شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ ڪبوتر جي ڳٽڪار ـــ تاج جويو

امبر تارن ۾
ڏيئا جليا ڳوٺ جا
ڪچن جارن ۾

هي هائيڪو پڙهڻ سان سنڌ جي سچي پچي ٻهراڙيءَ ۽ سنڌ جي ”ڳوٺاڻي ڪلچر“ جو اصلي عڪس اکين ۾ چٽجي وڃي ٿو. ٻوليءَ جي پختگي، مشاهدي جي گهرائي ۽ منظر جي اصليت ڏسي، هڪ کن لاءِ ذهن سوچڻ لڳي ٿو: ”هيءُ هائيڪو، نارائڻ شيام، شيخ اياز يا تنوير عباسيءَ جو، ته نه آهي“، ۽ ٻئي کن ”مورن اوچا ڳاٽ“ مجموعي جو صفحو نمبر 68 اکين آڏو اچيو وڃي، جيڪو ساک کنيو پيو چوي ته: ”نه، هيءُ هائيڪو طارق عالم جو آهي.“
طارق عالم بنيادي طور مصور، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ناٽڪ ـــ ڪار آهي. هن جي اک جو مشاهدو، مصور هئڻ ناتي عام ماڻهوءَ کان وڌيڪَ وسيع، وڌيڪَ گهرو ۽ وڌيڪَ اونهو آهي. ان ڪري هن جڏهن شاعريءَ جي ميدانَ ۾ پيرُ پاتو آهي ته گهڻن کان ڇرڪ نڪري ويا آهن. طارق عالم، رنگن جي مصوريءَ کي هڪ پاسي رکي، جڏهن لفظن جي مصوري ڪرڻ شروع ڪئي ته ”ڪهاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ“ لکي ويٺو. ڪهاڻيون (رات، سانت ۽ سوچون) لکيائين ته ڪامياب، ناول (رهجي ويل منظر) لکيائين ته رڙ ڪڍائي ڇڏيائين ۽ محترم ظفر حسين جهڙي اصول پرست ماڻهوءَ طارق کان ناول جو مسودو گهري، ڇپائي ورتو ۽ جڏهن ناٽڪ (Dramas) لکيائين ته محسوس ٿيو ته طارق جي فيلڊ (Field) آهي ئي اها!
طارق عالم نثر جي هنن ٽنهي حسين صنفن ۾ ـــ ڪئمپس، ڪالونين، ننڍن ۽ سوڙهن ڪواٽرن ۾ رهندڙ ڪردارن ـــ هيٺين مڊل ڪلاس جي فنڪارن، ڪلارڪن، شاگردن ۽ نوڪري پپيشه ماڻهن جي مسئلن، مجبورين، احساسن، احساسِ ڪمترين، سچاين، سوچن لوچن ۽ پيڙائن کي اصلي روپ ۾ پيش ڪري ”اگھاڙو سچ“ لکيو، جيڪو سماج جي نام نهاد ٺيڪيدارن کي ڏاڍو ڏکيو لڳو. پر پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن محسوس ڪري ورتو ته طارق عالم پنهنجي جيون جي المين، مجبورين، احساسن ۽ احساسِ ڪمترين کي پنهنجي ڪلاس جي المين، مجبورين، احساسن ۽ محرومين سان ”هڪ وجود“ ڪري پيش ڪيو آهي.
طارق عالم جنم ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻهراڙيءَ ۾ ورتو آهي، پر پليو ۽ وڏو ٿيو ڪئمپس جي ڪوارٽرن جي وچ ۾ آهي. ان ڪري سندس مشاهدي جي قوت ڳوٺاڻن وانگر تيز ۽ سندس شعور جي سطح وچئين ڪلاس جي باشعور فرد جيان سگهاري ۽ بلند رهي آهي.
طارق عالم، اڄ جي سماج، اڄ جي دور (age) جي محروم، احساس محرومين جي شڪار جو ڪاوڙيل نوجوان (Angry Youngman)جو هڪ ماڊل رهيو آهي، جنهن جو اظهار سندس ناول ۽ ڪهاڻين مان ٿئي ٿو. هن هيٺئين وچئين ڪلاس جي حساس فنڪار جو زندگيءَ جي ڦوهه، بهار ۾ اهڙي الميي سان پالو پيو، جتي هن مردانگيءَ سان عذرائيل جي اکين ۾ اکيون وجھي، موت کي مات ڏني. طارق جو هن حادثي کان اڳ زندگيءَ ڏانهن رويو غير سنجيده ۽ هن خلائي دور (Space age) ۾ رهندڙ فراريت جي شڪار نوجوانن جهڙو هو. پر جڏهن هن جي گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ هن خوبصورت تخليقي فنڪار جي جواني، الميي جو شڪار بنجي وئي ته سڄيءَ سنڌ جا نوجوان ۽ طارق جا دوست تڙپي اٿيا، سڀني کي طارق جي زندگي، پنهنجين زندگين کان وڌيڪَ پياري ڀاسڻ لڳي ۽ زندگيءَ جي ان المياتي موڙ تي طارق سان جنهن پيار جو اظهار ڪيو ويو، ان هن ۾ جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪيو ۽ کيس زندگيءَ جو نئون اتساهه ڏنو. طارق کي ”نئون جنم“ مليو ۽ هو اسان کي ٻيهر پنهنجي سمورين تخليقي صلاحيتن سميت موٽي مليو. طارق جي نئين جنم ۾ جتي ڊاڪٽر نثار احمد نورانيءَ جي قربانيءَ جو هٿ آهي، اتي طارق جي جيون ساٿڻ، رضيه جي ڀنل پلڪن جي اوسيئڙي، سپنن، اوجاڳن ۽ دعائن جو به وڏو دخل آهي. طارق ۽ رضيه جي ساٿَ، زندگيءَ جو هالار عبور ڪري، هڪ اهڙي ”هالار“ (طارق ۽ رضيه جي پٽ جو نالو) کي جنم ڏنو، جنهن جي نيڻن ۾ طارق زندگيءَ جا ڏيئا ٻرندي ڏٺا ۽ انهن ڏيئن جي روشنيءَ اڳيان مايوسيءَ جي ٻاٽ رات، مات کائي وئي. هالار، طارق جي ”اجھاڻل ماڻڪين“ ۾ زندگيءَ جي جوت ڀري ڇڏي، ۽ ان جوت جون جھلڪيون، طارق جي هيٺين هائيڪن مان پَسي سگهجن ٿيون:
گھلي پورب واءُ،
ٻالڪ پهرينءَ وک تي
ڪيڏو مرڪي ماءُ!

ٻار سمهيل هو،
ڀر ۾ جاڳيس پئي
ننڍڙو رانديڪو!

ٻنڌڻن ٻڌ،ل ٻار،
ننڊ ۾ مرڪي پيو
کيس خبر نه چار

ٻار رنگ ڀريا،
پيلي پاڻيءَ جي مٿان
نيرا هنج تريا

ٻار جي روئڻ تي
ماءُ جاڳي ننڊ مان
رات جو هڪ وڳي
هنن هائيڪن ۾ طارق جي پهرين جيئري تخليق (ڪهاڻين، ناول ۽ ناٽڪن کان به خوبصورت تخليق) هونگڙڙيون ڀريندي، وکون، کڻندي اسان جي اکين آڏو اچي بيهي ٿي.
طارق عالم، هائيڪو کان سواءِ ٻين صنفن جي به شاعري ڪئي آهي، پر سندس هائيڪا ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي ڪتابي روپ ۾ هڪ سگهاري شعري تجربي جي حيثيت ۾ پيش ٿيا آهن. هن کان اڳ نارائڻ شيام، ”ماڪ ڀنا رابيل“ (1964ع) ۽ شيخ اياز ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (1982ع) شعري مجموعن ۾ اسان کي تصويرن/هائيڪن/ٽه سٽن جو هڪ وڏو تعدادُ ڏنو اهي، پر هائيڪن، ٽه سٽن جو پهريون مڪمل مجموعو”مورن اوچو ڳاٽ“ سنڌي شاعريءَ ۾ طارق عالم ئي متعارف ڪرايو آهي. جيڪو هن جو سنڌي شاعريءَ تي وڏو وڙ آهي.
طارق عالم ڪُهنه مشق شاعر نه آهي، پوءِ به هن جڏهن هائيڪو لکيا ته انهن جي سونهن، مواد ۽ پختگيءَ، نون شاعرن کي حيران ڪري ڇڏيو، جن اڃا تجرباتي طرح هائيڪو پئي لکيا، جڏهن ته نارائڻ شيام، شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ ۽ ٻين ڪيترن شاعرن هائيڪو کي سنڌ ۾ هڪ مقبول شعري صنف طور متعارف ڪرائي ڇڏيو هو.
طارق فيبروري 1987ع ۾ لنڊن علاج لاءِ اسهيو هو. موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان سرجيل طارق، زندگيءَ جي المياتي لمحن ۾ شيڪسپيئر جي سرزمين تي پهتو ۽ اتان جڏهن نئون جنم وٺي پنهنجي ”اجھامندڙ ماڻڪين“ مان ”رنگين ۽ دلربا لنڊن“ جا عڪس، سدائين لاءِ ”ذهن جي وڊيو“ تي ٽيپ ڪري موٽي آيو ۽ سنڌ جا واهڻ وستيون، ڍنڍون ڍورا، وڻ ٽڻ، ٻار ۽ جوانڙا، گل ۽ پوپٽ. پکي پکڻ، صبح ۽ شامون ۽ سنڌوءَ جا ڪنارا وري اچي ڏٺائين ته هن جي من جو شاعر جاڳي پيو، ۽ سنڌي شعرن جي اڀ تي هائيڪن جون انـڊلٺون اڀاري ڇڏيائين. لنڊن جي يادن ۽ سنڌ جي نظارن ملي، هن جي من ۽ ذهن جي ڪينواس تي جيڪي عڪسَ چِٽيا، تن بابت طارق ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ عنوان هيٺ لکي ٿو:
”شامَ جو هڪ هڪ ٿي آسمان ۾ ڦٽي پيل تارا، ڪجهه روشن، ڪجهه ڌنڌلا ڏسان ٿو ۽ هڪ شامَ گهر موٽي پهريون هائيڪو لکان ٿو، پوءِ ٻيون، ٽيون چوٿون..... منهنجي وجود تي هائيڪن جو وڏ ڦڙو وسڻ لڳي ٿو. هائيڪا منهنجي آڱرين مان، منهنجن نيڻن مان، منهنجي وجود مان جھنگلي گلن جيان ڦٽي پون ٿا. طارق جي آڱرين، نيڻن ۽ وجود مان ڦٽي نڪتل لنڊن ۽سنڌ جي خوبصورت هائيڪو ـــ گلن جو هُڳاءُ، پڙهندڙ به محسوس ڪن، ان لاءِڪجهه مثال طور ڏجن ٿا:

رنگن جو ردم
”پڪاسو“ جي پينٽنگ آڏو
ماڻهو بيٺل گم!

پڪاڊلي سرڪس
ڪيوپڊ جي ڦوهاري هيٺان
ڪش هنيو وينگس

”ڪوينٽ گارڊن“
هرڪو پنهنجي موج ۾
ڇا هندو ڇا جارڊن! (لنڊن جا هائيڪو)

اوچيءَ ڀٽ مٿان
اڪَ جھنجھيل ڦلڙيون
سج لهي پويان.

کنوڻين جا چمڪاٽ،
ڪارونجھر جي ڪورَ تي
مورن اوچا ڳاٽ!

گدري ڦاڪَ ڪٽيل
جنهن تي ويٺل چيلاٽو
ٻالڪ نيڻ کتل

گوري گجرا گج
گھگھري جي گج ۾
ڪيئي سونا سج

سنڌوءَ ڪنارو
ٻيڙيون، ٻار، مهاڻيون
ٽمڪيو پي تارو (سنڌ جا هائيڪو)

طارق عالم جا سنڌ توڙي لنڊن جي پسمنظر ۾ لکيل هائيڪو، انساني روح مان ڦٽي نڪتل احساسن، زندگيءَ جي خوبصورت عڪسن ۾ سنڌ ۽ لنڊن جي ماحول جو سچو نقشو پيش ڪن ٿا.
هائيڪو جپاني شاعريءَ جي خوبصورت صنف آهي، هائيڪو فطرت، انساني حسن ۽ هُڳاءُ، هڪ پل جي احساس ۾ جنم وٺندڙ خيالن ۽ خوبصورت عڪسن جي شاعري آهي. ائين کڻي چئجي ته ٿورن لفظن ۾ اونهن خيالن جو اظهار آهي. جپاني شاعريءَ جو خاصو ئي آهي اختصار، اشاراتي پهلو، سادگي ۽ شگفتگي. هيءَ سورهين صديءَ جي سادي، وڻندڙ ۽ من موهيندڙ صنفَ اڄ نه رڳو جپاني ٻوليءَ جي مقبول صنف آهي، پر انگريزي، فرينچ، هندي، اردو ۽ سنڌي شاعريءَ جي به هر واسي صنف بنجي چڪي آهي. هر ٻاهرين صنف وانگر هائيڪو به جڏهن انگريزي، هندي يا سنڌي ماحول ۾ آيو ته ان تي مقامي رنگ ۽ مزاج اثر ڪيو، جيڪو ان جي مزاج کان اڳتي وڌي گهاڙيٽي تي به اثر انداز ٿيو. انگريزي ۽ اردوءَ ۾ هائيڪو جو تجربو ڪافي هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ انگريزي ۽ اردوءَ جي اڪثر شاعرن، جپاني وزن، بحر ۽ فارم جي پابندي نه ڪئي آهي. انگريزي شاعرن ٽه سٽا، ٻه سٽا ۽ هڪ سٽا هائيڪو به لکيا آهن. هائيڪو، رنگ جي خيال کان اردوءَ جا تمام ٿورا شاعر ڪامياب رهيا آهن، جن فارم ۽ وزن گهڻو ڪري ساڳيو جپاني استعمال ڪيو آهي. جپاني هائيڪو، سترهن (5+7+5) ماترائن تي مشتمل آهي ۽ اهي ماترائون، ”لگھو“ يا هڪوٽيون نه پر ”گرو“ يا ٻٽيون ماترائون ٿي ڪم اينديون آهن. جپاني هائيڪو جو گھاڙيٽو هن يت آهي:

هو تو گيسو = فعلن فعلن فع = 5
ناڪي ناڪي تو بوزو، = فعلن فعلن فعلن فع = 7
ايسو گاداشي = فعلن فعلن فع = 5 17 ماترائون

ترجمو:
پکي،
اڏوندو، ڳائيندو پيو وڃي
مصروفيت! ــ (باشو)
اردوءَ جا ڪجهه بهترين هائيڪو، ان ساڳئي وزن ۾ پيش ڪجن ٿا:

او ڪالي بادل!
ڪس برهن ڪي آنکون سي
چوري ڪيا ڪاجل؟ (شهباز نور)

ساٿ سويرا هي
مين نه سهي، اس ڪا ليڪن
شهر تو ميرا هي ـــ (سحر انصاري)

دنيا هار گئي،
ڪچي مٽي پر سوهني
دريا پار گئي ـــ (اقبال حيدر)

ڀيگي آنکون سي
ڪب لوٽا هي ڪوئي
ڌنڌلي راهون سي

ڪَلِيان کلني دو،
ڦولون ڪو اور ڀونئرون ڪو
کل ڪر ملني دو ـــ (محسن ڀوپالي)

سنڌيءَ ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، راشد مورائيءَ، ايازگل، ادل سومري، وسيم سومري، آسي محمود زمينيءَ ڪنهن حد تائين احمد سولنگيءَ، ڪرشن شرما ۽ طارق عالم به ساڳيو فارم برقرار رکيو آهي. پر هتي هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته سنڌي شاعريءَ ۾ بيت جي ماترڪ جوڙجڪ، جپاني هائيڪو سان ملندڙ جلندڙ رهي آهي. اسان وٽ بيت جي هر سٽ هڪوٽين (لگھو) ماترائن جي حساب سان 11+13 ماترائن سان مشتمل هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن 10+13 ماترائون به ڪم اينديون آهن. ٻٽين (گرو) ماترائُن جي حساب سان بيت جي سٽ جي تقطيع 5 - 2/1 - 6-2/1 ماترائون ٿينديون. ان حساب سان سنڌيءَ ۾ هائيڪو جو مروج ۽ مقبول وزن هن طرح ٿيندو:
فعلن فعلن فاع = 2/1 5
فعلن فعلن فاعلن = 2/1 6
فعلن فعلن فاع = 2/1 5

ڪل 2/1 17

ٻٽيون ماترائون، جيڪي هڪوٽيون ماترائن جي حساب سان 35 ماترائون ٿينديون. ان حساب سان سنڌي هائيڪو جو وزن، جپاني هائيڪو جي ڪل ماترائن (17) کان اڌ (2/1) ماترا وڌيڪَ ٿيندو. ان وزن تي لکيل ڪجهه سنڌي هائيڪو هيٺ ڏجن ٿا:

