ڌيان سان ٻڌو، سٺو ڳالهايو
”ڳالهه ٻولهه ڪڏهن ڪڏهن ٽيبل ٽينس راند وانگر هوندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو اڪثر نمبر وڌائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، پر جيڪڏهن ٻئي شخص جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ٿورو ڌيان ڏنو وڃي ۽ سندس احساسن جو احترام ڪيو وڃي ته پوءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندڙ ٻئي ڌريون ان ٽيم ۾ شرڪت ڪندڙ سچا ميمبر ۽ حصو وٺندڙ بڻجيو وڃن.“
بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ڪاروباري، تعليمي ۽ ٻين ادارن ۾ ڪنهن به شخص کي نه ئي سندس احساس ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو، نه ئي ڪو ٻيو شخص سامهون واري جا احساس ٻڌڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي جو ڪنهن به شخص ۾ اصل ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت ئي ختم ٿيو ٿي وڃي. ان صورتحال ۾ تمام گهڻي جذبات خاموشي ڇائنجي ٿي وڃي. اها صورتحال ايئن ئي آهي، ڄڻ پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ اڃا وڌيڪ پاڻي وڌو وڃي. اهو ته ڪو مسئلي جو حل نه آهي، اسان کي گهرجي ته پهرين ان ڀريل گلاس کي خالي ڪريو ۽ پوءِ ئي ان ۾ نئون پاڻي ڀريون. جذبن ۽ احساسن جي به اهڙي ئي صورتحال آهي. ماڻهو ٻين جون ڳالهيون اوستائين نه ٿا ٻڌن، جيستائين سندن ڳالهه ته ٻڌي وڃي يا ٻڌڻ جي خاطري نه ڏني وڃي. سڀ کان اڳ ته ان شيءِ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو، جيڪا توهان جي سيني تي بار بڻيل آهي.
جيتوڻيڪ توهان اهڙا شخص آهيو، جيڪي بس هاڻي ئي آفيس مان گهر موٽي آيا آهيو يا وري اهي ماءُ/ پيءُ آهيو، جيڪي توهان جي ٻار جي ڪمزور تعليمي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڏسي رهيا آهن، شيون وڪڻڻ وارن انهن ماڻهن مان آهيو، جيڪي ڪار وڪڻڻ جي ڪوششن ۾ آهن. ڪنهن واپاري اداري جا سربراهه آهيو، جيڪو ڪن واپاري ادارن کي هڪ ٻئي ۾ ضم ڪرڻ تي ويچاري رهيو آهي. توهان ڇا به آهيو، پر توهان کي گهرجي ته جڏهن ڏسو ته ڪو ٻيو توهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿو ته اڳ ۾ ان کي ڳالهائي پنهنجي دل جو بار لاهڻ جو موقعو ڏيو. ان طريقي سان توهان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اهڙو وقفو پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ توهان هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌي ۽ سمجهي وٺو ٿا.
[b]سٺي ڳالهه ڪهڙي؟
[/b] ڪا سٺي ڳالهه ٻولهه هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ انهن نقطن جي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪنهن جي مزمت، جانبدارائي ڳالهه ٻولهه، مشورن، راين کي ٻئي ڪنهن جي مداخلت کان سواءِ سٺي نموني ڌيان سان ٻڌو وڃي. اهو هڪ اهڙو ۽ اثرائتو طريقو آهي، جنهن سان اظهار نه ڪيل جذبن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن اهي ڳالهيون ظاهر نه ٿين ته ٻن ماڻهن وچ ۾ ڪاروباري معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ٿي اچي. اهو طريقو گهر ۾، ڪاروباري طور تي، ڪلاس ۾ روم ۾، راندين ۽ مذهبي معاملن ۾ به سٺي نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ڌرين وچ ۾ اعليٰ درجي جي مطابقت ۽ بي تڪلفي پيدا ٿي وڃي.
[b]ڌيان سان ڪيئن ٻڌجي
[/b] هيٺ ڄاڻايل موقعن تي توجهه سان ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جا سٺا نتيجا نظر اچن ٿا:
1. ساٿي عملي سان ملاقات کان اڳ يا پوءِ.
2. هڪ اهڙي ڪاروباري ملاقات جي شروع ۾ جتي به نوان شخص پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٿين ٿا.
3. ڪنهن سخت جذباتي واقعي ادارن جي پاڻ ۾ ضم ٿيڻ جي موقعي تي موت يا ڪنهن غير امڪاني نقصان کان پوءِ.
4. ٻن ماڻهن يا ادارن ۾ اختلافن جي موقعي تي.
5. گهر، آفيس ۾ باقائدگيءَ سان، ته جيئن ڌرين وچ ۾ گهري ويجهڙائپ ۽ هم خيالي پيدا ٿي سگهي.
[b]سٺي ڳالهه ڪٿي ٻڌي وڃي ٿي
[/b] ڪابه سٺي ڳالهه ٻن يا وڌيڪ ماڻهن جي ڪنهن ٽيم ۾ ويهي ٻڌي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن جماعت ۾ ڏهه يا ان کان وڌيڪ ماڻهو شامل هجن ته انهن کي پاڻ ۾ ورهائي تعداد گهٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ماڻهن جي ميڙ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ڌيان سان ٻڌڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، جنهن سان ان قسم جي ڳالهه ٻولهه جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو.
جڏهن توهان پهريون ڀيرو سٺيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملاقات جو اهتمام ڪريو ته توهان شروع ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏيو ته توهان اهڙي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ان ڪري شروع ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو هڪ ٻئي جون سٺيون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي عمل ڪن. ٻين جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌڻ ذريعي هڪ اهڙو سٺو ماحول ٺهيو وڃي، جنهن جي ذريعي ماڻهو پوري اعتماد سان تعميري توڙي غير تعميري ڳالهيون کلئي دل سان ڪن ٿا، جن کي جيڪڏهن هونئن ظاهر نه ڪجي ها ته ڪيترائي ڪارائتا ڪم ٿيڻ ۾ ڏکيائي اچي ها ۽ اها به خبر نه پوي ها ته فلاڻي جي ڳالهه جي باري ۾ فلاڻي ماڻهوءَ جا خيال يا راءِ ڪهڙي آهي. تخليقي ڪم ۾ رڪاوٽ اچي ٿي ۽ فطري ڳالهه ٻولهه جو عنصر گهٽجي وڃي ٿو، تنهن ڪري اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن به منصوبي جي ڪاميابي لاءِ تمام ضروري ليکيون وينديون آهن.
[b]سٺي ڳالهه ٻڌڻ جا اصول
[/b] سٺيءَ ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ واري موقعي تي اتي موجود سمورن ماڻهن کي چئو ته اهي هڪ گول ميز جي ٻنهي پاسي آمهون سامهون ويهي رهن، تنهن کان پوءِ اتي موجود ماڻهن کي اهي اصول ٻڌايا وڃن، جن تي سڀني اتفاق ڪيو آهي، جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون شامل آهن:
1. ڪنهن به ٻئي شخص جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌو.
2. ان جي ڳالهه تي تنقيد نه ڪريو ۽ راءِ به نه ڏيو.
3. پنهنجي واري کان پوءِ ٻي شخص کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو.
4. توهان صرف پنهنجن احساسن بابت ڳالهايو.
5. ٿيل ڳالهه ٻولهه مان حاصل ڪيل معلومات کي ڳجهو رکو.
6. جيستائين ڳالهه مڪمل نه ٿئي، محفل منجهان اٿي هليا نه وڃو.
7. جيڪڏهن توهان وٽ وڌيڪ وقت آهي ته پوءِ اها سٺي ڳالهه ٻولهه ان وقت ختم ٿئي ٿي، جڏهن اتي موجود سڀ ماڻهو ڳالهائي ٿا وٺن.
سڀني ماڻهن کي چئو ته اهي انهن رهنما اصولن تي راضي ٿي وڃن، جيڪي ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهن ته ڳالهين ۾ ڪو ڏڦيڙ پيدا نه ٿئي ۽ ان ملاقات جي اهميت ختم ٿي نه وڃي. جيئن ته پنهنجي واريءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي ته پوءِ وڌيڪ بهتر ٿئي، جو ڳالهيون ختم ٿيڻ کان اڳ ڌرين کي انهن معاملن بابت ياد ڏياريو وڃي، جن تي سڀئي راضي ٿي چڪا آهن ته جيئن سڀني کي ڌيان سان ٻڌي سگهجي. توهان صرف ان ڳالهه تي نظر رکو ته ڪو ميمبر انهن اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪري.
جڏهن ڪو شخص تقرير ڪرڻ لاءِ اٿي ته توهان ان تقرير ڪندڙ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس هٿ ۾ نشانيءَ طور ڪا شيءِ ڏيئي ڇڏيو ته جيئن ٻين کي خبر پوي ته تقرير ڪير پيو ڪري ۽ پوءِ جڏهن اهو پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪري ته اها شيءِ وري ٻئي تقرير ڪندڙ حوالي ڪريو.
امڪاني نتيجا
سٺين ڳالهين مان هي نتيجاماڻي سگهجن ٿا.
1. ٻين جي ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌڻ.
2. پنهنجن احساسن جو تعميري اظهار.
3. مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بهترين صلاحُن.
4. پراڻن مسئلن کي نظراندازڪرڻ جي بهترين صلاحيت
5. هڪ ٻئي سان هم خيالي ۽ عزم توڙي احترام جو اظهار.
6. هڪ ٻئي سان تعلق، اتحاد ۽ وابستگيءَ جو وڌ ۾ وڌ اظهار.
[b]سٺي گفتگو ڪاروبار کي بچائي ٿي
[/b] جيمز جو ننڍي پئماني تي هڪ خانداني ڪاروبار هو، جيڪو ڪيترن سالن کان سندن ڪٽنب جو سهارو هو. سندس زال ۽ ٻه ٻار جن جون شاديون ٿي چڪيون هيون ۽ انهن کي ٻار به ٿي چڪا هئا، اهي ان ڪاروباري اداري ۾ ملازم طور ڪم ڪري رهيا هئا. جيمز کي اميد هئي ته جڏهن هو ان ڪاروبار مان رٽائر ٿيندو، ته به سندن اهو خانداني ڪاروبار محفوظ رهندو ۽ هر ڪو گهرڀاتي ان مان روزي حاصل ڪندو رهندو.
ظاهر ۾ ته اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو سٺو پيو نظر ايندو هو، پر جيمز جي ٻنهي پٽن وچ ۾ ويڇا وڌندا پئي ويا ۽ شاديءَ کان پوءِ جڏهن ٻنهي جي زالن به ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو ته اهي رنجشون اڃا وڌي وڻ ٿي ويون. پر پوءِ جڏهن هڪ ڏينهن ٻئي ڀائر هٿين پئجي ويا ته پوءِ جيمز سوچيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻنهي سان ڳالهائي مسئلي جو ڪو قابل قبول حل ڪڍجي ته جيئن معاملي کي صحيح رخ تي آندو وڃي. هن سٺيون ڳالهيون ڪرڻ جو فارمولو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هفتيوار کاڌي کائڻ کان پوءِ جڏهن سڀ گهرڀاتي گول ميز جي چوگرد ويٺا هئا ته بلڪل خاموش هئا. کين خبر ئي نه هئي ته هاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. جيمز اڳواٽ ئي سڀني کان واعدو ورتو هو ته اهي انهن اٺن اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪندا، جن جو ذڪر اسين اڳ ۾ ئي ڪري آيا آهيون، تنهن کان پوءِ هر ڀاتيءَ کي ڳالهائڻ وقت هڪ رانديڪي جي شڪل جهڙي ‘دل’ ڏني ويئي. پهرين مرحلي ۾ ته سڀني پنهنجي واري تي ڳالهائڻ وقت دل وارو اهو رانديڪو ٻئي جي حوالي پئي ڪيو، پر ٻئي مرحلي ۾ هر ڪنهن ڄڻ غير ارادتن ناراضگيءَ طور اهو ٻئي کي اڇلائي ٿي ڏنو، پر ڪير به انهن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام پاڻ تي آڻڻ لاءِ تيار نه هو.
هر ڪو پاڻ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ٻئي کي ڌيان سان ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هو. پر جڏهن رانديڪي جهڙي دل سڀني جي هٿن ۾ آئي ته پوءِ مجبورن سڀني کي ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻي ٿي پيئي ۽ هڪ ٻئي خلاف جارحاڻي رويي ۽ مخالفت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي.
هرڪو پنهنجي ڳالهه کلئي دل سان ٻڌائيندو ويو ته ڄڻ سندن دل تان بار هلڪو ٿيندو پئي ويو ۽ انهن ۾ هڪ ٻئي جي مخالفت وڌڻ لڳي ۽ هڪ ٻئي خلاف شڪايتن جو بنيادي سبب به سڀني جي سامهون اچي ويو ۽ پوءِ هڪ وقت اهو اچي ويو ته سڀئي هڪ ٻئي سان ميٺ محبت سان کلي مرڪي ڳالهائڻ لڳا ۽ ايئن ماحول وڌيڪ خوشگوار ٿيندو ويو. پوءِ جيمز کين ٻڌايو ته سندن پاڻ ۾ جهيڙن ۽ اختلافن سبب ڪاروبار تي ڪهڙو خراب اثر پئجي سگهي ٿو. اوهان ڏٺو! سٺين ڳالهين هڪ خاندان ۽ ڪاروبار کي ڪيئن تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو.