مُهاڳ..... طارق عالم ابڙو: فطري ليکڪ
اسان جي محبوب دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل فطري ليکڪ طارق عالم ابڙي جي زندگيءَ ۾ به اوسر جون ڪيئي زندگيون سمايل هُيون، جيئن: ڪهاڻي، ناول، شاعري، مُصوري، ڊرامه نِگاري، ڪالم نويسي ۽ عاشقي وغيره. آرٽ، ادب ۽ دل جي حوالي سان هُو هڪ نه پر ڪيئي زندگيون جيئندڙ شخصُ هو. اهو ئي سبب آهي جو هُو ذاتي زندگيءَ ۾ به هميشه هڪ رُخ ۽ هڪ وهڪري ۾ نه رهيو/وهيو. ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن باغي، ڪڏهن محبت جي ڇانوَ ۾ ويهندو هو ته ڪڏهن ڪاوڙ ۽ تضادن جي تپندڙ رڻ ۾ رُلندو وتندو هو. سندس اندر ۾ ڪڏهن ماٺار ته ڪڏهن ڀڃ ڊاهه هوندي هُئي، ڪجهه به هُجي طارق عالم زندگيءَ جي هر لمحي کي انتهائي سچائيءَ ۽ پورڻتا سان ماڻيو.
طارق عالم جو ناول ”رهجي ويل منظر“ تخليقي خوبصورتيءَ جو اعليٰ مثالُ آهي. جنهن ۾ احساس، نج رنگَ ۽ روپَ اظهاريا ويا آهن. سنڌي ادبَ ۾ رهجي ويل منظر کي ”پيار جي صحيفي“ طور سُڃاتو ۽ قبوليو وڃي ٿو. هن ناول ۾ تشبيهه ۽ استعاري جو جيڪو شاندار استعمالُ آهي، اهڙو مثالُ ان کان اڳ ڪنهن به سنڌي نثري ڪِتابَ ۾ نه ٿو ملي. طارق عالم نثر ۾ تشبيهه ۽ استعاري جو سڀ کان سُهڻو استعمال ڪندڙ نثر نويس آهي. هن جي نثر کي مينهن ڪڻين جهڙو حُسن ۽ نج پڻو آهي. ناميارو ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت لکي ٿو: ”ڪلپنا کانپوءِ طارق ئي هِڪُ اُهو ليکڪ آهي، جنهن جديد، نيون، خوبصورت تشبيهون ڏِنيون آهن.“
طارق جي ناول جي شاعراڻي حُسن بابت ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو: ”سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ جا لاتعداد جملا ائين ئي پاپولر آهن، جيئن بي مثال ۽ دل جي روح تائين لهي سگهندڙ نظميه مصرعون.“
ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو: ”سندس ناول“ رهجي ويل منظر“ پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن شاعر جو تخليق ٿيل آهي.“
سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نثر نويس ۽ فڪشن جو نقادُ عبدالقادر جوڻيجو سندس ناول لاءِ لکي ٿو: ”هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌُن وانگر آهستي آهستي دُکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتون سُرن وانگر اُڀرن ٿيون، سُرن ۾ پُورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا ۽ ڌُن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقتَ تائين پنهنجي ڇاتيءَ تي دُکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجھامندا محسوس ٿو ڪري“.
طارق جي تخليقي سچائيءَ کي دريافت ڪندي عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو: ”جيتوڻيڪ هن ناول ۾ ”پنهون“ طارق جو پنهنجو ڪردارُ لڳي ٿو ۽ هُو ان ڪردار وسيلي ڪو به نعرو هڻائي سگهي ٿو پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ايئن نه ڪيو آهي، بلڪه هَنڌُ هَنڌُ پنهنجا ڇوڏا به لاهي وَيو آهي.“ ساڳئي ناول تي نامياري ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نويس نُور الهُديٰ شاهه لکي ٿي: ”اسان کي طارق جي ناول ۾ اها عجيب ڳالهه يا شاهڪار پڻو پنهنجي طرفان ان ڪري نظر ٿو اچي، جو ڪافي عرصي کانپوءِ اسان وٽ هڪ اهڙو ناول لکيو وَيو آهي، جنهن ۾ اجائي نعريبازي يا جذباتيت ناهي (هن ۾ به آهي جذباتيت پر يونيورسٽيءَ جي حوالي سان پر ڪافي ريئلسٽ ٿي طارق هن ناول کي لکيو آهي.“
نئين عهد جو خوبصوت مُترجم ۽ سگھارو نقاد ننگر چنا، طارق عالم جي ناول بابت پنهنجي جامع مقالي ۾ لکي ٿو: ”سڄي ناول ۾ نثر جي رواني صُبحَ جي هيرَ جيان آهي، يا وري تارو تار درياءَ جيئن، پر اهڙو درياءُ جنهن جي مٿاڇري تي سُڪون ئي سُڪون هُجي ۽ هيٺان وري گهڻو ڪُجهه رِڙهندو گِهِلجندو ۽ ليٿڙندو ايندو هُجي. هن ناول نه رُڳو سنڌي ادب کي مقناطيسي سگهه جي ڪري نوان پڙهندڙ ڏِنا پر ناول جا پڙهندڙ به پيدا ڪيا، ناول پڙهڻ جو رُجحان وڌيو ۽ ساڳئي وقت اهڙي پس منظر کي آڏو رکي اهڙا ناول/ناوليٽ سرجڻ جو لاڙو به سگهارو ٿيو.“
طارق عالم جي ٻي اهم سُڃاڻپَ سندس ڪهاڻيون، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو نئون تعارف آهن، سندس ڪهاڻين ۾ سماجي پيڙائون، ويڳاڻپ ۽ بغاوت آهي. هُو نوجوان نسل جو نمائنده ڪهاڻيڪار آهي، هن نوجوانن جي مسئلن کي قلم وسيلي ظاهر ڪيو آهي. طارق عالم جي ڪهاڻين بابت نهايت اهم ليکَ ۾ شوڪت حسين شورو لکي ٿو: ”طارق عالم جي اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار هيڪل ۽ وياڪل، ڊپريشن ۽ فرسٽريشن ۾ ورتل، معاشري ۾ محرومين جا لاش ڪُلهن تي کڻي هلندڙ ۽ اڻپورا، اڻ تعبير ٿيل خواب اکين ۾ ٽنگي هلڻ وارا حساس نوجوان آهن.“
ناميارو ليکڪُ ۽ طارق عالم جو ننڍپڻ جو دوست محمود مُغل سندس ڪهاڻين بابت لکي ٿو: ”طارق عالم جون ڪهاڻيون تقريباً داخلي ڪيفيت جون هونديون آهن، هو اهو ئي لکي ٿو، جيڪو ڪُجهه ڀوڳي ٿو ۽ داخلي ڪيفيت ۾ ڪڏهن به ڪو هڪ thought نه هوندو آهي، انسان جنهن وهڪري ۾ وهي، سو جڏهن ڪنهن ڪناري لڳي، طارق جي اها خوبي سا ضرور چئجي ته هو ان وهڪري ۾ پنهنجي ذهن جي تختي لکي چنبڙي ٿو پوي، ۽ ڀرپور ڪوشش ٿو ڪري، صحيح نموني سان ترڻ جي.“
طارق عالم جي تخليقي حوالي ۾ شاعريءَ جو شُمار به ٿئي ٿو، ”مورن اُوچا ڳاٽ“ سندس هائيڪن جي مجموعي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
طارق عالم جي ”هائيڪو“ بابت امداد حُسيني، تاج جويو، ادل سومرو، حسن مجتبيٰ، احمد سولنگي، شبنم گل ۽ ٻين نهايت ڀرپور مقالا لکيا آهن. تاج جويو لکي ٿو: ”طارق عالم ڪُهنه مشق شاعر نه آهي، پوءِ به هُنَ جڏهن هائيڪو لکيا ته اُنهن جي سُونهن، مواد ۽ پُختگيءَ، نون شاعرن کي حيران ڪري ڇڏيو، جن اڃان تجرباتي طرح هائيڪو پئي لکيا.
ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو: ”طارق جي هائيڪن ۾ فطرت سان تعلق، ڪنهن واقعي جي مُسلسل هُجڻ جا اشارا مِلن ٿا، گهاڙيٽي جي حسابَ سان ماترائُن جي گهٽ وڌائيءَ جي باوجود، جذّبا ۽ احساس، مُشاهدي ۽ تخيل جي سگهه ۽ هن جي جمالياتي پروڙ، سڀني شين تي حاوي آهي.
ايازگُل، طارق عالم جي هائيڪن بابت هن طرح لکي ٿو: ”طارق عالم زندگيءَ جي سمورن روپن ۽ ٻهروپن کي، ميلي ۾ وڃايل ٻارن وانگر ڳوليو آهي. آسن، اُميدن، ذهني ڇڪتاڻ، ڏک، پيڙائُن، ڪيفيتن ۽ ڀريل اکين سان“.
احمد سولنگي، طارق عالم جي هائيڪن کي هن طرح ڏِسي ٿو: ”طارق عالم جو ڪِتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ تمام وڏو واڌارو آهي. سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ڪِتاب ”پن ڇڻ پُڄاڻان“ کانپوءِ طارق عالم جو ئي ڪِتاب ”مورن اُوچاڳاٽ“ آهي، جنهن ۾ طارق سوچن، جذبن، خيالن ۽ فطرت جي حسين نظارن جو اظهارُ ڪيو آهي.“
هائيڪن کانپوءِ طارق عالم جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ سندس ٻي سموري شاعري سهيڙي ”لفظن جو ناراض نسل“ جي نالي سان ڪِتاب ڇپايو ويو، جيڪو پڻ جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم ڪِتابن ۾ شُمار ٿئي ٿو. سندس اُنهيءَ شاعريءَ جي حوالي سان روبينه ابڙو لکي ٿي: ”طارق عالم جي شاعري پنهنجي دردن ۽ سُورن سان celebration آهي. زندگيءَ ڏانهن طارق عالم جا سڀئي رويا Artistic رهيا، هُو دردن ۾ رنگ ڀرڻ کان وٺي غمن کي گٽار جيان وڄائڻ ۽ پيڙائُن کي شاعراڻو ويسُ پهرائڻ بخوبي ڄاڻندو هُيو، جڏهن جڏهن طارق جو هينئون ”هيرڻ پن“ ٿي پوندو هُيو، تڏهن تڏهن طارق نثر کان شاعريءَ جي طرف مُڙندو ۽ ڪڏهن ڊوڙندو هيو“.
”لفطن جو ناراض نسل“ جي مُهاڳ ۾ علي دوست عاجز لکي ٿو: ”طارق جي شعر ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت نه آهي، لفطن جي هيرا ڦيري، نه ڏک جو ڏيکاءُ، هُو سنڌ جو سچو آرٽسٽ ۽ درد مند ليکڪ/شاعر آهي، هُنَ وٽ پنهنجا پُور ۽ سنڌ جا سُورَ رَليا مَليا پيا آهن. هُنَ سنڌ کي تبليغ بدران تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.“
طارق عالم جي ويجھن دوستن ۾ نصير مرزا، اخلاق انصاري، انعام شيخ ۽ ٻيا شامل آهن، اُهي طارق عالم بابت پنهنجا ويچارَ هن ريت ونڊن ٿا.
نصير مرزا پاڻ کي ڀٽائيءَ جو فقير سمجھندڙ هي اڄوڪو طارق..... اهو اڳوڻو ارڏو طارق عالم ڪٿي؟ جنهن کان اڪثر سينيئر شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڪن هڻندا هُئا ۽ هن جي تحريرن ۾ زخمي ٿيڻ کان سخت ڊڄندا ۽ کانئس بچڻ جي پُوري ڪوشش ڪندا هُئا.
