هو، منهنجو لاڏلو آهي..... ـــ رضيه طارق
طارق بظاهر بيحد مستي خور پر اندران پشم گولي جهڙو نرم ۽ مٺو آهي. مان هن کي ڪيئي ڀيرا ٻين جي تڪليفن تي بيچين ٿيندي ڏٺو آهي. هن کي سياستدانن کان وڌيڪَ انقلابي وڻندا آهن. سٺن ڊائريڪٽرز جون فلمن کي ڏسڻ هن جي شوق ۾ شامل آهي. هو اهڙين فلمن جي ڊرامائي سينن تي پنهنجي ٻارن سامهون به لڙڪن کي روڪي نه سگهندو آهي. سندس پسنديده ليکڪن ۾ ڪامو، ڪافڪا، دوستو فسڪي، چيخوف ۽ مارڪيز شامل آهن. طارق، بانو قدسيه، اشفاق احمد ۽ ٻين جي لکڻين جو به چاهڪ آهي. هو اياز سان محبت ڪندو آهي.
طارق طبيعتن معصوم ٻارن وانگر آهي، جيڪو فرمانبردار به آهي ته ضدي به، شرارتي به آهي ته سنجيده به، لاپرواهه آهي ته ذميدار به، صاف گو آهي ته ڪڙو به. هو فلمن ڏسڻ، ڪِتابن پڙهڻ کان وٺي دوستيون رکڻ تائين سليڪٽو آهي.
مون پنهنجي طرفان ڪڏهن به ناهي چاهيو ته طارق جي طبيعت ۾ بدلاءُ اچي، هن وقت تائين جيڪو به هن ۾ بدلاءُ آيو آهي اهو سندس طبيعت موجب ۽ مثبت ئي آيو آهي.
شادي کان اڳ طارق جي گهر ڀاتين مون کي صاف لفظن ۾ٻڌايو هو ته: ”هو غير ذميدار، لاپرواهه، هر ڳالهه کي آسان وٺندڙ اول نمبر جو فلرٽ ۽ مهينن جا جا مهينا گهر کان غائب رهندڙ ڇوڪرو آهي.“ پوءِ به نه ڄاڻ ڇو؟ طارق ۾ مون کي اهڙي ڪا به خامي نظر نه آئي هئي. شايد ان جو وڏو سبب سندس لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ رهيو هُجي، جنهن مون کي طارق جو اندر ”ڊائسڪٽ“ ڪري ڏيکاريو هو، ”طارق ايئن نه آهي رضيه، جيئن عام کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو!“
شاديءَ کانپوءِ، منهنجي يقين ثابت ڪري ڏيکاريو ته طارق ايئن نه هو، جيئن نظر آيو ٿي. هو بيچلر لائيف ۾ ٻين چواڻي جيترو آواره گرد، لا پرواهه ۽ فلرٽ رهيو. شادي کانپوءِ اوترو ذميدار، مون سان ۽ ٻارن سان محبت ڪندڙ، سوسائٽي ڏانهن ڪميٽيڊ ثابت ٿيو. جيتري قدر فلرٽ واري ڳالهه هئي ته اها به غلط ثابت ٿي حقيقت ۾ هو فلرٽي ڪڏهن به، نه هو. بلڪه هو ته سچائي ۽ خلوص نيت سان ٻين جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ رهندو هو. اصل ۾ اهي ڇوڪريون طارق کي سڃاڻي نه سگهيون. ان ڪري اهي، هن کي لاپرواهه، غير ذميدار ۽ بيروزگار سمجھي اڌ ۾ ڇڏينديون رهيون. سندن اهڙي رويي، طارق کي هميشه رنجايو ۽ هو پنهنجي ان ڏک ۽ صدمن کي پنهنجي اندر ۾ کنيو هلندو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان قسم جو اظهار پنهنجين ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ناول ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪندو رهيو. شايد ان ڪري ئي طارق کي سنڌي ادب جو ”روميو“ به سڏيو ويو.
