پبلشر نوٽ:
لاڙڪاڻي ضلعي جو خوبصورت تعلقو رتوديرو مون تڏهن سڃاتو، جڏهن نامياري اديب سائين مقصود ”گل“ سان سِڪ جو سڳو جڙيو. هونئن ته ”اهي رتي جون ماڙيون، وهه واهه رتو ديرو“ لوڪ گيت تمام اوائلي سڃاڻپ رکي ٿو. اُهو گيت ڪيترائي ڀيرا ڪنن ۾ گونجندو رهيو آهي. پر ادبي رهنما جي حصول بعد رتوديرو گهر بڻجي ويو. توڙي جو رتيديري ۾ ٻيا به ڪيترائي محبوب دوست اڄ تائين موجود آهن ۽ ساڻن سڪ جو توڙي ادبي رشتو قائم آهي. رتوديرو قومي سڃاڻپ وارو شهر رهيو آهي، سنگيت جي حوالي سان رتيديري مان سٺا نالا پيدا ٿيا، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي حوالي سان سنڌ جي مقبول شهرن مان رتوديرو به هڪ آهي. لاڙڪاڻي جي ڪڇ ۾ قائم شهر رتوديرو توڙي جو اڄ اُن عروج تي نظر نه ٿو اچي پر رتيديري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ماڻهو اڄ به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم جي سڃاڻپ آهن، نه رڳو ايترو پر قومي جذبي سان به سرشار آهن. انهن اهم ماڻهن منجهان رتيديري ڄائي سنڌ جي نياڻي، قومي جذبو رکندڙ عورت، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مضمون نگار، ڪالم نگار ۽ ادب جي استاد، ارشاد سومرو به هڪ آهي.
ارشاد سومرو 27 ڊسمبر تي محترم محمد هاشم سومري جي گهر ۾ رتيديري ۾ جنم ورتو، هن لکڻ جي باقاعدي شروعات 1997ع کان ڪئي، پر سندس پهرين لکڻي گيت جي صورت ۾ 2004ع ۾ ”سرتيون“ ميگزين ۾ ڇپي.
ارشاد سومرو جي ذات ۾ سنڌي ٻولي ۽ قومي جذبو آهي، هن ذاتي ڪچهرين، مختلف محفلن، ادبي گڏجاڻين توڙي پروگرامن ۾ هميشه سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي محور بڻايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻين ۾ به قومپرستي نظر اچي ٿي. هن پنهنجن خيال جو اظهار ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪيو آهي، نثر توڙي نظم ۾ سندس لکڻيون مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپيون آهن، اڄ به ڇپجنديون رهن ٿيون.
ارشاد سومرو جا چار تخليقي ڪتاب پهرين به شايع ٿي چڪا آهن. سندس پهريون شعري مجموعو ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ان کان پوءِ ”درد جو ڇو انت نه آ“ نئين ڪويتا 2016ع ۾ شايع ٿيو، جنهن بعد سندس مضمونن جو ڪتاب ”ڌرتيءَ جي دانهن“، 2018ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. جنهن بعد گڏيل شاعريءَ جي مختلف ڪتابن ۾ به سندس شاعري ڇپجندي رهي. 2021ع ۾ (ھن سال) ئي سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”صدين جي اُڃ“ پڻ ڇپيو آهي.
ارشاد سومرو نثر جي به سگهاري ليکڪ ٿي سامهون آئي آهي پر سندس شاعري وڌيڪ مڃتا ماڻي آهي. هوءَ شاعر طور وڌيڪ سڃاتي وڃي ٿي، اُهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ جا ڪتاب وڌيڪ شايع ٿيا آهن.
”سنڌ سموري گهايل ڇو؟“ ارشاد سومرو جي نئين ڪويتا (شاعري) جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سڄي شاعري مزاحمتي انداز ۾ لکي وئي آهي. هڪ ليکڪ پنهنجي ڌرتي، قوم، قومي، توڙي سماجي حقن لاءِ ڪات، ڪهاڙا ۽ ٻيا هٿيار کڻي ويڙهه نه ڪندو آهي، پر ليکڪ جو قلم وڏو هٿيار هوندو آهي. ارشاد سومرو پڻ پنهنجي قلم کي هٿيار جي حيثيت بخشي آهي، سندس قلم مان سرجي نڪتل سڀئي نظم قومي جذبي سان سرشار آهن. هن ڪتاب جي پني پني تي، سٽ سِٽ ۾، لفظ لفظ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دانهن آهي، هن ڪتاب جي ڪُل شاعري قوم جو ورثو آهي، هن ڪتاب جي شاعري وقت جي حڪمرانن کان سگهارو سوال آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ارشاد سومرو جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌ سموري گهايل ڇو؟“ شايع ڪندي قومي ملڪيت مالڪن تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اميد تي ليکڪ توڙي اداري جي جدوجهد قبول پوندي.
مرتضيٰ لغاري