مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان
مان هزار سالن کان سنڌي آهيان!
تون سالن جو ٻچڙو آهين،
مان مٽيءَ جي مهڪ آهيان،
تون مٽيءَ جي خوشبو ڇا ڄاڻين؟
مان هوائن ۾ گهلندي رهندس،
تون هوائن ۾ لڏندو رهندين،
مان تاريخ ۾ ملندي رهندس،
مان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ آهيان.
ھن ڪتاب ۾ شامل سڄي شاعري مزاحمتي انداز ۾ لکي وئي آھي. ارشاد سومرو پنھنجي قلم کي ھٿيار جي حيثيت بخشي آھي، سندس قلم مان سرجي نڪتل سڀئي نظم قومي جذبي سان سرشار آھن. ھن ڪتاب جي پني پني تي، سٽ سٽ ۾، لفظ لفظ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي دانھن آھي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو