ڄامشوري جي شامَ ۽ طارقَ جو ساٿُ.... ـــ انعام شيخ
اسان جي ڪالونيءَ ۾ اهڙا مرد ۽ عورتون به رهن ٿا. جيڪي بنا وقفي ۽ بغير ڪنهن ڪم ڪار جي روزانو ”براسته بس“ شهر حيدرآباد آمد جامد برقرار رکن ٿا. سندن چوڻ آهي ته سندن لاءِ چوويهه ڪلاڪ ڪئمس تي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڄامشوري جا تعليمي ادارا انهيءَ لحاظ کان شايد دنيا ۾ منفرد هجن ته اهي اعليٰ تعليم جا مرڪز هوندي، ڪنهن به قسم جي تفريحي ۽ سماجي سرگرميءَ کان محروم آهن. ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ تي ٻڌل ڪيئن چورس ميلن تي ڦهليل هن علائقي ۾ شايد فقط شاگرد ۽ شآگردياڻيون ئي مزي سان رهندا هجن.... سي به سٺا ڏينهن سهولتن جي ڪري نه پر جوانيءَ جي جولان، هزارين ساٿين جي ساٿَ ۾ تصوراتي قصن ڪهاڻين جي ٽيڪ تي ئي گذاريندا هوندا!
انهيءَ صورتحال ۾ جڏهن آئون روايتي پروپئگنڊا جو شڪار ٿي ڄامشوري جي ”هوائن فضائن“ بابت شاعراڻي وڌاءَ کان متاثر ٿي، لڏي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ويٺس ته هتان جي بوريت پيدا ڪندڙ سماجي زندگيءَ مون کي سخت مايوس ۽ مغموم ڪري ڇڏيو. صبح کان منجھند تائين آرٽس فيڪلٽيءَ جي گرمي ۽ تعليمي سرگرميءَ ته وقت کي پر پئي هڻي ڇڏيا. پر منجھند کان وٺي رات تائين ڦهليل پَلَ پهرن جهڙا ۽ ڪلاڪ ڏينهن جيڏا ڊگها ٿي لڳا. ساڳيا ماڻهو، ساڳيون گهٽيون ڏسي ۽ ساڳيون گلائون ٻڌي ٻڌي ڪنن جو پچڻ ۽ اکين جو ٿڪجڻ معمول بڻجي چڪو هو. سالن جا سال روان دوان وسيع ۽ وڏن شهرن ۾ رهڻ کانپوءِ ڄامشوري جي ڳوٺ جهڙي رهائش ذري گهٽ گُهٽ ۽ ٻوسٽ جهڙي حالت پيدا ٿي ڪئي. اهڙي بيچينيءَ ڀريل بي مزي ڪيفيت ۾ طارق عالم جو ساٿ مون کي اڪيلائپ جي صحرا ۾ محبوب جي وصال کان گهٽ نه لڳندو آهي! ڄامشوري جي خشڪ ۽ گرم ٽڪريءَ تي سندس موجودگي مون کي اميد، ٽيڪ ۽ ڀروسي جا بيشمار گلاب آڇيندي رهندي آهي. طارق ۽ منهنجي تعلقات جي سڀ کان وڏي خوبصورتي هيءَ آهي ته اسان ڪڏهن به رشتن جي قيد ۾ جذبن جي آزاد پکيءَ کي قيد نه ڪيو آهي ۽ نه ئي حجتن جي بهاني هيٺ شخصي آزاديءَ جي احساس کي انا جي اڏيءَ تي ڪٺو آهي. اسين هڪٻئي کي چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا ۽ مختلف تهن اندر لڪل پنهنجين پنهنجين شخصيتن جي اصل روپ کان آگاهه هجڻ ڪري. مصنوعيت، ٺاهه ٺوهه ۽ لفظي يقين دهانين کان آجا آهيون. طارق کي خبر آهي ته مون کي ڪنهن به قسم جي سوڙهائي يا سرهائي ٿيندي ته ڏانهس ڀڄندس، ساڳئي وقت مان به ڄاڻان ٿو ته طارق جي طبيعت تي جڏهن به بوجهه ۽ بيقراري وڌندي آهي يا سندس سيني تي ڪا خوشي جي خبر ڦٽندي آهي ته هو وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو. اسان جي گهرن جي وچ ۾ حائل روڊ پار ڪري منهنجي در جي ڪال بيل تي اچي هٿ رکندو آهي. هڪ بهتر دوست ۽ همسفر لاءِ حضور سائينءَ جي طرفان رکيل ٽن معيارن منجھان، گهٽ ۾ گهٽ ٻن معيارن تي کيس پرکي ڏٺو اٿم..... هو مون کي سدائين هڏڏوکي، باوقار ۽ بردبار انسان لڳندو آهي. مون طارق سان گڏجي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر مسافريون ڪيون آهن ۽ ساڻس وهنوار به ڪري ڏٺو آهي. هو هميشه منهنجين اميدن ۽ آرزوئن جي آبياري ڪندو رهيو آهي. جن ماڻهن کي شڪايت آهي ته وٽس سهپ ۽ صبر ڪونهي، اهي ساڻس سفر ڪري ڏسن. کين محسوس ٿيندو ته طارق وڏي دل گردي وارو آهي ۽ سندس سينو تمام گهڻو ڪشادو آهي. هو بيچين ۽ بي صبرو فقط ناانصافي، منافقي ۽ مڪر جي خلاف ٿيندو آهي.... ۽ منهنجي خيال ۾ سنڌ جي اديبن کانسواءِ دنيا جي ٻئي هر حلقي ۾ اهڙي طبيعت رکندڙ شخص جو احترام ڪري کيس عقيدت جا رابيل آڇيا ويندا آهن. پنهنجي وجود ۾ انهن ٻنهي پهلوئن. يعني بي باڪي ۽ بردباريءَ جو حسين، سڀاويڪ ۽ نازڪ مزاج رکندڙ طارق مون کي ڄڻ ته ”غالب“ جي هن ڳالهه جي سؤ سيڪڙو ترجماني ڪندي نظر ايندو آهي.
