڻ کپي ته توهان کي دولتمند ٿيڻو آهي.
آءٌ اڃا گريجوئيٽ اسڪول ۾ هئس ته مون ان وقت ئي دولتمند ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو مون کي اڃا اها خبر ئي نه هئي ته دولتمند ٿيڻ مان اصل مراد ڇا آهي؟
يعني، مون کي جتي وڻي اتي سير تفريح لاءِ وڃان ته کيسو خالي نه هجي، ڪنهن وڏي شاپنگ سينٽر ي وڃي اجايو ”ونڊو شاپنگ“ نه، پر حقيقي شاپنگ ڪريان ۽ جيڪو وڻي اهو سامان خريد ڪريان. يعني پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ هر قسم جا ذريعا ۽ وسيلا موجود هجن.
جيڪڏهن توهان کي دولت جي خواهش آهي ته پوءِ توهان کي دل جي گهرائين سان اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته توهان کي هرحال ۾ دولتمند ٿيڻو آهي. توهان جڏهن عمل جي رستي تي نڪري پوندؤ ته رستا پاڻ ئي سولا ٿي ويندا ۽ توهان کي نيون نيون ٽلون دماغ ۾ اينديون، جنهن سان دولت حاصل ڪري سگهجي ٿي.
[b]دولتمنديءَ مان مراد ڇا؟
[/b] توهان کي ڪيتري دولت گهرجي. منهنجو هڪ دوت لکپتي ٿيڻ چاهي ٿو ته ٻئي جي ته ڪروڙ کان گهٽ تي اک ئي نه ٿي ٻڏي ٽيون وري ان کان به ٻه هٿ اڳتي آهي، کيس وري پنج ڪروڙ رپيا کپن.
منهنجا ٻه دوست وڌ ۾ وڌ شاهوڪار ٿيڻ چاهين ٿا، پر انهن ۾ ايتريون صلاحيتون آهن،جو اهي ٿي به سگهن ٿا.
جيڪڏهن توهان اڃا تائين ان سلسلي ۾ فيصلو نه ڪيو آهي ته توهان چاهيو ڇا ٿا؟ ۽ اهو به ته توهان جون مالي ضرورتون ڪهڙيون آهن؟ ته ڪجهه وقت ڪڍي اهو فيصلو ڪري وٺو اهو يقين ڪري وٺو ته توهان جي مقصد ۾ هيٺيون ڳالهيون شامل آهن:
• تائين آءٌ... ڊالر حاصل ڪري وٺندس.
• ايندڙ سال تائين.... ڊالر ڪمائي وٺندس.
• هر مهيني... ڊالر بچائي ڪٿي سيڙپ ڪندس.
• ... ڊالر ڪمائي قرض ڀريندس.
[b]دولتمندي لاءِ گهڻو خرچ ايندو؟
[/b] جڏهن توهان دولت حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهيو ته ياد رکو ته توهان جي هڪ اهڙي زندگي آهي، جنهن کي توهان ”اڄ“گذارڻ چاهيو ٿا ۽ هڪ ٻي زندگي آهي، جنههن کي ”مستقبل“ ۾ گذارڻ ٿا چاهيو.
توهان هن وقت جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيو، اها زندگي اها آهي، جيڪا توهان جي گذريل خيالن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ”مستقبل“۾ واري زندگي توهان جي موجوده خيالن جو نتيجو هوندو.
اهڙي قسم جي زندگي، جيڪا اڄ کان هڪ ٻن يا ٽن سالن کان پوءِ گذرندي ۽ اها زندگي، جيڪا توهان نوڪريءَ کان رٽائر ٿيڻ بعد گذاريندؤ.
جيڪڏهن توهان کي خبر نه آهي ته پوءِ پڇاڳاڇا ڪريو ته ايندڙ سال زندگي گذارڻ تي ڪيترو خرچ ايندو ۽ ان دوران مختلف استعمال جي شين جي قيمت ڪيتري هوندي. انهن شين ۾ مسواڙ، کاڌخوراڪ، لباس، طبي امداد، گاڏيون، سهوليتون، تعليم، موڪلون، سير سپاٽو، انشورنس، بچت ۽ سيڙپ وغيره سڀ شامل آهن.
توهان ڪنهن شاندار ريسٽورينٽ ۾ لنچ ڪري رهيا آهيو، پنهنجي پسنديده ڪار هلائي رهيا آهيو ۽ ڪو نئون گهر خريد ڪري رهيا آهيو ته پنهنجي ذهن کي اهو چوڻ ۽ تصور ڪرڻ جي اجازت نه ڏيو ته اهي شيون حاصل ڪرڻ ناممڪن ۽ چريائپ آهي. توهان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجو خواب حاصل ڪرڻ لاءِ توهان جو ڪيترو خرچ ايندو ۽ اهو خرچ ڪيترو به ٿي سگهي ٿو.
[b]رٽائرمينٽ بعد فيصلو
[/b] فيصلو ڪريو ته جڏهن توهان نوڪريءَ تان رٽائر ٿيندؤ يا توهان کي پنهنجي موجوده طرز زندگيءَ برقرار رکڻ لاءِ ڪيتري دولت جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن توهان کي چاليهه هزار ماهوار جي ضرورت پوندي ۽ نوڪري ڇڏڻ وقت کپندو هو ته توهان به 40 لک رپين جي سيڙپ ڪيل هجي. جيڪڏهن توهان سيڙپ ۾ هڪ 40 لک لڳايا آهن ته توهان کي ان سيڙپ تي 20 سيڪڙو نفعو حاصل ٿئي ٿو ته اهڙي نموني توهان کي ماهوار 66 هزار رپين جي آمدني ٿئي ٿي.
ان آمدني جي ڪارائتي هجڻ جو دارومدار مختلف ڳالهين تي آهي. مثال طور ڇا توهان پنهنجي گهر جي قيمت ڀري ڇڏي آهي. توهان ڪيترن ماڻهن جي ڪفالت ڪريو پيا. توهان ڪهڙي قسم جي زندگي گذارڻ چاهيو ٿا.
بهرحال مٿي ذڪر ڪيل رقم توهان جي گهربل زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي ڪونهي. وڌيڪ اهو به ته جيڪڏهن توهان سياحت تي وڃڻ چاهيو ٿا ۽ هڪ سرگرم زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته به اها رقم توهان لاءِ مناسب ۽ ڪافي ڪونهي.
[b]دولت بابت شعوري رويو
[/b] ڪيترائي ماڻهو پنهنجي دولت بابت شعوري رويو اختيار نه ٿا ڪن. توهان جو مالي قدر ڇا آهي؟ يعني توهان جي ملڪيت مان قرض ۽ رهتن کي ڪاٽبو وڃي ته پوءِ توهان جي مالي حيثيت ڇا هوندي؟ توهان کي خبر آهي ته توهان ڪيتري رقم بچائي آهي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان جا ماهوار غيرمستقل ۽ مستقل خرچ ڪهڙا ۽ ڪيترا آهن؟ توهان کي خبر آهي ته توهان تي قرض ڪيترو آهي ۽ ان جو ڪيترو وياج ڀري رهيا آهيو؟ توهان پنهنجي وصيت لکي ڇڏي آهي ۽ ها ته اها پراڻي وصيت آهي يا نئين سر لکي اٿوَ؟
جيڪڏهن توهان مالي طور تي ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي دولت بابت شعوري رويو اختيار ڪرڻو پوندو. توهان کي نه صرف اها خبر هئڻ کپي ته توهان ڪاميابيءَ جي لحاظ کان هن وقت ڪٿي بيٺا آهيو؟ پر توهان ڪيتري قدر ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا.
[b]پهرين وک: مالي حيثيت بابت ڄاڻ
[/b] جيڪڏهن توهان کي پنهنجي مالي حيثيت جي ڄاڻ ڪونهي ته پوءِ هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن.
1. اڪائونٽنٽ توهان کي مالي حيثيت کان واقف ڪري سگهي ٿو.
2. مالي معاملن ۾ تجربيڪار ماهر توهان جي مدد ڪري سگهن ٿا.
3. ڪهڙي به قسم جو هڪ سافٽ ويئر يا پروگرام خريد ڪريو، جنهن سان پنهنجي مالي حالت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.
[b]ٻي وک: رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڇا گهرجي؟
[/b] ايندڙ مرحلي ۾ توهان کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ توهان کي مالي طور ڪهڙيون ضرورتون پيش اينديون.
مالي معاملن بابت تجربيڪار شخص توهان کي ٻڌائي سگهي ٿو ته توهان کي ڪهڙي نموني ۽ ڪيتري رقم بچائڻ کپي، سيڙپ ڪرڻ کپي ۽ توهان کي مناسب آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري قدرم سيڙپ ڪرڻي پوندي.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن توهان مالي طور تي خودمختيار ٿي ٿا وڃو ته توهان وٽ مناسب مقدار ۾ دولت اچي وڃي ٿي ته پوءِ توهان پنهنجي مرضيءَ موجب زندگيءَ جو مزو ماڻي سگهو ٿا.
[b]ٽين وک: خرچ بابت ڄاڻ
[/b] مشهور معاشي ماهر ايلن گرنيزپين گهرا ويچار ظاهر ڪندي چيو ته: ”اڄوڪي نسل ۽ معيشت جو وڏو مسئلو اهو آهي ته ماڻهن کي سندن مالي معاملن بابت ڪو شعور ئي ڪونهي.“
ڪيترن ماڻهن کي اها خبر ئي نه هوندي آهي ته اصل ۾ کين مهيني اندر ڪيتري رقم خرچ ڪرڻ کپي. جيڪڏهن توهان به اڃا تائين پنهنجن انهن خرچن جو اندازو نه لڳايو آهي ته پوءِ پنهنجا مستقل ۽ غير مستقل ماهوار خرچ ڪنهن ڪاغذ تي لکي رکو. مثال طور: جاءِ جي مسواڙ، ڪار جي قسط، ڪنهن ٻئي قرض جي قسط، انشورنس جو پريميم، ڪيبل جو بل پاڻي ۽ بجلي ۽ گئس جو بل وغيره.
گذريل ڇهن کان ٻارنهن مهينن جي ماهوار خرچن جو سراسر حساب ڪڍو ۽ پوءِ آخر ۾ توهان هلندڙ مهيني ٿيل هر ننڍي وڏي خرچ جو تفصيل به پني تي لکندا وڃو، پوءِ انهن کي گڏ ڪريو ته جيئن توهان کي پنهنجي سڄي مهيني جي خرچ جو تفصيل معلوم ٿئي. انهن شين ۽ معاملن جو جائزو وٺو، جن جي توهان کي هر حال ۾ ادائگي ڪرڻي آهي ۽ انهن خرچن جو به جائزو وٺو، جيڪي توهان پنهنجي مرضيءَ موجب ڪرڻ چاهيو ٿا. ان طريقي سان توهان کي پنهنجي خرچن جو چڱيءَ ريت اندازو ٿي ويندو.
[b]چوٿين وک: مالي معاملن بابت شعور ماڻيو
[/b] مالي مامرن جي باري ۾ برٽ ڪيوا ساڪي چيو هو ته، ”اسان کي اسڪولن ۾ مالي معاملن بابت ڪنهن به قسم جو شعور يا ڄاڻ نه ٿي ڏني وڃي. واقفيت رکڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي ان تبديليءَ لاءِ سخت محنت ۽ وقت کپي.“
توهان کي نه صرف پنهنجا مالي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ هر مهيني پنهنجين خرچن تي نظر رکڻ لاءِ مالي معاملن بابت شعوري طور تي واقف رهڻ جي ضرورت آهي، پر توهان کي اهو به سمجهڻ کپي ته دولت حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپ بابت واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ معلوماتي ڪتاب يا رسالي کي پڙهو. مالي معاملن بابت وڌ ۾ وڌ معلومات ۽ شعور حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اهڙن پيشيور ماڻهن سان رابطو ڪريو، جيڪي توهان کي توهان جي ايندڙ مالي معاملن ۾ مهارت پيدا ڪرڻ جا طريقا سيکارين ۽ بچت جا گُر ٻڌائين.
مارڪ ۽ شيلا پنهنجا ٻار به پالي رهيا هئا ته گڏوگڏ ٻي نوڪري به ڪري رهيا هئا. کين اهو خيال نه آيو ته ڪو وڌ ۾ وڌ دولت ڪمائي، مالي طور تي خوشحال ٿين. اهي سخت محنت ۽ پورهئي ۾ مشغول هئا.
پنهنجن نوڪرين مان رٽائر ٿيڻ کان هو پنهنجي ڪافي گڏ ڪيل رقم کان محروم ٿي ويا. مهانگائي ۽ خرچ وڌي ويا. پوءِ هنن بهتر رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هنن مختلف مالي سکيا پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. پوءِ سال ٻن ۾ هنن وٽ 15 اهڙا گهر موجود هئا، جن کي هنن مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيو هو. انهن گهرن جي ماليت ٻه ملين ڊالرن کان وڌيڪ هئي، جنهن مان هنن کي هر مهيني هڪ وڏي رقم ملندي رهي.
جيڪڏهن هنن لاءِ اها رقم ڪافي نه هجي ها ته اڃا ڪو ٻيو ڪاروبار شروع ڪن ها، ڇو ته هو ڪهڙي به ڪاروبار لاءِ پنهنجو وقت ۽ رقم سيڙائڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا.
[b]دولت جا روپ
[/b] دولت جا ڪيترائي روپ آهن، ان سلسلي ۾ ڪيتريون ملڪيتون اهي به آهن، جيڪي اصل ۾ دولت ۾ نه ٿيون ليکيون وڃن، پر زندگيءَ لاءِ انهن جي اهميت ڪنهن دولت کان گهٽ ڪونهي. اهڙيءَ دولت کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
[b]آڳاٽا انساني دولت ۽ اثاثا
[/b] توهان جو خاندان، صحت ڪردار، مثالي صلاحيتون، روحانيت، خوشحالي، اخلاقي قدر، لاڳاپا، عادتون، مستقبل ۽ ورثا وغيره.
[b]ذهني دولت ۽ اثاثا
[/b] توهان جو عقل، سوچ روايتي تعليم، زندگيءَ جا تجربا (سٺا يا خراب) شهرت، ساک، نظريا، روايتون، قربتون صلاحيتون ۽ خوبيون وغيره.
[b]مالي دولت ۽ اثاثا
[/b] توهان جي روڪ رقم، شيئر، رٽائرمينٽ تي مليل رقم، مختلف قسم جا ڪاروبار، جائيداد، مال دولت، ساز ۽ سامان (مالي ۽ مادي) وغيره.
شهري سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ توهان حڪومت کي ٽيڪس جي صورت ۾ جيڪا رقم ڏيو ٿا، تنهن ۾ هيٺيان عنصر شامل هوندا آهن:
توهان جا مختلف قسم جا ٽيڪس، حساب ڪتاب ۾ ڪٽوتيون خيراتي اداري کي ڏنل رقمون .