تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

تڪڙي ڪاميابيءَ لاءِ سرگرم طريقو ڳوليو

تڪڙي ڪاميابي جي سلسلي ۾ رابرٽ ايلن جو چوڻ آهي ته:
”ڪنهن ڪامياب شخص جي زندگيءَ جو مطالعو ڪريو ۽ ڏسو ته هن ڪنهن سرگرم طريقي يا ڪنهن تجربيڪار ماڻهو، کان رهنمائي ورتي يا وري رهنما اصولن تي عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان به پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏي ۽ اعليٰ درجي جي ڪاميابي چاهيو ٿا ته توهان پاڻ به انهن مان ڪنهن هڪ سرگرم طريقي يا تجربيڪار ماڻهو يا رهنما اصولن تي هلو.“
جيڪڏهن ماڻهن کي خبر به هجي ٿي ته ڪو به ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هنن وٽ بهترين معلومات ۽ ڄاڻ موجود آهي، پر تنهن جي باوجود به اهي پنهنجن دوستن، پاڙيسرين، ساٿين ۽ مٽن مائٽن کان اها پڇا ڳاڇا ڪندا رهندا آهن ته کين ڪهڙيون ڏکائيون ۽ رڪاوٽون پيش اچي سگهون ٿيون. هو اڪثر اهڙن ماڻهن سان مشورو ڪندا آهن، جيڪي پاڻ ڪڏهن به ان ڏکيائيءَ مان نه لنگهيا هوندا، جنهن لاءِ کانئن مشورو ورتو پيو وڃي يا وري انهن کان صلاح وٺندا، جن پاڻ ان خاص شعبي ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪئي هوندي.
توهان کي گهرجي ته توهان اهڙي ڪنهن سمجهدار ۽ ڄاڻ واري ماڻهوءَ سان مشورو ڪريو، جيڪو پاڻ ان تجربي مان لنگهي چڪو هجي. ان ميدان ۾ عملي قدم کڻي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو هجي. توهان جي ذميداري صرف اها ته توهان اهڙي ڪنهن مهربان ڪامياب ماڻهوءَ جي ڳولا ڪري ساڻس ملاقات ڪريو ۽ کانئس پڇو ته اوهان اها وڏي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي؟
عظيم ترين ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو هڪ ٻيو بهترين ۽ سولو طريقو اهو به آهي ته توهان گهربل شعبي ۾ تجربيڪار ماڻهن سان لڳاتار رابطي ۾ رهي، کانئن رهنمائي حاصل ڪريو. ان سلسلي ۾ شرم جي ڪا به ڳالهه ڪونهي. وڏا صحيح چوندا آهن ته ”پڇڻا نه منجهڻا“ سو جيڪڏهن بنا پڇا ڳاڇا جي ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهي ناڪام ٿيڻ کان بهتر آهي ته پڇاڳاڇا ڪري ڪاميابي حاصل ڪجي. اهڙن ماڻهن جي فهرست تيار ڪريو، جن کان توهان مهربان ۽ شفيق سيکارڻ واري جي طور تي پڇا ڳاڇا ڪري سگهو ٿا.

[b]رهنما کان پڇا بابت رٿ جوڙيو
[/b] ٿي سگهي ٿو ته توهان کي شروع ۾ ڪامياب ماڻهن سان رابطن ۾ ڏکيائي ٿئي ۽ توهان انهن کان گهربل رهنمائي حاصل نه ڪري سگهو. توهان لاءِ وڌيڪ سولو ڪم اهو آهي ته توهان اهڙن مهرباني، رهنمائي ڪندڙ ۽ سيکاريندڙن جي فهرست تيار ڪريو، جيڪي توهان کان اڳ ان شعبي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري چڪا هجن جنهن ۾ توهان ڪم ڪري رهيا آهيو يا وڃڻ چاهيو ٿا. اهي مهربان، تجربيڪار ماڻهو توهان جي ڪهڙي ڪم اچي سگهن ٿا. توهان کانئن ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهيو؟ ان بابت پهرين سوچي سمجهي طئي ڪري ڇڏيو. اهي ڪامياب ۽ مهربان ماڻهو توهان جي اهڙي نموني رهنمائي ڪري، ڪاميابيءَ جي واٽ ڏسي سگهن ٿا، جيڪا توهان کي انهن سان ملڻ کان اڳ نظر نه پئي آئي. اها رهنمائي هو پنهنجي عملي ڪردار ۽ تجربي ذريعي به توهان کي ڏيئي سگهن ٿا.

[b]ڪارائتي ڄاڻ سهيڙيو
[/b] توهان جي خاص پيشوراڻي شعبي ۾ جيڪي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن، انهن جا نالا ۽ ٻي لاڳاپيل معلومات حاصل ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته توهان ان خاص شعبي بابت نڪرندڙ رسالن ۽ اخبارن کي پڙهندا رهو. انٽرنيٽ تي انهن جي ڪاميابين، سرگرمين ۽ واقعن بابت ڄاڻ حاصل ڪريو.
انهن ڪامياب ۽ تجربيڪار ماڻهن ۽ مهربان سيکاريندڙن سان رابطو ڪريو، جيڪي توهان جي لاڳاپيل ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي ۾ مناسب تجربو رکن ٿا.
ڪامياب ۽ تجربيڪار ماڻهو ۽ مهربان سيکاريندڙن سان رابطو ڪرڻ ۽ انهن سان بهترين ۽ ڪامياب ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ اهي خاص نقطا پني تي لکي رکو، جن بابت توهان کي پهرينءَ ملاقات ۾ هنن کان پڇڻو آهي. مثال طور: توهان جي رهنمائيءَ لاءِ کين ڇو چونڊيو ۽ توهان انهن کان ڪهڙي قسم جي مدد حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا وغيره. پر جيڪو به ڳالهايو، اهو نهايت سڪون ۽ اعتماد سان ڳالهايو ته جيئن سامهون واري تي توهان جو سٺو تاثر پوي.
حقيقت ته اها آهي ته ڪامياب ماڻهو پنهنجن تجربن، حالتن ۽ واقعن بابت ٻڌائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. هو پاڻ چاهيندا آهن ته ڪو اسان کان پڇي ته اسين ان ڪاميابيءَ تائين ڪيئن پهتا آهيو. اها انسان جي فطرت ۽ خاصيت آهي ته ڪامياب ماڻهو پنهنجي دانائي ۽ ڪاميابيءَ تائين پهچڻ جا گر ٻين کي ٻڌائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. جڏهن توهان پاڻ ساڻن رابطو ڪريو ته اهو توهان کي پنهنجي تجربي ۽ مهارت کان ضرور واقف ڪندا. توهان جو ڪم صرف اهو آهي ته توهان اهڙن ماڻهن جي فهرست تيار ڪريو، جن کان توهان ڪجهه سکڻ چاهيو ٿا ۽ انهن کان مدد ۽ سهڪار حاصل ڪري پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جو رستو هموار ڪري سگهو ٿا. ٿي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن مان ڪي ماڻهو وقتي طور توهان کي تجربا ٻڌائي، پوءِ مستقل طور توهان سان رابطي ۾ رهي سيکارڻ ۽ ٻڌائڻ کان جواب ڏيئي ڇڏين. ان لاءِ هو پنهنجي مصروفيتن کي به بهانو بڻائي سگهن ٿا، پر ڪي ماڻهو پڪ سان توهان جي مدد ڪندا. توهان انهن کان وقت وٺي ساڻن رابطو ڪيو.

[b]مشورو ڏيندر جي صلاحن کي هنڊايو
[/b] ڪيترائي ڪامياب مهربان ماڻهو انهن ماڻهن کي سيکارڻ ۾ دلچسپي نه وٺندا آهن، جن جي دلچسپي سندن نظر ۾ وقتي هوندي آهي. هو انهن تي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن، پر ڪي وري اهڙا به آهن، جيڪي جڏهن ڏسن ٿا ته هي ماڻهو پڪي ارادي سان عمل جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لٿو آهي ته پوءِ هو به دل سان انهن کي سيکارڻ ۾ مدد ڪن ٿا. توهان کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن جي صلاحن تي ترت عمل ڪريو. انهن جي طور طريقن جو جائزو وٺو. انهن ماڻهن جي نقش قدم تي هلو ۽ انهن جي چئي موجب پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