اخلاق انصاري طارق آرٽسٽ آهي، هر شيءِ کي پرکڻ جا پنهنجا معيار ـــ طارق پڪاسو جي cubism تي پورو يقين رکندو آهي.
انعام شيخ جيتوڻيڪ ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي طارق جي ڀيٽ ۾ تمام وڏا گريڊ رکندڙ مخلوق رهي ٿي ۽ هِتي ڪوڙ ۽ سازش جي مهاري تي هلندڙ ناٽڪي مزاج ڏات (ڪات؟) ڌڻين جي به کوٽ ناهي، پر هِتي مڙني فنڪارين ۽ مرتبن کان مٿڀرو قنبر جي فقير محمد ابڙي جو هيءُ سٻاجھو پوٽو هڪ فرد ۽ انسان جي روپ ۾ کيس تمام گهڻو محبوب ۽ معتبر آهي.
طارق عالم جا سينيئر اديب به طارق سان محبت هن ريت ونڊن ٿا:
عبدالقادر جوڻيجو: ”طارق ابڙي“ کي ڪوڙ لکڻ جو شوق ناهي، انهيءَ ڪري هُو رات جي اوندهه ۾ تير هلائڻ بدران ڏينهن ڏِٺي جو وچ چؤنڪ تي پٿر هڻندو آهي، ننڍي هوندي گهٽين جا ڪتا ڪُٽيندو هو، وڏو ٿيو آهي ته معاشري ۾ موجود سطحيت ۽ منافقت تي مارو اٿس، معاشري تي سندس اک بليڊ وانگر هلندي آهي. طارق ابڙو ذاتي زندگيءَ ۾ نم جي وڻ وانگر ڇانوَ ڏيندڙ، پيءُ وانگر حفاظت ڪندڙ، ماءُ وانگر محبت ۾ پنهنجو ماسُ کارائيندڙ، ڀاءُ وانگر ڀاءُ جي بدران لٺ کڻندڙ ۽ روايتي دوست وانگر دوستيءَ ۾ ٽوٽو کائيندڙ هڪ سٻاجھڙو ۽ مِٺو ماڻهو آهي.
مدد علي سنڌي هُو ڄمار ۾ ته مون کان گهڻو ننڍو هو، پر اهو فرق ڪڏهن محسوس نه ٿيندو هو، ڪائي ازلي تند اسان جي وچ ۾ ضرور هئي پاڻ ۾ ڳنڍيل ان جي ڪا به وصف ۽ معنيٰ نٿي ٿي سگهي.
طارق عالم جي وڇوڙي جِتي سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌَڪُ رسايو، اُتي سندس گهر ڀاتين، دوستن ۽ پڙهندڙن جي دلين کي به ڌوڏي ڇڏيو. (سنڌي ادب جو هي مڃيل ليکڪُ جيڪو سرڪاري بي حسيءَ جي ڪري اسان کان الڳ ٿي وَيو، اُنَ تي هاڻي ڳالهائڻ ئي فضول آهي، ڇو ته هِتان جي سرڪارِ ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جي اهميت کان ئي اڻڄاڻ آهي).
طارق عالم جي وڇوڙي تي سنڌ سراپا درد بڻجي وئي، اوڇنگارون لفظن ۾ اُٿلي آيون:
عبدالقادر جوڻيجو طارق ابڙي آخر تائين همت ڪانه هاري، سندس رت ۾ وڏن جا گهوڙا پئي ڊوڙيا ۽ تلوارون پئي کجيون. ناول ياد نٿو اچيم، پر ڪنهن لکيو هو ته: ”زندگي ٻن اٿاهه روشنين جي وچ ۾ هڪ اڻ لکي ڪاري ليڪ آهي“. طارق ابڙو اڻ لکي ڪاري ليڪ ڇڏي، اٿاهه روشنيءَ ۾ هليو وَيو.“
رسول ميمڻ ”رات سانت ۽ سوچون“، ”سڃاڻپ جي ڳولها ۾“ طارق جي ڪهاڻين جا ڪردار زندگي جي ويجها آهن، پر افسوس هُو موت کي ويجھو ٿي ويو. شايد ڪلا جي مزار ٻاهران هن حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا پاند ۾ وجھي زائرين کي ورهائي ڏِنا، هن جو پاند خالي ٿي ويو، اسين جهڙا آهيون، شايد ان ڪري جو ورهائڻ ۾ به ڪنجوس آهيون.
