مهاڳ : سنڌ ڪيس جون ايف آءِ آر
سنڌي شاعري پنهنجي لوڪ ورثي، سڀيتا ۽ ڀونءِ جي سونهن جو سمر ساڻ ڪري سفر پئي ڪيو ته هڪڙو وقت اهڙو آيو جو سنڌي شاعري فارسي بحر وزن جي ڪيمخواب بخمل تي براجمان ٿيڻ لڳي، ۽ زندگيءَ جي حسن ۽ قبح جي قيد ۾ صياد جيان کلڻ لڳي، تڏهن سنڌ جا صوفي شاعر به ان جي بحر وزن جي نه رڳو طرب کان! پر گلن ۽ ڀنورن جي تشبيهن، استعارن ۽ علامتن کان به متاثر ٿيا، جيڪي تصوف جي رازن رمزن کي سمجهڻ سمجهائڻ ۾ نهايت مددگار ثابت ٿيا، ايئن نه رڳو سنڌي شاعري تصوف جي ترهي تي ترڻ لڳي، پر سنڌ جي ڪيترن شاعرن انهن طرزن، موضوعن، تشبيهن ۽ استعارن ذريعي پنهنجي شاعريءَ جا واهڙ وهايا.
پر جيئن ته زندگيءَ جي حقيقت ترقي ۽ تبديليءَ سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري ادب به سماجي، سياسي ڦير گهير ۽ سائنسي ترقيءَ وارين حالتن پٽاندر موضوعن ۽ اسلوب ۾ تبديلين جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا ۽ لوڪ ۽ ڪلاسيڪي ورثي جي حوالي سان يا ٻاهرين دنيا جي شاعريءَ جي صنفن تي ڪيترا ئي تجربا ٿيا.
خاص طور ادب لطيف جي نثري اسلوب، موزون شاعريءَ کي نثري نظم يا نظماڻي نثر ڏانهن راغب ڪيو ايئن ئي سنڌي شاعري پنهنجي موزونيت مان آزاد ٿي نثر جي گرفت ۾ اچي وئي آهي.
اها ڳالهه به درست آهي ته عروضي پابنديون اسان جي سنڌي سماجي سيٽ اپ سان ٺهڪندڙ نه آهن، پر خود سنڌي لوڪ صنفون: بيت، ڪافيون يا موزون صنفون: قصيدو، مرثيو، مثنوي، رباعي، مسدس، مستزاد، معشر هاڻي جهڙوڪر اڻلڀ ٿي ويون آهن، خود غزل جي محبوب، ان جي حسن ۽ داخلي احساس ۾ به وطن، قوم ۽ ان جي ڏکن دردن جا موضوع شامل ٿي ويا آهن.
ٿورو عرصو اڳ سنڌي شاعرن ڪجهه ٻاهرين صنفن جهڙوڪ: سانيٽ، ترائيل ۽ هائيڪو تي به طبع آزمائي هئي، پر اهي به وقتي ثابت ٿيون، پر هاڻي جڏهن نظم: آزاد نظم، ليريڪل بيليڊ، بلئنڪ ورسس، نثري نظم، تجريدي نظم، نئين ڪويتا، ڪولاز ڪويتا جي فارمولي هيٺ ماڊرن سينسيبلٽيءَ جو اظهار ٿيڻ لڳو آهي ته ڪيترا ئي شاعر دل کولي ”نئين ڪويتا“ لکڻ ۾ جنبجي ويا آهن.
هند ۾ نئين ڪويتا جي ابتدا سنڌيءَ جي مشهور نقاد ۽ شاعر هريش واسواڻيءَ اڻويهه سئو سٺ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ڪئي آهي، انهن ئي سالن ۾ سنڌ ۾ ماڊرن سينسيبلٽيءَ واري نئين ڪويتا جو بنياد امداد حسينيءَ رکيو آهي، پر شيخ اياز کان اسان جي ڀيڻ ارشاد سومرو جي هن شعري مجموعي تائين سوين قدامت پسند توڙي جدت پسند شاعرن نئين ڪويتا تي طبع آزمائي آهي.
شيام جئسنگهاڻي لکي ٿو ته: ”مغرب ۾ جديد ڪويتا اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ اچي چڪي هئي، مهاڀارين لڙاين جي تمام اثرن سبب پراڻيون سينسيبلٽيون ساهه ڇڏي چڪيون هيون ۽ مڃتائن جا مڪان ڊهي پٽ پيا هئا، ماياڪووسڪيءَ جي گروپ جو ماضيءَ کي رد ڪندڙ 1920ع وارو مينيفيسٽو ۽ ٽيڪنڪ، وشيه ۽ ٽيمپر جي لحاظ کان پوريءَ جنريشن کي اتساهه جي آرسيءَ طور ملندڙ ٽي ايس ايليٽ جو ”ويسٽ لئنڊ“ ڇتائيءَ سان بدلجندڙ نظاري جي شروعات هئي. وقت جي صحيح ترجماني ڪندڙ جذبو، شڪستگي، ۽ بي بندوبستگي، دشاهيڻتا ۽ اوشواس، خوف، خاليپڻو ۽ هيسٽيريا، ڊي ڪمپوز ٿيل سڀيتا، جديد دنيا جي نامردي ۽ ناڪاميءَ کي چِٽڻ جي سلسلي ۾ نوَن محاور ۽ نين معنائن جي سِمتن جي تلاش ڪويتا جي کيتر ۾ هڪ هلچل جهڙو روپ وٺي چڪي هئي.“ (سنڌي ڪويتا: ”معنى بي معنى جي بلائينڊ ٽيسٽ“ ليکڪ: شيام جئسنگهاڻي، ماهوار ”ڪونج“ بمبئيءَ، سيپٽمبر 1983ع، ص: الف).
شيام جئسنگهاڻي اڳتي لکي ٿو ته: ”اڄ جو ڪوي صرف پنهنجن پاڇن ۾ چهل قدمي نه ٿو ڪري، پر ٻاهرين حقيقتن کان اندرين حقيقتن ۽ داخلي فئنٽسيز ڏانهن سندن سفر ۽ واپسي سفر، شخصي حالات مان ٻاهر اڀري، وجودي ڇوهه بڻجڻ جو آڀاس ۽ سمورن تلخ انڀوَن طرف کليل تصور جي تاثيرن سان ٽڪراءَ مان پيدا ٿيل ردعمل ۽ دريافت، جديد ڪويءَ جي انڀوَن ۾ نواڻ بخشيندڙ هم آهنگيءَ کي جوڙي ٿي.“ (سنڌي ڪويتا: ”معنى بي معنى جي بلائينڊ ٽيسٽ“ ليکڪ: شيام جئسنگهاڻي، ماهوار ”ڪونج“ بمبئيءَ، سيپٽمبر 1983ع، ص: پ).
هيرو شيوڪاڻيءَ جو چوڻ آهي ته: ”هند ۾ نئين ڪويتا جي ڌارا تجربن جو هڪ ويڪرو ميدان بڻجي آئي آهي، مغربي ساهتيه جي اڀياس ۽ ٻين همعصر ٻولين جي شاعريءَ کان متاثر ٿي، هن صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ آيل هيءَ ڌارا موضوع توڙي فارم ٻنهي ۾، لڳ ڀڳ هڪ پورو الڳاوُ ڏيکاري ٿي. نئين پيڙهيءَ جا ڪوي بنهه هڪ نئون انڀو ۽ اظهار کڻي اڳيان آيا، تاثرات جهٽيندي به هنن اڄ جي پيچيدي، ڍونگي ۽ تضادن ڀري پسگردائيءَ جي دٻاوَ کي پنهنجي نسن تي ڀوڳيو آهي.“ (سنڌي ساهتيه ۾ تجربا: هيرو شيوڪاڻي، ٽماهي رچنا، ڪلڪتو، اپريل جون 1983ع، ص: 30).
سنڌ جي هن شاعره ارشاد سومرو به پنهنجي دور ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيندڙ ظلم، بيگناهه سنڌين جو کنڀجي وڃڻ، معصون نياڻين سان ٿيندڙ زوريءَ زنا، اغوا، قتل، سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ لاءِ ڌارين جي آبادڪاري، ڌارين جا ڊوميسائيل، مذهبي انتها پسندي، تعليم تي راتاها، ۽ خاص طور قانون جي لتاڙ ۽ ناانصافي جي درد کي، ۽ سنڌ جي ٻين به ڪيترين خارجي وارتائن کي پنهنجي رڳن ۾ ڀوڳيو آهي، انهيءَ ڀوڳنا جي احساس جا اٻڙڪا سندس ڪويتا جي هڪ هڪ سٽ ۾ نمايان آهن.
مان جڏهن هن شعري مجموعي جو مسودو کڻي پڙهڻ ويٺس ته آرٿر لورينٽ جي فلم The way we wereجي نائڪا (باربرا اسٽرسنڊ) اکين اڳيان اچي وئي: فسطائيت جي خلاف پمفليٽ ۽ احتجاجي بينر لکندي، گهر ۾ ويهي مشين تي ڇاپيندي، ۽ اهي شهر ۾ ورهائيندي، بئنرن کي ديوارن تي چنبڙائيندي ۽ عورتن، ٻارن جي تعليم ۽ حفاظت لاءِ انقلابي گيت ڳائيندي نظر اچڻ لڳي.
ارشاد سومرو جا قوميت جي جذبي سان ٽمٽار هي سڀئي شعر اُهي احتجاجي بئنر ۽ اندر جي وڏي اٻڙڪي مان لکيل پمفليٽ آهن، جن ۾ سنڌ جي هر ڏينهن جي، ظلم جو داستان رقم ٿيل آهي، بس فرق رڳو اهو آهي ته اهي جيڪڏهن ديوارن تي چنبڙائيل هجن ها، يا جلسن ۾ ورهايل هجن ها ته ان جو وقتي اثر ته ضرور ٿئي ها پر سنڌ جي ڳلين ۾ ورهائڻ يا ديوارن تي چنبڙائڻ بجاءِ انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شايع ڪرڻ سان، سنڌ پنهنجي سجاڳ مستقل واري دور ۾ ارشاد سومرو جي لکيل اڄوڪين بربادين جي هن داستان تي افسوس وچان، اکين مان ٻه لڙڪ ضرور لاڙي ويهندي.
ان حوالي سان ارشاد سومرو جي هنن نين ڪويتائن جو اڀياس ڪبو ته سندس هي نيون ڪويتائون اوهان کي سنڌ جي برباد ٿي ويل قومي حالتن متعلق اهي ايف آءِ آر (FIR) لڳنديون جيڪي حڪومت وقت وٽ ڪٽجي نه سگهيون آهن. مٿان افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جون ڪي FIR جيڪڏهن ڪٽيون به آهن، تڏهن به انهن تي ٿورو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ارشاد سومرو پنهنجو شاعراڻو فرض سمجهي نهايت شدت ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
شاعريءَ ذريعي سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ جي نماڻين وينتيون ۽ وقت جي سرڪار کي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين متعلق للڪاريندڙ هي شعري مجموعو: ”سنڌ سموري گهايل ڇو ؟“ هن دور جي ناانصافين جو اکين ڏٺو احتجاجي دستاويز آهي، جنهن ۾ ليکڪا نهايت جرعت سان نه رڳو پنهنجي سنڌي جاتيءَ کي پر چيف جسٽس کي، وزير اعلى کي، رياست جي عدالتن کي به مخاطب ڪري، کين رياست جي قانوني فرضن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي سچي قوم پرست سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
ارشاد سومرو جون هي ڪويتائون، موضوع جي تسلسل ۾ نهايت فوڪسڊ آهن، حالانڪ سندس شاعراڻي ٽريٽمينٽ ۽ لفظ نهايت سادا ۽ عام فهم آهن پر شهر جي قاتلن کي به للڪاريڻ لاءِ نهايت شدت سان ڀريل آهن.
مون کي ان ڳالهه جي به خوشي ٿي آهي ته ارشاد سومرو پنهنجي سڃاڻپ جو نعرو به بلند ڪيو آهي:
مان هزارن سالن کان سنڌي آهيان
مان مٽيءَ جي مهڪ آهيان
تون مٽيءَ جي خوشبو ڇا ڄاڻي؟
مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان.
مان نه ٿو سمجهان ته ارشاد سومرو جي هن مجموعي کان اڳ سنڌ جي سوين ايف آءِ آرن تي مشتمل ڪويتائن کي مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرڻ جي ڪنهن جرعت ڪئي هجي. خود سندس گذريل شعري مجموعو ”درد جو ڇو انت نه آ؟“ به وڏو تاريخي ڪارنامو آهي، جنهن جي نشاندهي ڪندي سنڌ جي سڄاڻ شاعر آسي زمينيءَ لکيو آهي ته:
”اهو نئين ڪويتا جو مڪمل پهريون ڪتاب آهي.“
مون سندس اهو مجموعو ته نه پڙهيو آهي پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن زيادتين متعلق سوين ايف آءِ آرن تي مشتمل نيئن ڪويتا جو هي مجموعو به پهريون ۽ منفرد مجموعوآهي، جنهن ۾ سنڌ جون اهي درد ڪٿائون آهن، جن مان مانواري شاعره جا جذبا ڀنڀٽ جيان ٻرندي محسوس ٿين ٿا.
مجموعي جي آخري حصي ۾”ديس جي نياڻين جون درد ڪٿائون“ (بابا هي ديس آ ڪهڙو؟) پڙهي، سچ پچ ته منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا آهن:
• منهنجي سنڌ جون نياڻيون
ڪنهن ڪنهن نياڻيءَ جا نانءَ لکان
ڪهڙا ڪهڙا ٿيل گهاءَ ڳڻيان.
• هنن معصوم مکڙين کي چيڀاٽڻ وقت
ڪيڏو نه دانهيو هوندو
خدا کي پڪاريو هوندو
امڙ کي ساريو هوندو.
ڀيڻ ارشاد سومرو پنهنجي ڪويتا: ”انسانن جا جهنگل“ ۾ نه رڳو سنڌين جي غيرت کي للڪاريو آهي پر سنڌي قوم لاءِ نهايت اهم سوال به اٿاريو آهي:
جيڪي ننگن ۽ دنگن تي سر ڏيندا هئا،
سي ئي نياڻين جون لوئي ليڙون ڪندا؟
جيڪي سامن تي سر ڏيندا هئا
سي ئي ڪلين کي قتلام ڪندا؟
ڇا سنڌ جو ماڻهو
بي حس ٿي ويو آ؟
پنهنجي تهذيب، ثقافت
وساري ويٺو آ؟
۽ پيارا پاٺڪو.... ياد رکو! نئين ڪويتا جي هن مجموعي جي اشاعت جو سبب!
بس اهو ئي آهي! اهو ئي آهي!! ساڃاهيو!!!
ته ڇا اسان بي حس هجڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي آهي؟؟؟
بيدل مسرور
سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
26. فيبروري 2021ع