سخت جانيم و قماش خاطر ما نازڪ است
ڪارگاهه شيشه پند اري بود ڪهسارما
(اسين ڏسڻ ۾ نهايت سخت جان آهيون. پر اندر جي جوڙجڪ نهايت ئي نفيس ٿيل آهي. ائين سمجھو ته اسان جي وجود جي جوهر ۾ شيشي جو ڪارخانو لڳل آهي).
جيتوڻيڪ ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي طارق جي ڀيٽ ۾ تمام وڏا گريڊ رکندڙ مخلوق رهي ٿي ۽ هتي ڪوڙ ۽ سازش جي مهاري تي هلندڙ ناٽڪي مزاج ڏات (ڪات؟) ڌڻين جي به کوٽ ناهي. پر مڙني فنڪارين ۽ مرتبن کان مٿڀرو قنبر جي فقير محمد ابڙي جو هيءَ سٻاجھو پوٽو هڪ فرد ۽ انسان جي روپ ۾ کيس تمام گهڻو محبوب ۽ معتبر آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڄامشوري جي گهري اداس شام ۾ طارق جي ساٿ ۾ هوندي مان ڪنهن به چنتا يا ٻچاپڙائپ ڀريل احتياط جو شڪار نه بڻبو آهيان. گهر کان نڪري روڊ ٽپي ماءُ جي چهري جهڙي منور بلال مسجد کي سلام ڪندي. جڏهن طارق جي آشياني ڏانهن وڌندو آهيان ته ڏامرجي سوڙهي پيچري تي بيٺل سرينهن جو وشال وڻ خوشبوءَ ڀريل سلام ڪندي مرڪي ٻڌائيندو آهي. ”طارق گهر ۾ ويٺل آهي.“ مان هن دل پذير درخت جا ٿورا مڃيندي هيڏي هوڏي لوڻو هڻڻ بدران سڌو اچي سندس گهر جو ڪڙو کڙڪائيندو آهيان. لوهي دروازي تي ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن هاريءَ وانگر وڏي سڏ ”طارقوءِ!“ جي صدا ايڏي لانڍ سان نڪرندي آهي جو هو غسل خاني يا بورچيخاني ۾ هوندي به منهنجو آواز سڃاڻي وٺندو. واندي هجڻ جي صورت ۾ طارق جو جھومندي ۽ جھوليندي دروازو کولي ”ٺڙڪ“ ڪري فوجي انداز ۾ سلام ڪندو. پر جيڪڏهن حاجت يا ڪنهن ڪم ڪار ۾ رڌل هوندو ته سندس ماٺيڻو ۽ فقير صفت پٽ لاهوت در کولي نهايت نرم ۽ آهسته آواز ۾ چوندو: ”چاچا اندر اچو بابا ويٺو آ.“ مان کيس. وراڻيندس: ”بابا کي چئه چاچا انعام ٻاهر بيٺو آ، نڪري اچ“. تيستائين مان گهر جي ٻاهران اجڙيل ان باغ جي وڻن تي نظر وجھندو آهيان، جن جي حالت به طارق جي جڳ مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ عشق ۾ ناڪام ٿيل پنهونءَ جهـڙي ٿي چڪي آهي. حسبِ معمول طارق جي نڪرڻ کان پوءِ مان کيس هن اجڙيل چمن جي شادابيءَ بابت مفت مشورا ڏيندو آهيان ۽ حسبِ عادت هو کين آباد ڪرڻ جو واعدو ڪندو آهي. مون کي لڳندو آهي ته اسان جون اهي ڳالهيون ڀرسان بيٺل ٻوٽا (وڻ) نهايت ئي غور ۽ اشتياق سان ٻڌندا آهن ۽ هر بار طارق جي آزاديءَ کي پروڙيندي بي اختيار سندن دل منجھان آهه نڪري ويندي آهي ته: ”هم ني مانا ڪ تغافل نه ڪرو گي ليڪن/خاڪ هو جائين گي تم ڪو خبر هوني تڪ.“
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙي ئي عرضداشت نماڻا نيڻ کڻي گپ ۽ گاري کي سيني ۾ سانڍيندڙ 1991ع ۾ ڄاول سندس مهراڻ سوزڪي به ڪندي هوندي، پر جيئن ته طارق ”چلتي ڪا نام گاڙي“ واري نظريي ۾ يقين رکندو آهي، تنهن ڪري جيستائين اها هلڻ کان صفا لانجھي نه ٿئي، تيستائين نه تڙ نصيب ٿيندو اٿس نه مستريءَ وٽ وڃي تيل ڦليل ڪرڻ جهڙي ٿيندي آهي.
طارق جي هڪ وڏي خوبي آهي ته پروگرام ٺاهي وٽس پهچبو ته هو ڪئين ڪمن ڪارين هوندي به سورنهن مان چوڏنهن آنا ”نه“ نه ڪندو. ساڻس گڏ آمريڪا ڏانهن سفر جو سعيو روانگيءَ کان فقط ڪجهه ڪلاڪَ اڳ ٿيو. هو منهنجي زور آڏو زبردستي نه هلائي سگهيو ۽ اسين وڃي نيويارڪ پهتاسين....
عام طور تي ايئن ئي گهران نڪرندي هُو مون کان اڪثر ڪري ماڳ يا طرف جو پڇاڻو نه ڪندو آهي. البت پٺيان ايندڙ ليلڙي لاهوت کي ايترو ضرور چوندو آهي ته: ”راڻا، مان ٿوري دير ۾ موٽي ٿو اچان، تون تيستائين ٽي وي ڏسي وٺ.“ طارق جي گهران ڏامر جي ساڳي سوڙهي پيچري تي بيٺل سرينهن کي سلام ورائيندي، اسين عام طور ”آشيانه آغا رفيق“ وٽان مڙي رڙهندا کڙتڪ کڙتڪ ڪندا علامه قاضيءَ جي مزار واري مک رستي ڏانهن سڌ ڪندا آهيون. باقي هونئن مٺڙي مسيت وٽان گذرندي ئي مان طارق کان پڇندو آهيان، ”پيارا! ڏي حوال ڇا پيو ٿئي دنيا ۾!؟“ هو هڪدم ڪنهن نه ڪنهن ادبي معاملي. معاشقي يا مراسلي جو تذڪرو ڪندي چوندو: ”ابا! اڄ ٺڪا تي ٺو ٿي وئي! اصل پُلس مقابله!!“ انهيءَ کان پوءِ سندس آفيس ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ نا اهليءَ جا تفصيل بيان ڪندي، سنڌيالوجيءَ ۾ ويٺل ڪن ”معصوم مسخرن“ جا حوال ڏيندي، هو ڪنهن تازي آيل خط جو تت ٻڌائيندو... ۽ پوءِ ٻنهي ٻانهن کي پوتي لاڙي ڇوهه سان ٻئي هٿ پاڻ ۾ ٽڪرائيندي، پاچا کنجي قميض جي اڳيان آڻي، ڪنهن ڳالهه تي کل ۾ صفا ويڙهجي سيڙهجي منهنجي مٿان اڌ ڪرندو اڌ هلندو رهندو. يا مورڳو مٿي کي هٿ ڏيئي ڪڏهن بيهي ڪڏهن ويهي ته ڪڏهن ڪرونڊڙو ٿي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو. سندس ٽهڪن، ساهن ۽ ڳالهين جو اهو تال ميل ڪجهه منٽن اندر کيس هڪ بيپرواهه ٻار ۾ تبديل ڪري کانئس عمر، مرتبي ۽ سماجي اثرن واري مصنوعيت ڦري وٺندو. اها صورتحال فورن کيس اهڙي ڪيفيت ۾ وڪوڙي ڇڏيندي جو ٻي گهڙيءَ سندس ٻئي اکيون ڳوڙهن ۾ ڀرجي وينديون. هو قميض جي ڪف سان نڪ ۽ اکين تي پوچي هڻندو يا مورڳو قميص جو دامن کڻي کاڏيءَ کي ڀيڪوڙي کلڻ تي ڪنٽرول جي ڪوشش ۽ ڳوڙهن ۾ ڀريل اکيون به اگھهندو ويندو. ساڻس اها حالت تيستائين برقرار رهندي جيستائين ڪا گاڏي رستو ڇڏڻ لاءِ ”پپان“ يا ”ٽون ٽان“ نه ڪري. ٽهڪن جو سلسلو ٽٽڻ کانپوءِ هو ڪجهه گهڙين لاءِ صفا خاموش ٿي ويندو ۽ روڊ تي فقط اسان جي ٻوٽن ۽ ڪپڙن جي ٽڪ ٽڪ ۽ سر سر رهجي ويندي. پر ٿورڙي ئي دير ۾ هو موڊ ۾ 180 ڊگريءَ جي تبديلي آڻي ڪنهن نهايت ئي سنجيده موضوع کي ڇيڙي وجھندو. عام طور تي سندس دلچسپيءَ جو محور آسمان ۽ ان ۾ بيٺل چنڊ. ستارا گهلندڙ هوائون يا اهڙا ٻيا فطرت جا جلوا هوندا آهن. ان کانسواءِ طارق انساني نفسيات، آرٽ، فلمن، ٽي وي سيريلز، ادب ۽ فوٽوگرافيءَ بابت اهڙا حيرتناڪ انڪشاف ۽ انتهائي اهم سوال کڙا ڪندو آهي. جو اسان آسپاس جي ماحول کان بيخبر ٿي نهايت سنجيدگيءَ سان انهن مڙني معاملن تي ڳالهائڻ ۾ محو ٿي ويندا آهيون. جيتوڻيڪ طارق باقائدگيءَ سان مطالعو ڪرڻ جو شوقين ناهي. نه ئي اخبارون رسالا پڙهڻ سندس معمول ۾ شامل آهن، پر هو پنهنجي لاجواب مشاهدي ۽ انتهائي گهري تخليقي جوهر جي بنياد تي مختلف سوالن ۽ مونجھارن جا تز جواب ڏيڻ ۽ لاڳو حالتن جو نهايت ئي مناسب تجزيو ڪرڻ جو وڏو وکر رکي ٿو.
بحث مباحثي ۽ ٽيڪا ٽپڻيءَ سان ڀرپور اسان جو اهو سيشن ايترو ته سنجيده ۽ دلچسپ هوندو آهي جو ان کي منطقي نقطي تي پهچائڻ لاءِ اسين علامه صاحب جي مزار جو ڪو ڪنڊ پاسو وٺي ويهي رهندا آهيون. ڪيئن دفعا ائين ٿيو هوندو جو اسين دليلن ۽ بحثن ۾ الجھيا پيا هونداسين. اوچتو نظر پوندي ته وڇون طارق جي جين جي پئنٽ کي ڇُهندي نظر ايندو يا منهنجي نظر جي سرچ لائيٽ جي گھيري ۾ ڦاسي ويندو. اسين عام طور اها جاءِ ڇڏي مسجد ۽ مزار جي وچ ۾ پيل ويران پٽ تي سرون ۽ پٿر ڏيئي ويهي رهنداسين ۽ مختلف موضوعن تي مسلسل ڳالهائينداسين. ان وچ ۾ اسان جو ٽيون ساٿي واٽر سپلائي واري پائيپ مان نڪرندڙ پاڻي ۽ سندس بوڙيا هوندا، جيڪي پاڻ کي نظر انداز ٿيل محسوس ڪندي هر هر پيا اڇلون ڏيندا ۽ آواز ڪندا. مان سندن احتجاج کي جائز سمجھندي، اُٿي ڏانهن ويندس ۽ انتهائي پاٻوهه ۽ پيار سان کين پنهنجي ٻُڪ ۾ ڀري اندر ۾ اوتي ڇڏيندس. انهيءَ چرپر جو فائدو وٺندي طارق به مزار جي آڳنڌ ۾ بيٺل ڄمونءَ يا کجيءَ کان ڏن طور ڏوڪا يا ڄمون ڇڏائي ايندو ۽ اسين سندن ”لست“ وٺندا کين پرنام ڪري اٿي پونداسين. روڊ تي واپس اچڻ کان اڳ ڪنڊيءَ يا لئيءَ جي ڪا لڪڙي منهنجي هٿ ۾ هوندي آهي، مان ان کي رستي تي پيل پٿرن سان ٽڪرائيندو ۽ ڏامر جي مٿي تي ٿڌڙا ڪڍندو اڳتي وڌندو آهيان ۽ طارق حسب دستور جھوليندو ۽ جھومندو ڪنهن گل جي ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪري موٽي ايندو يا ڪنهن زبري پٿر کي ٿيڙ ڏيئي راهه تان هٽائيندو رهندو آهي.... مان سمجھان ٿو ته ساڳيو ڪم هو صبح جو آفيس ۾ به ڪندو آهي، جتي کيس پٿر نما انسانن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، تنهنڪري شايد ”راهه تان پٿر هٽائڻ“ وارو عمل ذري گهٽ سندس ”پروفيشنل مجبوري“ بڻجي چڪو آهي. انهيءَ مجبوريءَ کي سرانجام ڏيندي هو بيشمار ڀيرا دُکي به ٿيو آهي. پر مڙئي زخم ۽ جھير سندس معمول جي ڪرت تي ڪڏهن به اثر انداز نه ٿيا آهن.
ايئن به ڪونهي ته اسان رڳو علمي، ادبي ۽ ثقافتي معاملن جي خشڪ ۽ معلوماتي پيچيدگين ۾ ڦاٿل هوندا آهيون..... نه نه، پاڻ نهايت ئي خشوع ۽ خضوع سان دل کولي گلائن جي گاري ۾ به لهي پوندا آهيون. ڪجهه ”علماءِ ڪرام“ اسان جي ياد جو خاص ۽ دستوري محور هوندا آهن. طارق سندن اهلون ۽ نقل ڪندي شاندار اداڪاريءَ کي جنم ڏيندو آهي ۽ مان کيس انهن مڙني مهربانن جي مختلف خصلتن ۽ خاصيتن جي خصوصي يادگيري ڏياريندو ويندو آهيان. هو نه رڳو انهن عظيم شخصيتن جي عام رواجي زندگيءَ کي پنهنجي تيز مشاهدي جي رنگن سان پئنٽ ڪندو ويندو، پر مختلف حالتن ۾ سندن طرفان ٿيندڙ امڪاني رد عمل تي به اهڙا خاڪا جوڙيندو جو کلي کلي چيلهه ۾ وڪڙ پوندا ويندا. هو هڪ نامياري ڏاهي جي بئڊ روم جي منظر ڪشي ڪندي ٻڌائيندو ته ڪيئن حق شرع دوران پاڻ سائين جن سرور ۾ اکيون ٻوٽيندي گهر واريءَ کي به چوندا: ”ادي، ادي! سچ پچ ته ڏاڍو حظ پيو اچي، اوهان جي دلپذير رعنائين، نهايت ئي سرور ڀريو وايو منڊل پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جي انهن مڙني خوبين ۽ خصوصيات سان برميچڻ ڪنهن ٻئي بني بشر جي وس ۾ ناهي.....“ انهيءَ منظر ڪشيءَ منجھان ٽَهڪن جون ٽوڪريون ماڻي پالهو ئي نه ٿبو ته هو ٻي جُغادري اديب جي خاڪ ڪشيءَ ۾ محو ٿي ويندو. هو واٽ تي ئي ڪٿي آهلجي پيٽ تان قميص هٽائي ان تي هٿ به هڻندو ويندو ۽ ادب جو .کٽيو کائيندڙ انهيءَ سازشي شخصيت جو نقل ڪندي ساڻس ملاقات جو منظر چٽيندي چوندو ويندو: ”ادا، ڀائو، سائين! ويهو ويهو..... اڙي ڇورا ڀڄ سائينءَ لاءِ ڪيڪ، پئسٽريون، سنبوسا، بسڪوٽ ۽ مٺائي وٺي اچ..... سيگهه ۾ چانهه ٺاهي کڻي اچي.... اصلي منٽ ڪر.“ ان کان پوءِ هو سندس جيان واڇن ۽ وات تي هٿ ڦيرائيندي ورجائيندو: ”سائينءَ منهنجي کي چوان..... ڪالهه گورنر صاحب جن عزت افزائي فرمائي. نهايت غور و فڪر سان بورڊ جا مسئلا ٻڌا ۽ اٺن ڏينهن ۾ امداد جي خاطري ڏني. انشاءَ الله ايندڙ مهيني کان توهان هت منظر مٽيل ڏسندءُ.“
اهڙي طرح سندس ٽيليفون تي اٿي بيهي اٽينشن ٿي ڳالهائڻ سميت ڪيئن ڪافرانه ادائن تي ٻڌل داستان ٻڌائيندو ۽ گڏوگڏ آفيس ۾ نفيس احمد ناشاد جي ڪنهن نئين نڪوري ۽ اڇوتي ادا جو به تذڪرو ڪندو ويندو.
ائين اسان جو مطالعاتي ۽ مشاهداتي دورو جاري ئي هوندو آهي جو طارق جا مداح ۽ سنڌ جي ۽ سنڌ جي جوانيءَ جي ڪورس تي رکيل سندس ناول جي عاشقن منجھان ڪو ڇوڪرو عقيدت منجھان اچي ساڻس هٿ ملائيندو. پر هو حجاب سان ڀريل فخر وچان ساڻس نهايت ئي پيار سان پيش ايندي کيس ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو. اڳلي جي خواهش هوندي ته هُو پڻ اسان سان همسفر ٿئي، پر طارق منهنجي چهري تي پکڙيل بيچينيءَ ۾ ٻڏل لاپرواهيءَ منجھان محسوس ڪري وٺندو ته مان انهيءَ موقعي تي ڪنهن به ٽئين شخص جو ٽنبڪو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. انهيءَ ڪري هو نه چاهيندي به ٿورڙي دير کانپوءِ ساڻس پنهنجي گهر ۾ ملاقات جو موقعو رکندو، پر ڪافي ڊگهي رات تائين کيس وقت به ڏيندو. انهي اوچتي آمد کان پالها ٿي اسين سينٽرل لائبريريءَ کان هاءِ وي ڏانهن ويندڙ روڊ تي مڙي، چوراهي تي پيل سيمنٽ جي بئنچن تي ويهي رهنداسين ۽ ايندڙ ويندڙ بابت رننگ ڪمنٽري شروع ڪري ڏينداسين. انهيءَ جاءِ تي بيهي طارق يونيورسٽيءَ، کي خوبصورت بنائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏيندو آهي ۽ هٿ کڻي اشارا ڪري (۽ ڪڏهن ڪڏهن آڱرين سان هوا ۾ دائرا ٺاهي)، هو مون کي پنهنجن منصوبن جا تفصيل ٻڌائيندي ڏسيندو ويندو آهي ته ڪٿي مصنوعي ڍنڍ ٺهي سگهي ٿي، ڪٿي هڪ شاندار پارڪ جوڙڻ ممڪن آهي.... ۽ ڪنهن جاءِ تي مجسما کوڙي سگهجن ٿا. مان ڪرپشن، بي ايماني ۽ جھالت سان ڀرپور غرور ۾ ٻڏل يونيورسٽي انتظاميه جي ترجيحن ۽ تبصرن کي تصور جي آئيني ۾ ڏسندي سندس ”معصوم خواهشن“ لاءِ احترام رکندي به مٿس ترس کائيندو آهيان.... مون کي اهو ويچاريندي حيرت ٿيندي آهي ته هو هن بدنصيب واديءَ جو پراڻو واسي هوندي به خواب لهڻ واري عادت منجھان جند نه ڇڏائي سگهيو آهي.
اسان جي انهيءَ ياترا دوران اڪثر ڪري رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪندي آهي، تنهنڪري عام طور يونيورسٽيءَ جي پر سڪون جامع مسجد کان مڙي ننڍڙي سائيڊ واري روڊ تي ڪَٽ هڻي اسين واپس پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽي پوندا آهيون، پر جيڪڏهن پٺيان جي ڪا چنتا ناهي هوندي ته وائيس چانسلر جي گهر ڏانهن ويندڙ نهايت ئي ”سهڻي سڙڪ“ تي پسار ڪرڻ شروع ڪندا آهيون. اها سڙڪ انهيءَ ڪري حسين ناهي ته سندس وچ سيني تي شاندار وڻن ۽ ٻوٽن جي سڌي قطار هوا ۾ ڪنڌ لوڏي گيت ڳائي رهي هوندي آهي، نه ئي اها ڪا وڏي ڳالهه آهي ته حيدر بخش جتوئي پيويلين جي چهچ سائي لان ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ جي روڪ رستي تان چنچل ۽ آواره هوائون توهان کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون.... پر انتهائي دلچسپ منظر اتي ويٺل جوڙن جون سرگرميون پيش ڪنديون آهن.
طارق ”پروفيشنل عاشق“ هئڻ ڪري سندن ڪوتاهين منجھان به ڪونه ڪو حُسن ڪڍي وٺندو آهي، پر مان تنقيد جو تحفو پيش ڪندي چوندو آهيان: ”پيارا! ههڙي صورتحال ۾ ڪنهن شاگردياڻيءَ جا گهر وارا مرد چڪر لڳائيندا ته اهي سندس يونيورسٽيءَ اچڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا! اهي هنن چند مثالن کي ڏسي سوچيندا ته هي تعليمي ادارو گهٽ عاشق آباد وڌيڪَ ٿي لڳي.... ايئن گهڻين نياڻين تي تعليم جا دروازا بند ٿي ويندا....“ طارق منهنجي انهيءَ موقف سان متفق نه هوندي به هڪ عدد بي چسي ”هون“ ضرور ڪندو. پر مون کي پتو هوندو آهي ته هو آسپاس موجود صورتحال تي دل ئي دل ۾ گد گد پيو ٿئي.... شايد کيس هر افيئر ۾ ڪانه ڪا پنهنجي Reflection نظر ايندي هُجي!
ڇاڪاڻ جو هو سؤ سيڪرو عاشقانه طبيعت رکندڙ انسانُ آهي. اهي دلفريب نظارا ۽ شامَ جي پاڇن جيان جوڙن جي ڊگهين ملاقاتن جو مشاهدو ڪندي سندن وچ ۾ گهٽيل فاصلن ۽ هلڪن ٽهڪن سان ڀريل سُس ڦُس تي تبصرو ڪندو مان طارق کان پڇندو آهيان: ”پيارا!، هنن کي خدا جي ڪا سڻائي ٿئي سڄو ڏينهن ڊپارٽمينٽس ۾ هڪ ٻئي جو مغز چٽيندي دل نٿي ڀرجين وري اچي هتي پيا کسر پسر ڪن، آخر هنن جا موضوع ڪهڙا آهن؟ سياست کين نٿي وڻي، ادب جو رنگ مٿن چڙهيل ڪونهي، فلسفي سان سندن لهه وچڙ ڪونهي.... پوءِ آخر هو ڳالهائين ڇا تي ٿا؟!“. ”ابا! اها خبر ته منڪر نڪير کي به ڪونه هوندي.“ هو هلڪو ٽهڪ ڏيئي چوندو: ”تون آزمتو ڪري ڏس پريان ايندين ته ڏسندين ته ڪو کلن به پيا ڳالهائين به پيا، ڀرسان لنگهندين ته محسوس ٿيندئي. اهي ڪي ٻيا هئا. ساڳيو جوڙو ايڏو سنجيده ٿي ويندو جو لڳندو ته عشق بجاءِ عراق آمريڪا جنگ کي ٽارڻ لاءِ ڪا منصوبابندي ويٺا ڪن. ايڏا مهذب ۽ شريف جو نر پکي به پيو وائڙو ٿيندو.“ مختلف موقعن تي طارق جي اها ڳالهه بلڪل سچي ثابت ٿيندي آهي. جڏهن ڪلاس جون شاگردياڻيون، جيڪي هونئن ”سر سر“ چئي مٿو ڪچو ڪري ڇڏيندويون آهن، سي اهڙن موقعن تي اسان کي ايندي ڏسي فقط نڪ جي سڌائيءَ تي ڏسندي ڪنڌ کي سُڪ ڪري مارگريٽ ٽيچر بڻجي اهو کڻي گهنڊ هڻنديون جو ماڻهو پاڻ کي ڏوهي پيو محسوس ڪندو. البت ڇوڪرا هروڀرو پيا ڦڪا ڦڪا ۽ لڄي لڄي ٿيندا.... وٽن پهچندي هميشه اٿي بيهي سعادت مند ڏوهاريءَ جيان وهلور پيا ويندا ۽ چند سيڪنڊن اندر ٽي چار دفعا پڇي وٺندا:
”سر! ٻيا ڪهڙا حال آهن؟“
اسان انهيءَ دلچسپ صورتحال مان مزو وٺندا، تبصرو ڪندا اڳتي وڌنداسين جو طارق جو پير وڃي رستي تي پيل پٿر سان وچڙندو. هو پير جي آڱوٺي ۾ لڳل ڌڪ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هيٺ جھڪندو ته چوندو مانس: ”ادا! اهي آهن تو واري مخلوق جا تحفا! ڪالوني آفيس بلب ۽ راڊيون مٽائي مٽائي ٿڪجي پئي آهي، پر تو وارا استاد ٻئي ڏينهن انهن تي نشانا چٽي ڪم پورو ڪريو ڇڏين. هيءَ شايد واحد رستو هوندو جتي شاگردن کي روشنيءَ کان چڙ آهي. ماڻهوءَ کي سج لٿي ئي روڊ تي ڀنڀ نظر ٿي اچي.“ ڏسندو آهيان ته طارق منهنجي انهيءَ مؤقف سان سهمت ڪونهي. پر مان نه رڳو وڌيڪَ ”ماهرانه راءِ“ پيش ڪندو آهيان، پر آسپاس ويٺل جوڙن کي به وڃي چوندو آهيان: ”بابا! اسان کي توهان جي هتي ويهڻ تي اعتراض ناهي، پر اونداهه ۾ ويهڻ چڱي ڳالهه ناهي. ٻيو ڇڏيو هتي ئي نانگ، بلائون ۽ وڇون پيا گهمن. خدا نخواسته ڪجهه ٿي پوي، توهان اٿي وڃي ڪنهن روشني واري جاءِ تي ويهو....“
منهنجي ڳالهه ۾ وزن ڏسندي اڪثر ڪري ڇوڪرو ڦڪي مرڪ مرڪندي ۽ ڪنڌ کنهندي چوندو: ”سوري سر! اڳتي ايئن ئي ٿيندو.“ پر چند قدم هلڻ کان پوءِ نهايت ئي ڌيمي آواز پر هلڪي کل ۾ ويـڙهيل نينگريءَ جو جملو هوا کي ٺونٺيون هڻي تمام گهڻي جاکوڙ ڪري ڪن تائين پهچندو: ”سر! اسان کي نانگ بلائون ڪجهه نه ڪندا.“ جملي جو ختم ٿيڻ سان ئي ”ها ها..... ها... ها“ جي زوردار ڌماڪي سان طارق جو ٽهڪ گونجندو ۽ چوندو، ”ٻُڌئي پيارا!“.
اهي ئي اهڙا ٻيا ڪئين منظر گرلس جمنازيم ۽ ان جي آسپاس بيٺل ٻوٽن وٽان پسندا، وي سي هائوس کان مڙي ٽيچرز هاسٽل وٽ پهچنداسين ته طارق ٿورڙي رفتار وڌائيندو. ڇاڪاڻ جو کيس پتو آهي ته ڪو استاد ملي ويو ته مون کي پڪڙي بيهاري ڇڏيندو (هونئن طارق ٽيچرز کان الائي ڇو گھٻرائيندو به آهي) البت اڳيان مارئي هاسٽل وٽان لنگهندي سندس موڊ تبديل ٿيل هوندو آهي. جيتوڻيڪ هو سؤ سيڪڙو رومانس مان ٺهيل شخص آهي، پر هاڻي اڪثر شاگردياڻين ڏانهن سندس رويو ۽ تبصرا هڪ ميچوئر ۽ همدرد شخص وارا هوندا آهن. هاسٽل اندر رهندڙ انسانن کانسواءِ (جن کي هو ڪمپائونڊر سڏي ٿو) سندس راين ۾ احترام ۽ محبت سمايل هوندي آهي، ڪلاسن هلڻ دوران جڏهن مارئي هاسٽل جي آسپاس چرٻٽو وڌيل هوندو آهي، تڏهن طارق ڏانهن اشارو ڪندي مان پارڪن ۽ ڦٽپاٿن تي ويٺل مخلوق ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو آهيان، اسان محسوس ڪري وٺندا آهيون ته ڪيترائي سهڻا سيبتا ڇوڪرا بي جوڙ ڇوڪرين سان ويهندي جذباتي ۽ احساساتي طور مطمئن ته ڪونه هوندا آهن، نه ڪو کين اهڙو ساٿُ مزو ئي ڏيندو آهي، پر پوءِ به بنا چوڻ جي هو اسان جو ڌيان ڇڪرائي چوندا آهن: ”ڏسو ڏسو، اسان به اهم آهيون، اسان ڇوڪرين سان ڪمپني ڪريون ٿا، تنهنڪري سچا پچا فلمي هيرو آهيون....“ ساڳي طرح نوٽس ڏيڻ/وٺڻ واري پراڻي بهاني، پٽيوالن ۽ چوڪيدارن ۾ ”ڪم هجڻ“ جي عذر تحت ڪيئن بي قرار روحن جا اڌما ڏسڻ وٽان هوندا آهن. سندن اکين ۾ اکيون وجھڻ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۽ ان جي جواني جنمن کان پيار ۽ پريم جي ڪيتري اڃياري آهي. هاسٽل وٽان لنگهندي رڳو ڇوڪرن جي ئي بيچيني ڏسڻ وٽان هوندي آهي. سستو مئڪ اپ ڪيل نينگرين ۾ پيل ٿڙ ڦٿر به پنهنجو رنگ روپ رکي ٿي. ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ مائٽن ۽ ”غيرتي ڀائرن“ جي دڙڪن ۽ ڌمڪين ۾ قيد ٿيل سندن امنگون هتي وياج سوڌو ڪئيش ٿيندي نظر اچن ٿيون.
مارئي هاسٽل کان مڙي ٽيچرز هاسٽل جي چوڪيدار حاجي کوسي سان ٿڙا ماشا ڪري، ڪالونيءَ ڏانهن واپس موٽندي، ڪڏهن ڪڏهن ته منٽن جا منٽ خاموشيءَ ۾ پنهنجي منهن سوچيندي هلندا رهندا آهيون. ٻڌڻ لاءِ ڏيڏرن جي ”ٽان ٽان“ ۽ تڏن جي ”سرر ـــ سرر“ کانسواءِ اسان جي بوٽن جا روڊ کي ڏنل ڏوراپن جا آواز به موجود هوندا آهن. هلندي هلندي طارق ڪڏهن ڪٿان ڪو منفرد قسم جو ڪاٺيءَ جو ٽڪرو يا پٿر وغيره چونڊي وٺندو آهي ۽ ايندڙ ويندڙ تي نهايت ئي ڀرپور تبصرا ڪندو ويندو آهي.
مئڊم مهتاب جي پراڻي گهر وٽان لنگهندي هو ٻٽين ساروڻين ۾ ٻڏندي ”چانڊوڪي رات ۾ باغ جي سير“ بجاءِ ”جيل جا جلوا“ بيان ڪندو ويندو آهي. اهڙي طرح چرغ شماري ڪندي اسين. واپس پنهنجي ماڳ تي پهچي ويندا آهيون. وڌيڪَ وقت هجڻ جي صورت ۾ طارق جي گهر اچي فروٽ کائي ۽ ٽي وي ڏسي ڳالهين جون ڳنڍيون کولبيون آهن، منهنجي گهر اڳيان موجود لان ۾ گھيچا ۽ پاپڙ اسان جو انتظار ڪري رهيا هوندا آهن.... اهڙي طرح ڊگهن داستانن جي ٻاريل آڳ ۾ ڳالهين جي ڪاٺين کي سوريندا، سرد ٿيندڙ رات ۾ هٿن ۽ روح کي گرمائڻ لڳندا آهيون، ۽ جڏهن داستانن جي آڳ تي ٻي ڏينهن جي ڪمن ڪارين جي اڻ تڻ جو پارو پوڻ شروع ٿيندو آهي ته هڪٻئي کي الله واهي چئي، پنهنجن پنهنجن واهيرن ڏانهن اڏامي ويندا آهيون. هڪ نئين، بهتر صبح جي آس اندر ۾ سمائي.