سونهن جا سر ڦٽا ـــ ايازگل
وقت، سدائين جيون کان جذبا، مکن کان مرڪون، اکين کان اوسيئڙو ۽ دلين کان دلداريون کسيندو رهيو آهي. جڏهن ته اديب، لوڪ ڪهاڻين جي شهزادي جيان، زندگيءَ جي سونهن ـــ پريءَ کي ڏاڍ ۽ ڏکن جي ديو جي قيد مان آزادي ڏيارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ زندگيءَ کي زندگيءَ جو روپُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سونهن، سرهاڻ ۽ سرهائيءَ سان ڀرپور روپ. دنيا جي تخليق کان اڄ تائين هر سچي ۽ سگھاري اديب جو اهو ئي ڪردار رهيو آهي. امن ۽ آزادي جي علمبردار جو ڪردار. طارق عالم، سنڌي ادب ۾، لوڪ ڪهاڻين جي اهڙي ئي ڪردار وانگي آهي، جيڪو پنهنجي چوڌاري ڦهليل سمورا سحر ٽوڙيندو. اڳتي ئي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ جنهن کي جيت ۽ ناموس جي منزل تي اوس پهچڻو آهي.
اسان وٽ اڄڪلهه هڪ مرڪب لفظ، تمام گهڻي ورجاءَ هيٺ آهي. اهو آهي ”گهڻ پاسائون“ جيڪو گهڻي ڀاڱي شخصيت جي نسبت سان استعمال ٿي رهيو آهي. لفظ گهڻي ورجاءَ سبب بي اثر ۽ بي معنيٰ ٿي ويندا آهن. پر ڪن حالتن ۾ ۽ ڪن شخصيتن جي حوالي سان اهي وري وري ورجاءُ هيٺ ايندڙ لفظ، پنهنجي اهميت پوءِ به برقرار رکندا آهن. ائين ئي جيئن طارق عالم هڪ مصور آهي. ڪهاڻيڪار، ناٽڪ ڪار، ناول نويس ۽ شاعر آهي ۽ سڀ کان وڌيڪَ، ڏينهن ۽ رات جو وڏو حصو مسلسل تخليقي سفر ۾ گذاريندڙ مسافر آهي. اهڙي صورت ۾ سندس شخصيت سان ”گهڻ پاسائينءَ“ جو لفظ استعمال ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو.
طارق عالم جي شخصيت جو هڪ روپ ناول نويس آهي. جنهن جي پهرين ناول ”رهجي ويل منظر“ جي مهاڳ ۾، مشهور ناٽڪ ڪار ۽ ڪهاڻيڪار محترم عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ته: ”اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪه پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر جيڪي ڪردار ملندا آهن، اهي يا ته فرشتا هوندا آهن يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندي غازي يا شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهٽ تخليق ڪيو ويو آهي. ٻه چڱايون ته، چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين منصف مزاجي ٿي کپي ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي خصوصيتون ڏيکاريون آهن.“
اها راءِ لفظن کي زندگي ڏيندڙ هڪ وڏي تخليقڪار جي. پنهنجي سوچ جي سرحدن کي ڇهندڙ هڪ ٻئي سگهاري ليکڪ جي تلخيق کي، بنان توپن جي سلامي آهي.
”گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان ۾ (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي. جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي.“
مان طارق عالم جو نالو پڙهي. حيران ناهيان ٿيو. ان ڪري جو طارق پنهنجي سموري ٽهيءَ وانگر بي حد ذهين، سجاڳ ۽ سگهارو ليکڪ آهي ۽ منهنجي خيال ۾ طارق جهڙي سانوڻ ۾ سج جي تيک جهڙي ۽ سياري ۾ سنڌوءَ جهڙي تخليقڪار کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ئي ناول لکڻ کپندو هيو. رهيو سوال ناول جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو ته، مون کي خبر آهي ته، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾، اهي سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون. جن جي من ۾ چاهت جو چور کاٽ هڻي چڪو آهي. طارق جو هي ناول. پيار جي پهرين پڪي ڪتاب جيان پڙهي رهيا آهن ۽ اهو به درسي ڪتابن کان وڌيڪَ پريم پترن وانگي، پڪ سان ته طارق کي ان کان وڌيڪَ. ڪاميابيءَ جي ڪنهن ٻئي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت به نه هوندي.
نوبل انعام يافته ليکڪ گارشيا مارڪيز لکي ٿو ته: ”مونکي اها ڳالهه هميشه کل ڏياريندڙ لڳندي آهي ته، منهنجن لکڻين جي سڀ کان وڌيڪَ ساراهه ڪرڻ وارا. انهن ۾ موجود تخيل کي ساراهيندا آهن. جڏهن ته منهنجن لکڻين ۾ هڪڙي به سٽ اهڙي ڪانهي، جنهن جون پاڙون حقيقت ۾ کتل نه هجن.“
۽ گارشيا جي ان خيال کي هٿي ڏيڻ لاءِ، يا شايد ان سوچ کي اڃا به سگهارو بنائڻ لاءِ، جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا لکيو آهي: ”جيڪو ليکڪ حقيقت پسند ناهي سو مئل آهي. ۽ اهو ليکڪ جيڪو رڳو حقيقت پسند آهي. سو پڻ مئل آهي.“ هنن ٻنهي خيالن جي ميلاپ جو حاصل اهو آهي ته: هڪ امر تخليق لاءِ حقيقت ۽ تخيل جو منجھس موجود هئڻ ضروري آهي. طارق عالم وٽ حقيقت ۽ تخيل جي اها شراڪت. بي حد چٽي نموني موجود آهي. جيڪا سندس زندهه هئڻ جو ثبوت آهي.
اخبارن ۾ آيل لفظ گهڻي ڀاڱي رڳو خبرون هوندا آهن. ڌرتيءَ تي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڌاڙن، دهشتگردين، حادثن، اخلاقي ۽ سياسي ويساهه گهاتين ۽ موت جي ڦڙڪندڙ جھنڊي کي، هيڻن هٿن جي سو سو سلامين جون خبرون. طارق عالم اهڙن ٺلهن لفظن کي پنهنجين تشبيهن جا نوان نوان ويس ڍڪائي، رنگ رنگ ۽ خوشبو خوشبو ڪري ٿو ڇڏي. شاعريءَ توڙي ٻين ادبي لکتن ۾ سياري جي صبح جي سج جي تڙڪي جھڙيون تشبيهون، بي جان بوتي ۾، ساهه ڦوڪڻ جي سگهه رکن ٿيون.
* رڙ منهنجي چپن مان ٺڪاوَ تي ڀڙڪو ڏئي، اڏامي ويل ڳيري جيان نڪري وئي.
* هو پيرن مان ڪاوڙ جي ڌوڙ اڏائيندو هليو ويو هو. ان وقت اهو ڇوڪرو، گلوڪوز جو ڀريل گلاس لڳو هئم.
* مان جيڪو ڪڏهن ڇڙواڳ هوائن جيان هوندو هوس. توسان ملي ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي پيو هوس.
* ڇهجي وڃڻ کانپوءِ ڇوڪري، شاديءَ ۾ گهوريل گلابن جهڙي ٿي پوندي آهي.
* اسان سڀئي فليٽس جي ديوارن جيان هڪٻئي جي آسري تي بيٺل آهيون.
طارق جي ناول ۾ آيل هي تشبيهون، بي ڌيان ۽ مئل خيالن ۽ احساسن لاءِ، حضرت عيسيٰ جي عصا، ڪوهه ندا ۽ سورِ اسرافيل جيان آهن. خيالن جي تازگيءَ ۽ نواڻ سان ڀرپور ۽ ڌيان ڇڪيندڙ ۽ فني حوالي سان اها ڪماليت طارق جي هن ناول توڙي ڪهاڻين ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ وڏي ڪثرت سان نظر اچي ٿي. پنهنجي انداز، خوبصورت لهجي، ننڍڙن ۽ پُر اثر جملن ۽ نت نين تشبيهن ۽ استعارن جي مضبوط ڏور سان، هو پنهنجي پڙهندڙ کي ناول ۽ ڪهاڻين جي ماحول ۾ ڇڪي وٺي وڃي ٿو. هو نه کين ٻڌائڻ ٿو چاهي، نه ڏيکارڻ، ساڻن معنيٰ، احساس ۽ مشاهدن جا ناتا جوڙي، هو کين به ان ماحول ۽ منظر جو هڪ حصو بڻائي ڇڏي ٿو ۽ اها خوبي ئي هڪ سٺي ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار کي ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. ان خوبيءَ جو ٻيو نالو ”فن“ آهي، جيڪو تخليق کي وڌيڪَ جاندار اتم ۽ امر بڻائي ٿو ڇڏي.
طارق جو ناول پڙهي، چليءَ جي جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا جو هڪ خوبصورت خيال ذهن تي تري ٿو اچي: ”عورت، پائين جا وڻ، دريا، ڪنارو، لهرون، گيت سڀ ڏٺم، ڪيئن لفظ، لفظن سان ۽ خيال، خيالن سان جڙيل آهن، ڄڻ ڏاڪڻ، ڄڻ ڀڙيل ڇاتيون، ڄڻ ڊگهي ڳچي، ڄڻ نرم چپَ، ڄڻ روشن اکيون..... هر شيءِ هڪٻئي سان ڳنڍيل.“ پڪ اٿم هر پڙهندڙ کي طارق جي ناول ۾، رنگن جي اها انڊلٺ نظر آئي هوندي.
طارق عالم جي شخصيت جو هڪ ٻيو ويجھڙائيءَ ۾ وڌيڪَ چٽو ٿي سامهون آيل روپ آهي، هڪ ڪويءَ جو. گهڻو گهڻو اڳ هو ڪڏهن ڪڏهن ڪو گيت، ڪو نظم لکي وٺندو هيو.... ”جيڪي به ميت هئا، پن چڻ ۾ وڇڙي ويا.“ سادا لفظ، سچا ۽ اداس ڪندڙ جذبا، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ سوچ ۾ وجھي ڇڏيندڙ جذبا، جن لاءِ مشهور نقاد، ٽي ـــ ايس ـــ ايليٽ لکيو آهي ته: ”شاعري جذبات جي آزاد اظهار جو نالو ناهي. بلڪه شخصيت کان فرار جو نالو آهي، پر حقيقت ۾ فرار جي ان نوعيت کي رڳو اهي ماڻهو سمجھي سگهن ٿا، جن جي ڪا شخصيت به آهي ۽ جذبات به.“ طارق عالم جي من ۾ ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس واري جوڻَ ۾ به هڪ ڪوي هيو، جنهن کي مومل جي مجاز جا ڪيئي قصا ٻڌل هئا. پنهنجي شخصيت ۽ لکڻين کي رومانس جي رنگن ۾ رڱيندڙ ڪويءَ، هڪ ڏينهن ڪهي وڃي، ڪوتا جي ڪاڪ محل جي ڀير تي ڏونڪو هنيو. ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڀير تي سندس پهريون ڏونڪو آهي. هڪ صاف ۽ خوبصورت آواز جنهن جو بنياد ئي خوبصورت عڪس آهن، موڊ ۽ موسم آهن. گل، ٻوٽا، لهرون، پوپٽ، رنگ، نرمي ۽ نزاڪت آهي ۽ اهو سڀ آهي جيڪو، اجرن اکين ۾ هوندو آهي. ڪنواريءَ جي سپنن ۾ هوندو آهي.... پهرين پيار ۾ هوندو آهي. جاپان جي خوبصورت لوڪ عڪسي شاعريءَ جو تسلسل، خوبصورت هائيڪن جو خوبصورت مجموعو:
ڪنواريءَ بند اکيون
بند اکين ۾ خواب
پاڻيءَ هيٺ مڇيون
ڳل تي تر ڪارو
سانجهه سمي آڪاس ۾
ٽمڪي پيو تارو
سانوري مک ۾
ٻه نيڻ جرڪن ٿا
ٽانڊا جيئن رک ۾
قلعو، جھريل ٺل
ٺلن جي پاڙن ۾ جھومن
ڳاڙها، پيلا گل
ڳوٺ ويس جو مان
رستَن آکيو مرڪندي:
وڏو ٿي ويو آن!
لڳي ٿو طارق، زندگيءَ جي ٽينَ واري پيتيءَ مان، تجربن، خوابن ۽ خوبصورتين واري سموري موڙي چورائي ورتي آهي ۽ ان چورايل مال کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وائيٽ منيءَ طور ڊڪليئر ڪرايو آهي. هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”ان کان اڳ جو منهنجن نيڻن ۽ ڪائنات جي وچ ۾، ”ڪيٽرڪٽ“ جو ”آئرن ڪرٽين“ اچي، مون لاءِ سڀ ڪجهه الوپ ڪري ڇڏي، مان هي هائيڪن جي ننڍڙي سوکڙي، توهان کي بيحد سڪ ۽ پيار مان آڇيان ٿو.“ اهو چئي ۽ ”مورن اوچا ڳاٽ“ جا خوبصورت هائيڪا ۽ ٽيڙو لکي، طارق وڏي مهارت سان پنهنجي خيالن جي خوشبو ءَ سان پنهنجين اکين ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آهن. اهي ڪومل احساس ۽ رنگ رنگ عڪس هاڻي اسانجي نيڻن جي ملڪيت به آهن ۽ ان گڏيل کاتيداريءَ ۾ اسان نفعي ۽ نقصان ۾ ساڻس ڀائيوار آهيون.
طارق عالم، زندگيءَ جي سمورن روپن ۽ ٻهروپن کي، ميلي ۾ وڃايل ٻار جي وارثن وانگي ڳوليو آهي. آسن، اُميدن، ذهني ڇڪتاڻ، ڏک، پيڙائن جي ڪيفيتن ۽ ڀريل اکين سان.
منهنجي دعا آهي ته طارق عالم جي اها ڳولا، ڪڏهن ختم نه ٿئي، هو تخليق جي سفر ۾ سڀني موسمن جا مزا چکي، کلي کلي روئي ۽ روئي روئي کلندو رهي ۽ ان اطمينان سان سندس سنجوڳ ڪڏهن نه ٿئي، جيڪو فن ۽ فنڪار جو موت هوندو آهي.