شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

ڪجهه اُچارڻ کان ته اڳ ۾ سوچجان ـــ روبينه ابڙو

هيءَ دنيا هڪ خالق جي تخليق آهي ۽ ڪنهن تخيل کي تخليق بنائڻ جو عمل هڪ شاعر کي به ”خالق“ جو درجو ڏيئي ڇڏي ٿو.
انسان جو وجود مادي ۽ رُوحاني ٻيئي حيثيتون رکي ٿو ۽ مان ادب جي صنفن ۾ نثر کي مادي Material ۽ نظم کي روحاني Spiritual درجو ڏيندي آهيان.
بودليئر جي به خيال موجب: ”شاعريءَ جو مقصد تعيلم ڏيڻ يا نصيحت ڪرڻ ڪونهي..... ڪو به نظم ايترو شاندار، ايترو بُلند ۽ شاعريءَ جي لقب لائق ٿي نٿو سگهي. جيترو هڪ اهڙو نظم جيڪو لکڻ جي لذت خاطر لکيو ويو هُجي..... جيڪڏهن شاعر ڪو اخلاقي مقصد کڻي شعر لکندو ته پوءِ هُو پنهنجي شاعراڻي قوت کي گهٽائي ڇڏيندو.... فن/Art پنهنجو مقصد پاڻ آهي.... فن/شاعريءَ جو مقصد Reality ڪونهي“.
..... ۽ حقيقت به اها ئي آهي... شاعري ته نالو آهي خواهشن جي اظهار..... سپنن جي سنسار ۽ حقيقتن کان فرار جو.
بنيادي طرح طارق عالم نثر نگار آهي. پر هُنَ جو شعر پڙهي چئي سگهجي ٿو ته هُو شاعر به باڪمال آهي. هُنَ جڏهن نثر لکيو ۽ جڏهن شعر چيو ته ڄڻ ٻيئي صفتون هڪٻئي ۾ جُهولا جُهلنديون رهيون.....
نثر ۾ شاعراڻو سُرور ۽ شعر ۾ نثراڻي مقصديت ۽ بيان.
طارق عالم جي دُور رَس نظرن هميشه خلائن ۾ خدا پئي تلاشيو ۽ اهڙي تلاش جي جستجوءَ کيس نثر کان نظم جو پَنڌُ ڪرايو. طارق عالم جي شعور سان گڏ لاشعور به ڏاڍو خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ ائپروچ رکندڙ آهي.... ان ڪري ئي هُنَ تخيل کي گهڻو محسوس ڪري پوءِ لکيو آهي....
نظم جي ڪيفيت ۾ لکيل طارق عالم جي لازوال ناول ”رهجي ويل منظر“ جا لاتعداد خيال/جُملا جمالياتي ۽ رومانوي دلڪشيءَ ۾ ڪنهن نظم کان گهٽ ڪونه ٿا ڀاسن..... جيئن: ”سموري ڪائنات جو وجود هڪ ٽُٻڪي تي بيٺل آهي.... توکي ته اها سُڌ به نه پئجي سگهي هئي ته ڪنهن دؤر ۾ هيءَ ڪائنات پاڻ هڪ ٽُٻڪو هُئي ۽ مان تولئه ٽُٻڪو هوندي به ڪائنات هوندو هُيس.... اڄ مان ڪائنات هوندي به ٽُٻڪو بڻجي ويو آهيان.... اهڙو ٽُٻڪو، جيڪو پولارن ۾ گُم ٿي رهيو آهي....“
يا هي خوبصورت خيال:
”اسان سڀ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽاپ تي مُرڪ جا گُلَ ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏيئي جدا ٿي وينداسين.“
ڇا اهو Dialogue ڪنهن به نظم کان گهٽ پيو ڀاسي......؟ يا خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور هيءُ خيال:
نيڻ نه هُئا ڄڻ سَرينهن جي ٽاريءَ ۾ اٽڪيل ٻه جنجھڻيون هُيون...... جيڪي ڪنهن به گهڙيءَ هوا جي زور تي ساروڻين جي يادِ تي ڪِري به سگهيون ٿي، ڪِرِي اُڏامي سگهيون ٿي ڪنهن به ڏِسا ڏانهن.... چئن ڏسائن مان.....“
”رهجي ويل منظر“ پڙهڻ کانپوءِ بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته بيشڪ هي ڪنهن شاعر جو ئي لکيل خوبصورت شاعراڻو ناول آهي.
مون پهريون دفعو جڏهن طارق عالم جا ڪُجهه غزل ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ پڙهيا ته آءٌ حيران رهجي ويس!!!
ڇا ڪوئي ناولِ نِگار/نثر نويس ايترا خوبصورت رچيل ۽ ڀرپور غزل لکي سگهي ٿو......؟
مون پنهنجو پاڻَ کان سوال ڪيو.
...... ۽ اڄ سوالن جو ورجاءُ ان جَڳهه تي پهتو آهي ته طارق عالم، جيڪڏهن پنهنجو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ نه به لکي ها، پوءِ به هُنَ جو شاعراڻو حوالو ايترو ئي مضبوط ۽ سگهارو آهي. جو اُنَ کي ٻئي ڪنهن به حوالي جي ضرورت ئي ناهي ۽ صرف هڪ شاعر جي حيثيت سان به هُنَ جي شهرت ايتري ئي هُجي ها جيتري اڄ آهي.
طارق عالم جي غزل ۾ جيڪا حسناڪي ۽ حيرت سمايل آهي، اها پڙهندڙ کي پل کن لئه پنڊ پهڻ ڪريو ڇڏي. سندس غزل ۾ تخيل نمايان آهي. ائين به ناهي ته اهو حقيقت کان الڳ محض تخيل ئي هُجي، کيس پنهنجي تخيل تي ڪمال جي گرفت آهي.
هَر کَڙڪي تي دِل ٿي ڌڙڪي
آئيني تي جيئن پارو

يا وري هي لفظن سان Paintڪيل ٻه منظر ٻه بندَ:

پنهنجي دَردن کي ايئن واريان جيئن
ڌڻ پُٺيان هُوڪرا ڌنار ڪري

ڪناري بيٺا هئاسين ڪُڏيون پئي لهرون
پکي هوا ۾ اُڏاڻا پَري پَري تائين

لفظ اها تحريڪ آهن، جيڪا خوبصورتيءَ جي هر قسم جي صحيح تورتڪ ڪن ٿا. چوندا آهن: ”لفظ هِڪُ جهان به آهي ۽ ڪڏهن وري هڪ جهان صرف هڪ لفظ ۾ ئي سمائجيو وڃي“.
بنديان نيڻ ڀَر ۾ ٿو توکي پَسان
جي اُپٽيان ته مون کان وڃين ٿي پري
ساههَ جي ڳَنڍِ جڏهن ڪنهن هڪ نانوَ تي اَٽڪي بيهي رهندي آهي، ته اُهوئي هڪ نانءُ هوندو آهي، جيڪو اکيون ٻُوٽڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڀَر ۾ ۽ ڪڏهن پوري وجود ۾ محسوس ٿيندو آهي.
عُمر جو اندازو هُونءَ ته هميشه سالن سان لڳايو ويندو آهي، پر طارق عالم پنهنجي عُمر جو اندازو سالن بدران پنهنجن وارن مان پيو لڳائي.... ڇا ان کان وڌيڪَ نفاست ۽ نُدرت جو ڪوئي مثال ٿي سگهي ٿو؟

وَرهيه گذري ويا جوانيءَ جا
ڳڻ اچي ڏينهن رات وارن ۾

سائين جي. ايم. سيد کي، پنهنجي سوچ جي پَسمنظر ۾ رکي طارق عالم، جيڪو غزل لکيو آهي، مان اُنَ کي طارق عالم جو لکيل سڀ کان شاندار ۽ شاهڪار غزل چونديس..... ايترو سَرل ۽ سُريلو لهجو..... ايترو تشبيهن، استعارن ۽ اصطلاحن جو خوبصورت استعمال..... ايترو خوبصورت اندازِ بيان..... ايترو خوبصورت غزل... مون اڳ ناهي پڙهيو.

ڌرتيءَ چوڪيدار لڳي ٿو ڪو مون کي هُو ڄڻ
صوفين جو سردار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ

سچل، سامي، شاهه ڀٽائي سڀ جا سُور سَليئين
تاريخي اَدوار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ

سنڌو نديءَ جي ڪپ تي جاڳي اُجڙيل خواب سبي
ڪوئي اَپرم پار لڳي ٿو پوڙهو بَڙ جو وڻ

جِيوَن جي جدوجهد ۾ طارق عالم ڪڏهن به پنهنجي مشاهداتي حِس ۽ آرٽسٽڪ سوچ کي نطر انداز نه ڪيو، بلڪهِ اُنَ مان ڀرپور فائدو ورتو. شعور جي بيداري، کيس هميشه بيچين ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪرڻ لئه بيتاب رکيو. سندس شاعريءَ جو خاص جُز منظر نِگاري ۽ سنڌ سميت سموري انسان ذات جي مسئلن، مظلوميت، پيڙائن، ڏُکن ۽ ڏوجھرن کي دنيا آڏو پنهنجي منفرد انداز ۽ فن وسيلي بيان ڪرڻ رهيو.... سندس شعوري گرفت صرف لاشعور جو پَرتوو نه پر شعور ۽ حال جي عڪاس پڻ رهي:

رهيم طبيعت جي خودسَريءَ ۾
ڪڏهن نه پاتم ڪو سَنج ڪوئي

پتڻ پري آ ۽ تيز لهرون
اڪيلو طارق نه ونجهه ڪوئي

کيس دليلن تي دسترس ۽ ٻوليءَ جي مهارت حاصل رهي. هُنَ اڄ جي دؤر جو انسان بڻجي ئي لِکيو ۽ نه صرف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پر هڪ مضبوط محاذ به بڻيو رهيو. اهڙو محاذ جنهن ڪڏهن پيڙهجندڙن کي پناهه آڇِي، ته ڪڏهن وري ڏکويلن لئه ڏڍ بڻيو.
طارق عالم جي شاعري پنهنجي دردن ۽ سُورن سان celebration آهي. هونءَ به طارق عالم سدائين تڪليفن کي celebrate ڪرڻ وارو شخص رهيو.... درد هُن لئه دارونءَ جو درجو رکندا هُئا.
زندگيءَ ڏانهن طارق عالم جا سڀئي رويا، Artistic رهيا. هُو دردن ۾ رنگ ڀرڻ کان وٺي، غمن کي گٽار جيان وڄائڻ ۽ پيڙائن کي شاعراڻو ويسُ پهرائڻ بخوبي ڄاڻندو هُيو. جڏهن جڏهن طارق جو هينئون ”هيرڻ پن“ ٿي پوندو هُيو، تڏهن تڏهن طارق نثر کان شاعريءَ جي طرف مُڙندو ۽ ڪڏهن ڊوڙندو هُيو.
شاعريءَ ۾ درد جو وڌيڪَ جهان هوندو آهي. ان ڪري درد صرف شاعريءَ ذريعي ئي Share ڪري سگهبو آهي يا درد جي ديسَ واسين جي آخري پناهگاهه صرف شاعري ئي رهي آهي:

پٿر سان ٿو سُور سَلي
ماڻهو ماڻهوءَ مان بيزار
پنڇي شامَ سَمي پهتو
پر ناهي وڻ ۾ سو ڏار

ديپ هان تنهنجي جاري جو
تنهنجي مرضي ٻار نه ٻار

لفطن ۽ رنگن سان موههُ طارق عالم جي خمير ۾ شامل رهيو.... جِتي ان جو هڪ سبب کيس آرٽسٽڪ ماحول جو ورثي ۾ ملڻ رهيو، ته اُتي وري ٻيو سبب سندس فطري طرح رومينس جي رستن جو رولاڪ هُجڻ رهيو.
انسان جي سموري جيوَن ۽ سڄي اندر جا سمورا دُک ۽ پيڙائون.... محبتون ۽ نفرتون... راحتون ۽ اذيتون ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا الفابيٽ جا اکر.... ۽ محض ڊڪشنرين ۾ ماپي ويندڙ انسان جي مڪمل ٻول چال ۽ اٺ هزار سالن تي مشتمل لفظي ترقي.... اهو ته هڪ ليکڪ جو ئي ڪمال آهي، جو هُو انهن محدود آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اکرن مان سُونهن، پيار، رنگن، خوشبوئن، دردن ۽ دکن جون ڪائناتون جوڙي ٿو... پر هر ڪنهن جي لکڻ جو پنهنجو پنهنجو انداز ۽ پنهنجي Presentation آهي، جنهن محدود موضوعن کي ڪائانت کان به وڌيڪَ وسعت ڏيئي ڇڏي آهي.... ۽ ڪائنات جي اهڙين وسعتن ۽ موضوعن ۾ پنهنجي منفرد ۽ Artistic Presentation سان دلفريب ۽ انوکا رنگ ڀرڻ صرف طارق عالم جو ئي ڪمال آهي. طارق عالم بيشڪ ته ”لفظن جو صادقين“ آهي.

سارَ ۾ تنهنجي ڪالهه جان اڄ ڀي
هيءَ ندي پاڻ ۾ تَرِي آهي
يا:
ٿڪِي پيا هو اچي سمهي پئو
هي منهنجي نيڻن ۾ آ پئي کَٽَ

طارق عالم شاعري صرف خانه پوريءَ لاءِ ناهي ڪئي ۽ نه ئي هُنَ شاعريءَ کي ڪا Extraيا عام شيءِ ڪري ورتو آهي:

عالمن جي ديسَ ۾ تون ٿو رهين
ڪُجهه اُچارڻ کان ته اڳ ۾ سوچجان

غزل جو بند آهي يا ڪوئي Atom Bomb جنهن جي پڙهڻ سان هڪ حساس دل ۽ باشعور ماڻهوءَ جو سڄو وجود ڌُڏي وڃي ٿو.
هن مشيني دؤر ۾ اڄ جو انسان به مشيني صورت اختيار ڪري چڪو آهي. محبتن کان وٺي مذهبن ۽ عزتن کان وٺي ضرورتن تائين. سنڌ جيڪا ازل کان صوفين جي سَرزمين رهي آهي، پر اڄ سنڌ سميت دنيا جو اهم ترين ۽ مُنجھائيندڙ مسئلو آهي ”مذهب“.
تصوف اهو آهي ته جيڪو ڪُجهه دماغ ۾ اَٿوَ سو ڪڍي ڇڏيو، جيڪو ڪُجهه هٿ ۾ اَٿوَ اُهو سڀ ڏئي ڇڏيو.... ۽ جيڪا توهان کي تڪليف اچي اُنَ کان مُنهن نه موڙيو.... پر اڄ جون مذهبي حالتون چوَن ٿيون، ته جيڪو ڪجهه به دماغ ۾ اٿوَ سو ٻاهر نه ڪڍو..... نه ته ماريا ويندؤ...... جيڪو ڪجهه به دل ۾ اٿوَ اهو نه اُچاريو، نه ته گوليءَ سان اُڏايا ويندؤ.
سو اڄ ڪنهن ۾ آهي، اُهو ساهس جيڪو سچ جو ساٿاري ٿي سگهي؟ مڪروههُ چهرن تي چڙهيل ماسڪ لاهي سگهي ۽ ”انا الحق“ جو آواز بلند ڪري سگهي. ڪنهن چواڻي:

دل ۾ لڪل راز و اعظ ڪونهي
اهو مِنبر تي نٿو چئي سگهجي
بلڪهِ ڦاهيءَ جي تختي تي چئي سگهجي ٿو....!
-
رکيئي جو چاهه مان هٿ جي مٿان هَٿُ
جھُري پئي دل اکيون آليون ويون ٿي

آءٌ سمجھان ٿي، ماڻهوءَ کي سهاري جي گُهرجَ تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن هُو ڪُجهه پائيندو يا وڃائيندو آهي (احساساتي لحاظ کان).... ۽ طارق عالم جي هن شعر ۾ اهڙي ئي احساس جي ترجماني ٿيل آهي... طارق عالم جي اندر جون سموريون موسمون ۽ ڪيفيتون، لهرون لهرون سمونڊ ٿي سندس شعرن ۾ شامل ٿينديون رهيون آهن. طارق چواڻي: ”هر آرٽسٽڪ ائپروچ رکندڙ ماڻهو ٿورو ڪِي گهڻو ائبنارمل ٿيندو آهي.“
.... ۽ اها ائبنارملٽي ئي هڪ آرٽسٽ کي عام ماڻهن کان منفرد ۽ مٿانهون ڪري بيهاريندي آهي....
طارق عالم جو ٻوڏ تي لکيل نظم ”سموري سنڌ ڄڻ فٽ بال وانگر آ“ هڪ شاهڪار ۽ بيمثال نظم آهي، جنهن ۾ احساسن جي اهڙي ڀرپور ۽ انوکي اُڻت ٿيل آهي، جو سموري سنڌ جي ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪاري ڄڻ اکين آڏو ڦريو اچي:

هي ڪنهن جا خواب ٿا لُڙهندا وڃن،
سنڌوءَ جي لهرن تي،
هي جھُرندڙ جھوپڙيون آهن،
يا منهنجي رُوحَ جون تختيون پيون وِکرن،
هُوءَ ننڍڙي وَڇَ تِري هڪ وار ظاهر ٿي،
وري گُم ٿي، ته گُم ٿي وئي.
هُوءَ ننڍڙي ٻارڙي آهي،
يا آهي ڪو ڪنوَل جو گُل،
جنهن جي هر کنيل وک تي،
ٿو منهنجو روح ٻاڏائي،
خدا يا! بس گهڻو ٿي ويو.

خدا يا! رحم ٿي هاڻي،
سنڌي سڀ ازل کان صوفي،
صبر جي پيا سزا لوڙين،
خطا انسان جي کي ڀي،
خدا جي ذات سان جوڙين،
سموري سنڌ ڄڻ،
”ساڪر گرائونڊ“ ۾
پيل فٽ بال وانگر آ،
جنهن جي بس نصيبن ۾،
لکيو آهي رڳو ٿُڏجڻ....

طارق عالم جي سموري شاعريءَ ۾ منظر نِگاريءَ جا مشاهدا، ايترا ته خوبصورت اندازَ ۾ ٿيل آهن، جو پڙهندڙ به ان جو حصو بڻجيو وڃي. سندس شعر پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته تخيل کان تخليق تائين، سڀ مرحلا ڏاڍي اعتماد ۽ يقينَ سان طئه ڪرايل آهن. تيستائين شاعر ٿوري به ڪوتاهي ناهي ڪئي، جيستائين اهو تخيلاتي شهڪار مڪمل نه ٿي ويو آهي.
هميشه سچ لکي طارق عالم مُروجه نظام سان بغاوت جي اعلان ڪندو رهيو، اهڙي احساس جي تسلسل ۾هُنَ ڏاڍا سُندر نظرياتي نظم پڻ رَچيا آهن.
طارق عالم پنهنجي ذات ۾ Optimistic هُيو..... اهڙو Optimistic جيڪو گهڻن نظرين کي سامهون رکي دنيا مان سُٺي اُميد رکي.... پر طارق عالم جي اهڙن نظمن/شعرن ۾ نظرياتي هدايتون قطعي ڪونه آهن. هن کي پنهنجو رايو ۽ نظريو (Opnion and Vision) آهي ۽ ان کي پيش ڪرڻ جو انداز به پنهنجو آهي. هُنَ جي بظاهر نِٻل جھونجار جي جيءَ ۾ ڪنهن جَهرڻي کان به وڌيڪَ رواني ۽ جانِ هُئي...... طارق عالم جي اندر جون سموريون ڪيفيتون ڪڏهن به ماٺار جو شڪار ڪونه رهيون، ان ڪري ئي هُنَ اندر جي اُڇل سان ڀرپور نظم ۽ نظريا ڏنا آهن.
طارق عالم مُروجه موضوعن کي به نواڻ جو پهراڻ پارائي جِدت جو نئون جهان دريافت ڪيو آهي:

ڏهه ڪلو اٽي جي خاطر،
خواب اسان جا،
قطارن ۾ بيٺل آهن.

مائن جهڙا خواب مقدس،
رستن تي بي عزت ٿين ٿا.
هڪ ڪلو جي کنڊ جي خاطر،
خواب اسان جا ڏاڪو ڏاڪو،
هيٺ ڪرن ٿا.
لتُن هيٺان ڍير ٿين ٿا،
دَم گهٽجڻ سان ساههُ ڏين ٿا،
ٽي ويءَ جي هر چينل آڏو،
خوابن جا سوداگر ساڳيا،
خوابن جي بازار لڳائي،
بَڪ بَڪ ڪن ٿا.
خواب اسان جا،
اُڊڙيل سُڊڙيل،
پيٽ بُکايل، انگ اُگھاڙا،
جن لئه ڏڻ ڏهاڙا اهڙا،
تيز ڌار جي خنجر جهڙا،
گلو ڪَٽين ٿا.
دل ۾ ڄڻ پيوست ٿين ٿا،
صدين کان تذليل سهن ٿا،
پوءِ به الائي ڇونهَ مَرن ٿا،
خوابَ اسان جا.....

طارق عالم وٽ موضوعاتي پرک، مثبت رَويو ۽ سماج دشمن عناصرن خلاف ڀرپور احتجاج جو رَويو رهيو. احتجاج جيڪو روح جي رَسين کي کولي آزاديءَ جو احساس ڏياريندو آهي.
طارق عالم جي شاعري، لفظن جي مصوري آهي، هُنَ پنهنجي فن ۾ تخيل جي بُرش سان ايڏا ته خوبصورت ست رنگا رنگ ڀريا آهن، جو خود رنگ به حيران رهجيو وڃن (احساسن جاStrokes ان کي اڃان به خوبصورت بڻائن ٿا).
طارق عالم، هائيڪي کي هائيڪي جي Nature ۾ شاهوڪار ڪيو آهي.... سندس هائيڪو پڙهي احساس ٿئي ٿو، ته سادگيءَ ۾ ڪيڏو نه معيار آهي، جيڪو هڪ لگزريءَ کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهي.... هائيڪي ۾ منظر نِگاريءَ سان گڏ ڪردار نِگاري به غضب جي ڪئي اٿائين:
جھُور هُيو پوڙهو
ايندڙ ويندڙ کي چئي
منهنجي ڳالهه ٻُڌو
-
ٻالڪ خوف وچان
هيٺ نهاريو کڙڪيءَ مان
بيٺل فوجيءَ ڏانهن
-
بوتو گوتم جو
پوڙهي بڙ هيٺيان
دُک تي مُرڪي پيو
-
ڀت تان ماڪوڙي
رستو ڳولهي ٿي
چوڌاري ڊوڙِي

طارق عالم هائيڪن ۾ منظرن جي مشاهدن جا حيرت ۾ وجھندڙ جهانَ جوڙيا آهن. ڪن منظرن جي خوبصورتي جي انوکائپ تي شايد مون هي طارق عالم جا هائيڪا پڙهڻ کان اڳ سوچيو ئي ڪونه هُيو:

رات هُئي سنسان
چانڊوڪيءَ ۾ روشن هو
مسجد جو دالان
-
گُهلَي پُورب واءُ
ٻالڪ پهرين وِکَ تي
ڪيڏو مُرڪي ماءُ
-
وڄايون تاڙيون
ٻارن مهاڻن جي
اُڏاميون آڙيون

پنهنجي احساسن کي اکرن سان آشڪار ڪرڻ جو فن ڪوئي طارق کان سِکي ڪنهن فارسي شاعر چواڻي: ”ڪائنات کي جنهن به نظر سان ڏسندؤ توهان کي اُها ائين ئي نظر ايندي“.
طارق عالم جي نظر جو جهان به ڏاڍو رنگين ۽ دلڪش آهي، جيڪو منظرن کي به دلڪش ۽ رنگين بڻايو ڇڏي:

ڳوٺ ويس جو مان،
رستن آکيو مرڪندي
وڏو ٿي ويو آن

هن هائيڪي ۾ طارق عالم پنهنجي محبوب جنم ڀوميءَ جي تصور کي به پنهنجي محبوب جي برابر آڻي بيهاري ٿو. طارق عالم جا ٽه ـــ سٽا به جمالياتي دِلڪشيءَ سان ڀرپور ۽ پوپٽن جي پرن جهڙا رنگين آهن، انهن ۾ احساساتي بيساختگي ڪنهن آبشارَ جيان اُڇلون کائي ٻاهر اچي ٿي:

مون کي اُڃَ نه آ
پنهنجي سيني ۾ او موکي،
سمنڊ ڀريو پيو آ
-
ڪالهه ته ڪونه هُئا
راتو رات ڪٿان هي جھنڊا
وڻ مان اُڀري پيا
-
آسَ جي حد نه ڪا
منهنجو بابا به آڻيندو
هيڏا رانديڪا
-
پڪ هُيو باهُو
ساري وستيءَ ۾ گُونجي پي
الا الا هُو
-
جڏهن به ملندا هاسين
لڙڪن کي روڪي چئي ٿو:
ڪيڏا کَلندا هاسين

ٽه ـــ سٽا آهن يا ڪنهن سُرندي نواز جي سُرندي مان نڪرندڙ سُريلا سُرَ..... طارق جي ذات جو وڏي ۾ وڏو جُز به اها موسيقيت، رومانيت ۽ روحانيت ئي آهي، جيڪا سندس تخليق تي صبح جي سونهري اُس جيان ڇانيل آهي.
زندگيءَ جي پُراسراريت ئي زندگيءَ جي سفر ۾ نِکار پيدا ڪري ٿي. اوچتا حادثا، پُراسرار واقعا ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ احساسَ، زندگيءَ جو لُطف وڌايو ڇڏين. ساڳيءَ طرح طارق عالم به هر دؤر ۾ ورجايو ۽ پڙهيو ويندو ۽ ان جي باوجود به هميشه نئون نئون ئي رهندو ۽ ايندڙ هر نئين نسل لئه اُتساههَ جو سبب پڻ بڻيو رهندو:
شهر ۾ ٿا رهن سڀئي مُصحف
تنهنجو ”طارق“ ئي داغدار آهي!