شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

بيباڪ ڪهاڻيڪار ـــ محمود مغل

اڄ، طارق لاءِ ڪجهه سِٽون ۽ اڻ ـــ مندائتا لفظ لکندي، منهنجي ڪنن ۾ ڄڻ ڪنهن شيهو اوتيو هجي. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪائنات جو ڪوڏ، ڪنهن اڻ ڏٺل ائنٽينا جي ڪنهن وائر ٽٽڻ سان آواز وڃائي ويٺو هجي ۽ منهنجي سامهون چارلي چپلن جي گونگين فلمن جيان، حياتي جون سينز ڦرنديون هجن. طارق سان گهاريل گهڙيون، ڪنهن ڪئسٽ رڪارڊر جي روائينڊ جي بٽڻ جي دٻجڻ سان حرڪت ۾ اچي ويون آهن، پٺتي پٺتي..... اڃان به پٺتي.
ورهيه ٿيا، اسان گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين. هو روز پرئڪٽس ختم ڪري، موٽڻ مهل علامه قاضيءَ جي مزارَ وٽ، وڻن جي ڪريل پنن مان ڪنهن هڪ کي کڻي، سڄي واٽ، پٽيندو ايندو هو. اسان بي فڪرن جيان موٽندا هئاسي. ڳائيندا، هٿ ۾ هٿ ڏئي، ڪنهن ڳالهه تي هڪٻئي جي ڪلهي تي مٿو رکندا.... ان وقت مون نه ڄاتو هو، ڪجهه لمحن گذرڻ کان پوءِ، منهنجو هي سائيڊ اوپنر دوست، ”سنڌي ادب جو روميو“ ٿي ويندو. ۽ اڄ ـــ ”رات، سانت ۽ سوچون“ جو راوي، ڪرڪيٽ ٽيم جي اننگ اوپن ڪندڙ طارق، ان وقت کي ڇڏي، الائي ڪيترو اڳتي نڪري آيو آهي. مون هميشه کيس راوي سمجھيو آهي، ها.... هو روايت ڪندو آهي. ڪهاڻيون چوندو آهي، ڪن اهڙن وجودن جون، جيڪي سندس اندر ۾ ٽانڊا اڇلائيندا آهن، جن جا سپنا دونهان ڏيندا آهن ۽ جن جي اکين ۾، زماني جي هر ڏنل زخم ساڻ سختين ۾ اضافو ايندو آهي. انهن اکين ۾ ڳوڙها نه ايندا آهن. هائو....طارق راوي آ، لکندا ته هن جا هٿ آهن.
ويل لمحن ۾، هڪ ڏينهن هو آئوٽ ٿي موٽي آيو.
پڇيو هئو مانس: ”ڇا ٿيو؟“
”بولڊ ٿي ويس.“ هن ٽهڪ ڏئي منهنجو هٿ دٻايو هو.
مون کي خبر هئي، ان مئچ ۾ کيڏڻ لاءِ هن ڪافي پرئڪٽس ڪئي هئي، پر سندس نصيب نه هو. ۽ هاڻي هن ئي دور ۾ ڪنهن چيو: ”طارق ۽ ان جي ٽهي گند ٿي ڪري ٻوڙ ٿي هاري“، ۽ اها ڳالهه مون چئي مانس ته هن ورهيه پهرين واري مرڪ کي سڏيو هو ۽ مون کي لڳو. ڄڻ هن ويل وقت کي موٽايو هجي ۽ منهنجن ڪنن ۾ اهو ئي کلندڙ آواز آيو هجي: ”بدبو ٿي ويم يار!“
طارق، ان ڳالهه تي صرف کليو هو. اسان پوءِ ان مسئلي تي ڪافي ڳالهايو هو، پر مون کي ان کل مان لڳو ته هي اهو ئي طارق آهي، ڪاٺيءَ سان زمين تي ليڪا ڪڍندڙ، لوهي ڦيٿي کي گهٽين ۾ ڦيرائيندڙ ۽ گاهه تي ليٽي اکيون ٻوٽي جھونگاريندڙ. اسان جڏهن نه چاهيندي به محبتون ڪري ويهندا آهيون، ته پوءِ اهي وجودَ جن سان اسان محبت ڪيون ٿا، اسان کي ملن ته به ۽ جي نه ملن ته به، اسان اتامرا ٿي پوندا آهيون. هن ڪتاب جي تقريباً سڀني ڪهاڻين ۾، مون کي اهو ئي اتامرو وجود نظر آيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ڪي ڪي فقير، جڏهن ماني ڳڀو ڪنهن کان پني نه سگهندا آهن ته انهن جي اکين ۾، ماني کڻي ويندڙ کي ڏسي،عجيب چمڪ اچي ويندي آهي. هن ڪتابَ ۾، ”آدم، سمنڊ، خوشبو“ ۾ اها ئي چمڪ آ، اميد جي، ساهه سيباڻن لمحن جي ۽ وقت جي کن پل لاءِ بيهي هلڻ جي۽ ان اُتامري وجود جو اهو ئي تڪرار آهي ته هينئن جي ٿي پئي ته ۽ جي نه به ٿئي ته.
مثلاً، ”ٽڪنڊا، چؤڪنڊا، دائرا“ ۾ هڪ ڊائلاگ ٻه دفعا لکيل آهي:
”منهنجي مرڻ جو مقصد ڪوئي پڇندو، منهنجي جيئن جو ڪارڻ مان پڇان ٿو.“
يا ”ٽرئجڊي“ جو هڪ ڊائلاگ:
”منهنجي مئي پڄاڻان هي گهر ڪيئن هلندو، جيئن منهنجي جيئري هلي رهيو آهي“
طارق جون ڪهاڻيون، تقريباً داخلي ڪيفيت جون هونديون آهن. اهو ئي لکي ٿو، جيڪي ڪجهه ڀوڳي ٿو. ۽ داخلي ڪيفيت ۾ ڪڏهن به ڪو هڪ thought نه هوندو آهي. انسان جنهن وهڪري ۾ وهي، سو جڏهن ڪنهن ڪناري لڳي. طارق جي اها خوبي سا ضرور چئجي ته هو ان وهڪري ۾ پنهنجي ذهن جي تختيءَ کي چنبڙي ٿو پوي ۽ ڀرپور ڪوشش ٿو ڪري، صحيح نموني سان ترڻ جي.
شروع شروع ۾، سندس ڪهاڻين ۾ بوريت هئي. مان چاهڻ جي باوجود به سندس مخالفت نه ڪري سگهندو هئم. الائي ڇو. هو مون کي حد کان گهڻو Frustrated لڳندو هو. پوءِ مون ٽي ويءَ تي سندس ڊراما ڏٺا، اهي ئي سادا ۽ خوبصورت لمحا، هڪ هڪ گهڙيءَ کي نوٽ ڪرڻ جي ڪيفيت.
”توکي هٿ ڏسڻ ايندو آهي.“
”ها. مون کي ڪوڙ ڳالهائئڻ ايندو آهي.“
۽ اها، حقيقت آ، مون کيس پوءِ تسليم ڪيو، ۽ سچ آ ته هي مجموعو ڏسي، مون کي اهو سڀ ڪجهه، جيڪو مون سندس ڪهاڻين لاءِ ڪنهن زماني ۾ سمجھيو هو. سو هٿرادو ٿو لڳي.
ڪنهن زماني ۾ چيو ويو هو ته طارق، امر جليل جي ڪاپي ٿو ڪري. سندس Style ۾ ڪهاڻي ٿو لکي. اهو مون کي ڏاڍو عجيب لڳو هو. مون پنهنجي لائيف اسڪيچ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت به ڪئي هئي. آخر جيڪڏهن هر ڪو اسٽائل ڪنهن فلم جي هيروئن جي ڪاسٽيوم جيان مخصوص هجي ۽ ان کي ڪا به ايڪسٽرا گرل پائي نه سگهي ته پوءِ انسان ڪهاڻي ڪيئن لکي؟.... ڀرپور ڊائلاگ هوندا ته چوندا جليل جي ڪاپي ٿو ڪري، ٿڌي چوٽ هوندي ته ايشور چندر ٿي پوندو، غضب جون تشبيهون هونديون ته نسيم کرل، اوچتو خاتمو ته اوهينري اسٽائل. آخر لکجي ته ڪيئن لکجي؟ پوءِ ان جو حلَ صرف اهو آهي ته، اهي ئي ڪهاڻيون لکن جن جو ”ذاتي اسٽائيل“ هجي.
طارق انهن سڀني ڳالهين کي منهن ڏنو آهي. طارق هر اهو انداز کنيو آهي، جيڪو سندس دل کي پسند آيو آهي. ادب ڪنهن جي به ذاتي ميراث ڪونهي. هن ڪتابَ جي هر ڪهاڻي پنهنجي اسٽائل جي آهي. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن هن ۾ ڊائلاگ، تشبيهون ۽ ڇرڪ آهن. اهو ته مطلب نه ٿيو ته هي طارق نه لکيون آهن، جليل، کرل يا او هينري لکيون آهن.
هنن سڀني ڪهاڻين ۾ سواءِ ”ٽڪنڊا، چؤڪنڊا، دائرا“ جي، مون کي ائين لڳو آهي ڄڻ طارقَ جنهن بهترين انداز سان پنهنجي ڪهاڻيءَ جو جنبوجيٽ جي ٽيڪ آف ۽ فلائٽ ڪئي آهي، اُنَ اندازَ سان هو ان کي لئنڊ ڪرائي نه سگهيو آهي. الائي ڇو طارق جنهن سونهن سان شروعات ڪندو آ، ۽ جنهن انداز سان ڪهاڻيءَ جي وِچَ کي کڻندو آ. ان طريقي سان ان جي پڄاڻي نه ڪري سگهندو آ، ۽ مون کي اها ئي سندس وڏي خامي لڳندي آ.
ماهتاب محبوب جي ڪتابَ ”پرهه کان پهرين“ جي مُهاڳَ ۾ امر جليل لکيو هو : ”ڪو به اديب جڏهن پنهنجي مٿي تي چٻرو ويٺل محسوس ڪندو آهي، ته پوءِ پنهنجي هم عصر تي تنقيد ڪندو آ“. امر جليل اهو مهاڳ چٻرو اُڏاري لکيو هو، مون اڃان چٻرو ويهاريو ئي ڪونهي ته اڏاريان ڪٿان، هي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سا ٽيڪا ٽپڻي ناهي حقيقت آ.
هونئن به جڏهن طارق، اننگ اوپنگ ڪرڻَ ويندو هو ۽ اتي وڃي پنهنجي مرضيءَ جا شاٽس کيڏندو هو ته مان مٿي پويلين ۾ ويٺو تاڙيون وڄائيندو هئم.
هو اڄ به داخلي ڪيفيتن جي بئٽ کڻي، ادب جي ڪئنواس جي پچ تي، خيالن کي Drive ڪندو آ. چئن ئي طرفن.... شاعري ڪندي، ڪهاڻيون لکندي، ۽ مان.... اهو ئي پريان ويٺو کيس کيڏندو ڏسي، تاڙيون وڄائيندو آهيان.
هتي پويلين ۾ ڇانوَ آ، منهنجي دل چوندي آ. هو ائين ئي ادب جي اس ۾ بيباڪيءَ جي Cap پايو کيڏندو رهي. بهترين.... خوبصورت. ڇاڪاڻ ته هن تي ئي سڄي ٽيم جي ڪاميابي منحصر آهي، هو آهي به ته سائيڊ اوپنر نه.