طارق جي ڪيترين ڳالهين مان اها ڳالهه به ڏاڍي وڻندي اٿم ته هو عورت يا ڇوڪريءَ جو احترام ڪندو آهي. جيڪا سندس لاءِ قابلِ عزت رهي آهي. انهيءَ لاءِ مون کي اِهو ڪڏهن به خراب نه لڳو آهي ته هو ڪنهن عورت يا ڇوڪريءَ سان ڇو ٿو ڳالهائي يا ملي؟ نه ئي مون کي ڪڏهن هن تي ڪو، شڪ ٿيو آهي. بلڪه مون کي اهو ڏسي خوشي ٿيندي آهي ته طارق جي شخصيت ، سڀاءُ ايترو سٺو آهي جو ڇوڪريون/عورتون هن سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ جون خواهشمند رهنديون آهن. دراصل طارق کي فلرٽ چوڻ وارا پاڻ ذهني طرح فلرٽ آهن. طارق ته پنهنجي دوستيءَ ۾ سچو ۽ کرو انسانُ آهي. هو دوستن ۾ وڌ ۾ وڌ نصير مرزا، نصر جان ۽ اخلاق سان محبت ڪندو آهي.
طارق نڊر ۽ بيباڪ به آهي، هو ماڻهن کي منهن تي ڦهڪائي ڏيندو آهي، جيڪو چوڻ چاهيندو آهي چئي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو ڪرڻ چاهيندو آهي ڪري ڇڏيندو آهي. اها ڳالهه فائدي واري به آهي ۽ نقصانڪار به، جنهن مان هن کي نقصان وڌيڪَ پهچندو آهي، پر مان ان جي ان عادت کي به سندس خوبين ۾ شُمار ڪندي آهيان.
طارق چوندو آهي ته هُو ڊڄڻو آهي. پر مان چونديس ته هُو ڊڄڻو ناهي. ان جو ثبوت هن جي بيماريءَ وارو دور آهي. اهو صحيح آهي ته جڏهن هن کي ڪا به ننڍي يا وڏي تڪليفَ بُخار وغيره ٿيندو آهي ته ننڍو ٻار بڻجي ويندو آهي. پر جڏهن هن کي پنهنجن گڙدن جي خراب ٿيڻ جي خبر پئي هئي ته مون هن کي ان بيماري جو وڏي همت، صبر ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪندي ڏٺو. مسلسل هڪ سال تائين ڊائلاسز جي تڪليف ده مرحلي مان گذرندي ڪاڪڙو سڪائيندڙ گرميءَ ۾ چوويهن ڪلاڪن ۾ صرف هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جهڙي سختين سان منهن ڏيندي ڏٺم. هن جي حوصلي ۽ همت، مون کي به همت ڏياري، جو مان هر پل ۽ هر لمحو هن سان گڏ اعتماد سان رهيس. آپريشن لاءِ لنڊن وڃڻ ۽ آپريشن ٿيڻ کانپوءِ ڪامپليڪيشن کي جنهن همت ۽ حوصلي سان طارق منهن ڏنو، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان. لنڊن جي اڻڄاتل رستن، گهٽين، روڊن ۽ پيچرن ۾ صبح کان شامَ تائين پنهنجي ڊپريشن کي ختم ڪرڻ لاءِ گهمندا رهندا هئاسين. اسپتال ۾ روز چيڪ اپ ۽ زخمن تي ڊريسنگ ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ”پرنسس گريس“ ته ڪڏهن ”ڪرام ويل“ وڃڻو هوندو هو ۽ وري ٻي ڏينهن جي انتظار ۾ سڄي ڏينهن کي گھارڻ لاءِ لنڊن جي انڊر گرائونڊس جو نقشو کڻي هڪ ٽرين مان لهي، آرٽ گئلريون، ميوزم ۽ باغ گهمي ٻي ٽرين ۾ چڙهي ڪنهن ٻي هنڌ لهي پوندا هئاسين. ۽ وري ٻي ڏينهن ان اميد سان اسپتال ويندا هئاسين ته اڄ ڪامپليڪيشن جي ختم ٿيڻ جي خبر ملندي. اهڙي طرح ستن صدين جهڙا ست مهينا گذري ويا. انهن ستن مهينن ۾ هڪ اهڙو لمحو به آيو جڏهن طارق همت هاري ويٺو هو. مون کي ياد آهي اهو هاءِ اسٽريٽ ڪنزنگٽن جو معروف روڊ هو، جِتان ڪراس ڪندي طارق جي سٿرن سان ٻڌل ڇهن ليگ بيگس مان هڪ کُلي وئي هئي ۽ ٿيلهيءَ ۾ ڀريل پيشاب سندس پينٽ خراب ڪري ڇڏي هئي ته هن سخت ڏکوئجي چيو هو. ”هي وڏو عذاب آهي، مان بيزار ٿي پيو آهيان.“ هن جي چهري تي معصوم ٻارن جهڙي ويچارگي اڀري آئي هئي. مون کي محسوس ٿيو هو. ان وقت به هن کي آپريشنز جي تڪليف جو ڏک نه هو. بلڪه ”يورين بيگ“ جي کلي سندس ڪپڙن کي خراب ڪرڻ واري عذاب ڏيندڙ احساس، کيس وڌيڪَ تڪليف پهچائي هُئي.
طارق پنهنجي خوش مزاج طبيعت سبب هر ٻار سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪندو آهي. ٻارن کي پرچائڻ، کين پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ طارق وٽ آهي، تڏهن ته مان پنهنجن ٻارن جي ذميداري کان گهڻو آجي رهي آهيان. هن وقت به ”هالار“ ۽ ”لاهوت“ کي وڌ ۾ وڌ وقت طارق ئي ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻار به هر ڳالهه، هر مطالبو طارق سان ئي ڪندا آهن. هو ٻارن جي معاملي ۾ تمام گهڻو حساس آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو آهي ته انهن جي ڪنهن به خواهش کي رد نه ڪري. طارق جي مزاج ۾ مزاح ۽ شرارت جو رنگ ڀرپور انداز ۾ ڀريل آهي. ٻارن سان، وڏن سان، پنهنجن سان پراون سان، دوستن سان، ڇوڪرين سان يا رستي ويندڙن سان شرارت يا مذاق ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندو آهي. پر هن جي شرارت ۾ ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هوندي آهي. البت چڙ، ڪاوڙ ۽ جذباتي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ هن کان اها غلطي ٿي ويندي آهي. جنهن جو هن کي بعد ۾ احساس به ٿيندو آهي. هو گهڻو وقت ڪنهن کان ناراض نه رهي سگهندو آهي.
منهنجي معاملي ۾ هو ڏاڍو جذباتي ۽ حساس واقعي رهيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو مون سان شديد پيار ڪندو آهي. منهنجي لاءِ هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ اڄ تائين به ڪندو رهي ٿو. جنهن جي مون خواهش ڪئي هوندي.
جڏهن طارق جي دوستن کي اهو ٻڌائيندي آهيان ته: ”طارق گهر پيو ٺهرائي“ ته پهريان کين حيرت، پوءِ خوشي ٿيندي آهي، منهنجي ان ڳالهه تي طارق جا دوست پهريون جملو هي چوندا آهن: ”طارق ۽ گهر؟ اهڙو ذميدار ڪڏهن کان ٿيو!؟“ تڏهن مان کين چوندي آهيان. ”طارق ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون، جيڪي صرف مون کي نظر آيون. تڏهن ته مان ماڻهن جي منع ڪرڻ جي باوجود، هن سان شادي ڪئي“ (خدا جو شڪر آهي ته هن مون کي پنهنجي ڪيل فيصلي تي شرمسار ٿيڻ کان بچايو).