ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سنڌ، سونھن ۽ سچ“  اوهان اڳيان حاضر آهي.  
سجاد ميراڻيءَ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ ترنم  سان ٽمٽار آهي. سادگي ۽ سچائيءَ سان سرجيل سندس شاعري ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي. سجاد ميراڻي سنڌ جي انھن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ توانائي ۽ تازگي بہ آهي تہ سچائي بہ. هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانھن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن.  سجاد ميراڻيءَ جي هِن شعري مجموعي کي پڙھي لڳي ٿو تہ هُنَ سوين لڙڪ ۽ مُرڪون، عڪس ۽ احساس سھيڙيا آهن. 
هي ڪتاب سونھن پبلڪيشن، پريان لوءِ پاران 2024ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سميع سجاد ميراڻي ۽ عبدالجبار شيخ جا، جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