شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ادبَ جو مست قلندر ـــ روبينه ابڙو

طارق عالم ابڙو جي شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ جا آخري لفظ آهن ته: ”مان وڌيڪَ جاڳي نه ٿو سگهان. وڌيڪَ جاڳڻ به نه ٿو چاهيان. مون کي معاف ڪري ڇڏجو. مون کي سخت ننڊ..... ننڊ...... ننڊ.... نن....“ ۽ هن کي واقعي ننڊ اچي ويئي. پر سندس چواڻي ته هو هاڻي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهي ۽ دل ڀري آرام ڪرڻ پيو چاهي.... تمام ڊگهو ۽ نه کٽندڙ آرام....
طارق جيڪو سمي کي اورانگهي هاڻي ازل جو هم رڪاب بڻجي چڪو آهي، هاڻي کيس صرف ۽ صرف گذريل وقت جي آرسيءَ ۾ ئي پسي ۽ پائي سگهجي ٿو ۽ آرسيءَ جا اولڙا آهن سندس اولاد ۽ ڪتاب.... جن کي جڏهن جڏهن به ڏسبو ۽ پڙهبو، طارق بي ساخته ياد اچي ويندو:

شهر ۾ ٿا رهن سڀئي مصحف
تنهنجو ”طارق“ ئي داغدار آهي

”طارق“ هڪ اهڙو ملامتي صوفي هيو، جنهن کي پنهنجي ذات کي زَد ۾ آڻي لکڻ جو هنر ۽ ڏانءُ هيو.... سندس محبتون هجن يا نفرتون، ٻيئي احساس، سوچ ۽ رشتي ۾ هميشه واضح ۽ خالص رهيون... ڊڄڻ ۽ لڪائڻ ته طارق ڪڏهن سکيو ئي ڪونه هيو. هن ۾ هڪ ئي وقت ڪوڙ لئه “No” ۽ سچ لئه “Yes” چوڻ جي همت ۽ جرئت هئي....

پتڻ پري آ ۽ تيز لهرون
اڪيلو طارق، نه ونجهه ڪوئي

رهيم طبيعت جي خودسريءَ ۾
ڪڏهن نه پاتم ڪو سَنجُ ڪوئي

هو هڪ اهڙو مست الست فقير صفت شخص هيو، جيڪو سچ جي مچ ۾ بيخودي منجھان نچندو ۽ ڪڏندو رهندو هيو.

شدم بدنام در عشقش بيا اي پارسا هم بين
زه مي ترسم ز رسوائي سر بازار مي رقصم

(محبوب جي عشق ۾ بدنام بڻجي ويو آهيان... اي نيڪ پرهيزگار! تون به اچي ڏس.... خواري ۽ بڇڙائي کان نه ٿو ڊڄان ۽ وچ بازار ۾ نچي رهيو آهيان....)

مرا مخلوق مي گويد گدا چندان چه مي رقصم
بدل داريم اسراري ازان اسرار مي رقصم

(مون کي ماڻهو چون ٿا اي فقير!
ايترو ڇالاءِ نچي رهيو آهين؟ دل ۾ وڏا راز آهن، انهن رازن جي ڪري نچي رهيو آهيان....)
”قلندر“ دراصل اهو صوفي آهي، جنهن جو مخصوص فلسفو، عمل ۽ عقيدو هوندو آهي...
”قلندر“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”درويش شخص“. بي قيد بدنيا.... يعني اهو جنهن جو دنيا سان لاڳاپو ۽ سٻنڌ نه هجي، پر طارق هڪ اهڙو درويش صفت شخص هيو، جنهن جو هڪ عام دنيا کان الڳ پنهنجو مخصوص فلسفو، عمل ۽ عقيدو هيو....
هو هڪ اهڙو دنياوي درويش هيو، جنهن جو دنيا جي هر مسئلي ۽ موضوع سان سڌو سنئون واسطو هيو.... ۽ پوءِ اهو سياسي، سماجي ، مذهبي ڪوئي به مسئلو هجي يا ڪائنات جي اڻ ڳڻين موضوعن مان ڪوئي به موضوع.... هن ۾ فطرت طرفان انتهائي اتم درجي جي مزاحمتي سگهه ۽ سمجهه هئي.... ۽ ان بنياد تي ئي طارق سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرايا ۽ فرسوده روايتون ٽوڙيون.... هو جدت پسند هيو، ان ڪري ئي هو هميشه نئين ٽهيءَ کي اڳتي آڻيندو ۽ همٿائيندو رهندو هيو.... هن جي صرف فن تي نظر هوندي هئي، فنڪار جي نالي ۽ حوالي تي قطعي به نه....
”مهراڻ“ ۾ طارق ڪافي اهڙن نون ليکڪن کي ڇپيو ۽ اهميت ڏني، جن کي هو ذاتي حوالي سان به ڪونه ڄاڻيندو سڃاڻيندو هو.
طارق عالم سان منهنجو اهڙو تعلق هيو، جيڪو پکين جو آڪاس سان، لهرن جو سمونڊ سان، هوائن جو گلن سان ۽ پهاڙن جو بادلن سان هوندوآهي....
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان تعلق هڪ اهڙي تند آهي جنهن سان روحن کي رَفو ڪري سگهبو آهي....
تعلق! جيڪو اوپرائپ جي صحرا ۾ پنهنجائپ جي گلابن تي پيار جا پوپٽ ويهاريندو آهي....
تعلق! جيڪو مدفنن ۾ به محبتن کي زندهه رکندو آهي....

ڪنهن پل ڇڄي الائي هي تند جند جي
هي چنڊ آسمان ۾ مهمان ٿو رهي

مون طارق کان گهڻو ڪجهه سکيو... هن مونکي نون نون موضوعن ۽ احساسن کان آگاهه ڪيو. هن جي رهنمائيءَ سان منهنجيءَ شاعريءَ ۾ نوان نوان رنگ ۽ موضوع جرڪڻ لڳا..... هن ئي منهنجي شاعريءَ کي ”رومانس“ کان ”انقلاب“ تائين جو دڳ ڏيکاريو. مان جيڪا سنڌي اديبن کان مڪمل طرح مايوس ۽ نااميد ٿي چڪي هيس، صرف طارق جي ئي بدولت مون وري يقين ۽ اميد جي آيتن سان پنهنجو ايمان تازو ڪيو.
مان يقينن پاڻ کي خوش قسمت سمجھان ٿي جو طارق عالم جهڙي کري انسان، منفرد آرٽسٽ ۽ جينئس جي دور ۾ جنم ورتو ۽ ساڻس ويجھڙائپ رهي.
اها ته هقيقت آهي ته ٻئي جي اک سان پاڻ کي ڏسڻ دنيا جو سڀ کان مشڪل ۽ حيرتناڪ فن آهي ۽ طارق ان فن جو ماهر هيو..... هن هميشه پاڻ کي ٻين جي اکين سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي تمنا پئي رکي ۽ ان فن جي عيوض کيس ڪيترو ڀوڳڻو ۽ سهڻو پيو، اهو ته هر ان فن جو ماهر ڄاڻي سگهي ٿو.
طارق رائيٽر سان گڏ هُوٽر به ڪمال جو هيو. ۽ اها ته حقيقت آهي ته هُوٽنگ هميشه اهو ئي ماڻهو ڪري سگهندو آهي جيڪو پاڻ تي به تنقيد برداشت ڪري سگهندو هجي. ٻئي جي گناهه تي آڱر کڻڻ تمام آسان، پر پنهنجا گناهه ڳڻائڻ بيحد ڏکيو عمل..... ڇو جو اسين اهو سڀ ڪجهه هوندا ئي ڪونه آهيون جيڪي نظر ايندا آهيون ۽ جيڪي نظر ايندا آهيون، اهي اصل ۾ هوندا ئي ناهيون.... پر طارق جتي ٻين جي غلطين تي آڱر کڻندو رهيو، اتي چئن آڱرين جو اشارو پاڻَ ڏانهن به ڪندو رهيو.
طارق عالم پنهنجو ناول ”رهجي ويل منظر“ ان دور ۾ لکيو، جڏهن زندگيءَ ڏي ويندڙ رستو هن جي قدمن هيٺان کسڪڻ لڳو هيو.... ”خودڪشي“ يا ”ناول“.... چونڊ لئه صرف ٻه ئي رستا بچيا هئا ۽ طارق خودڪشي بجاءِ ”رهجي ويل منظر“ جهڙي ناول جي چونڊ ڪئي ۽ خوب ڪئي.....
طارق جو ناول ”رهجي ويل منظر“ خودڪشيءَ جهڙو ئي خوبصورت ۽ پراسرار آهي.... (ڇا محبت ۾ ناڪاميءَ جو تجربو خودڪشيءَ جهڙو ئي خوفناڪ ۽ تڪليفده ناهي هوندو؟)
طارق جيڪو ٻاهران تمام گهڻو هوڏي، هٺيلو ۽ ضدي هيو، اهو ئي طارق اندران ڏاڍو نرم، نماڻو ۽ معصوم هيو. هن جو کلڻ ۽ روئڻ ٻيئي ٻارن جهڙا ئي هئا.... طارق محبت ۽ مزاحمت جي مٽيءَ مان ڳوهيل اهڙو ماڻهو هيو، جنهن جو هر جذبو محبت کان شروع ٿي مزاحمت تي ختم ٿي ويندو هيو....

وستي وستي سئن هنئي
سچ ونڊي ٿو وڻجارو



هڪ دفعي پڇيو هئائين:
ڇا تو منهنجو ناول ”رهجي ويل منظر“ پڙهيو آهي....؟
چيم: ننڍي هوندي پڙهيو هيم، هاڻي ته ياد به ڪونه آهي!
ڀلا هائيڪن جو ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“؟
چيم: امتحاني پيپرن ۾ صرف نالو پڙهيو آهي...؟
ڀلا ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو....؟
چيم: هون... نالو ٿورو ٿورو ٻڌل پيو لڳي...!
ڀلا ڪهاڻين جو ڪتاب ”رات، سانت ۽ سوچون“....؟
چيم: بوڪ اسٽالن تي اڪثر ڏٺو اٿم...
ڏاڍو کليو.
ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي اسپتال ۾ موت کي اکين سان ڏسندي به طارق نا اميد يا ڊنل ڪونه هيو.... سندس عقيدو ۽ ويساهه هيو ته: ”جيڪا رات قبر ۾ اچڻي آهي، اها ڪڏهن به ٻاهر ڪونه ايندي....“ ان ڪري موت جيڪو برحق ۽ اٽل آهي ۽ هر ساهدار کي هڪ نه هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو ئي آهي، ته پوءِ موت کان ڀڄڻ يا ڊڄڻ ڪهڙو.....؟ هن کي يقين ٿي ويو هيو ته موت سندس ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندو.... ڇو جو هو پنهنجي پٺيان پنهنجا اهڙا عمل ڇڏيون پيو وڃي، جيڪي موت کي به ماتِ ڏيئي ڇڏيندا آهن.....