شاعري

سنڌ سموري گهايل ڇو

ھن ڪتاب ۾ شامل سڄي شاعري مزاحمتي انداز ۾ لکي وئي آھي. ارشاد سومرو پنھنجي قلم کي ھٿيار جي حيثيت بخشي آھي، سندس قلم مان سرجي نڪتل سڀئي نظم قومي جذبي سان سرشار آھن. ھن ڪتاب جي پني پني تي، سٽ سٽ ۾، لفظ لفظ  ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دانھن آھي.

Title Cover of book سنڌ سموري گهايل ڇو

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران

هيءُ مجموعو منهنجي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي، جيڪو سڄو نئين ڪويتا جو ڪتاب آهي ”سنڌ سموري گهايل ڇو؟“ هيءُ ڪتاب به منهنجي مٺڙي سنڌ ۽ سنڌ جي اٻوجهه عوام ۽ سنڌ جي وسيلن جي بيدرديءَ سان تين وال ۽ لٽ ڦُر تي لکيل آهي، جيڪي هن ديس وندن جي دردن جون دانهون ۽ آهون آهن ته وري من اندر جي پيڙاهون آهن، سنڌ ۾ ٿيندڙ وارداتين جون وارتائون آهن، جيڪي قلم جي نوڪ سان پني تي اوتيون آهن.
سنڌ جي وسيلن سان جتي ڌارين ويل وهايا آهن، اُتي پنهنجن به وسان ڪين گهٽايو آهي، سنڌ جي سرزمين دنيا ۾ ”انڊس ويليءَ“ ۽ ”موهن جي دڙو“ جي ماڳ طور سڃاتي ٿي وڃي. ان سان به اسان ڪا گهٽ ڪانه ڪئي آهي، هن عظيم ماڳ جي مقدس مٽيءَ کي روز پيرن هيٺان لتاڙي، هن جو اصل سرون به ڀنڃي ڀوري ڇڏيون آهن، ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي مان مليل اصل نوادرات به وڃائي ڇڏيا آهن. سمبارا جي مورتي به نقلي ٺاهي بيهاري آ، ”موهن جي دڙي“ جو ماڳ اگر ڪنهن انگريز ملڪ ۾ نڪري ها ته ان کي ساهه ۾ سانڍين هان، پر اسان هر عيد تي موٽر سائيڪلن هلائڻ جي کليل اجازت ڏيندا آهيون.
انگريز سنڌ تي هڪ سؤ چار سال حڪومت ڪري آزاد ملڪ ۽ قوم کي غلام بڻايو، پر هن قوم تي ڪيترا احسان به ڪري ويو، جن ۾ ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي ڪري دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ پنج هزار سال يا ساڍا ست هزار سال پراڻي، سڌريل ۽ تهذيب يافته قوم هئي، جيڪا مصر جي سمير تهذيب جي برابر هئي، سنڌ جا ماڻهو مصر سان نير، ململ ۽ ٻين شين جو واپار ڪندا هئا، فرعون جي مميءَ کي ويڙهيل ململ به سنڌ جي آهي، جڏهن سڪندراعظم دنيا فتح ڪرڻ جي جنون ۾ سنڌ آيو هو ته هِتان جي ماڻهن کي تن تي سوٽي ڪپڙا ڏسي حيران ٿي ويو، ڇو ته دنيا ۾ ان وقت به اُن جا ڪپڙا پهريا ويندا هئا، پر سنڌ ۾ ڪپڙي اُڻڻ جا اَڏاڻا هئا، سڪندراعظم سنڌ مان وونڻ جو ٻج پنهنجي ملڪ کڻي ويو، ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا ”انڊس ٽري“ انڊس مطلب سنڌ ٽري مطلب وڻ ڪپهه جو ٻوٽو.
انگريزن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي 52 حرفن جي الفابيٽ ٺاهي، سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط تيار ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ٿي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليو، هر سرڪاري ملازم کي سنڌي مضمون جو امتحان لازمي پاس ڪرڻو پوندو هو.
شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام کي سهيڙي ”شاهه جو رسالو“ جو روپ ڏئي، شاهه ڀٽائي کي دنيا ۾ عظيم شاعر طور روشناس ڪرايو ۽ دنيا جي وڏن شاعرن جي صف ۾ بيهاريو.
روپلو ڪولهي، جنهن انگريزن سان مزاحمتي جنگ جوٽي هئي، پر انگريز جي آڻ ڪونه مڃي، روپلي ۽ ٿر جي ڪولهڻين جي مزاحمتي ڪردارن جن ڪارونجهر جو ڳاٽ اونچو ڪيو، شاباس آهي انگريزن کي جن روپلي کي ڳولهڻ لاءِ ڪارونجهر جي ڪور جو هڪ پٿر به نه ڪيرايو، پر افسوس! اڄ اسان انگريز جي غلاميءَ کان ته آزاد آهيون، پر آزاديءَ جي روپ ۾ دائمي غلاميءَ جي ڳري زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون، جيڪي ڳري هجڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا پيا وڃن، جن کي لاهڻ ۾ به ڪي صديون لڳنديون.
اڄ ان روپلي ڪولهي جي سڃاڻپ ڪارونجهر جبل کي ڳرين مشين سان پرزا، پرزا ڪري ڪٽي کپايو پيو وڃي، ستم ظريفي ته ڏسو مشين جا مزدور به ٿر جا ٿري آهن، جيڪي هٿن سان ڪارونجهر پيا ڪٽن.
عام چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر“ جي روز جي ڪمائي سواءِ ڪلو سون برابر آهي، افسوس اڄ ڪارونجهر جو قيمتي پٿر گرينائيٽ کي ڪپي ڪوري ٿر جي سونهن کي برباد ڪيو پيو وڃي، ته وري قدرتي قائم ڪيل توازن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ڇو جو جبل زمين جا قلعا هوندا آهن.
ڇنڇر 14- سيپٽمبر 2019ع تي ٿر گهمڻ وياسين، مها ڏڪار کان پوءِ ٿر وسيو ته هر طرف ٿر سائي چادر پهري ڇڏي، ٿر به جنت نظير ڪشمير جي واديءَ کان گهٽ ناهي. ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل گهمڻ وياسين ته نه مور نظر آيا نه پاڻيءَ جا چشمه نظر آيا، اُتان جي ٿري ٻارن افسوس مان ٻڌايو ”باجي! هيءُ جيڪو روڊ آهي جن تي جيپون ۽ ڪارون ٿيون هلن، اُتي پهريائين پاڻي جو چشمو وهندو هو، هاڻي هن جبل جي پويان چشمو وهندو آهي، پر ڏاڍو خطرناڪ آهي، اگر ماڻهو جو پير ترقي ته پوءِ نڪرڻ به مشڪل ٿيندو.“ ٻارن جون ڳالهيون ٻڌي بيحد افسوس ٿيو، دل ۾ چيو ”اها ڪهڙي ترقي آهي؟ جنهن ۾ ماڳن جو حسن ئي ختم ٿي وڃي؟“ هن سون ورني سنڌ، ۽ ديس جي مارن سان ايڏو ناحق؟ ڪٿي ماڳ پيا مٽجن ته ڪٿي وسيلا پيا ڦرجن ته ڪٿي مائر ٻچن جا لاش جهوليءَ ۾ کڻي، ڪفن جي ٻن والن ڪپڙي لاءِ روڊن تي ٿيون صدائون لڳائن، روز نياڻين سان ڏاڍايون ڪري گهٽا ڏئي لاش ٻورين ۾ بند ٿي پيا ملن، نياڻين جا ٻورين ۾ لاشن جو ملڻ به روز جو معمول بڻجي ويو آهي. مفادن جي ور چڙهيل ديس جون نياڻيون ڪاريون ٿين يا جرڳا ٿين، هن ديس جا ڪهڙا درد ڳڻيان؟ ڪهڙا درد ونڊيان؟ هيءُ پورو ڪتاب ديس ڌڻين جي درد ڪٿا ئي آهي.
هن ڪتاب کان اڳ به منهنجا شاعريءَ جا ٻه ڪتاب اچي چڪا آهن، هڪ ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ ٻيو نئين ڪويتا جو مجموعو ”درد جو ڇو انت نه آ؟“
ٽي گڏيل شاعري جا مجموعا الڳ آهن[ انهن ۾ به هن ديس جي درد ڪٿا ئي بيان ٿيل آهي.
مون کي ياد آهي ته ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڳ، منهنجي هڪ شاگرد چيو هو، ”مس! اوهان پنهنجي شاعري جو ڪتاب ڇو نٿا ڇپرايو؟“
سندس خواهش تي وراڻيو هو ته، جيڪڏهن منهنجو ڪتاب ڇپيو ته پڙهندڙ پٿر هڻندا ته ڇا لکيو اٿئي؟ يا وري ڪتاب جي پنن ۾ پڪوڙا رکي کائيندا، ڇو جو، پڙهندڙن جي پسند جي هن ڪتاب ۾ ڪابه ڳالهه ناهي، نه ته راتين جا اوجاڳا آهن، نه ئي وري علم عرض جا قائدا قانون آهن، بس دل مان نڪتل هڪ آهه آهي. اُها پڙهندڙ کي وڻي الائي نه؟“ هن معصوميت مان وراڻيو ”مس! اوهان ڪتاب ڇپرايو اسان اکين تي رکي پڙهنداسين.“ پهريون ڪتاب ”گهڙي غمن جي ڀاري آ“ سنڌ راڻي پبليڪيشن وارن ڇپيو ته سڀ کان پهرين اعزازي ڪاپي ان معصوم شاگرد ڏي موڪلي، ميسيج ڪري چيائين ”مس! اوهان جو ڪتاب مون اکين تي رکي پڙهيو اٿم، منهنجي دعا آهي ته اوهان جو ڪتاب ڪاميابي ماڻيندو.“ شايد ان شاگرد جي دل مان نڪتل دعا جو اثر هو جو ڪتاب کي سوچ کان وڌيڪ موٽ ملي، ته حوصلو وڌي ويو ۽ ٻيو ڪتاب آڻڻ جو شوق جاڳيو.
”درد جو ڇو انت نه آ!؟“ ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ لاءِ محترم آسي زميني صاحب کي گذارش ڪيم، سندس لک ٿورا اڻ ڳڻيا احسان ڪتاب تي بعنوان ”الا! ڏاهي ۾ ٿيان“ لکي ڏنو، ان سان گڏ ڀيٽا طور هڪ غزل به لکي موڪليو جيڪو مون ڪتاب ۾ شامل ڪيو، ان غزل جون آخري ٻه سٽون هيون:
ڀيڻ ارشاد سومرو ’آسي‘،
ڀاڳوند آ جو ڀاءُ سڏيو آ تو.
بقول ادا آسي زمينيءَ جي ته، ”درد جو ڇو انت نه آ!؟“ نئين ڪويتا جو مڪمل پهريون ڪتاب اوهان جو هوندو، ان کان اڳ پورو نئين ڪويتا جو ڪتاب نه ڇپيو آهي.
جڏهن ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپيو ته پوري سنڌ مان ڀرپور موٽ ملي، اندازي کان وڌيڪ پڙهندڙ تعريف ڪئي ۽ داد مليو.
ادا آسيءَ پاڻ کي ڀاڳوند سڏيو آهي. ”ادا آسي! ڀاڳوند مان آهيان جو اوهان مون کي ڀيڻ سڏيو آهي.“ سچ پچ مان وڏي ڀاڳوند آهيان، ادب جي ديومالائي شخصيتن مون جيتامڙي ليکڪا تي لکي مون کي مانُ بخشيو آهي. ڪٿي مان ڪٿي اوهان سنڌ جي وڏن اديبن جو مقام مون ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته ادب جي دنيا ۾ مون کي ايترو مانُ ۽ مڃتا ملندي.
منهنجي ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب ۾ سنڌ جو مهان سياستدان قانوندان، شاعر ۽ نقاد محترم رسول بخش پليجي صاحب علالت جي باوجود منهنجي خواهش جو مانُ رکي مهمان خاص ٿي هن تقريب کي يادگار بڻايو، ته وري محترم امداد حسيني صاحب ٻنهي ڪتابن جا مهاڳ به لکيا ۽ تقريب جي صدارت به ڪئي. ريڊيو جو بهترين ڪمپيئر ۽ شاعر ادا نصير مرزا صاحب پروگرام جي ميزباني ڪئي. محترم زيب سنڌي صاحب، ميڊم امر سنڌو صاحبه، ميڊم تهمينه مفتي صاحبه ۽ گلبدن جاويد مرزا صاحبه جنهن هر موڙ تي رهنمائي ڪئي. ميڊم فاطمه ٻٻر جنهن منهنجي شاعريءَ کي پنهنجي ايم.فل جي ٿيسز ۾ شامل ڪئي آهي. پر ادا آسي زمينيءَ جي نه اچڻ جو اڄ به افسوس اٿم، ادا چيو ته ”مان پروگرامن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي“، صدارتي تقرير محترم امداد حسيني صاحب ڪئي، مهمان خاص طور آخر ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اسپيچ ته سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، ايڏو وڏو سياستدان، ايڏو وڏو قانوندان، ايڏو وڏو ليکڪ ۽ نقاد ڪتابن جي ايتري تعريف ڪئي، حيران ٿي ويس، مون سوچيو هو ته ايڏو وڏو ماڻهو ۽ نقاد ته منهنجي ڪتابن جا بکيا ئي اڊيڙي ڇڏيندا، پاڻ اسپيچ ۾ ڇا فرمايو هن ڪتاب جي بيڪ پيج تي ڏني اٿم.
منهنجي پهرين نثري مضمونن جي ڪتاب ”ڌرتيءَ جي دانهن“ جو مهاڳ وقت جي ارڏي بهادر ۽ قومپرست ڪارڪن محترم دودي مهيري صاحب لکيو آهي.

ته وري شاندار ۽ تاريخي مقدمو سنڌ جي قومپرست سياستدان، مهاڏاهي، مترجم، تاريخدان ۽ شاعر محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب لکيو آهي.
جڏهن مون ڪتاب تي مقدمو لکڻ جي خواهش ڪئي ته وڏي خوشيءَ سان مقدمو لکڻ جي حامي ڀري ]جڏهن ته ڀنڀري صاحب کي ڊاڪٽرن لکڻ کان منع ڪيو هو[ ڀنڀري صاحب اي فور سائيز تي مارڪر سان 50 پيجن تي مقدمو لکي فون ڪئي ته ”بابلا! مقدمو لکيو اٿم، ماڻهو موڪلي گهرائي وٺو.“ مون ماڻهو موڪلي مقدمو گهرائي ورتو، مقدمو ڪتاب جي ڪمپوزر عرفان ميمڻ ڏي موڪليو، ادا عرفان فون ڪري چيو ته ”ادي! ڀنڀري صاحب جي لکڻي سمجهه ۾ نٿي اچي‏، اوهان پاڻ لکي ڏيو، مقدمو گهر واپس ڏئي ويو.
مون مقدمو پاڻ لکيو، جيڪي لفظ مون کي به سمجهه ۾ نه پئي آيا، انهن کي انڊرلائين ڪري، آچر تي موڪل واري ڏينهن ڀنڀري صاحب جي گهر کڻي ويس، ڀنڀري صاحب پنهنجي نياڻي کي چيو ته، ”بابا! سومريءَ کي مقدمو درست ڪرڻ ۾ مدد ڪيو، جيڪو لفظ سمجهه ۾ نه اچي ته مون کان پڇي وٺجو.“ ڀنڀري صاحب جي نياڻيءَ مقدمو درست ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪي لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيا، اُهي ڀنڀري صاحب کان پڇياسين، ۽ ڪجهه وڌيڪ زباني به چوندا ويا ۽ مان لکندي ويس، اهڙيءَ طرح مقدمو مڪمل ڪيوسين، ۽ کلي چيائون ”بابلا! اصل مقدمو مون کي ڏئي وڃجو ته لکيل مقدمن ۾ رڪارڊ طور رکندس، مون اصل لکيل مقدمو ڀنڀري صاحب کي واپس ڪيو، ڀنڀري صاحب جي گهرواريءَ منجهند جي مانيءَ ۾ مڇي ۽ چانورن جي ماني کارائي.
اهو درست ڪيل مقدمو، ادا عرفان کي ڏنو ته ڪمپوز ڪيو. ڀنڀرو صاحب، فون ڪري چوندا هئا، ”سومري! اچو ته سنڌ جي سورن تي ڪچهري ڪيون“ آءٌ جڏهن به، سندس گهر ويس سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين ۽ ظلمن تي ڪچهريون ڪيون. کلي چوندا هئا، ”سومري! سچ پچ سنڌ جي سورمي آهين.“
ڪتاب ڇپجي آيو ته ڪتاب جون ڏهه ڪاپيون کڻي، سندس گهر ويس، ڪتاب ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، خوشيءَ مان چيائون ”سومري! ڏاڍي ڪنجوس آهين، صرف 10 ڪاپيون آنديون آهن، ٻيون به ڪاپيون موڪليو ته مان سنڌ جي شعور وارن ماڻهن کي ڏيان، انهن کي خبر پوي ته، سنڌ ۾ ٻاگهل ٻايون ۽ سورميون اڄ به آهن.“ ڀنڀري صاحب کي ڪتاب ڏيڻ کان پوءِ مون پنهنجي دل جي خواهش ظاهر ڪئي ته، ”بابا! اوهان منهنجي ڪتاب جي مهورت تقريب جا مهمانِ خاص هوندا.“ چوڻ لڳا ته، ”مان اسٽيجن تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ مون وراڻيو ته، ”پوءِ مان ڪتاب جي مهورت ئي ڪونه ڪرائيندس.“ کِلي چوڻ لڳا، ”سومري! ڏاڍي زوراور آهين، بابلا! مان مهورت تقريب ۾ ايندس.“ پر منهنجي بدنصيبي جو ڪورانا جي قهري وبا جي ڪري ڪتاب جي مهورت نه ڪرائي سگهيس ۽ هن اعزاز کان محروم رهيس، ان جو افسوس زندگي ڀر رهندو.
3 جون 2020ع تي ڀنڀري صاحب جو انتقال ٿي ويو، ڀنڀري صاحب جي نمبر تي فون ڪئي ته، سندس وڏي پٽ فون رسيو ڪري ٻڌايو ته، ”تدفين ڳوٺ ٿيندي.“ لاڪ ڊائون سبب وڃي نه سگهيس، جنهن جو ڏاڍو افسوس اٿم. پوءِ سندس گهر وڃي، امان ۽ اديءَ سان تعزيت ڪيم.
پاڻ مون کي ڌيءَ چوندا هئا ۽ ڌيءَ جيترو مان به ڏيندا هئا، سنڌ جي عظيم شخصيت جو مون جيتامڙي ليکڪا کي ايڏو مان ڏيڻ، سچ ته هو، عظيم انسان هئا.
هن ڪتاب جو مهاڳ به سنڌ جي نامياري شخصيت ادا بيدل مسرور صاحب لکيو آهي، آءٌ دل جي گهراين سان سندس شڪر گذار آهيان. مان انهن سڀني مان وارن جا جيترا به ٿورا مڃيا گهٽ آهن، احسان منهنجي رب جا به بيشمار آهن جنهن مون کي لکڻ جي سگهه بخشي. اميد ٿي ڪيان ته هيءُ ڪتاب به اوهان جي معيار تي پورو لهندو!
ارشاد سومرو
ڇنڇر 6 جون 2020ع، بمطابق 13 شوال 1441هه
Feed Back: irshad.soomro32@yahoo.com