شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

ڏيئا جليا ڳوٺ جا ـــ ادل سومرو

ادب ۽ آرٽ جو سفر به انساني حياتيءَ جي تجربن سان گڏ اڳتي وڌندڙ ۽ مسلسل آهي. صحتمند ۽ تعميري قدر، بدلجندڙ حالتن ۾ به زندهه رهندا ايندا آهن. جڏهن ته فرسوده روايتي رجحان وقت جي پيرن هيٺان لتاڙجي، فنا ٿي ويندا آهن. انساني سوچ سدائين ڦلاربي رهي آهي. نيون کوجنائون، نوان نظريا، نوان خيال ۽ فڪر ظاهر ٿيندا رهيا آهن. سڄاڻ سرجڻهارن پنهنجيءَ سوچ جي ڦهلاءَ جا نوان گس ۽ پيچرا پئي ڳوليا آهن، جنهن ڪري سوچ جو سفر، سينواريل تلاءَ بڻجڻ بجاءِ، ڇوليون هڻندڙ، تيز وهندڙ واهه وانگر اڳتي وڌندو رهيو آهي.
هڪڙي دؤر ۾ سنڌي شاعري، روايتي غزل جي فرسوده ڄار ۾ جڪڙيل هئي، پير مغان، رقيب روسياهه، دشت صحرا ۽ ٻين فارسي لفظن استعارن ۽ تشبيهن تي گهَمنڊ ڪري، وڏي ٺاهه ٺوهه سان شاعريءَ کي سجائي، محفلن ۽ درٻارن جي رونق بڻايو ويو. ڪلاسيڪي عوامي صنفن کي جهالت جي علامت سڏي حقارت سان ٺڪرايو ويو.
نيٺ اهڙو واءُ به وريو جو سجاڳ ذهنن، اهو فارسي چوغو ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو. اجائي بناوت وارو سطحي سوچ جو دؤر پورو ٿيو ۽ ڌرتيءَ سان لاڳاپي وارو سونهن ۽ سادگيءَ جو دؤر شروع ٿيو.
جهڙيءَ ريت انگريزي شاعريءَ ۾ ورڊس ورٿ، ۽ سيموئل ڪالرج ۽ سندن ساٿين لاطيني ثقافت جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ “Elaboration” يعني ”ٺاهه ٺوهه“ واري تحريڪ جي منڊ کي ٽوڙي، شاعريءَ ۾ “Simplication” يعني: ”سونهن ۽ سادگيءَ“ جي لاڙن کي اڀارڻ لاءِ رومانوي تحريڪ کي زور وٺرايو، تيئن اسان جي ٻوليءَ جي سڄاڻ شاعرن به اظهار جا نوان وسيلا اختيار ڪري، فارسي ڪلچر کان متاثر ٿيل اجاين روايتي قدرن جو انت آندو . اهڙي طرح بيٺل پاڻيءَ ۾ هلچل پيدا ٿي، اظهار جون نيون راهون کليون ۽ٻاهريون جديد صنفون متعارف ٿيون. گهڻيءَ مخالفت جي باوجود، آزاد نظم جي صنف، نوجوان شاعرن ۾ مقبول ٿيندي وئي ۽ اهو سلسلو، بي قافيه نظم ۽ نثري نظم کان ٿيندو، تجريدي نظم تائين اچي پهتو آهي.
جذبن ۽ احساسن کي، ڪهڙي به روپ ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن صنف جون پيچيده ضرورتون جيڪڏهن فڪر جي راههَ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ته ان کي اختيار ڪرڻ اجايو آهي ۽ هر صنف ۾ جذبن جو اظهار ڪرڻ، ڪنهن وڏائي جو اهڃاڻ به ناهي.
رباعي، قطعي، سانيٽ ۽ ترائيل جي ڀيٽ ۾ جديد شاعريءَ ۾ هائيڪي جي صنف وڌيڪَ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. اختصار هن صنف جي مقبوليت جو مکيه ڪارڻ آهي. اڄ جي تيز رفتار دؤر ۾ رهندڙ شاعر سانيٽ جي چوڏهن سٽن ۾ پنهنجن خيالن کي منجھائڻ بدران، مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ”هائيڪو“ ان سلسلي ۾ هن لاءِ وڌيڪَ ڪشش جو سبب بڻجي ٿو.
اجتماعي طور لکيل جپان جي طويل ڪلاسيڪي صنف ”هائيڪي“ جي مخالفت ڪندي شيڪيءَ (Shaiki) انهيءَ طويل نظم جي ٽن سٽن واري مطلع ”هوڪو“ کي سچو ادب سڏي، هن صنف جي خود مختياريءَ جواعلانُ ڪيو. فطرت جي سڌي سنئين تجربي مان تخليق ٿيل هن صنف کي ڏيڍ ٽنگو بيت سڏيو. جيئن شاهه لطيف جي بيت جي ٽن پدن مان هائيڪو يا ٽيڙوءَ جو روپ هن ريت بيهندو:

جان جيئين تان جل
ڪانهي جاءِ جلڻ ري
تتيءَ ٿڌيءَ هل

ائين کڻي چئجي ته هيءَ صنف اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود هئي. اسان وٽ ڪجهه مروج ٻول به هائيڪو جي سٽاءَ سان ٺهڪندڙ آهن. هائيڪو جي موضوع سان اختلاف جي باوجود هيءَ صنف تيزيءَ سان مقبول ٿيندي وئي ۽ اڄ نوجوان ليکڪن جي هيءَ پسنديده صنف آهي.
موضوع توڙي هيئت جي لحاظ کان هيءَ صنف خود پنهنجي ڌرتيءَ تي اختلافي مسئلو رهي آهي. هيڪي گودو (Heki godo) رڪنن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ”آزاد هائيڪي“ جو رواج وڌو، پر هو هائيڪو مان موسم جي عنصر، خارج ڪرڻ جو حامي نه هو. سيسينوسوئي (Seisensui) ته موسم جي علامت کي به هائيڪو جي وسعت ۾ رڪاوٽ سمجھيو. هن هائيڪو کي هڪ علامتي نظم سڏيو.
اسان وٽ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي، جديد هائيڪو جا اڳواڻ شاعر آهن، جن هن صنف جي گهربل ضرورتن کي پورو ڪندي ڏيهي عڪسن وارا خوبصورت هائيڪو رچيا آهن. شيخ اياز ته هن صنف جو سنڌيءَ ۾ پهريون مجموعو آڻي ان کي وڌيڪَ مقبوليت ڏني. تڏهن به مجموعي طرح اسان وٽ هائيڪو کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو ويو. شيخ اياز چيو ته: ”مسئلن جي ديس ۾، تصور جي عياشيءَ لاءِ ڪنهن به اهل دل شاعر وٽ گنجائش ناهي“. امداد حسينيءَ ٽسٽي يا ٽيڙوءَ جو نالو ڏئي، موضوع جي اعتبار کان هن صنف ۾ داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن جي اظهار لاءِ وڌيڪَ گنجائش پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو موضوع جي فرق سبب ”ٽيڙو“ ۽ ”هائيڪو“ اسان وٽ ٻه ڌار ڌار صنفون ليکيون وڃن ٿيون.
طارق عالم جي سڃاڻپ هونئن ته سندس نثري تخليقن جي حوالي سان آهي، پر هن جي من ۾ اصل کان هڪ ڪوي موجود آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ اچي ڪوتائن جا موتي پکيڙي ٿو.
سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن شاعر جو تخليق ٿيل آهي.
انهيءَ ناول ۾ بيان ڪيل منظر نِگاريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي هائيڪو جو تاثر به ملي ٿو.
”مورن اوچا ڳاٽ“ جي تخليق به انهيءَ ڪويءَ جي ڀرپور احساسن ۽ جذبن جي اٿل جو هڪ روپ آهي.
طارق عالم جنهن تيزيءَ سان هي هائيڪو ۽ ٽه سٽا رچي مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرايا آهن، تنهن مان هن صنف سان سندس گهڻي لڳاءَ جي خبر پوي ٿي. هن ”مورن اوچا ڳاٽ“ وسيلي هائيڪو جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي.
طارق جي هائيڪن ۾ فطرت سان تعلق، ڪنهن واقعي ڏانهن اشاري ۽ انهيءَ واقعي جي مسلسل هجڻ جا اشارا ملن ٿا. گهاڙيٽي جي حساب سان ماترائن جي گهٽ وڏائي جي باوجود، جذبا ۽ احساس مشاهدي ۽ تخيل جي سگهه ۽ هن جي جمالياتي پروڙ سڀني شين تي حاوي آهي.

گهري ٿيندڙ شام
لڏي پئي ديوار تي
چنبيليءَ جي لام

دريءَ مان درشن
لئمپ جي ڌنڌلي روشني
عورت اڌ روشن

رات هئي سنسان
چانڊوڪيءَ ۾ روشن هو
مسجد جو دالان

امبر تارن ۾
ڏيئا جليا ڳوٺ جا
ڪچن جارن ۾

اهڙا ڪيئي خوبصورت عڪسَ طارق جي هائيڪن ۾ پسي سگهجن ٿا ۽ پڙهندڙ انهن منظرن کي پنهنجي اکين جي بنهه ويجھو محسوس ڪري ٿو. لفظن جي انهن پورٽريٽس سان گڏ، طارق، اهڙن منظرن کي به سٽن ۾ محفوظ ڪيو آهي، جن مان پنهنجي ڌرتيءَ جي عصري حالتن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ اهي تصويرون اسان جي تاريخ جي امانت آهن.

رستا سڀ ويران
ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
ڪرفيوءَ جي دوران

ٻالڪ خوف وچان
هيٺ ڏٺو فوجيءَ ڏانهن
کليل کڙڪي مان

طارق جو مَنُ به سندس هائيڪن وانگر اجرو ۽ خوبصورت آهي. دوستن کي تمام گهڻو قرب ڏيندڙ ۽ هر حال ۾ خوش گذاريندڙ.
مان جڏهن حيدرآباد هيس. تن ڏينهن طارق مون کي آواره بادلن وانگر لڳندو هو. وقت جي ڪائي پرواهه نه. ملندو ته فل ڪمپني ڪندو. ”طارق! فلاڻي هنڌ هلڻو آهي.“..... ”هلو“. انڪار صفا نه، ٿيٽر. هوٽل. هاسٽل، ڪچهريون، حيدرآباد جون هوائون، ڪول ڪارنر، خوابن جهڙا پَلَ هُئا اُهي.
اهي رستا جن تي ڪڏهن راتين جي ٿڌڙين هوائن ۾ طارق جا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ گونجندا هئا، اڄ طارق جا هائيڪو به انهن واٽن تي وڃڻ کان گهٻرائن ٿا.
اڃان منگهه ساڳيا، اهيئي هوائون
مگر سڃ ـــ رستا، نه دلبر ادائون

هاڻي اهي منظر ياد ڪري نيڻ جھڙالا ٿي وڃن ٿا. ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي مهاڳ ۾ نصير مرزا هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”جپاني هائيڪي جي هڪ دلچسپ ٽيڪنڪ جو نالو آهي ”موٽڻ جي ٽيڪنڪ“ هن ٽيڪنڪ مطابق، واقعي کي ابتو ڪري بيان ڪيو ويندو آهي. ان طرح آخري سٽ تائين شعر جو مفهوم ظاهر نٿو ٿئي ۽ آخري سٽ تي اوچتو سڄي ڳالهه سمجھه ۾ اچيو وڃي.“ بعد ۾ نصير ان حوالي سان، طارق جي هڪ هائيڪو جي آخري سٽ. شروعات ۾ آڻي ان جي تاثر ۾ واڌارو آندو آهي.
مجموعو پڙهندي مون کي به اهڙو ئي هڪ خوبصورت هائيڪو نظر آيو. جنهن ۾ پڻ ساڳئي گنجائش موجود هئي.

وڄايون تاڙيون
ٻارن. مهاڻڻ جي
اڏاميون آڙيون

منهنجي خيال ۾ اهو هائيڪو جيڪڏهن هن طرح لکجي ته وڌيڪَ تاثر ڇڏيندو.

اڏاميون آڙيون
مهاڻن جي ٻارڙن
وڄايون تاڙيون

جپان ۾ ڪيوشيءِ (Kyoshi) جيڪو بنيادي طرح افسانه نگار هو. هائيڪو کي زندهه رکڻ ۽ ان جي بنيادي هيئت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي اخبار (Cuckoo) ذريعي ڪوششون ورتيون. تيئن طارق به سنڌيءَ ۾ هائيڪو جي اؤسر ۽ ان جي ڦهلاءَ لاءِ ”مورن اوچا ڳاٽَ“ ذريعي هڪ بنيادي ڪم ڪيو آهي، ”پن ڇڻ پڄاڻان“ کانپوءِهي مجموعو نون شاعرن کي هائيڪو ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
باشوءَ لکيو آهي ته: ”جيڪو ٽن کان پنجن تائين هائيڪو پنهنجي حياتيءَ ۾ تخليق ڪري ٿو. اهو هائيڪو جو شاعر آهي ۽ جيڪو ڏهن تائين هائيڪا رچي ٿو اهو هائيڪو جو استاد آهي.“
انهيءَ حساب سان اسان وٽ هائيڪو جا ڪيترائي استاد ليکبا. جيڪڏهن ڏهن هائيڪن جو تخليقڪار، استاد سڏجي ٿو ته پوءِ طارق عالم کي هائيڪو جو. ”استادن جو استاد“ سڏبو. شالَ مورن جي اوچن ڳاٽن وانگر طارق جي تخليقن جو ڳاٽُ به سدائين اوچو رهي ۽ هو زندگيءَ جا پل هر حال ۾، ائين ئي مرڪندي مرڪندي گذاري. مان هن لاءِ پنهنجن جذبن جو اظهار هن ٽيڙوءَ ۾ ڪيان ٿو:
هائيڪو ۽ هالار
رضيه طارق گهر ۾
هميشه هٻڪار.