تعميري ماضيءَ مان فائدو ماڻيو
”آءٌ پنهنجي گذريل زندگيءَ کي ايئن سمجهان ٿو ته جيئن مون هڪ تمام سٺو ڏينهن گذاريو هجي ۽ منهنجي لاءِ سڪون ۽ اطمينان ڏيندڙ هجي.“
عام طور اسان جي معاشري ۾ ماڻهو ڪاميابين جي ڀيٽ ۾ ناڪامين کي وڌيڪ ياد رکندا آهن. انهن جو اهو رويو انهن جي مائٽن طرفان مٿن صحيح نموني ڌيان نه ڏيڻ سبب پيدا ٿئي ٿو. ٻيو اهو به ته تعليمي ادارن ۾ استادن ۽ ٻين وڏن ۽ قابل احترام شخصيتن طرفان کين نظرانداز ڪرڻ سبب به اهي اڪيلائپ ۽ نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿي ٿا وڃن.
ننڍپڻ ۾ توهان جا ماءُ پيءُ توهان کي راند ڪرڻ دوران اڪيلو ڇڏي، پاڻ گهر اندر يا پري هليا ويندا هئا يا وري توهان ڪڏهن گهڻو گوڙ ڪندا هئا ته دڙڪا داٻا به ڏيندا هئا. ننڍپڻ ۾ ئي جڏهن توهان امتحان ۾ سٺيون مارڪون کنيون ته شاباس ته ملي، پر ڪڏهن گهٽ مارڪون کڻڻ تي توهان کي سندن نصيحتون ۽ ڇڙٻون به ٻڌڻيون پيون، ان ۾ توهان جو ڪو گهڻو ڏوهه به نه هو. توهان ته پنهنجي سر ڪافي محنت ڪئي هئي. پيپر به سٺو ڏنوَ، پر چڪاسيندڙ جيڪڏهن توهان کي گهٽ مارڪون ڏنيون ته ڀلا توهان جو ڪهڙو ڏوهه.
ننڍپڻ ۾ ئي توهان جي استادن، ڪلاس ۾ جڏهن توهان صحيح جواب ڏنو ته انهن اُن تي ايتري خاص اهميت يا شاباس نه ڏنوَ پر جتي توهان غلط جواب ڏنو ته اتي ئي توهان کي گهڙيءَ گهڙيءَ ياد ڏياريو ٿي ويو ته توهان ڪٿي ڪٿي غلطيون ڪيون آهن. يعني، عام طور توهان جي ڪاميابين کي ايترو ته ٿو ساراهيو ٿو وڃي، جيترو توهان جي غلطين کي ظاهر ڪيو ٿو وڃي.
جيئن ته ذهن به انهن ڳالهين کي گهڻو ياد رکي ٿو، جيڪي سخت جذباتي احساس سبب پيدا ٿين ٿيون، تنهن ڪري اڪثر ماڻهو پنهنجين ڪاميابين بدران ناڪامين کي گهڻو ياد ڪن ٿا.
اهڙي قسم جي رويي ۽ طرز عمل کان ڇوٽڪاري جو هڪ طريقو آهي ته توهان شعوري ۽ ارادي طور صرف پنهنجين ڪاميابين تي ئي ڌيان ڏيو ۽ انهن تي فخر به ڪريو.
آءٌ جڏهن ڪنهن ڪانفرنس يا سيمينار ۾ شرڪت لاءِ ويندو آهيان ته ڪوشش ڪندو آهيان ته هر شخص سان ملي، کائنس گذريل ڪنهن نه ڪنهن ڪاميابيءَ بابت پڇا ڳاڇا ڪريان، پر مون ڏٺو آهي ته ماڻهو الائجي ڇو ان کي حيرت طور تي ڏکيو ٿا سمجهن. ماڻهن کي ياد ئي نه ٿو رهي ته هنن تازو ڪا ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي، پر ان جي ابتر جيڪڏهن توهان کانئن هڪ هفتي دوران سندن ڏهن ناڪامين ۽ غلطين بابت پڇا ڪريو ته هو توهان کي هڪ هڪ ڪري 12 غلطيون يا ناڪاميون آسانيءَ سان ٻڌائي وٺندا.
حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ته اها آهي ته اسان کي پنهنجي ناڪامين جي ڀيٽ ۾ ڪاميابيون وڌيڪ حاصل ٿينديون آهن، پر اسان پنهنجي ڪاميابيءَ بابت سوچڻ لاءِ ايترو ته گهڻو معيار رکيو آهي جو اسين پنهنجين ننڍين ننڍين ڪاميابين کي ته ليکي ۾ ئي نه ٿا آڻيون.
ڪجهه عرصو اڳ منهنجي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو پنهنجي ناڪامين تي چڙيو ويٺو هو. مون کانئس تفصيل پڇيو ته هن ٻڌايو ته جڏهن 1979ع ۾ ايران جي شهنشاهه جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته هو پنهنجي گهرڀاتين سميت جرمني هليو ويو ۽ اتي جرمن زبان سکي هڪ مڪينڪ طور ڪم ڪرڻ لڳو.
تازو هو جرمنيءَ مان آمريڪا لڏي آيو آهي، جتي هن انگريزي زبان سکي ۽ ويلڊر ٿيڻ جي سکيا حاصل ڪري رهيوآهي، پر هو پنهنجن انهن ڪاميابين کي ڪاميابي سمجهي ئي نه ٿو.
جڏهن کائنس پڇيو ويو ته سندس خيال ۾ ڪاميابي ڪهڙي هجڻ کپي ته هن ترت جواب ڏنو ته ڪاميابيءَ جو مطلب اهو آهي ته اسان وٽ هڪ شاندار گهر هجي، ڪيڊلڪ ڪار هجي ۽ آءٌ پاڻ به هارورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندو هجان.
پر جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هاڻي ته هو ان قابل ٿي ويو آهي، جو هر هفتي ڪا نه ڪا ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي ته پوءِ هو پاڻ به محسوس ڪرڻ لڳو ته آءٌ صحيح پيو چوان. مون کيس ٻڌايو ته خراب حالتن ۾ جرمنيءَ پهچي، يڪدم نوڪري حاصل ڪرڻ، وري آمريڪا وڃي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ته ڪاميابيون ئي آهن.
[i]خود اعتمادي ۽ ڪاميابي:
[/i] تحقيقي ۽ تجزياتي جائزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته توهان پنهنجي تعميري ماضيءَ مان جيتري قدر فائدو حاصل ڪريو ٿا، ان ماضيءَ کي جيتري قدر وڌيڪ مڃو ٿا، اوترو ئي توهان پنهنجي ڪاميابين جي سلسلي ۾ پاڻ ۾ اعتماد محسوس ڪريو ٿا. توهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن توهان ناڪام به ٿي ويا، ته به توهان کي هار نه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته توهان ۾ پاڻ تي اعتماد وڌي رهيو آهي. توهان پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ جيتريقدر ڪوشش ڪريو ٿا، توهان جي ڪاميابيءَ جو امڪان به اوتري قدر ئي وڌندو ٿو وڃي.
اهو ياد رکو ته ماضيءَ جون ڪاميابيون توهان جي مستقبل جي ڪاميابين بابت توهان ۾ اعتماد وڌائين ٿيون، تنهن ڪري هاڻي اسين انهن سادن، پر زبردست طريقن تي نظر وجهون ٿا، جن وسيلي توهان پنهنجو پاڻ ۾ وڏي پئماني تي اعتماد بحال ڪري سگهو ٿا.
[b]وڏين۽ اهم ڪاميابين جي يادگيري:
[/b] هيٺ اسين هڪ اهڙو سادو طريقو بيان ڪريون ٿا، جنهن سان توهان پنهنجين ڪاميابين کي آسانيءَ سان ڳڻي سگهو ٿا. (توهان هن مشق کي گهرواريءَ يا سمورن گهرڀاتين سان گڏجي به ڪري سگهو ٿا.) اها مشق شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي زندگيءَ کي عمر جي حساب سان ٽن دورن ۾ ورهايو. مثال طور، جيڪڏهن هن وقت توهان جي عمر 60 سال آهي ته توهان جي زندگيءَ جا اهي ٽي دور هن ريت هوندا:
[b]پهريون دؤر (پيدائش کان 20 سالن تائين)
[/b]1- اسڪول ۾ اسڪائوٽ بواءِ طور چونڊ.
2- مقامي راندين ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ.
3- اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا.
[b]ٻيو دؤر (21 سالن کان 40 سالن تائين)
[/b]1- وڏي تعليمي اداري مان ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ.
2- پنهنجي پهرين ڪتاب جي ڇپائي.
3- ذاتي ۽ آفيس جي ڪم واسطي ادارو ٺاهڻ.
[b]ٽيون دؤر (41 کان 60 سالن تائين)
[/b]1- خوداعتماديءَ ۾ اضافي لاءِ مختلف ڪانفرنسون ڪرائڻ.
2- سڀ کان بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب لکڻ.
3- مختلف ڌاريون ٻوليون سکڻ.
[b]پنهنجون سئو ڪاميابيون ٻڌايو:
[/b] پاڻ کي قائل ڪرڻ لاءِ ته توهان هڪ ڪامياب شخص آهيو، اوهان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکي سگهو ٿا. توهان کي گهرجي ته هيٺ ڏنل مشق مڪمل ڪندي، پنهنجين 100 ڪاميابين يا زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل وڌ ۾ وڌ ڪاميابين جي هڪ فهرست ٺاهيو. عام طور تي ماڻهو پنهنجين 20 سالن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي آسانيءَ سان ڳڻي سگهن ٿا، پر انهن کان پوءِ جي دؤرن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي سمجهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿئي ٿي.
انهن ڪاميابين جي ڳڻپ سئو تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ توهان کي گهرجي ته سائيڪل هلائڻ سکو، گيت ڳائڻ سکو، سير ۽ تفريح لاءِ پرڏيهه وڃو، گاڏي هلائڻ لاءِ لائيسنس وٺو، ڪنهن اخبار ۾ مضمون لکو ۽ امتحان ۾ سٺين مارڪن کڻڻ جهڙين ڪاميابين کي به پنهنجي ڪاميابيءَ جي فهرست ۾ شامل ڪريو.
ٿي سگهي ٿو ته توهان اهو سمجهو ته اهي ڪاميابيون ته توهان جي زندگيءَ جي سفر ۾ توهان کي پاڻهي ملنديون ويون، انهن لاءِ توهان کي ڪا وڏي جاکوڙ ڪرڻي ڪا نه پئي، نه وري ڪنهن وڏيءَ رڪاوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، پر ايئن نه آهي اهي سڀ ڪاميابيون توهان جي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪيل جدوجهد جو ئي ڦل آهن. صرف توهان ان کي ايئن محسوس نه ڪيو، جيئن ڪرڻ کپندو هو.
توهان چاهيو ته اڃا به زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ان کان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهو ٿا.
[b]ڪاميابين کي لکي رکو:
[/b] پنهنجين ڪاميابين کي ڳڻڻ ۽ ياد رکڻ جو هڪ ٻيو به طريقو آهي ته توهان پنهنجين ڪاميابين کي پني تي لکي محفوظ ڪندا وڃو. ان لاءِ توهان ڪنهن سادي ڪاپيءَ تي به لکي سگهو ٿا يا وري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ به محفوظ ڪري سگهو ٿا.
پنهنجين ڪاميابين کي روزانو لکڻ ڪري، اهي توهان جي يادگيريءَ ۾ به محفوظ ٿينديون وينديون، جنهن سان توهان جي فخر ۽ خوداعتماديءَ ۾ اضافو ٿيندو ويندو، تنهن کان پوءِ به جڏهن توهان کي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ پاڻ ۾ جوش خروش پيدا ڪرڻو هجي ته انهن کي پڙهو ته توهان پاڻ کي وري نئين سر چاق چڱو ڀلو ۽ نوبنو محسوس ڪندؤ.
جڏهن ڪيترائي ماڻهو ڪو خطرن وارو ۽ مشڪل ڪم شروع ڪرڻ لڳنداآهن ته سندن ڌيان، هنن جي پهرين ڪوششن ڏانهن ٿيو وڃي ۽ اهي ڪامياب نه ٿا ٿين، تنهن ڪري سندن خود اعتمادي گهٽجي ويندي آهي ۽ انهن ۾ ڊپ پيدا ٿيڻ لڳندو آهي. جڏهن توهان پنهنجي ڪاميابين کي لکي رکندؤ ۽ پڙهندا رهندؤ ته توهان جو ڌيان انهن ڪاميابين ڏانهن ئي رهندو ۽ ناڪامين جو خيال ئي نه ايندو.
[b]علامتن کي چمنبڙايو:
[/b] تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته توهان جي اوسي پاسي جو ماحول، توهان جا رويا ۽ عمل ڪرڻ جو طريقو به مزاج تي اثرانداز ٿئي ٿو. توهان جو ماحول توهان کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري ٿو، پر اها حقيقت ان کان به وڌيڪ اهم آهي ته عام طور توهان پنهنجي ماحول تي مڪمل طور تي قبضو ڪيو ويٺا هوندا آهيو.
توهان کي خبر هوندي ته توهان جي سمهڻ جي ڪمري يا آفيس ۾ ويهڻ واري هنڌ جي اڳيان پٺيان ڪهڙي تصوير لڳل آهي، توهان جي فرج ۾ ڇا پيو آهي ۽ ميز جي خاني ۾ ڪهڙيون شيون موجود آهن.
آئينده ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ خوداعتمادي ۽ برتريءَ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ نهايت اهم ۽ قيمتي ترڪيب هيءَ آهي ته توهان پنهنجي چئوطرف اهي انعام، ميڊل، سرٽيفڪيٽ ۽ تمغا هڻي ڇڏيو، جيڪي هر وقت توهان کي پاڻ توڙي ٻين کي توهان جي ڪاميابين جو احساس ڏياريندا رهن. انهن ۾ اهي انعام وصول ڪرڻ وقت ڪڍيل تصويرن، توهان جي شاديءَ جون تصويرون، ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿيل ڪو نظم يا مضمون به شامل هجن، جن کي توهان فريم ڪري رکيو هجي.
زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ توهان جي خدمتن لاءِ مليل توهان کي وڏن ماڻهن، ادارن جي سربراهن يا اهم شخصيتن طرفان لکيل ساراهه وارا خط جيڪي توهان يادگار سمجهي سنڀالي رکيا هجن وغيره به نمايان ڪري رکي سگهو ٿا. ڪاميابيءَ جي انهن علامتن کي رکڻ لاءِ هڪ خاص جاءِ مقرر ڪريو.
مثال طور ڪا خاص الماري، پنهنجي ڊريسنگ ٽيبل يا ورانڊي جي اها ڀت جتان گهڻي اچ وڃ ٿيندي هجي، ڊرائنگ روم جي خاص ڪنڊ، جتي سڀ کان پهرين نظر پوي وغيره اتي ڦوڪي رکو. تصويرن ۽ دستاويزن کي فريم ڪرايو، انهن تي چمڪدار اڇو ڪاغذ هڻايو. انهن کي اتي ٽنگيو جتي توهان جو ۽ ٻين جو لنگهه هجي ۽ انهن تي سڌي نظر پوي. توهان جو اهو رويو يا طرز عمل توهان جي لاشعور تي هڪ زبردست اثر وجهندو. اهو سمورو ماحول توهان کي نهايت نرميءَ ۽ نفاست سان توهان جي فتح جو احساس ڏياريندو رهندو. اهوئي پيغام توهان جي ساٿين ۽ ٻين ڏسندڙن کي به پهچندو رهندو.
جيڪڏهن توهان جا ٻار به توهان سان گڏ گهر ۾ رهن ٿا ته انهن جي ڪاميابين، هٿ سان ٺاهيل پيٽنگ يا اهڙيءَ ڪنهن ٻي شيءِ کي به ساڳئي نموني گهر ۾ نمايان ڪري رکو.
توهان جا ٻار يا توهان يا ٻاهريان ماڻهو جڏهن انهن تصويرن، هٿ سان ٺاهيل شين يا شيلڊ ۽ تصويرن، سرٽيفڪيٽن تي هر وقت ڏسندا رهندا ته توهان کي پاڻ تي ۽ پنهنجي اولاد تي فخر ٿيندو ۽ ٻارن ۾ به برتريءَ جو احساس ۽ پاڻ ۾ اعتماد پيدا ٿيندو.
[b]آرسيءَ جي مشق:
[/b]”توهان هڪ سرگرم چقمق وانگر آهيو. توهان کي پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ جيڪي ڪجهه به حاصل ٿئي ٿو، اهو توهان مٿان حاوي خيالن جي بلڪل مطابق هوندو آهي.“
جهڙي نموني توهان پنهنجن وڏين ڪاميابين تي فخر محسوس ڪريو ٿا، تهڙي نموني توهان کي گهرجي ته پنهنجين ننڍين ننڍين ڪاميابين تي به فخر محسوس ڪريو.
آرسيءَ ۾ مشق جو بنياد اهو اصول آهي ته اسين سڀ چاهيون ٿا ته اسان جي ڪاميابين جي مڃتا ٿيڻ کپي، پر پنهنجي ڪاميابين تي فخر جو احساس اها ڳالهه آهي، جيڪا صرف اسان کي پنهنجي لاءِ محسوس ٿئي ٿي.
آرسيءَ واري مشق توهان جي لاشعوري ذهن کي اهو مثبت جوش ۽ همٿ بخشي ٿي، جنهن ذريعي توهان وڌيڪ ڪاميابين لاءِ جاکوڙ شروع ڪريو ٿا.
پنهنجي ساراهه ۽ ڪاميابين سان توهان جي ذهن مان ناڪاري خيال ۽ جذبا نڪري ڀڄڻ شروع ڪن ٿا ۽ توهان ذهني طور تي ڪاميابين لاءِ اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ٿا.
ان مشق کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا ورجايو ۽ تنهن کان پوءِ پاڻ فيصلو ڪريو ته اڃا ان کي جاري رکڻ کپي يا نه. دنيا ۾تمام گهڻا ڪامياب ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي سالن کان روزانو صبح جو اٿڻ ۽ رات جو سمهڻ مهل اها مشق جاري رکيو ٿا اچن.
رات جو سمهڻ کان اڳ ماڻهوءَ جي قد جيتري ڊگهي هڪ آرسيءَ اڳيان اچي بيهو ۽ سڄو ڏينهن توهان جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، تنهن تي پاڻ کي شاباس ڏيو ۽ فخر محسوس ڪريو. ان آرسيءَ ۾ پنهنجي عڪس جي اکين ۾ ٿوري دير جهاتي پايو ۽ اهڙي نموني جوآرسي ۾ توهان جو عڪس به توهان کي سڌو سنئون پاڻ ڏانهن ڏسندو محسوس ٿئي. هيٺين ڳالهين جي سلسلي ۾ پنهنجي ساراهه پاڻ ڪريو، پاڻ کي شاباس ڏيو ۽ برتريءَ واري احساس سان گڏ فخر به محسوس ڪريو.
- ڪاروبار، مالي، تعليمي، ذاتي، طبعي، روحاني ۽ جذباتي لحاظ کان حاصل ٿيل ڪاميابيون.
- ذاتي نظم ۽ ضبط، مثال طور: خوراڪ، ورزش، پڙهائي، گيان ڌيان ۽ عبادت جي سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون.
- کاڌي پيتي، مٺين شين جو شوق، آرام، تمام گهڻو وقت ٽي وي ڏسڻ جو شوق، گهر کان ٻاهر رهڻ جي عادت ۽ وڏي مقدار ۾ شراب پيئڻ جهڙين ڪنين عادتن کان ڇوٽڪارو.
ان مشق دوران آرسيءَ ۾ پنهنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسو، جڏهن توهان پاڻ کي شاباس ڏيڻ واري عمل کان واندا ٿي وڃو ته آرسيءَ ۾ پنهنجي عڪس کي غور سان ڏسي چئو ته: ”مون کي توسان پيار آهي.“ ان عمل ۽ تجربي جو اثر ڏسڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه دير اتي بيٺا رهو، ڄڻ آرسيءَ ۾ جيڪو ماڻهو بيٺو آهي، تنهن توهان جي ساراهه ۽ شاباس کي پاڻ ڏٺوآهي.
[b]آرسي واري مشق جو هڪ عملي مثال:
[/b] ”جيڪ! اڄ تون جيڪي ڪجهه ڪيوآهي، آءٌ ان کي ساراهڻ چاهيان ٿو. پهرين ته آءٌ توکي شاباس ڏيان ته ڪالهه رات تو سڄي رات ٽي وي نه ڏٺي ۽ جلد ئي سمهڻ هليو وئين ته جيئن تون صبح جو سوير خوشگوار موڊ ۾ اٿي سگهين. تنهن کان پوءِ تون صبح جو سوير اُٿئين ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي وئي. تو ٻارن سان گڏجي ناشتو به ڪيو، جنهن ۾ گهٽ سڻڀ ۽ گهٽ نشاستي تي مشتمل شيون شامل هيون. تون وقت تي آفيس پهچي وئين. تون عملي جي هر ماڻهوءَ جي ڳالهه نهايت ڌيان ۽ همدرديءَ سان به ٻڌي.
منجهند جو به تو نهايت سٺي لنچ ڪئي. تو سوپ پيتو ۽ سلاد مان به مزو حاصل ڪيو. تو مٺيءَ شيءِ کي ته هٿ ئي نه لاتو ۽ شراب به نه پيتئي. پوءِ آفيس مان روانو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڪاميابيءَ واري ڪاپيءَ ۾ پنهنجين ڪاميابين بابت لکيئي، ته آفيس جي ڪم ڪار ۾ سهڪار ڪري پنهنجي ٻين ماتحتن کي به ساراهيئي ۽ پوءِ جڏهن آفيس کان گهر پهتين ته پنهنجن ٻارن سان گڏجي راند روند ڪيئي، وقت تي ماني کاڌي ۽ تو گهرواريءَ سان نهايت خوشگوار موڊ ۾ ڳالهيون ڪيون. ان بعد سمهڻ لاءِ ڪمري ۾ پهچي وئين. وڌيڪ اهو ته آءٌ توسان تمام گهڻي محبت ڪريان ٿو.“
جڏهن توهان پهريون ڀيرو آرسيءَ واري مشق ڪندؤ ته توهان کي ڪيترن قسمن جي ردعملن کي منهن ڏيڻو پوندو. توهان پاڻ کي بيوقوف سمجهندؤ جيڪو هن کل جهڙي مشق ۾ مصروف آهي يا ڊپ پيو ٿيندوَ ته ڪٿي ڪيو ٻيو توهان کي ايئن ڪندو ڏسي نه وٺي يا وري توهان کي بيچيني پئي ٿيندي ته آءٌ هن بيوقوفيءَ واري ڪم ۾ اجايو وقت پيو وڃايان. ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ان مشق دوران پاڻ ئي پاڻ اکين مان لڙڪ وهي ٿا پون. توهان جو ذهن خالي خالي محسوس پيو ٿيندو آهي، پر اهو هڪ فطري ۽ عام ردعمل آهي. ان جو سب اهو آهي ته اسين پنهنجو پاڻ کي ساراهڻ ۽ شاباس ڏيڻ جو ته سوچيندا ئي نه آهيون، پر ان جي ابتڙ سلوڪ ڪندا آهيون. پوءِ جڏهن آهستي آهستي توهان سٺا خيال سوچڻ لڳو ٿا، توهان جو ذهن تازگي محسوس ڪري ٿو، توهان جو موڊ خوشگوار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان وقت توهان جي ذهن ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ طرفان توهان بابت غلط خيالن جي يادگيرين، پنهنجي دماغ ۾ غيرمعمولي توقعات رکڻ، طبعي ۽ جذباتي ردعمل، هڪ عام فطري ردعمل جي حيثيت رکي ٿو. جيڪڏهن اهڙي قسم جون سموريون ڪيفيتون توهان تي به حاوي ٿين ته انهن کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
جڏهن مون پهريون ڀيرو اهي مشقون شروع ڪيون ته مون سان به ايئن ئي ٿيو هو، پر 30-40 ڏينهن کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته منهنجي من اندر ناڪاري ڪيفيتون پاڻ ئي گهڻيءَ حد تائين ختم ٿي ويون آهن ۽ انهن جي جاءِ خوشگوار ۽ سٺين ڪيفيتن والاري ڇڏي آهي.
هڪ ڳالهه ياد رکو ته جيڪڏهن بستري تي ليٽي ليٽي توهان کي ياد اچي ته توهان اڄ اها آرسيءَ واري مشق نه ڪئي آهي ته يڪدم ٽپ ڏئي اهي بيهي رهو ۽ مشق شروع ڪري ڇڏيو.
تنهن کان سواءِ مشق ۾ آسانيءَ لاءِ جيڪڏهن بهتر سمجهو ته گهر ڀاتين کي ٻڌائي ڏيو ته توهان ڪهڙي قسم جي مشق ڪري رهيا آهيو. کين هدايت ڪريو ته ان دوران هو توهان جي ڪمري ۾ اچي توهان کي ڊسٽرب نه ڪن، نه ئي اهو سمجهن ته توهان ڪو بيوقوفيءَ وارو ڪم ڪري رهيا آهيو.
[b]پنهنجي اندرئين ٻار کي شاباس ڏيو:
[/b] اسان مان هر هڪ ۾ هڪ بلڪل مختلف ”انا“ موجود هوندي آهي، جنهن ڪري اسان جي انفرادي شخصيت ٺهي ٿي. اسان ۾ موجود هڪ انا ته پنهنجي ”والدين“ وانگر هوندي آهي. هڪ ”انا“ ٻار وانگر ۽ هڪ ٻي ”انا“ هڪ بالغ شخص جهڙي هوندي آهي ۽ اهي سڀ انائون اهڙي ئي نموني ڪم ڪنديون آهن جيئن اسان جا والدين، ٻار ۽ ڪو بالغ شخص ڪندو آهي.
توهان جي ذميدار ۽ ”بالغ انا“ توهان جي وجود ۽ ذات جو هڪ منطقي ۽ ضروري حصو هوندي آهي. اها ”انا“ حقيقت تي ٻڌل انگ اکر گڏ ڪندي آهي ۽ جذبات کان هٽي دليلن تي ٻڌل فيصلا ڪندي آهي. اها ئي انا توهان جي معمول موجب ڪم ڪارين جي رٿابندي ڪري ٿي، توهان جي نقصان کي گهٽائي ٿي.
توهان جي ”والدين واري انا“ توهان کي ٻڌائي ٿي ته توهان کي پنهنجي بوٽ جون ڪهيون ڪيئن ٻڌڻيون آهن؟ اها توهان کي برش ڪرڻ، کاڌي پيتي جي طور طريقن، اسڪول جو ڪم ڪرڻ ۽ روزمرهه جا عام رواجي ڪم ڪرڻ بابت هدايتون ڏئي ٿي. توهان جو اهو اندروني رويو ۽ تنقيد آهي جيڪا توهان پنهنجو پاڻ سان ڪريون ٿا ۽ اهوئي اهو حصو آهي جيڪو محسوس به ڪري ٿو ته هاڻي توهان عام رواجي زندگي گذارڻ واري عمل جي پٽڙيءَ تان لهي رهيا آهيو. توهان جي سار سنڀال ٿي رهي آهي ۽ توهان کي گهربل سموريون سهوليتون مهيا ڪيون پيون وڃن.
هي توهان جي ذات ۽ وجود جو اهو حصوآهي، جيڪو توهان جي ڪاميابين کي نه رڳو ساراهي ٿو، پر شاباس به ڏئي ٿو.
پر ان جي ابتڙ ”هڪ ٻار واري انا“ توهان کان اهو سڀ ڪجهه ڪرائي ٿي، جيڪو هڪ ٻار ئي ڪندو آهي. اها انا چاهي ٿي ته هرڪو توهان سان سٺي نموني ملي، توهان تي ڌيان ڏئي جڏهن ڪجهه ايئن نه ٿو ٿئي، جيئن توهان چاهيو ٿا ته پوءِ ٻارن واري انا ضد ۾ اچي، توهان کي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿي. جڏهن ته اسين زندگيءَ جي سفر تي نڪرون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي آهي جيئن ٽن سالن جو ڪو ٻار اسان کان اهو پڇي ته اسين هن ڪرسيءَ تي ڇو ويٺا آهيون. اوهان کي ڇو وڌيڪ لطف ۽ مزو نه پيو اچي؟
ان ”اندر ۾ لڪل ٻار جي والد جي حيثيت سان اهو توهان جو فرض ۽ ذميداري آهي ته پنهنجي ڪم ڪار وقت کيس به مصروف رکو، سندس ڪم کي ساراهيو ۽ شاباس ڏيو ۽ ان کي هيڏي هوڏي ٿيڻ نه ڏيو.“
جيڪڏهن توهان واقعي ڪنهن ٽن سالن جي عمر جي ٻار جا پيءُ آهيو ته پوءِ کيس چئي سگهو ٿا ته اهو ويهن منٽن اندر ڪم ختم ڪريو، جو ان کان پوءِ اسين آئيس ڪريم کائينداسين يا وري ڪا راند کيڏنداسين.
توهان جو ٻار امڪاني طور تي توهان کي اهوئي جواب ڏيندو ته ، ”ها بابا! آءٌ جلد ڪم ختم ڪريان ٿو.“
انهيءَ طريقي ۾ اچرج جهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته توهان جو اهو ”اندروني ٻار“ به توهان کان ڪو گهڻو مختلف ڪونهي. توهان جيڪڏهن کيس چوندؤ ته خاموش ويهي رهي ۽ توهان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏئي ته پوءِ هو ڀلي رات ٿي وڃي ايئن ئي ڪندو، جيئن توهان کيس چيو آهي. ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته جڏهن توهان ڪم مان واندا ٿيندؤ ته کيس سندس خاموشي ۽ شرارت نه ڪرڻ تي شاباس ڏيندؤ ۽ ٿي سگهي ٿو ته انعام طور کيس پنهنجي من پسند ڪا شيءِ به وٺي ڏيو.
پنهنجي زندگيءَ ۾ عظيم ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ۽ وڏو حصو اهو آهي ته توهان پنهنجي ڪاميابيءَ تي پنهنجو پاڻ کي شاباس ڏيو. اصل ۾ ڪاميابيءَ تي پنهنجو پاڻ کي شاباس ڏيڻ ۽ ساراهڻ ڪو پاڻُ پڏائڻ ڪونهي. اهو توهان جو حق هو، جيڪو توهان حاصل ڪيو. توهان اندر جي ٻار کي ڪا هدايت ڪريو ٿا ۽ هو ان تي عمل به ڪري ٿو ته پوءِ هو پاڻ به ان انتظار ۾ هوندو آهي ته توهان کيس ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿا شاباس ڏيو. جيڪڏهن توهان کيس ڪا شيءِ وٺي ڏيڻ يا انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ته هو توهان جي واعدي پوري ڪرڻ جو انتظار ڪندو رهندو ۽ جيڪڏهن هڪ دفعي توهان پنهنجو واعدو پورو ڪيو ته ڄڻ هن جو توهان تي اعتماد ۽ ڀروسو قائم ٿي ويو پر جيڪڏهن کيس سندس شاباس واري ڪم جو سلو نه مليو ۽ هو نظرانداز ٿيندو رهيو ته پوءِ مايوس ٿي ويندو، اندر ئي اندر کاڄندو ويندو، بيمار ٿي پوندو ۽ غلطيون ڪرڻ لڳندو، جنهن ڪري توهان جي ترقي ته ٺهيو ڪڏهن ڪڏهن نوڪري هٿان وڃڻ جو به خطرو پيدا ٿي ويندو.
توهان هڪ ڀيرو نوڪريءَ مان فارغ ٿي ويا ته پوءِ ڄڻ ته توهان جو ڪاميابيءَ جو جهاز ناڪاميءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ويندو. توهان ان ڪاميابيءَ کان پري هٽندا ويندؤ، جنهن جي توهان کي خواهش آهي.
[b]مقصد جي پورائي جو احساس:
[/b] پنهنجي ڪاميابيءَ کي ساراهڻ يا شاباس نه ڏيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته توهان کي ان وقت تائين پنهنجو مقصد پورو ٿيڻ جو احساس نه ٿو ٿئي، جيستائين توهان پنهنجي ڪاميابيءَ جو احساس نه ٿا ڪري وٺو. توهان جو اهو رويو توهان کي پنهنجي مقصد پوري ٿيڻ جو احساس ڏياري ٿو. جڏهن توهان آفيس جي ڪنهن ڪم کي سٺي نموني مڪمل ڪرڻ ۾ هفتا لڳائي ٿا ڇڏيو ۽ جڏهن اهو ڪم پورو ڪرڻ کان شاباس جي انتظار ۾ ٿا هجو، پر توهان جو آفيسر توهان جي ڪم کي ساراهي ئي نه ٿو ته پوءِ توهان پاڻ کي ڄڻ هڪ اڻپورو انسان محسوس ڪريو ٿا ۽ توهان جي خوشي پاڻيءَ ۾ ملي ٿي وڃي. توهان جي دل ٽٽي ٿي پوي. توهان جو ذهن پنهنجي مقصد کي مڪمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو.
تنهن ڪري اصل ۾ جڏهن ڪو ڪم پورو ٿيڻ تي توهان پنهنجو پاڻ کي شاباس ڏيو ٿا ته توهان جو لاشعوري ذهن چوي ٿو ته: ”اها ڪاميابي نهايت اطمينان جوڳي آهي.“ هر ڀيري جڏهن به ڪا ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي ته جيڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي، اها ئي سموري ڪائنات آهي. تڏهن ته چوندا آهن ته ”ڳڻتيءَ جهڙو مرض ناهي. خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي.“ سو ماڻهو جيڪڏهن پاڻ ئي خوش هوندو ته پوءِ اڳيان کيس پورو جهان پاڻ جهڙو محسوس ٿيندو.
جڏهن توهان ڪاميابيءَ جي لحاظ سان پنهنجو پاڻ کي شاباس ڏيو ٿا ته توهان جي لاشعور کي ڄڻ توهان جي ان سلسلي ۾ ڪيل سموري جدوجهد تي اطمينان حاصل ٿئي ٿو. اها انسان جي هڪ بنيادي فطرت آهي ته کيس ساراهيو وڃي.