شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

سدا بهار رهجي ويل منظر ـــ ننگر چنا

سنڌي ادب ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ ڪيترائي ناول/ناوليٽ آهن. جيئن: ”رهجي ويل منظر“، ”خالي بينچ“، ”تون هڪ خوابُ آهين“، ”ڪاليج ڪڪي“، ”تون هڪ خواب آهين“، ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، ”هَٺ يوگي“، ”پٿرن جو شهر“، ”يونيورسٽيءَ ۾ گم ٿيل خواب“، ”توپڄاڻان“ ۽ ڪي ٻيا. پر ”ڪاليجي ڪڪي“ جهڙو عورت دشمن، سماج دشمن ناول ٻيو نه هوندو ۽ ”رهجي ويل منظر“ جهڙو شاهڪار رومانوي ناول ٻيو نه هوندو. ”رهجي ويل منظر“ جي جوڙ جو هڪڙو ٻيو ناول مون کي ياد اچي ٿو، ”پيلي ڇتري والي لڙڪي“، جيڪو اُدي پرڪاش جهڙي جڳ مشهور تخليقڪار جو شاهڪار آهي. اسان جي طارق عالم ابڙي جي ناول جا سڀئي ڌاڳا رومان جي رنگ ۾ ٻُڏل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي انهن ۾ ڪا سياسي جهلڪ ۽ سماجي اوچ نيچ نظر اچي به وڃي ٿي پر اهي ايڪڙ ٻيڪڙ جهلڪيون پيار، پيڙا ۽ پڇتاءَ جي شخصي رنگن ۾ جهيڻيون پئجي وڃن ٿيون. جڏهن ته اُدي پرڪاش جي ناول ”ڦڪي ڇٽيءَ واري ڇوڪري“ ۾ هندوستاني سماج جي هڪڙي جامع ۽ مربوط تصوير پيش ڪئي وئي آهي. مذهبي تضاد جيڪو هندومت اندر جاتي ورڇ جي شڪل ۾ برهمڻ، کتري، شودر ۽ وئش جي شڪل ۾ به ته هندو، مسلم ۽ عيسائين جي وچ ۾ به ڏيکاريو ويو آهي، قومي تضاد جيڪو پنجابي، ميزو، ناگا، آسامي، مني پوري، تري پوري ۽ ٻين شڪلين ۾ پيش ڪيا ويا آهن ۽ طبقاتي تضاد کي به ڀرپور نموني سان رکندي لساني تضاد (هندي ۽ اڙدو) کي به درست نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.اهڙو ئي هڪ ٻيو ناول آهي پنجابي اديب احمد سليم جو ”تتليان تي ٽينڪ“ (پوپٽيون ۽ ٽينڪ). هي پنجابي ٻوليءَ جو خوبصورت ناول آهي ۽ زبردست ڳالهه هيءَ آهي ته ان جو پس منظر به سنڌ يونيورسٽي آهي ۽ سنڌ يورسٽيءَ ۾ جنرل ضياء جي قهري دور ۾ ٿيل شيرين سومرو واقعي کي بنياد بڻائي لکيو ويو آهي. اهڙو ٻيو زبردست رومانوي ناول آهي راجا انور جو ”جهوٽي روپ ڪي درشن“. انهيءَ ناول به نوجوانن کي ڪيف ۽ سُرور کان، درد جي لذت کان، محبت جي مستيءَ کان آشنا ڪيو.
ته اسان جنهن دور ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، ان دور ۾ ڪهاڻين ۾ امر جليل ۽ علي بابا نوجوانن لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ هوندا هئا ۽ انهن لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ به ۽ ٻئي پاسي اهو هڪڙو مست قلندر طارق عالم ابڙو پنهنجي ناول وسيلي اسان جي دلين ۾ واسو ڪري ويهي رهيو ۽ هر پڙهندڙ پاڻ کي پنهونءَ جي ڪردار ۾ پسڻ لڳندو هو. ان ناول پڙهندڙن جي ذهن ۾ موکيءَ جي وٽين کانپوءِ واري ڪيفيت کي اُڀاريو، خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي پسند جو ڪردار چونڊڻ سيکاريو، سپنن ۾ گلابي، نيرا، ناسي ۽ ڪارا رنگ ڀرڻ جو هُنر ڏنو. اهو ناول ايتري ته طاقتور ڇڪ سان اڳيان آيو جو ٽين ايجر (Teenager) هڪٻئي کي گفٽ جي صورت ۾ ڏيڻ لڳا. اهو ناول ڪيترن ئي نوجوانن کي رٽيل هوندو هو ۽ ان جا ڪوٽيشنس عام جام ٻڌايا ويندا هئا ۽ ڪيترن ئي پڙهاڪن جي هٿن ۾ سدائين موجود هوندو هو. ڪنهن کان وٺي کولي ڏسبو هو ته جملن جا جملا لِيڪيل (Underlined) هوندا هئا.
پنهون، سنجها، صبا، وفا، علي، ناردمني، ٽيلي اسٽار، ظهير ۽ ٻين ڪردارن تي آڌاريل هي ناول اڄ به پنهنجي ساڳئي آب ۽ تاب سان، شان ۽ شوڪت سان، سنڌي ناولن جي وچ ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. هڪ هڪ پيار ڀوڳي آيل، تياڳي آيل پنهون ۽ سنجهاجي ڪهاڻي. عشقِ ناتمام جي ڪهاڻي. هن ناول جو پنهون مون کي هڪ پاسي اهڙو ڪردار لڳندو آهي جيڪو هڪ عشق ڪري، ٻيو عشق انهيءَ لاءَ ڪندو آهي ته جيئن اڳئين عشق جي پيڙا کي وساري سگهي ۽ اهڙي ئي سنجها. پر پنهونءَ جي ڪردار ۾ هڪڙي ٻي لهر به آهي، وڏي لهر جي هيٺيان هيٺيان، جيڪا مُنڍَ کان پڇاڙي تائين گڏوگڏ هلندي رهي ٿي. پنهون هڪ پاسي اهڙو نوجوان آهي جيڪو جنرل ضياء الحق جي ڪاري ٻاٽ واري جُڳ ۾ به پنهنجي دنيا جي دائري ۾ محدود آهي، هڪڙو پاڻ پسند ، خود غرض، لاپرواهه قسم جو نوجوان ۽ڪٿي جيڪڏهن ڪا سياسي ٻاڦُور آهي به ته اُها رڳو هيتري آهي:
”ڪجهه ڏينهن ٿيندا، هڪ جلوس تي گولي هلائيندي پوليس منهنجي جگري يار کي شوٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هُنَ ڪو به نعرو نه هنيو هو. هُو ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو.“
ڪا خبر نه ٿي پوي ته جلوس ڇو نڪتو، ڪنهن ڪڍيو، ڪنهن جي خلاف ڪڍيو؟ ايڏي جبر هوندي، هٽلري ظلم هوندي به ته پنهونءَ جي هڪ دوست کي پوليس بنان ڪنهن سياسي حرڪت جي شوٽ ڪري ڇڏيو، پوءِ به ڪتاب خاموش آهي. ها رڳو ايترو ضرور ٿيو آهي ته هڪڙي شاهدي ملي آهي ته پوليس ايتري بدمست هوندي هئي جو بنان ڏوهه ۽ گناهه جي ڪنهن کي به گولي هڻي سگهندي هئي.
پر ٻئي پاسي پنهونءَ جي صورت ۾ هڪڙو ويدانتي آهي، وحدت الوجودي روح آهي، ملامتي صوفي آهي، اهڙو سنڌي آهي جنهن وٽ پيار ۽ سهپ جو اَٿاهه ساگر آهي. مثال طور: پنهون هڪ هنڌ سنجها کي چوي ٿو: ”ها، واقعي هُو اسان ٻنهين کان وڌيڪ سهڻو آهي. ڇو ته هُو اسان ٻنهين جو حصو آهي. نه اسان ٻئي هُنَ جو حصو آهيون..... اسان ٽيئي هڪ آهيون. اسان مان ڪو به ٻيو ڪونهي، ڪو به ٽيون ڪونهي......... اسان ٻئي ”هو“ آهي، توهان ٻئي، مان آهيان. هو ۽ مان، تون آهين.“
ائين سنجها کي صبا سان نفرت ۽ ڌڪار ڪندي ڏسي پنهون کيس چوي ٿو: ”اسان کي ڪو به حق نه ٿو پهچي ڪنهن کي بُرو چوڻ جو.“
سنجها چوي ٿي: ”بُرائي، سُٺائيءَ جو وجود آهي، تنهنڪري مان بري کي برو، سُٺي کي سٺو چوڻ جو حق رکان ٿي.“
”جيڪڏهن ڪو برو هجي ته.“
”صبا بري آهي.“
”اهڙي طرح اسان سڀ، ڪنهن جي نه ڪنهن جي نطر ۾ بُرا ضرور آهيون.“
ائين ئي پنهون هڪڙي ٻئي هنڌ چوي ٿو:
”خراب اسان سڀ آهيون سنجها. تنهنڪري اسان ڪنهن کي به خراب چوڻ جو حق نه ٿا رکون.“
اهو ئي پنهون ڪتاب جي 126 صفحي تي پنهنجي شخصيت جي هڪ ٻئي اهڙي ئي پاسي جو اظهار هينئن ڪري ٿو:
”منهنجي وڏي ٽريجدي اها آهي سنجها ته مان ڪنهن جي به بي عزتي ڪري نه سگهندو آهيان.“
ائين سڄي ناول ۾ اسان کي پنهونءَ جي شخصيت جا اهڙا پاسا جَرڪندي نظر اچن ٿا ۽ طارق عالم ابڙي شعوري يا لاشعوري طور تي پنهونءَ ۾ اهي اولڙا پسايا آهن جيڪي سنڌيت جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين Passive Behaviour جو اظهار به ڪن ٿا.
سڄي ناول ۾ نثر جي رواني صبح جي هِير جيان آهي يا وري تارو تار درياءَ جيئن، پر اهڙو درياءُ جنهن جي مٿاڇري تي سُڪون هجي ۽ هيٺيان وري گهڻو ڪجھه رِڙهندو، گِهِلجندو ۽ ليٿڙندو ايندو هجي.
هڪڙي مٺڙي، پياري درد جي لهر آهي جيڪا ناول پڙهندي مَتنَ (Text) سان گڏوگڏ پڙهندڙ جي وجود ۾ جاري ۽ ساري رهي ٿي. ڄڻ ته سياري جي اُسَ ۾ ويٺل اڪيلي اُداس ماڻهوءَ جي چوڌاري يادن جو ڪو ميڙ آهي. يادون جهرڪيءَ جي کنڀن جهڙيون نَرمُ، ٿَرَ جي واريءَ ۾ ڦٽي آيل کُنڀيءَ جهڙيون اڇيون اجريون، ننڍڙي کَڏَ جي صاف پاڻيءَ اندر جَرڪا ڪندڙ مڇين جهڙيون، ڏُڌَ ولوڙي، لَسيءَ مان مکڻ ڪڍندڙ، لَسي ورهائيندڙ ڏاڏيءَ جي سڻڀن هٿن جيئن سدا تازيون ۽ سڻڀيون، مُدي جي بخار جيئن هَڏن ۾ گهري ويل ڄَرُ جهڙيون يادون.
سڄو ناول محبت جي يقين ڀرين ڪيفيتن، ايمان پرور احساسن ۽ کرن سچن ۽ سدا بهار جذبن جي اظهار سان ڀريو پيو آهي. ڪجهه مثال:
”تو کي گهڻا ڏينهن نه پسي لڳندوهئم، هوائن مان آڪسيجن ختم ٿيندي پئي وڃي“.
”اسان سنڌي پنهنجن دوستن جي محبوبائن کي پنهنجين ڀيڻن جيڏو ئي مقدس سمجهندا آهيون ........ اسان ته انهن ويشائن ڏي به نه ويندا آهيون، جن سان اسان جي يارن جا واسطا هوندا آهن“.
توڙي جو اڄ سنڌي سماج ۾ اهڙا قدر (Values) نه رهيا آهن. هاڻ ته سڱ نه ڏيڻ تي به گُهريل نياڻي جي لڄالٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ گينگ ريپ جون رپورٽون، شهرن ۽ ٻهراڙين مان اچڻ لڳيون آهن. پر مٿين جملن مان توهان طارق عالم جي آئيڊيلسٽ هجڻ جو اندازو ڪري سگهو ٿا ۽ اهو به ته هُنَ ڪهڙي ڪردار کي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش هئي يا هُنَ سماج ۾ ڪهڙو آئيڊيل ماڻهو ڏسڻ ٿي گهريو. توڻي جو اهو ماڻهو وري به اڻپورو آهي جو هُو وئيشائن لاءِ سماج ۾ گنجائش به ڇڏي ٿو ته انهن ڏانهن ويندڙ پنهنجي دوستن جي گنجائش رکي ٿو.
ناول جا ڪجهه ٻيا ياد گار جملا به پڙهندا هلو:
”لَو ميريج اُهو جهاز آهي، جيڪو آڪاس جي بلندين تي پهچي اُمالڪ پنهنجو ٻارڻ وڃائي ويهي ۽ ٽٽي پيل تاري جيان ڪرڻ لڳي ڌرتيءَ ڏانهن پوري رفتار سان.“
”محبتن ۾ يا شديد پيار ڪرڻ گهرجي يا شديد نفرت، شادي هرگز نه.“
”ڪِس، تيرتاڻيل ڪمان جهڙن چپن جو نه، ماکيءَ سان ڀري اڳتي وڌائي ڏنل سپين جهڙن چپن جو نالو هوندو آهي.“
”خواب ڪڏهن به ساڀيا نه ٿيندڙ خواهشن جا ڌنڌلا عڪس هوندا آهن.“
ائين جيڪڏهن نوٽ ڪرڻ شروع ڪجي ته پوءِ ڪيترائي پنا ڪارا ڪري سگهجن ٿا. سڄو ناول اهڙن اَملهه خيالن، ڀرپور انساني احساسن ۽ جذبن سان ڀريو پيو آهي. هن ناول هڪ دور ۾ بهترين اثر ڇڏيا ۽ اڄ به اهو نوجوان نسل جي فيوريٽ ناولن مان هڪ آهي. رومانوي لاڙي هيٺ سِرجيل هن ناول نه رڳو سنڌي ادب کي پنهنجي مقناطيسي سگهه جي ڪري نَوان پڙهندڙ ڏنا پر ناول جا پڙهندڙ به پيدا ڪيا. ناول پڙهڻ جو رجحان وڌيو ساڳي وقت اهڙي پس منظر کي آڏو رکي اهڙا ناول/ ناوليٽ سرجڻ جو لاڙو به سگهارو ٿيو، انهيءَ سان گڏوگڏ اهو به ٿيو ته نوجوانن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ به محبت ۽ ڇڪ پيدا ٿي ۽ هر نوجوان مادرِعلميءَ ۾ پڙهڻ جا سپنا ڏسڻ لڳو.
هي سدا بهار ناول پنهنجي منفرد اُسلوب، سگهاري خيال، بهترين ڊائيلاگن ۽ نرالي پيشڪش جي ڪري سنڌي ادب ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.