تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ جي ڄاڻايل اصولن جو نچوڙ هيءُ آهي ته اهي ڪهڙا ضابطا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان نااميدي ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪامياب زندگي گذاري سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به محسوس ٿئي ٿي جو اسان وٽ سائنسي اصولن تي ٻڌل مواد جي تمام گهڻي کوٽ آهي. مون کي اميد آهي ته ڪامياب زندگي گهارڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي ڪارگر ثابت ٿيندو.
Title Cover of book ڪاميابيءَ جا سونهري اصول

ڪاميابي اوهان جي چوڌاري آهي

انٿوني رابنز چيو آهي ته:
”پنهنجي چوڌاري ڪاميابيءَ جا آثار پروڙي وٺو.“
بيشمار موقعن جي هن دنيا ۾ رهندي توهان کي اهو احساس ٿئي ٿو ته توهان جيڪا به ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، اها ڪاميابي اڳ ئي ڪو ٻيو شخص حاصل ڪري چڪو آهي.
اها ڪاميابي ڀلي پنهنجي جسم جو وزن گهٽائڻ، ميراٿن ريس ۾ حصو وٺڻ، ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻ، مالي خودمختياري حاصل ڪرڻ ۽ ڪينسر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ يا هڪ ڪامياب تقريب ڪرڻ بابت ئي ڇونه هجي. ڪو نه ڪو شخص ان ۾ اڳ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو هوندو آهي ۽ ان هن ڪاميابين جا آثار اسان کي مختلف ڪتابن، مضمونن ۽ پروگرامن ۾ نظر اچن ٿا.

[b]توهان کي گهربل ڪاميابي ٻيا به ماڻي چڪا آهن:
[/b] جيڪڏهن توهان لک پتي بڻجڻ چاهيو ٿا ته اهڙا ڪيترا ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ سان توهان سکي ويندؤ ته لک پتي ڪيئن ٿو ٿي سگهجي. ڪيترائي اهڙا ماهر موجود آهن، جن سان جيڪڏهن صلاح ڪريو ته اهو توهان کي ٻڌائيندا ته ڪٿي ڪٿي سيڙپ ڪري لک پتي بڻجي سگهو ٿا. ڪهڙو ڪاروبار ڪريو، جنهن ۾ نفعو ئي نفعو آهي.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جا پنهنجي گهرواريءَ سان سٺا لاڳاپا رهن ته ان سلسلي ۾ به ڪيترائي معلوماتي ڪتاب موجود آهن، جن کي پڙهي توهان پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهو ٿا. بهرحال توهان ڇا به حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان سلسلي ۾ ڪيترو مواد موجود آهي، جنهن کي پڙهي ۽ عمل ڪري توهان پنهنجي مرضيءَ موجب نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا. سڀ کان مزي جي ڳالهه اها آهي ته توهان ڪامياب ماڻهن جي صلاح ۽ هدايتن تي هلي ڪامياب ٿي سگهو ٿا.

[b]ڪاميابي مرحليوار سامهون اچي ٿي:
[/b] هڪ ڏينهن آءٌ ڪنهن ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پهتس ته مون اتي جي ميڪ اپ آرٽسٽ کان پڇيو ته هو اڳتي هلي ڇا ٿي ڪرڻ چاهي؟ ته هن ترت جواب ڏنو: آءٌ پنهنجو هڪ بيوٽي پارلر کولڻ چاهيان ٿي.
مون کانئس پڇيو تون ان سلسلي ۾ ڪهڙيون ڪوششون ڪري رهي آهين ته هن نهايت مايوسيءَ سان وراڻيو ته ڪي به نه. مون کي خبر ئي ڪونهي ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي. مون کيس ٻڌايو ته هوءَ ڪنهن بيوٽي پارلر جي مالڪ يا مالڪياڻيءَ سان رابطو ڪري ۽ کائنس پڇي ته هو ان سلسلي ۾ ڇا ٿي ڪري سگهي. هن حيران ٿي مون کان پڇيو: ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو؟
مون کيس چيو: ها! ايئن ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته مون پهرين اهو سوچيو هو، پر پوءِ وري اهو به سوچيو ته الائي اهي من کي پنهنجا راز ڏيندا يا ڇڙٻون وغيره ته نه ڏيندا.
مون کيس همٿايو ته ايئن ڪونهي. ڪيترائي ماڻهو توهان کي پنهنجي ڪاروباري ڪاميابيءَ جا گُرَ ٻڌائڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ڪندا، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته اها به سندن وڏي ڪاميابي آهي جو ڪير سندن ڪاميابيءَ جي مڃتا سب اهو گُر پاڻ به سکڻ آيو آهي.
ناڪاري خيال دماغ مان ڪڍي اهڙن ماڻهن سان ملي ۽ پڪي يقين سان ڪو نه ڪو تون کي ضرور ڪاميابيءَ جا گُرَ سيکاريندو، پر بدقسمتيءَ سان ان ميڪ اپ آرٽسٽ وانگر ڪيترا ماڻهو پاڻ وٽ هنر هوندي به پنهنجيءَ ڪاميابيءَ کان پيا ڊڄندا آهن ۽ اڳتي قدم کڻڻ کان پيا ڪيٻائيندا آهن.

[b]اچو ته ان جي سببن جو جائزو وٺون:
[/b]1) اهڙو ڪو واقعو اسان جي اڳيان ٿيو ئي نه هوندو، اسين اهو سوچيون ئي نه ٿا ته ٻيا ماڻهو به سڌو سنئون ڪامياب نه ٿيا هوندا، پر هنن به ڪنهن نه ڪنهن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڪاروبار کي سکي، پوءِ ڪاروبار ۾ هٿ وڌو هوندو. اسين ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ان ڪري به نه ٿا ڪريون ته ان بابت اسان کي ڪو به همٿائڻ وارو ڪونهي. اسان جو ڪو ويجهو دوست به اهڙو ڪم نه ڪندو هوندو، جنهن کان کلئي دل سان پڇي سگهجي. ايئن لڳندو آهي ته اسان جي آسپاس اهڙو ڪو به ماڻهو ڪونهي، جنهن کان ڪجهه پڇي سگهون.
2) اهو سمورو عمل ڪافي تڪليف ڏيندڙ آهي، ڪنهن کان صلاح يا راءِ وٺڻ ۽ مختلف قسم جي معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن لائبريريءَ ۾ وڃي لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي لکيل ڪتابن کي پڙهڻو پوندو، ڪنهن اهڙي اداري ۾ وڃي پاڻ صورتحال جو جائزو وٺڻو پوندو، مختلف ماڻهن سان ملي کانئن راءِ ۽ صلاح مشورو وٺڻو پوندو. ان قسم جي ڪاميابيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪافي ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ اسان کي پنهنجا ٽي وي پروگرام مٽ مائٽ ۽ دوست به ڪجهه وقت لاءِ وسارڻا پوندا.
3) ڪنهن ماهر شخص کان صلاح وٺڻ لاءِ وڃڻ وقت اسان کي هر گهڙيءَ اهو ڊپ هوندو آهي ته متان هو انڪار نه ڪري، سندس انڪار اسان کي شرمسار ڪري، وڌيڪ مايوس ڪري سگهي ٿو.
4) اسين ڪاميابيءَ لا مختلف جزن کي هڪ ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف ٿي ويندا آهيون ته پوءِ اسان کي زندگيءَ جي پنهنجي روزاني معمول کي بدلائڻو پوندو، پوءِ کڻي اها تبديلي اسان لاءِ سٺي به هجي، پر في الحال اسين ان کي پنهنجي عام زندگيءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڏکيو سمجهندا رهندا آهيون. ڇو ته اهو ڪهڙو شخص آهي جو پنهنجو سک ۽ آرام ڦٽائي ڏکيا ڪم ڪري.
5) ڪاميابيءَ لاءِ مختلف جزا گڏ ڪرڻ جو اصل مقصد سخت محنت آهي ۽ ڪيترا ماڻهو سخت محنت کان لنوائيندا آهن.

[b]ڪاميابيءَ جي اهڃاڻن جا رستا ڳوليو:
[/b]1- پنهنجي ڪاميابيءَ ۽ گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استادن، ماهرن، ڪتابن ۽ انٽرنيٽ مان فائدو حاصل ڪريو.
2- ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڳوليو، جيڪو اڳ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، ان کان ماهراڻي راءِ وٺڻ لاءِ ساڻس لهه وچڙ ۾ اچو.
3- ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڳوليو، جنهن اهو ڪم ڪجهه وقت اڳ شروع ڪيو هجي ته جيئن توهان کي اهو ڪجهه عملي طور سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.