ڊاڪٽر ادل سومرو هن کانپوءِ هر منظر اڻپورو رهجي ويو آهي، ٽهڪ مستيون، سئر سفرُ، ڪچهريون اٻاڻڪيون، گڏجاڻيون، بس هاڻي ڇاهي، چاليهو، ورسي، تقريرون، تصويرون، بينر.
روبينه ابڙو: ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي اسپتال ۾ موت کي اکين سان ڏِسندي به طارق نا اُميد يا ڊنل ڪونه هُيو...... سندس عقيدو ۽ ويساههُ هُيو ته ”جيڪا رات قبر ۾ اچڻي آهي، اها ڪڏهن به ٻاهر ڪونه ايندي....“ ان ڪري موت جيڪو برحق ۽ اٽل آهي، ۽ هر ساهدار کي هڪ نه هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو ئي آهي، ته پوءِ موت کان ڀڄڻ ۽ ڊڄڻ ڪهڙو....؟ هن کي يقين ٿي ويو هيو ته موت سندس ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندو.... ڇو جو هو پنهنجي پُٺيان اهڙا عمل ڇڏيو پيو وڃي، جيڪي موت کي به ماتِ ڏيئي ڇڏيندا آهن.....
رضيه طارق ۽ ان ڏينهن طارق اکيون بند ڪري خاموش ٿي وَيو هو، ٽهڪ سانت ٿي ويا هئا، سُر گم ٿي ويا هُئا، مستي مذاق تي ڄڻ جمود طاري ٿي ويو، بس صرف ذهن سُجاڳ هو، جيڪو اسان جي سڏ تي پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي جنبش سان پنهنجي هُجڻ جو احساسُ ڏياري پيو، پوءِ ته اسان سڀني جا سڏ به گونگا بڻجي ويا......
مُنور سراج سچ ته طارق عالم پنهنجي اندر توڙي ٻاهر ۾ هڪڙو مڪمل آرٽسٽ هو، جنهن سان ۽ جنهن جي تخليق سان مِلي ماڻهو هڪ پل ۾ صديءَ جو سوادُ ماڻي سگهي ٿو.
ضراب حيدر هُنَ سنسار ۾ هن دنيا ۾ جيستائين ڪا هڪ ڪهاڻي، ڪو هڪ ڪردار باقي آهي، تيستائين طارق عالم جهڙا آرٽسٽ، ڪهاڻيڪار ۽ ديومالائي ماڻهو مرڻا ناهن، اهو ئي سچ آهي، اها ئي حقيقت آهي.
ممتاز لوهار ڪير ٿو چوي ته هو ڪونهي؟ هُو آهي ـــ هُو رهندو.... جيسين سنڌُ آهي، سنڌ يونيورسٽي آهي.... يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙن پنهون ۽ سنجھا آهن.....
