معاهدا/ واعدا پورا ڪريو
”توهان جي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي، ته توهان پنهنجن معاهدن ۽ واعدن تي ڪيتري حد تائين پورا لهو ٿا.“
پوڄت کان وڏو واعدو نه ڪريو
ڪنهن به شخص جي وات مان نڪتل هڪ لفظ، هڪ واعدو سمجهيو ويندو آهي. معاهدا ۽ واعدا ڪيا ويندا آهن ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي معاهدو ڪرڻ کان اڳ ئي اندازو ڪري وٺندا آهن ته اهي اهو واعدو پورو ڪري به سگهندا يا نه. اها نهايت اهم ذميداري ۽ فرض آهي، ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو واعدي کي گهڻي اهميت نه ٿا ڏين.
[b]واعدا نه پاڙڻ جي ڳري قيمت
[/b] آءٌ جڏهن به ڪنهن سکيا پروگرام جي شروعات ڪندو آهيان ته ان پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي چوندو آهيان ته اهي انهن 15 پڪن قانونن تي عمل ڪن، جن ۾ مختلف ڳالهيون شامل آهن.
مثال طور وقت جي پابندي، هر وقفي کان پوءِ هڪ ٻي ڪرسيءَ تي ويهڻ، سکيا مڪمل ٿيڻ تائين الڪوحل مليل مشروبات پيئڻ کان پاسو ڪرڻ وغيره.
جيڪڏهن اهي انهن اصولن ۽ قانونن جي پابندي نه ٿا ڪن ته پوءِ آءٌ کين پنهنجي تربيتي پروگرام ۾ ويهڻ ڏيڻ کان قاصر آهيان. ايستائين جو آءٌ کين هڪ لکت واري ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ لاءِ چوان ٿو، جنهن ۾ لکيل هوندو آهي ته، ”آءٌ پروگرام جي سمورن اصولن ۽ قانونن جي پابندي جو واعدو ڪريان ٿو.“
پوءِ ان سکيا پروگرام جي ٽئين ڏينهن صبح جي وقت آءٌ کانئن پڇان ٿو ته ڪنهن انهن مان هڪ به اصول جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ مون کي پتو پئجيو وڃي ته ڪنهن، ڪڏهن ۽ ڇو ايئن ڪيو آهي، پر ان جو سراسري انگ تمام گهٽ هوندو آهي. ان سان اسان کي پتو پوندو آهي ته ڪيئن نه ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي يڪدم ڪو واعدو ڪري ٿو وٺي.
ان جو سبب ڇا آهي؟ اڪثر ماڻهن انهن اصولن جي قانونن بابت گهڻي پڇ پڇ کان بچڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ٺاهه ۽ واعدي تي صحيحيون ڪري ٿا ڇڏين.
هو ڪنهن جي به نظر ۾ اچڻ نه ٿا چاهين. اڪثر ماڻهو انهن قانونن بابت ڪنهن به پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ ها ڪري ٿا ڇڏين ته ڪي وري ڪنهن به قسم جي امڪاني تڪرار يا اختلاف کان بچڻ چاهين ٿا. ظاهري طرح اهي انهن اصولن تي عمل جو واعدو ڪن ٿا، پر اصل ۾ سندن ان تي عمل جو ڪو به ارادو نه هوندو آهي.
اصل مسئلو اهو ڪونهي ته ڪو ماڻهو واعدا ڪن ٿا ۽ پوءِ نهايت آسانيءَ سان اهڙا واعدا ٽوڙي ٿا ڇڏين. پر اصل ڳالهه اها آهي ته ماڻهو پنهنجي ان عمل جي قيمت کان واقف نه آهن. جڏهن توهان پنهنجو واعدو پورو نه ٿا ڪريو ته پوءِ توهان کي ان جي اندر توڙي ٻاهر وڏي قيمت ادا ڪرڻي ٿي پوي. توهان جي ساک ختم ٿي وڃي ٿي، توهان جي عزت ۽ احترام ختم ٿي ٿا وڃن. توهان پنهنجن گهر ڀاتين، دوستن، ساٿين ۽ گراهڪن جي نظرن کان ڪري پئو ٿا. ساک ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي، پر وڃائڻ نهايت سولو.
