تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

پنهنجي فائدي جو فڪر ڪريو

دولت بابت اسٽارٽ ولڊي جو خيال آهي ته:
”دولتمندي توهان جو پيدائشي حق آهي، جيڪڏهن توهان لکپتيءَ کان گهٽ دولتمند آهيو ته توهان پنهنجي لاءِ رکيل دولت مان مناسب حصو وصول ڪيو آهي.“
توهان جي آمدنيءَ جو هر حصو توهان جو پنهنجو هجڻ گهرجي، ان جو مطلب ته توهان جيڪي به دولت ڪمايو، ان مان ڏهه سيڪڙو ضرور بچايو ۽ ان رقم کي ڪنهن به صورت ۾ خرچ ۾ شامل نه ڪريو. بچت ڪيل رقم آهستي آهستي وڌندي ويندي ۽ توهان جي ان آمدنيءَ سبب دولت ۾ به پاڻمرادو اضافو ٿيندو ويندو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ نفعي تي نفعو حاصل ٿيڻ سان اها رقم تمام گهڻي وڌندي ويندي.
ڪيترائي ماڻهو رڳو ان ڪري دولتمند ٿي ويا، جو هنن پهرين پنهنجي فائدي جو فڪر ڪيو.

[b]اثرائتي ڪهاڻي
[/b] 10 سيڪڙو بچت ڪرڻ جو اهو طريقو جيترو سولو آهي، اوترو ماڻهو ان تي ڌيان نه ٿا ڏين. آءٌ هوائي جهاز مان لهي پنهنجي گهر وڃي رهيو هوس ته ڊرائيور مون کي سڃاڻي ورتو پڇيائين ته ڪاميابيءَ لاءِ اهي ڪهڙا اصول آهن، ان نوجوان ڊرائيور جي عمر 28 سال هئي. جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته کيس گهرجي ته هو پنهنجي هر آمدنيءَ جو ڏهه سيڪڙو بچائيندو رهي ۽ پوءِ ان بچيل رقم کي سيڙائي اها ڳالهه ڄڻ هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي. هن منهنجي ڳالهه تي وري غور ڪيو ۽ منهنجي ٻڌايل طريقي تي عمل شروع ڪيائين ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ هو لکپتي سڏرائڻ لڳو.

[b]اٺون عجوبو
[/b] البرٽ آئن اسٽائن چيو هو ته، ”وياج مٿان وياج هن دنيا جو اٺون عجوبو آهي ۽ ان کان وڌيڪ زبردست شيءِ مون ڪڏهن نه ڏٺي آهي.“
جيڪڏهن توهان کي وياج مٿان وياج بابت ڪجهه معلوم ڪونهي ته پوءِ اچو ته توهان کي تفصيل سان سمجهائجي.
جيڪڏهن توهان ڏهه سيڪڙو وياج سان هڪ لک رپيا سيڙپ ڪريو ٿا ته پوءِ توهان کي ڏهه هزار رپيا انعام يا وياج طور ملندا ۽ سال جي آخر ۾ توهان جا اهي هڪ لک وڌي هڪ لک ڏهه هزار ٿي ويندا. جيڪڏهن توهان پنهنجي اها هڪ لک واري اصل رقم ۽ وياج جا 10 هزار رپيا بئنڪ مان نه ٿا ڪڍرايو ته توهان ٻئي سال وري انهيءَ رقم تي 11 هزار نفعو حاصل ڪندا. يعني وياج واري رقم ڏهه هزار بجاءِ اوهان کي 11 هزار ملندي. پوءِ وري توهان کي هڪ لک ايڪيهه هزار رپين تي وياج ملندو ۽ ايئن هر سال توهان جو نفعو گڏ ڪيل رقم تي ڏهه سيڪڙو جي حساب سان وڌندو ويندو. اهڙي نموني وقت گذرڻ سان توهان جي رقم ٻيڻي، ٽيڻي پوءِ چوڻي ۽ پوءِ ان کان به وڌيڪ ٿي ويندي.
توهان لاءِ اها خوشخبري آهي ته اهو پل توهان جو بهترين دوست هو، جڏهن توهان وياج مٿان وياج لاءِ سيڙپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻي توهان جيترو جلد ان تي عمل ڪندؤ، توهان جو نفعو به اوترو ئي جلد وڌندو ويندو، جنهن جا بهترين نتيجا نڪرندا.

[b]بچت ۽ سيڙپ ڪريو
[/b] دنيا ۾ جيڪي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ رقم بچائين ٿا، اهي پنهنجي مالي معاملن ۾ سيڙپ کي سڀ کان اڳ اوليت ڏين ٿا. توهان بچت ۽ سيڙپ جي عادت اختيار ڪرڻ لاءِ هيئن ڪريو ته جيئن ئي توهان کي پگهار ملي ته توهان ان جو هڪ حصو اڳ ۾ ئي کوليل بچت اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ شيئر ۽ جائداد ۾ سيڙپ ڪريو ڇڏيو ۽ گڏوگڏ هڪ ذاتي گهر به خريد ڪري وٺو ڪا به ملڪيت ٺاهڻ کان سواءِ توهان مسواڙي جاءِ ۾ رهي، جيڪا مسواڙ تي رقم وڃايو ٿا، اها توهان جو اندر نه ٿي ساڙي، پر توهان جي رقم کي به ساڙي ٿي ڇڏي.
جڏهن توهان پنهنجي آمدنيءَ جو 10- 15 سيڪڙو سيڙپ ۾ لڳائيندؤ ته قسمت جو ستارو چمڪڻ لڳندو. سڀ کان پهرين پنهنجي بچت ۽ سيڙپ تي ڌيان ڏيو، تنهن تي گذارو ڪريو. توهان جي ان رويي سان هيٺيان نتيجا نڪرندا.
1. توهان رقم وڌائڻ تي مجبور ٿي ويندؤ.
2. جيڪڏهن توهان وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان اهي طريقا ڳولڻ تي مجبور ٿي ويندؤ، جن جي ذريعي توهان وڌيڪ دولت حاصل ڪري سگهو ٿا.
پنهنجين بچتن کي ڪڏهن به شاندار زندگي گذارڻ ۾ استعمال نه ڪريو پنهنجي سيڙپ وڌائيندا رهو ۽ اهڙو مقام حاصل ڪريو، جڏهن توهان پنهنجي سيڙپ مان حاصل ٿيل نفعي تي ڌيان ئي نه ڏيو، پر اهو رويو ۽ طرز عمل تڏهن اختيار ڪريو، جڏهن توهان وٽ واقعي مالي خودمختياري ۽ خرچ لاءِ مناسب رقم هجي.
پهريون فائدو
هڪ ڊاڪٽر پنهنجي ساڳي پيشيواري ماڻهن کي اهو سيکاريندو آهي ته، پنهنجي ذاتي شخصيت ۽ پنهنجي لاءِ دولت ۾ ڪيئن اضافو ڪجي. هو نهايت دولتمند شخص آهي. سندس چوڻ آهي:
”جڏهن مون گهڻا سال اڳ پنهنجي ڪلينڪ کولي هئي ۽ مريضن کي ڏسڻ شروع ڪيا ته آءٌ سڀ کان اڳ ٻين ماڻهن جي مالي ضرورتن جو خيال رکندو هوس ۽ باقي بچيل رقم پاڻ رکندو هوس، پوءِ مون محسوس ڪيو ته جيڪي ماڻهو مون کان به اڳ ڇهن مهينن کان اهو ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي اهو سڀ ڪجهه وقت تي مليو وڃي. مون اهو طريقو بدلائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سڀ کان اڳ پاڻ لاءِ رقم بچائڻ جو فيصلو ڪيم ۽ ايئن پهرين آءٌ پاڻ لاءِ رقم لڍندو هوس، پوءِ باقي رقم مان ٽيڪس ڏيندو هوس ۽ پوءِ پنهنجي زندگيءَ جي روزمره جي خرچن تي خرچ ڪندو هوس.“
مون رقم ڪڍائڻ لاءِ خودڪار طريقو چونڊيو، جنهن کان پوءِ منهنجي ته زندگي ئي بدلجي ويئي. جيڪڏهن منهنجا بل وڌي ٿا وڃن ۽ آمدني به اوتري نه ٿي ٿئي، ته به آءٌ پريشان نه ٿو ٿيان ۽ رقم به لڳاتار ڪڍائيندو رهندو آهيان. پراڻي نظام هيٺ جيڪڏهن اهي رقم گڏ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد نه ڪن ها ته سندن پگهار به مون تي بار ٿي پوي ها، پر هاڻي مون اهو طريقو بدلائي ڇڏيو هو، تنهن ڪري پريشانين کان آجو ٿي ويس.
اصول
مالي خوشحالي جو هڪ ٻيو خاص اصول اهو آهي ته پنهنجي بچت مان ٻاهريان خرچ نه ڪريو، پنهنجي اصلي آمدنيءَ مان پنجاهه سيڪڙو يعني اڌو اڌ بچايو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ذاتي خرچ ماهوار 45 هزار ڊالر آهي ته اڳ ۾ کيس 90 هزار ڊالرن جي اضافي رقم ڪمائڻي پوندي. جيڪڏهن توهان چاليهه هزار ڊالرن جي ڪار خريدڻ چاهيو ٿا، پر ان لاءِ چاليهه هزار ڊالرن جي واڌو آمدني حاصل نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ توهان اها ڪار نه ٿا خريد ڪري سگهو. اصل حقيقت ۾ طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجي زندگي گذارڻ جو معيار اويستائين نه ٿا وڌائي سگهو، جيستائين پنهنجي خرچن کان وڌيڪ رقم نه ٿا بچايو.
جيڪڏهن توهان پنهنجي بچت ۾ چاليهه هزار ڊالر وڌايا ته پوءِ توهان کي معلوم ٿيندو ته هاڻ اهو توهان جو حق آهي ته پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاريو.
پنجاهه سيڪڙو بچائڻ جو اصول تمام تيزيءَ سان ڪروڙپتي بڻجڻ جو نسخو آهي.
ڪيترائي ماڻهو ايستائين رقم بچائڻ شروع نه ٿا ڪن، جيستائين هنن وٽ مناسب رقم بچت ٿي نه ٿي سگهي، پر اهو ٺيڪ طريقو ڪونهي. توهان اڄ کان ئي پنهنجي مستقبل جي بهتريءَ لاءِ رقم گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏيو. توهان جيترو جلدي ۽ جيتري وڌيڪ سيڙپ ڪندؤ، اوترو ئي جلد مالي خودمختياري ۽ پاڻ ڀرو ٿي ويندؤ.

[b]لکپتي بڻجڻ
[/b] هڪ تحقيقي جائزي موجب 1980ع ۾ ڏيڍ ملين لک پتي آمريڪي هئا، پوءِ 2000ع ۾اهو تعداد وڌي ست ملين ٿي ويو. 2020ع تائين اهو تعداد لڳ ڀڳ پنجاهه ملين ماڻهن تائين وڌي ويندو. اهو به اندازو لڳايو ويو ته آمريڪا ۾ هر چئن منٽن کان پوءِ هڪ شخص لکپتي بڻجي ٿو وڃي.ٿورڙي رٿابندي ٿوري صحيح انتظام ۽ ڪوشش سان توهان به لک پتي بڻجي سگهو ٿا.
لکپتيءَ مان مراد مشهوري ڪونهي
ٿي سگهي ٿو ته توهان اهو سوچيندا هجو ته لکپتيءَ مان مراد ‘مشهوري’ به آهي. اصل ۾ 99 سيڪڙو لکپتي سخت محنت ڪن ٿا، ڪيترن ئي طريقن سان رقم بچائين ۽ سيڙپ به ڪن ٿا.
اهڙي قسم جا ماڻهو ٽن قسم جي طريقن سان اها دولت ڪمائين ٿا.
هڪ واپاري ۽ هڪ ڪاروباري مالڪ جي حيثيت سان (ڪل لکپتي مان انهن جو حصو 75 سيڪڙو هوندو آهي) پوءِ اهي ماڻهو اچن ٿا، جيڪي ڪنهن ڪاروباري اداري جا وڏا سربراهه هوندا آهن. لکپتي هجڻ سان سندن حصو 10 سيڪڙو هوندو آهي. جهڙوڪ: ڊاڪٽر، وڪيل، ڏندن جا ماهر، تعميرات جا ماهر ۽ مالي ماهر. سامان جي وڪري واري عمل ۾ صلاحڪار طور ڪم ڪندڙن جو تعداد انهن ۾ 5 سيڪڙو آهي.
اصل ۾ آمريڪا ۾ لکپتي ماڻهن جي اڪثريت باقائدگيءَ سان محنت ڪري ٿي. اهي پنهنجي آمدنيءَ موجب حياتي گذارين ٿا ۽ پنهنجي آمدنيءَ جو ڏهه ويهه سيڪڙو بچائي، پنهنجي ڪاروبار کان سواءِ جائداد جي خريداريءَ ۽ وڪري ۽ شيئرز ۾ سيڙپ ڪندا آهن اهي ماڻهو آهن، جيڪي گاڏين جي خريداري ۽ وڪري، هوٽلن،ڊبل روٽي، هيرن جواهرن جي کاڻين يا چوپائي مال پالڻ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل يا مالڪ هوندا آهن.

[b]لکپتي ڪيئن ٿجي؟
[/b] پنهنجي آمدنيءَ مان خودڪار طريقي سان بچت هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن ذريعي توهان پاڻ مرادو لکپتي بڻجي سگهو ٿا. ان طريقي تحت توهان جي آمدني يا پگهار مان هڪ مقرر رقم پاڻ ئي توهان جي اڪائونٽ مان ڪٽجي ٿي وڃي ۽ توهان جي هدايت ۽ خواهش موجب سيڙپ ڪرڻ ۾ استعمال ٿيو وڃي ٿي. جڏهن توهان انهيءَ خودڪار ذريعي سان پنهنجي بچت کي سيڙپ ۾ لڳايو ٿا ته پوءِ توهان کي رقم بچائڻ ۽ سيڙپ ڪرڻ لاءِ پاڻ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش به نه ٿي ڪرڻي پوي.
توهان جو مزاج به ان ۾ دخل نه ٿو ڏئي. گهر جا اوچتا خرچ به رڪاوٽ نه ٿا بڻجن. توهان پنهنجي سموري موڙي حاصل نه ٿا ڪريو ته ٽيڪس ڪٽجڻ کان به بچندا ٿا رهو، تنهن ڪري توهان جي گڏ ڪيل رقم جي پائي پائي گڏ ٿي، وياج مٿان وياج ملڻ سبب توهان کي پاڻمرادو لکپتي بڻجڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿي.

[b]ملڪيت کي وڌايو
[/b] رابرٽ ٽي ڪيوا ساڪي چيو هو ته: ”سڀ کان پهريون اصول ته اهو آهي ته توهان کي ‘قرض’ ۽ ‘ملڪيت’ ۾ فرق جي خبر هئڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ توهان ملڪيت خريد ڪريو. غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ‘قرض’ خريد ڪندا آهن، پر اهي انهن کي ‘ملڪيت’ نه ٿا سمجهن. ملڪيت اها شيءِ آهي جنهن سان رقم منهنجي کيسي ۾ اچي ٿي ۽ قرض اها شيءِ آهي، جنهن سان رقم منهنجي کيسي مان نڪري ٿي.“
ڪيترن ماڻهن جون حياتيون خواهشن ۽ خرچن جي گهيري ۾ هونديون آهن، پر ڪيترا ٻيا ماڻهو وري اهڙا هوندا آهن، جن جي ‘سيڙپ’ هيٺين نموني سندن مثالي صورتحال ظاهر ڪري ٿي.
توهان جي آمدني 100 سيڪڙو
توهان جا خرچ ۽ قرض 50 سيڪڙو
توهان جي ملڪيت 50 سيڪڙو
ته جائزو وٺو ته دولتمند ماڻهو ڪهڙي نموني پنهنجي دولت وسيلي سيڙپ ڪن ٿا. اهي پنهنجي آمدنيءَ جي وڏي حصي ذريعي پنهنجي اثاثن، مثال طور جائيداد، ننڍو ڪاروبار، شيئرز ۽ سون خريد ڪن ٿا، جنهن سان کين وڌيڪ آمدني حاصل ٿئي ٿي. جيڪڏهن توهان به دولتمند ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اهو طريقو اختيار ڪريو.

[b]سيڙپ جو فائدو
[/b] جڏهن توهان پنهنجي بچايل رقم مان سيڙپ ڪريو ٿا ته توهان جي رقم وڌڻ سروع ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ توهان ان رقم کي اڃا وڌيڪ سيڙائڻ جا طريقا ڳولڻ ۾ لڳيو ٿا وڃو ۽ ايئن آخرڪار هڪ سٺو مالي صلاحڪار ڳولي ٿا وٺو.