پنهنجي انتهائي خوبصورت ليکَ ۾ حسن مجتبيٰ لکي ٿو: ”سنڌ جي آرٽسٽ فئملي جي هن ميمبر (مون کي لڳي ٿو) ڄڻ ڪنهن آرٽ گيلريءَ ۾ جنم ورتو آهي، جنهن جي ڪري ئي هن جي شخصيتَ ۽ هن جي تخليقن ۾ مور پنک جا هيڏا رنگ رچي ويا آهن. رومانس هن جي زندگي آهي يا وري هن زندگيءَ سان رومانس ڪيو آهي. رومانس ۾ هيءُ آرنيسٽ هيمنگوي جي اڻ چپيل ناول gordens of ends جي teenager هيرو جهڙو آهي.“
طارق عالم ابڙو هڪ مڪمل آرٽسٽ ليکڪُ هُيو، جنهن وٽ پيارَ جا قدَر، محبت جون حُسناڪيون، دل جو وارتائون ۽ سماجَ جون سچيون حقيقتون آهن. ناول، ڪهاڻي، شاعري، مصوري، ڪالم نويسي ۽ ڊرامه نويسيءَ جي شعبن ۾ هُنَ يادگار ڪَمُ ڪيو آهي.
پيارو اسحاق سميجو، طارق عالم بابت ڪيڏي نه پياري راءِ ٿو ڏئي ته: ”هن جي تحرير ۽ تخليق ٻيئي شاعريءَ جي عرقَ سان ڳوهيل ۽ رومانوي دلڪشي به پُوري اوجَ ۽ عروجَ تي ملندي. هُو اوندهه جي زهرَ ۾ ورتل سماج جا اهڙا اهڙا مٺڙا پهلو روشن ڪري ٿو ڄاڻي، جو زندگيءَ جي ڪڙي گوري به ڳِهَڻَ جي لائق ٿيو پوي.“ طارق عالم ابڙي جي فن، فڪر ۽ شخصيتَ تي سنڌُ جي ناميارن ليکڪن جا هي مضمونَ، مقالا ۽ تاثُرَ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هُو سنڌُ جو مقبول ۽ فطري ليکڪ هو.
هن ڪتابَ ۾ سهيڙيل سڀ ليکَ طارق عالم جي ناول، ڪهاڻي، شاعري، ڪالم نِگاري، سفرنامه نويسي ۽ شخصيتَ جو گڏيل اڀياس آهن. جن کي سهيڙيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريان ٿو.
هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ لاءِ مختلف رسالن مان مواد ورتو ويو. جنهن لاءِ مان ٽماهي ”سارنگا“ جي ايڊيٽر اسحاق سميجي، ٽماهي ”پوپٽ“ جي ايڊيٽر امر اقبال، ماهوار ”پرک“ جي ايڊيٽر نثار منصور ۽ ماهوار ”ناٽڪ“ جي ايڊيٽر رحمت پيرزادي جو ٿورائتو آهيان. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ مان به ڪجهه مضمونَ ورتا ويا، جنهن لاءِ مان انهيءَ اداري جا به ٿورا مڃيندس. ڪتابَ ۾ ڪُجهه نوان لکيل مضمونَ به شامل ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي جن جن ليکڪن جا مضمونَ هِنَ ڪِتابَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
هن ڪِتاب سهيڙڻ ۾ ادي رضيه طارق ۽ پياري رحمت پيرزادي منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي، آءٌ اهڙي سهڪار لاءِ سندن ٿورائتو آهيان.
ڪِتابَ جي بئڪ ٽائيٽل لکڻ لاءِ آءٌ پنهنجي پياري دوست اسحاق سميجي جو پڻ ٿورائتو آهيان.
ڪِتابَ جي تياريءَ جي مرحلن ۾ پيارو امر اقبال سُٺيون صلاحون ڏيندو رهيو، جنهن لاءِ سندس وڏا وڙ.
ڪِتابَ جي پبلشر محترم قربان منگي، ٽائيٽل ڊزائين ڪندڙ محترم سعيد منگيءَ ۽ ڪمپوزر پياري آصف نظاماڻيءَ جا به ٿورا مڃيان ٿو. توهان پڙهندڙن جي راءِ مون لئه اتساهه جو سبب بڻجندي.
ساٿُ سلامت ـــ سنڌ سلامت
ڳيريلو ـــ لاڙڪاڻو ــ حبدار سولنگي
solangihubdar@yahoo.com
0334-2769868
0343-3832161