جڏهن توهان پنهنجي واعدي باوجود ٻارن کي ڪافي وقت تائين سير لاءِ نه ٿا وٺي وڃو ته پوءِ هو توهان جي ٻين واعدن تي به ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين. هنن جو توهان تان اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو. کين خبر آهي ته توهان جيڪي ڪجهه چئو ٿا، ان تي پاڻ به عمل نه ٿا ڪريو. توهان جو اعتماد ته ختم ٿئي ٿو، پر گڏوگڏ توهان جا هڪ ٻئي سان سٺا ناتا به ختم ٿي ٿا وڃن.
[b]واعدن جي اهميت
[/b] اها نهايت اهم ڳالهه آهي ته توهان جيڪو واعدو ٻين سان ڪريو ٿا، اصل ۾ اهو واعدو توهان پنهنجو پاڻ سان ڪريو ٿا. جڏهن توهان ڪنهن ٻئي ماڻهو سان ڪو واعدو ڪري رهيا هجو ٿا ته توهان جو دماغ سموري ڳالهه ٻڌي ۽ سمجهي رهيو ٿو هجي ۽ ان کي توهان جي واعدي ۽ ارادي جي پڪي حيثيت ڏئي ٿو. اصل ۾ توهان اهو واعدو ڪو خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪريو ٿا ۽ جڏهن توهان اهو واعدو يا ٺاهه پورو نه ٿا ڪريو ته توهان گمراهيءَ جي رستي تي هلڻ لڳو ٿا. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته توهان برتريءَ جي احساس، خود اعتمادي ۽ عزت نفس کان محروم ٿي وڃو ٿا. توهان پاڻ ۾ موجود ذميداري جي احساس، ايمانداريءَ جي احساس ۽ اندر جي سچائيءَ کي ڪمزور ڪري ٿا ڇڏيو.
توهان پنهنجي گهرواريءَ کي ٻڌايو ٿا ته توهان روزانو صبح جو سوير 6 وڳي ڌاري اٿندؤ ۽ آفيس وڃڻ کان اڳ ورزش به ڪندؤ، پر ٽن ڏينهن کان پوءِ توهان ان لاءِ رکيل الارم بند ڪري ٿا ڇڏيو، پر توهان جو دماغ سوچڻ لڳي ٿو ته توهان تي ڀروسو ڪجي يا نه. اصل ۾ توهان جي خيال ۾ ڇهين وڳي کان پوءِ وري سمهي رهڻ معمولي ڳالهه آهي، پر توهان جي لاشعور جي خيال ۾ صبح جو 6 وڳي کان پوءِ جاڳڻ توهان لاءِ نهايت اهم آهي، ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ سان ئي اهو واعدو ڪيو هو ته هاڻي صبح جو سوير 6 وڳي کان پوءِ جاڳڻو آهي. جڏهن توهان پنهنجو پاڻ سان ڪيل ٺاهن ۽ واعدن تي عمل نه ٿا ڪريو ته مونجهارا، پريشاني ۽ شڪ شبها پيدا ٿين ٿا.
[b]ذميداريءَ جو احساس ضروري
[/b] جڏهن توهان کي اها خبر هوندي ته توهان جي ذميداري جو احساس ۽ ايمانداري جي ڪيتري نه گهڻي اهميت آهي ته پوءِ توهان رڳو ڪنهن ٻئي شخص کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪوڙا واعدا ڪرڻ کان پاسو ڪندؤ. توهان ڪنهن جي وقتي خوشيءَ لاءِ پنهنجي برتريءَ واري احساس کي ختم نه ڪريو. توهان اهڙا واعدا ئي نه ڪريو، جن کي پورو نه ٿا ڪري سگهو.
ان نقطي جي وضاحت لاءِ آءُ پنهنجي سکيا پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙن کان اڪثر پڇندو آهيان ته جيڪڏهن کين اها خبر هجي ته هن پروگرام جي اصولن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ سان توهان کي هڪ ڊالر ملندو ته توهان انهن جي پابندي ڪندؤ؟ تقريبن سڀني جو جواب هاڪار ۾ هوندو آهي، پر ڪو هڪ ناڪار ۾ به جواب ڏيندو آهي. سندس دليل اهو هوندو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آءٌ وقت تي نه پهچي سگهان. رستي ۾ ٽريفڪ جام هجي ۽ ڦاسي پوان ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
آءٌ کانئس وري پڇان ٿو ته جيڪڏهن توهان کي اهو پتو پوي ته جيڪڏهن توهان هن پروگرام جي اصولن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندؤ ته پوءِ توهان کي سخت سزا ملندي ته توهان ڇا ڪندؤ؟ ته هن جواب ڏنو: ها، جيڪڏهن ايئن ٿيندو ته پوءِ آءٌ واپس وڃڻ ڪري دير سان پهچڻ بدران هن ڪمري جي فرش تي ئي رات سمهڻ پسند ڪندس ته جيئن صبح جو وقت تي پروگرام ۾ شرڪت ڪري سگهان.
يعني جڏهن توهان کي اهو پتو پئجي وڃي ٿو ته توهان جي واعدي يا ٺاهه تي عمل ڪيترو اهم آهي ته پوءِ توهان کي اهو احساس ٿي ويندو ته توهان ۾ واعدن ۽ ٺاهن تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ وڌ ۾ وڌ، برتريءَ جو احساس، خوداعتمادي، عزت نفس ۽ سڪون توڙي توانائي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان وٽ واعدن تي عمل ڪرڻ وڌيڪ ضروري ٿي ويندو. جيڪڏهن توهان ٻين طرفان پاڻ لاءِ عزت احترام ۽ ڀروسو حاصل ڪرڻ چاهيو ته جيڪو زندگي ۾ ڪنهن به وڏي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پوءِ توهان پنهنجن واعدن کي پورو ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪريو.
[b]ڪجهه ڪارائتا نقطا
[/b] 1. اهڙا واعدا ڪريو،جيڪي پورا ڪري سگهو
ڪنهن به قسم جو ٺاهه يا واعدو ڪرڻ کان اڳ ٿوريءَ دير لاءِ اهو سوچي وٺو ته ڇا توهان واقعي ان تي عمل ڪرڻ چاهيو ٿا. پنهنجي رويي جو جائزو وٺو. توهان جو جسم توهان جي انهن واعدن ۽ ٺاهن جي سلسلي ۾ ڪهڙي قسم جو ردعمل ظاهر ڪري ٿو؟ ڪنهن جي چاپلوسيءَ يا ڪنهن جي ناراض نه ٿيڻ کان بچڻ لاءِ واعدا يا ٺاهه نه ڪريو. جيڪڏهن توهان اهڙي طرز عمل جو مظاهرو ڪندؤ ته پوءِ واعدي جي ڀڃڪڙي جا ڏوهاري ٿي پوندؤ.
2. واعدن کي لکو
پنهنجي ڪيل سمورن ٺاهن ۽ واعدن کي ڪنهن ڪئليندر، ڪمپيوٽر يا ڪاپيءَ تي لکي ڇڏيو ته جيئن اهي توهان جي يادداشت ۾ محفوظ رهن، ٿي سگهي ٿو ته هڪ هفتي دوران توهان ڪيترن ئي ماڻهن سان واعدا ڪيا هجن اسين انهن واعدن تي عمل ڪرڻ جو ارادو ته رکندا آهيون، پر پنهنجين روزمره جي ڪم ڪارن ۽ مصروفيتن سبب انهن مان ڪيترن بابت اسان جو خيال ئي لهي ٿو وڃي. تنهن ڪري بهتر آهي ته انهن واعدن ۽ ٺاهن کي لکي ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته اهي واعدا پاڙڻ جو توهان جو پڪو ارادو هجي، پر جيڪڏهن توهان انهن کي ڪنهن سبب ڪري وساري ٿا ڇڏيو ته ٻيا ته اهو ئي سمجهندا رهندا ته توهان پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪيو ۽ اهڙي نموني توهان جي ساک متاثر ٿي سگهي ٿي.
[b]وعدي بابت سچا رهو
[/b] جيئن ئي توهان محسوس ڪريو ته توهان فلاڻي ماڻهوءَ سان ڪيل فلاڻو واعدو پورو نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ يڪدم واسطيدار شخص کي ان بابت واقف ڪريو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو سبب به ٻڌائي ڇڏيو ته ڇا جي ڪري توهان اهو واعدو پورو نه ٿا ڪري سگهو ۽ جيڪڏهن پوءِ به اهو پورو ڪرڻ ضروري هجي ته سامهون واري کان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ۽ سهوليت وٺو. ان سان ان ماڻهوءَ جي نظر ۾ توهان جو اعتماد وڌندو ۽ کيس به نه صرف پنهنجي اهميت جو احساس ٿيندو، پر هو توهان کي به سٺيءَ نظر سان ڏسندو. جيڪڏهن توهان کي واعدو پورو ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي وڃي ته به واسطيدار ماڻهوءَ کي اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته دير ڇا لاءِ ٿي؟
واعدي ڪرڻ کان اڳ سوچيو
ڪو به نئون واعدو ڪرڻ کان اڳ ان تي چڱيءَ طرح غور ڪريو ۽ ان ڪنهن به واعدي کان اڳ اهو پورو ڪرڻ جي خاطري ڪريو، نه ته انڪار ڪري وٺو ۽ ان لاءِ سوچڻ جو وقت وٺو ۽ پوءِ سموري سوچ ويچار کان پوءِ ها يا نه ۾ جواب ڏيو.
[b]قائدا ۽ اصول
[/b] توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن قسم جو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته توهان جا پنهنجي گهر ڀاتين، دوستن، آفيس جي معاون عملي، آفيسرن ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن سان سٺا لاڳاپا هجن. انهن ناتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو ڪرڻ لاءِ توهان کي ”قائدن ۽ اصولن“ ٺاهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان هڪ ٻئي سان ناتا ڪيئن نڀاهي رهيا آهيو؟ اهي ناتا برقرار رکڻ لاءِ قائدن ۽ ضابطن کان سواءِ به ڪهڙي قسم جا رهنمائيءَ وارا نقطا ضروري آهن. ان سلسلي ۾ هيٺ ڏنل قائدن، اصولن ۽ رهنما اصولن ذريعي توهان زندگيءَ ۾ گهڻي ڪاميابي ۽ ترقي حاصل ڪري سگهو ٿا.
1. پنهنجن مقصدن ۽ حدف جي پاسداري لاءِ هر وقت تيار رهو.
2. جيڪڏهن توهان پنهنجو واعدو پورو ڪري سگهو ٿا ته پوءِ واعدو ڪريو، نه ته جواب ڏيئي ڇڏيو. معافيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.
3. جيڪڏهن توهان جا ڪنهن سان اختلاف آهن يا توهان سندس ڳالهه سمجهي نه سگهيا آهيو ته پوءِ شڪ ۾ رهڻ کان بهتر آهي ته توهان ان شخص کان چٽي نموني ڳالهه پڇي وٺو.
4. صرف اهي واعدا ۽ ٺاهه ڪريو، جيڪي توهان پورا ڪري سگهو ٿا.
5. جيڪڏهن توهان ڪو واعدو پورو نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ يڪدم واسطيدار شخص کي واقف ڪريو ۽ پوءِ جيڪڏهن توهان اڃا به اهو واعدو پورو ڪري سگهو ٿا ته پهرين واندڪائي ۾ ان کي پورو ڪريو.
6. جڏهن واعدو پورو ڪرڻ لاءِ حالتون سازگار نه هجن ته پوءِ حالتن جي سڌاري لاءِ ڪو نئون طريقو اختيار ڪريو.
7. جيڪڏهن توهان واعدو پورو نه ڪري سگهو ته پوءِ ان جي ذميداري کلئي دل سان قبول ڪري وٺو، معافيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ، وضاحت ڪرڻ ۽ شرم محسوس ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.
[b]ارادي قوت ڪتب آڻيو!
[/b] توهان جي زندگيءَ جي هڪ وڏي ڳالهه اها آهي ته توهان پنهنجي ڪيل ڪنهن به واعدي کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي ڀلي نه هٽو. کلي عام اعلان ڪريو ته توهان کي ڀلي ڪيتريون ئي ڏکائيون ۽ تڪليفون سامهون اچن، پر توهان پنهنجا واعدا ضرور پاڙيندا ۽ انهن واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي قوت ارادي ۽ پاڻ کي متحرڪ ڪرڻ واري قوت استعمال ڪريو.