پاڻ کي وڪڻي کائيندڙ ليکڪ.... ـــ عبدالقادر جوڻيجو
”پبلو نرودا“ ڪروڙ پتي ٿيڻ جي شوق ۾ بهه جو دڪان کوليو. جڏهن بهه وڪڻي نه سگهيو، ته پنهنجي ڪِتاب ”معمائرس“ ۾ نه رڳو پنهنجن اديب ۽ شاعر دوستن کي وڪڻي کاڌائين، پر پنهنجي سنگتياڻيءَ کي به وڪڻي کائي ويو. ساڳي ڪريت سان ”طارق ابڙي“ پنهنجي ٽيلي ناٽڪ ”طوفان کانپوءِ“ ۾ پنهنجي گهر جا ڀاتي وڪڻي کاڌا. ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ پنهنجي محبوبا ۽ دوستن کي وڪڻي کاڌائين.
ٽيلي ناٽڪ ”ڇانورو“ ۾ مون جهڙن کي وڪڻي کاڌائين. ٽيلي ناٽڪ ”پيوند“ ۾ پنهنجو پاڻ کي وڪڻي کائي ويو. ته پنهنجن ۽ پنهنجو پاڻ کي وڪڻي کائڻ واري ڪريت هڪ سٺي فڪشن رائيٽر جي فني مجبوري آهي. جيڪڏهن ڪو ناول نِگار يا ڊراما نِگار پنهنجن ويجھن کي وڪڻي کائي نٿو سگهي ته کيس کپي لکڻ ڇڏي وڃي دوڪان کولي، اتي تيل جون شيشيون ۽ ڊالڊا جا ڊٻا وڪڻي کائي. ڪو به ناول نِگار يا ڊراما نِگار جيڪڏهن پنهنجي آسپاس وهندڙ زندگيءَ کي پنهنجي لکڻيءَ ۾ استعمال نٿو ڪري سگهي، يا ٻين لفظن ۾ انهن کي وڪڻي کائي نٿو سگهي ته منهنجي خيال ۾ اهو ليکڪ ڪوڙ ٿو لکي ۽ اوندهه ۾ تير ٿو هلائي. پر ”طارق ابڙي“ کي ڪوڙ لکڻ جو شوق ناهي انهيءَ ڪري هو رات جي اوندهه ۾ تير هلائڻ جي بدران ڏينهن ڏٺي جو وچ چؤنڪ تي بيهي پٿر هڻندو آهي. ننڍي هوندي گهٽين جا ڪتا ڪٽيندو هو. وڏو ٿيو آهي ته معاشري ۾ موجود سطحيت ۽ منافقت تي مارو اٿس. معاشري تي سندس اک بليڊ وانگر هلندي آهي. طارق ابڙو ذاتي زندگيءَ ۾ نم جي وڻ وانگر ڇانوَ ڏيندڙ، پيءُ وانگر حفاظت ڪندڙ، ماءُ وانگر محبت ۾ پنهنجو ماس کارائيندڙ، ڀاءُ وانگر ڀاءُ جي پاران لٺ کڻندڙ ۽ روايتي دوست وانگر دوستي ۾ ٽوٽو کائيندڙ هڪ سٻاجھڙو ۽ مٺو ماڻهو آهي. پر لکڻ جي معاملي ۾ هو نه ڪنهن جي ماءُ آهي، نه ڪنهن جو پيءُ آهي، نه ڪنهن جو ڀاءُ نه ئي وري ڪنهنجو دوست آهي. ۽جيڪڏهن ڪجهه آهي ته الله ڪارڻ شاهدي ڏيندڙ ليکڪ آهي. لکندي لکندي طارق ٻن ٽن ڄڻن جا پٽڪا نه لاهي، هڪ اڌ ڄڻيءَ جي پوتي نه سرڪائي وٺي ته ڄڻ طارق ڄايو ئي ڪونه. سوال ٿو اٿي ته طارق ابڙي جهڙي شريف ۽ سٻاجھي ماڻهوءَ کي آخر ڇا سجھي آيو آهي جو پٽڪا لاهيندو وتي ۽ پوتيون سرڪائيندو وتي! جنهن جو جواب سندس عاليشان ناول ۽ سندس هڪ اڌ معياري ناٽڪ ۾ موجود آهي. معياري ٽيلي ناٽڪ ڏسڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙا ماڻهو ڇت ۾ اونڌو لڙڪي ناٽڪ ڏسندا آهن ۽ ٻيا ماڻهو کٽ، ڪرسيءَ ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي سڌا ٿي ڏسندا آهن. ساڳي طرح معياري فڪشن کي به پڙهڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙا ماڻهو ڪِتاب اونڌو جھلي پڙهندا آهن، ٻيا ماڻهو ڪِتاب کي سڌو پڪڙي پڙهندا آهن. سو جيڪڏهن توهان ڇت ۾ اونڌو جھلي پڙهندؤ ته هو اوهان کي فلاڻي جو پٽڪو، فلاڻيءَ جي پوتي لاهيندو به نظر ايندو، ذاتي حملا ڪندي به نظر ايندو ۽ اوهان کي ڇت ۾ لڙڪائيندي به نظر ايندو. پر جيڪڏهن اوهان سندس ناٽڪ کي سڌو ويهي ڏسندؤ ۽ سندس ڪِتاب کي هٿ ۾ سڌو جھلي پڙهندؤ ته توهان کي طارق پٽڪا ۽ پوتيون ته لاهيندي نظر ايندو پر جڏهن اهي پوتيون ۽ پٽڪا لهي دنگ ٿيندا ته پوءِ اوهان کي انهن ماڻهن جي مغز جا ڦٽ نظر ايندا. اهي ذهني ۽ نفسياتي ڦٽ، اهي هوندا آهن جيڪي ماڻهوءَ جي پنهنجي عمل مان جنم وٺڻ بدران حالتن مان جنم وٺندا آهن. ۽ ماڻهوءَ جو ڪردار تشڪيل ڪندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو طارق جي اهڙن ڪردارن کان نفرت ڪرڻ بجاءِ رحم ايندو آهي ۽ همدردي پيدا ٿيندي آهي. طارق ماڻهن تي حملو نه ڪندو آهي پر هو، ماڻهن مٿان حملي آور ٿيل حالتن تي حملو ڪندو آهي. ۽ حالتن مان پيدا ٿيل (وائيٽ ڪالرمين) جي انهيءَ مخصوص ڪيفيت تي حملو ڪندو آهي، جنهن کي ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ”ڍٻل پاليسي“ چيو ويندو آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته طارق سماج جا ٻيا پهلو ڇڏي، جيئن بک ۽ ٻيا سياسي مسئلا آهن. تنهن کي ڇڏي ڍٻل پاليسيءَ ڏانهن ڇو ٿو وڃي؟ ٿيو ڇا آهي جو ٻين علائقن وانگر اسان وٽ به ٻه وڏا ڪلچر پاڻ ۾ ٽڪرجي پيا آهن. هڪ ڪلچر اهو آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي اسان وٽ موجود آهي، ٻيو ڪلچر اهو آهي جيڪو ڪميونيڪيشن جي جديد وسيلن جهڙوڪ روڊ، تڪڙي لڏپلاڻ، فلم، ريڊيو، ٽيليويزن، اخبارن ۽ ڪِتابن جي ذريعي اسان جي گهرن جا در، دريون، ڀتيون ڀڃي جسم ڦاڙي اسان جي روح ۾ داخل ٿي چڪو آهي. يا محترمه فاطمه ثريا بجيا جي لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته اهو ڪلچر جتين سوڌو اسان جي اکين ۾ گهڙي آيو آهي. ته جڏهن به ٻه وڏا ڪلچر پاڻ ۾ ٽڪربا آهن ته اهي ٻن وڏن ٻيڙن وانگر ڌوڪيندا ڪرڙاٽ ڪندا هڪ ٻي ۾ گهڙي ويندا آهن. ۽ اها خبر نه پوندي هي ته ڪهڙي ڇيت، ڪهڙي ڪلي ۽ ڪهڙو مسافر ڪهڙي ٻيڙيءَ جو آهي.... اهڙي قسم جي ٻن ثقافتن جو ٽڪراءُ اسان وٽ به ٿيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ خاندان کان وٺي نظرياتي تحريڪن ۽ لاڙن تائين سڀ ادارا ڀڄي ڀور ٿي ويا آهن. ۽ اها خبر نٿي پوي، ته ڪهڙي هٿ ۾ ڇري آهي، ڪهڙيءَ بگريءَ ۾ شاهه جو رسالو آهي. ڪهڙي پيالي ۾ زهر آهي ۽ ڪهڙي چپ ۾ چمي سمايل آهي. جڏهن اهڙي سماجي صورتحال پيدا ٿيندي آهي، تڏهن ان اوندهه مان ”ڍٻل پاليسي“ جنم وٺندي آهي. ۽ جڏهن ڍٻل پاليسي جنم وٺندي آهي، ته ”طارق ابڙو“ پيدا ٿيندو آهي. جنهن جي اک بليڊ وانگر هلندي آهي ۽ ڍٻل پاليسي کي اگھاڙو ڪندي ويندي آهي.