پايل جي جھنڪار،
پراڻ پون جئن ڀونءِ ۾،
پير کڻي جئن نار ـــ (نارائڻ شـيام)

آءٌ، مياڻيءَ جنگ،
ڇاهي منهنجو لاش هو،
هاريل هوشوءَ سنگ؟ ـــ (شيخ اياز)


ڏاڍا ميگهه ملهار
ڏسي ڏسي سڏڪا ڀريا
ڀنل لغڙ کي ٻار ـــ (تنوير عباسي)

شاعر ۽ ايڪانت،
اندر وههُ ولوڙجي
ٻاهر ساگر سانت ـــ (امداد حسيني)

پر سنڌي هائيڪو، سنڌي بيت وانگر هن وزن تي به لکيو ويندو آهي:

فعلن فعلن فع = 5
فعلن فعلن فاعلن 2/1 6
فعلن فعلن فع = 5

2/1 16 ماترائون = 33 هڪوٽيون ماترائون.

2/1 16 ماترائن تي لکيل ڪجهه هائيڪو جا مٿال پيش ڪجن ٿا:

اجلي اڀ مٿان،
لغڙ اڏائي نينگرو
ڪچي ڪوٺي تان! ــ (احمد سولنگي)

سنگ نه پئي ڍونڍي،
لاهيارن جي نينگري،
سپنا پئي چونڊي! ـــ (آسي محمود زميني)

هي ڪنهن جي آ ڀُل،
ڪنهن هي آڻي پوکيا،
ٿاڻي اندر گُل؟ (ارشاد شيخ ”آدرش“)

طارق عالم جيتوڻيڪ علمي طرح وزن ۽ بحر جو ڄاڻو نه آهي، پر هن وٽ جيڪو ردم آهي ۽ جيڪو گھاڙيٽو هن استعمال ڪيو آهي، سو سنڌيءَ ۾ مقبول ۽ متعارف گهاڙيٽي، بيت جي ماترائن وارو آهي. ان خيالن جي فطري وهڪ سبب ڪٿي ڪٿي ماترائون گهٽ وڌ ٿين ٿيون، پر ايترو لکائين ڪونه ٿيون ۽ خيال، موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هائيڪو جي خوبصورتي برقرار رهي ٿي:

پوڙهيءَ چانديءَ وار
سورج سامهون کوليا
ڪريو آبشار!

ارهه ٿڃ ڀنل،
عورت گهريءَ ننڊ ۾
ڀر ۾ ٻار ستل!

دريءَ مان درشن،
لئمپ جي ڌنڌلي روشني
عورت اڌ روشن!

سمنڊ ڪناري پام،
اجري عورت ۽ ڪتو
سرءُ سانوري شام!

طارق، هائيڪو ـــ شاعريءَ جو نووارد شاعر آهي، پر ”مورن اوچا ڳاٽ“ جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته نه رڳو هن جپاني هائيڪو جو فارم، مزاج ۽ خوبصورتي جھٽي ورتي آهي، پر ان ۾ سنڌي مزاج ۽ سنڌي ماحول جي خوشگوار تبديلي آڻي، موضوع جي نواڻ ۽ ويرائٽي به شامل ڪئي آهي، جنهن ڪري اهو وڌيڪَ مڪمل، وڌيڪَ حسين ۽ وڌيڪَ جامع بنجي پيو آهي. هن وٽ زندگيءَ جا سچا مشاهداتي احساس آهن ۽ هن رڳو ذاتي تجربن جو اظهار نه ڪيو آهي، پر پنهنجي سماج جي انساني تجربن ۽ احساسن کي به ظاهر ڪيو آهي:

ڳوٺ ويس جو مان،
رستن آکيو مرڪندي،
وڏو ٿي ويو آن!

گهڻي عرصي بعد ڳوٺ ڏانهن موٽ، ماحول جي تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. هن هائيڪو ۾ طارق عالم ڳوٺ جي ننڍپڻ وارن رستن تي گهمندي محسوس ڪيو آهي ته پاڻ وڏو ٿي ويو آهي، پاڻ تبديل ٿي ويو آهي. ”پنهنجي وڏي ٿيڻ“ جي اظهار وسيلي زماني ۽ ماحول جي تبديلي بيان ڪرڻ ۾ طارق ڪمال ڪيو آهي.

رستا سڀ سنسان،
ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
ڪرفيو جي دوران!

اڄ سنڌ ۽ سنڌ جا شهر، جنهن دهشتگرديءَ جي عذاب مان گذري رهيا آهن، ان عذاب جو نقشو مٿئين هائيڪو ۾ پيش ٿيل آهي، شهر جي ويراني کي ڏهاڳڻ جي سينڌ سان تشبيهه ڏئي، طارق مشاهدي جي سگهه بيان ڪئي آهي. اڄ جو طارق عالم، ”ٻئي جنم“ کان اڳ وارو مايوس طارق عالم نه آهي، ۽ اڄوڪي ٻڪر ٻوساٽ، هن جو زندگيءَ مان چاهه ختم نه ڪيو آهي:

اڃان نه مان مايوس،
توڙي جو آ نگريءَ ۾
هيڏي ٻڪر ٻوس!

جپاني هائيڪو، فطرت جي حسين منظرن ۽ شاهڪارن جي سونهن جو مجموعو هوندو آ ۽ ڪنهن چواڻي: ”فطرت جو حسن، جپانين جي ڪلچر جي علامت آهي.“ ان ڪري جپاني شاعر به فطرت جي بي انت سونهن کي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ تلاش ڪندا آهن. 16 هين صديءَ جي هائيڪو جي باني شاعر باشو (94 ــ 1644ع) ۽ ان بعد بوسن (83 ـــ 1715ع)، ايسا (1826 ـــ 1793ع) ۽ شيڪي (1902ع ـــ 1867ع) کان وٺي هن صديءَ جي جپاني شاعرن، سانڪي (1962ع ـــ 1900ع) ۽ ڪاڪيو (62 ـــ 1902ع) تائين سڀني وٽ حسن جي تلاش موجود آهي. سنڌ به حسن جي سرزمين آهي ۽ سنڌي شاعرن ۾ سڀني کان وڌيڪَ فطرت جو حسن، نارائڻ شيام جي هائيڪن ۾ ملندو:

ڏينهن جو پهريون خواب
آهه ٽڙيو اوڀر طرف
سونو لال گلاب!

باک ڦٽڻ جي وار
سج چٽڻ آسان، پر
شفق چٽڻ دشوار!

سنجھا جي ٽاڻي
مرڪي پڇڻ لڳي: ڀلا
بتي رکان آڻي؟
طارق عالم به جتي سنڌ جي المين ۽ پيڙائن کي هائيڪن ۾ چٽيو آهي. اتي سنڌ جي حسن، فطرت جي حسن ۽ انساني حسن کي به پنهنجن حسين نيڻن ۾ سمايو آهي:

ڪارونڀار ڪڪرُ،
اوندهه، چمڪيو وڄ ۾
هڪڙو تنها گهر!

هن ظاهراً حسين منظر ۾، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺاڻي جي گهر ۽ ان جي تنهائيءَ جو عڪسُ موجود آهي.

ويندي ويندي سج،
تارن جو آڪاس ۾
ٻج ڇٽي ويو نج!

فطرت/ڪائنات جو حسن، هن کان وڌيڪَ پيش ڪرڻ ناممڪن آهي!

پرههَ ڦُٽيءَ جو،
ڀٽائيءَ جي آڳر ۾
ڪبوتر ڳٽڪيو!

”پرهه ڦٽيءَ“ جو ”ڀٽائيءَ جي آڳر“ ۾ ”ڪبوتر جي ڳٽڪار“، جيڪو حسين منظر پيش ڪري ٿي، ان ۾ رڳو فطرت جو حسن سمايل نه آهي، پر هن هائيڪو ۾ ڀٽائيءَ جي عالمي امن، شانتي ۽ محبت واري پيغام جو به پرتوو آهي، جيڪو پيغام هر سنڌي شاعر وانگر طارق عالم به ڏيڻ چاهي ٿو.
طارق عالم، جيڪڏهن مشاهدو ۽ مشق جاري رکي ته سنڌي شاعريءَ ۾ هائيڪو جو يڪتا ۽ يگانو شاعر شمار ٿي سگهي ٿو. پر .کيس پنهنجيءَ شاعريءَ ۽ زندگيءَ جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته شاعر زندگيءَ جي اظهار سان گڏ زندگيءَ جي تنقيد به آهي.