[b]قيمتي مشورن جي اهميت
[/b] جين ڊورسي، ڪاليج جو هڪ عام شاگرد هو. جنهن جي ملاقات اتفاقي طور سندس پهرين استاد بريڊ سان ٿي. اهو مهربان ۽ شفيق استاد هڪ مقامي ڪاروباري اداري جو سربراهه هو. بريڊ ڪاميابيءَ بابت وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڪاميابيءَ جو مفهوم تمام گهڻي دولت حاصل ڪرڻ کان به تمام وڏو آهي، جين ڊورسي کانئس ڪافي متاثر ٿيو ۽ کيس عرض ڪيائين ته هو کيس ڪاروباري معاملن بابت سمجهائي ۽ سيکاري.
پهرينءَ ملاقات ۾ بريڊ، جين کان سندس منصوبن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هن کيس ٻڌايو ته سندس ارادو آهي ته پهرين ڪاليج جي تعليم ايم بي اي ڪري، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري، پوءِ 40 سالن جي ڄمار ۾ رٽائرڊ ٿي غريب ڇوڪرن کي تعليم ڏيارائي ته جيئن اهي باعزت نموني روزگار حاصل ڪري سگهن.
بريڊ کانئس ٻيو سوال ڪيو ته، جڏهن هو انهن نوجوانن جي مدد ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو ته تنهنجي عمر ان وقت ڪيتري هوندي. جين جواب ڏنو ته گهڻو ڪري 45 سال ٿي ويندي، پوءِ بريڊ کانئس سندس زندگي بدلائڻ وارو هڪ سوال ڪيو ته، جيڪو ڪم تون 45 سالن جي عمر ۾ ڪرڻ چاهين ٿو، ان لاءِ تون 25 سال انتظار ڇو ٿو ڪرين، ان وقت تائين ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪم تنهنجي لاءِ مشڪل ٿي وڃي. بريڊ جي ڳالهه صحيح هئي، پر ان وقت سندس عمر صرف 18 سال هئي ۽ هو ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هو. بريد چيو ته، تون اهو ڪتاب لک، جيڪو نوجوان واقعي پڙهي سگهن. هن وقت جڏهن گهڻا تڻا ماڻهو صرف ناڪاري ڳالهيون سوچين ٿا ته تون ڪتاب ۾ کين ٻڌاءِ ته، هروڀرو ناڪاري ڳالهين کي سوچڻ يا انهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ڪونهي. جيڪڏهن توهان سٺي سوچ رکو، پاڻ ۽ ماڻهن بابت سٺو سوچيو، انهن بابت سٺي راءِ رکو، تون کين ٻڌاءِ ته سٺي سوچ رکڻ جا ڪيترا نه فائدا آهن. سٺو سوچڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪهڙو راز لڪل آهي. جين جي ذهن ۾ بريڊ جي ڳالهه گهر ڪري ويهي رهي.
پوءِ جين ان موضوع تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. جيئن ته کيس خبر هئي ته هو اڪيلي سر اهو ڪم سٺي نموني نه ٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري هن ڪجهه وقت اهڙن ڪتاب لکندڙن جي صحبت ۾ گذاريو. هن پنهنجي ڪتاب Graduate your perfect Job جو پهريون مسودو صرف ٽن هفتن ۾ لکي ورتو. جين پنهنجو اهو ڪتاب پاڻ شايع ڪيو. 25 سالن جي عمر ۾ پهچندي هو 5 لک ماڻهن اڳيان تقريرون ڪري چڪو هو ۽ ڪيترن مشهور ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو هو ۽ 115 اسڪولن ۾ سندس ڪتاب نصاب طور پڙهايو ويندو هو. جين جون تقريرون ايتريون ته اثرائتيون هونديون هيون، جو هو ماڻهن ۾ ايتري سرگرمي ۽ حوصلو پيدا ڪري ڇڏيندو هو.
هن تازو اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ته هن هڪ اهڙو ادارو ٺاهيو آهي، جيڪو ڪاروباري ادارن جي منتظمين کي اهو سيکاريندو آهي ته اُهي پنهنجن ملازمن ۾ سرگرمي، ولولو ۽ حوصلو ڪيئن پيدا ڪن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ايڏي وڏي ڪاميابيءَ ۽ رتبي تي پهچڻ باوجود جين پنهنجي پهرين استاد بريڊ، جنهن سندس زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، تنهن کان اڃا تائين مدد، سهڪار ۽ صلاح مشورو وٺندو پيو اچي.
هاڻي ان ڳالهه تي ٿورو سوچيو، اڃا غور ڪريو ته جين جيڪڏهن پنهنجي پهرين استاد کان ڪجهه سکڻ جو پڪو ارادو ڪري وٽس نه پهچي ها يا وري سندس مشورن تي ڪن لاٽار ڪري ها ته اڄ هو ان رتبي تي هجي ها، تنهن ڪري ڪڏهن به ٻئي کان پڇڻ ۾ عار نه محسوس نه ڪريو، ٿي سگهي ٿو ته اهو هڪ سوال توهان جي زندگيءَ کي ئي بدلائي ڇڏي، جيئن جين سان ٿيو.

[b]سيکاريندڙ جا ٿورائتا رهو
[/b] ڀلي اها ڪا معمولي شيءِ ڇو نه هجي، پر پنهنجي حيثيت موجب استاد يا سيکاريندڙ کي موٽ ۾ ڪو سٺو تحفو ڏيڻ لاءِ سدائين تيار رهو. مثال طور: واسطيدار صنعت بابت تازي معلومات يا نوان موقعا، جنهن ذريعي توهان جي استاد يا سيکاريندڙ کي ڪنهن به قسم جو فائدو رسي، ان استاد لاءِ اها ڪيڏي نه فخر جي ڳالهه آهي ته سندس شاگرد ٻين ماڻهن جي ان ڪري مدد پيو ڪري ته اهي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن.