شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

ڏس ته پکين جا ڏانوَ (طارق جا هائيڪو) ـــ امداد حُسيني

سنڌي شاعريءَ ۾ ”هائيڪو“ کي نارائڻ شيام متعارف ڪرايو. پارس ـــ صفت شيام پنهنجي ڇهاءَ سان انهيءَ صنف کي سون ڪري ڇڏيو.

ڏس ته پکين جا ڏانوَ
اُڏندي هڪ ٻئي جي مٿان
ڪيئن نه ڪن ٿا ڇانوَ

شيام ”هائيڪو“ کي، نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ڪيو، بلڪه ان کي مقبول پڻ بڻايو. شيام ”هائيڪو“ لاءِ سنڌيءَ ۾ جيڪو گورڙيو تخليق ڪيو، اهو دوهي، ڏوهيڙي يا بيت سان ميل کائيندڙ هو. جنهن لاءِ اياز ان کي ڏيڍ ٽنگر بيت چيو هو! ”شيام“ انهن ٽن سٽن جي صنف کي ماترڪ ـــ ڇند جي سٽاءَ ۾ آندو. ۽ پهرين ۽ ٻي سٽ ۾ يارنهن، ۽ وچين سٽ ۾ 13 ماترائون. پوري هائيڪي کي شيام 35 ماترائن ۾ آندو. ائين هن دوهي جي معياري بحر ۾ 11 ماترائن جو واڌارو ڪري، ”هائيڪو“ جو رشتو پنهنجي شاندار لوڪ ــ ڪلاسيڪل پرمپرا سان جوڙيو. اها هڪ بنيادي ڳالهه آهي، جنهن سان توهان ساڳئي وقت قديم ۽ جديد ٿي وڃو ٿا ۽ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ لاءِ لوڪ ــ ڪلاسيڪل اتهاس جو اڀياس لازمي آهي.
۽ جيئن ته اڳتي هلي، شيام، جي ئي تخليقي گهاڙيٽي کي، ”هائيڪو“ لاءِ معيار قرار ڏنو ويو، ان ڪري ”هائيڪو“ جي ڇنڊ ڇاڻ مهل به انهيءَ معيار کي ئي آڏو رکيو ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي، ته گهڻن انهيءَ معيار کي تخليقي يا تجرباتي سطح بدران تقليدي سطح تي کنيو. ۽ اڄ هر ٽيون ماڻهو هائيڪو، ٽيڙو يا ٽه سٽي جو شاعر بڻجي پيو آهي. ۽ جيئن سحر پنهنجي ڪنهن ليک ۾ چيو آهي ته: ”الو ميان جو نالو وائي نه آهي، نه ئي ٻن قافين جو نالو ٽيڙو آهي!“ هونئن ته لوڪ کان نئين تائين، شاعريءَ ۾ قافئي جي واهپي وارو موضوع هڪ دلچسپ موضوع ٿي سگهي ٿو، پر هِتي مان رڳو سنڌي هائيڪو ۽ قافئي جي واهپي بابت ئي ڪجهه چوڻ چاهيندس.
شيام پنهنجي هائيڪو ۾ قافيو پهرين ۽ ٽين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ رکيو ــ ۽ شيام کان طارق عالم تائين، قافئي جي انهيءَ سٽاءَ کي ئي گهڻي ڀاڱي قائم رکيو ويو آهي.
ويندي ويندي سِجُ
تارن جو آڪاسَ ۾
ٻج ڇٽي وَيو نِجُ

طارق عالم جو اهو هائيڪو سڀني وصفين هڪ مڪمل هائيڪو آهي. ماترڪ ڇند تي پورو، سڀني جو ڄاتل موضوع، معنيٰ جي گهرائي ۽ ”تُز قافئي“ جو واهپو. ساڳئي وقت ”ٻج ڇَٽي ويو نِجُ“ ۾ ٻٽي قافيي يا اندروني قافئي جو سِٽاءُ به آهي. ۽ جڏهن طارق، اسڪرپٽ جي صورت ۾ مون کي اهو مجموعو ڏيکاريو هو، تڏهين به انهيءَ هائيڪو کي مون سندس مثالي هائيڪو چيو هو.

سانوري مُک ۾
ٻه نيڻ جرڪن ٿا
ٽانڊا جيئن رک ۾

طارق عالم، سڀني هائڪن ۾ قافين جو اهو سِٽاءُ قائم نه رکي سگهيو آهي. مثال طور 28 صفحي جي پهرئين هائيڪي ۾ رديف جو استعمال آهي:
امبر تارن ۾
ڏيئا جليا ڳوٺ جا
ڪچن جارن ۾

۽ 49 صفحي تي هيءُ هائيڪو:

خالي آڳر ۾
پٽ تي پيلو پن
سانت ڀاڪُرَ ۾

۽ انهيءَ بيوٽي کي اُجاگر ڪرڻ هر سچي شاعر جي ذميواري آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي کي پنهنجي هڪ الڳ بيوٽي آهي. مکيه سٽاءَ کان سواءِ ٻٽي يا اندروني قافين جو جُڙاءُ، سون تي سهاڳي وارو ڪَمُ ڏئي ٿو. دوهي وانگر ئي، هائيڪو ۾ به ٻه قافيا آڻجن ٿا ۽ انهن جو تز هئڻ ضروري آهي. ٽن سٽن ۾ ٻه قافيا، جيترو اسان کي سولا لڳن ٿا، اوترو سولا نه آهن:

ماڻهو ٿڪل هو
روڊ سمورو خالي هو،
پويون پهر هو

انهيءَ هائيڪي ۾ ”ٿڪل“ سان ”پهر“ قافيو آندل آهي، جيڪو صحيح نه آهي:
ٻالڪ خوف وچان
هيٺ نهاريو کڙڪيءَ مان
بيٺل فوجيءَ ڏانهن

”وچان“ ۽ ”ڏانهن“ غلط قافيا آهن. صفحي 55 تي هيءُ هائيڪو آهي:

هڪڙي ڳوٺ وٽان
ٽرين لنگھي تيزيءَ مان
ٻارن هٿ ڌوڻيان

هڪ ته هٿ ڌوڻيا جي آخر ۾ ”ن“ نه آهي. ان ڪري ”وٽان“ سان ان جو قافيو تُز نه آهي. بلڪه ان ۾ 19 ـــ 16واري فرق کان به وڏو فرق آهي. ٻيو ته هٿ نه ڌوڻبا آهن. ڪنڌ ڌوڻبو آهي. پر هِتي جيئن ته مجبوري قافئي جي آهي، ان ڪري وٽان، مان ـــ سان ڌوڻيان قافيو آندو ويو آهي.
جيئن مون پهرين به چيو آهي، ته قافيو ضروري نه آهي، بلڪه شاعريءَ جي ڪنهن به صنف ۾، ۽ خاص طور تي هائيڪو ۾ اهو تاثر ضروري آهي، جيڪو ان جي ڪارج کي سِڌ ڪري ٿو. پر قافئي کان اها بغاوت تڏهين ئي جائز ۽ ڪارائِتي سڏي سگهجي ٿي، جڏهن توهان لوڪ ـــ ڪلاسيڪل ۽ نئين شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هجي ۽ توهان پاڻ به انهن سڀني تجرباتي مرحلن مان پار پئجي چڪا هجو.
مان هِتي طارق جي هائيڪي جي حوالي سان صرف هڪ پهلوءَ ”قافيو“ تي ئي ڪجهه چئي سگهيو آهيان. موضوعن، گھاڙيٽي، ٻوليءَ جا پهلو اڃا رهيل آهن، جنهن تي شايد ٻيو ڪو دوست روشني وجھي.
هِتي مان ”مورن اوچا ڳاٽ“ مان ڪجهه هائيڪو ٻڌائڻ چاهيندس، انهن مان ڪن جو رڌم يا ماترائون توڙي جو، هر سٽ ۾ الڳ آهن، پر اهي هائيڪا اهو ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا، جيڪو انهن جو ڪارج سِڌ ڪري ٿو:

سانجهه لڙي جو
ويندڙ پاڇي تي
وڻ به وائڙو

سورج اُلهي ويو
پوپٽ پويان نينگرو
ڀلجي ويو رستو

آلا ٿي ويا پَٽ
آلي آڳر تي پيل
ٽيڏي سيڏي کٽ
تنهنجون سارون
سانجھيءَ جو آڪاس تي
ڪونجن قطارون

قدرت جو منڊ
لهر لهر تلوار
مانڊي جو منڊ