شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

چنبيليءَ جي لامَ ـــ حسن مجتبيٰ

نه گھم کولي وار
متان پوپٽ چنبڙنئي
سمجھي ماکيءَ لار
*
(هڪ نامعلوم سنڌي شاعر) خوبصورت مصوري لڪيرن جي شاعري آهي ۽ خوبصورت شاعري لفظن جي مصوري آهي. ”رات سانت ۽ سوچون“، ”رهجي ويل منظر“ ۽ سندس پٽ ”هالار“ کانپوءِ طارق عالم ابڙي جي چوٿين تخليق ”مورن اوچا ڳاٽ“، خوبصورت شاعريءَ جي روپ ۾ لفظن جي مصوري آهي. طارق جا ڪجهه ٽيڙو.
ڪناري تي گاهه
جھومي لهرن ڍنڍ ۾
ڪنول بي پرواهه

گهري ٿيندڙ شام
لڏي پيئي ديوار تي
چنبيليءَ جي لام


ڪارنس، پاڻي ٿانءُ
ٻه ڪبوتر تنهن ڀر
مٿان ليمي ڇانءَ

مئل هو ماڙهون
ڀر ۾ جنهنجي ٻارڙي
کاڌو پي ڏاڙهون

طارق جي هيءَ چوٿين تخليق ”مورن اوچا ڳاٽ“ جاپاني صنف ”هائيڪو“ جي Collection آهي. طارق عالم جا هائيڪو پڙهندي منهنجو ذهن الائجي ڇو جاپان ڏانهن هليو ويو. جاپان ـــ جيڪو اقتصادي ۽ ٽيڪنالوجيڪل ترقيءَ جي حوالي سان آمريڪا ۽ يورپي برادريءَ جي ٻين داداگير ملڪن سان ٽڪر کايو بيٺو آهي. جين مت، ٻڌمت ـــ ڪنگفو آرٽ ـــ ريڊ آرمي ـــ هيرو شيما ـــ ناگا ساڪي ـــ فيوجي جبل ـــ بروس لي ـــ گيشا گهر ـــ جاپان ـــ Where the sun of easter Civilization rises ـــ جاپان جتان جي قانون ۽ سماج ۾ خودڪشي ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونهي.
جتان جون ڇوڪريون نصير مرزا کي ٽشو پيپرن وانگر لڳنديون آهن.
آءٌ حيران آهيان ته ناگاساڪي ۽ هيروشيما جهڙين ڪربلائن مان گذرندڙ، حيدرآباد جيڏا Ship ٺاهيندڙ ۽ چانور جي داڻي جيترا ٽرانسميٽر ٺاهيندڙ جاپاني ماڻهو هائيڪو جي فارم ۾ سندن ئي ڇوڪرين جهڙي خوبصورت شاعري به ڪري سگهن ٿا.
۽ مونکي جاپان تي سوچڻ دوران نيشنل بڪ ڪائونسل حيدرآباد جو هڪڙو آفيسر ياد اچي ٿو جنهن کي سندس Bigboss شاعره فهميده رياض ايشيا پئسفڪ ليول جي هڪ سيمينار ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ٽوڪيو موڪليو هيو. انهيءَ سيمينار جو مقصد اهو هو ته ايشيا ۽ پئسيفڪ جي ماڻهن منجهه پڙهڻ جي لاڙن کي ڪيئين وڌايو وڃي. پر اهو آفيسر جنهن جو ڪڏهن به پڙهڻ سان ڪو واسطو نه رهيو هو تنهن ٽوڪيو ويندي جهاز ۾ پڙهڻ لاءِ زندگيءَ ۾ شايد پهريون ۽ آخري ڪتاب الطاف شيخ جو سفرنامون، ”جپان جن جي جيءُ سان“، خريد ڪيو هو. (سندس خيال هو ته هو ان ڪتاب وسيلي جاپان کي سمجھي سگهي ٿو) اهڙو آفيسر رڳو هڪڙو ڪونهي ـــ اهڙا ڪيترا آهن جيڪي پنهنجي ذات کي ”عقلِ ڪل“ سمجھن ٿا. ۽ انهن مان ڪن سان طارق جو هفتي ۾ ڇهه ڏينهن، روزانو ڇهه ست ڪلاڪ ضرور واسطو پوندو هوندو.
جيئن ڪنهن وڏي اديب چيو هو ته ماڻهوءَ کي جيون ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ضرور لکڻ گهرجي، هڪ پٽ ڄڻڻ گهرجي ۽ هڪ گلاب جو ٻوٽو پوکڻ گهرجي. طارق عالم چار ڪتاب لکيا آهن هن مهل تائين، هڪ پٽ ڄڻيو اٿس ۽ گلاب جا ٻوٽا ته هو زمينن ۽ خوبصورت جسمن ۾ انيڪ پوکيندو آيو آهي.
هن جي شخصيت Prism جهڙي آهي جنهن ۾ رنگا رنگ پهلو آهن.
شوخ رنگن، شرارتي ٻارن، ز ندگيءَ سان ڀرپور ناچن ۽ ذهين ڇوڪرين ۾ دلچسپي رکندڙ طارق عالم پنهنجي جنريشن جو “The genion creative one” آهي. مونکي لڳي ٿو. سنڌ جي آرٽسٽ فيملي جي هن ميميبر ڄڻ ڪنهن آرٽ گيلري ۾ جنم ورتو هُجي. جنهن جي ڪري ئي هن جي شخصيت ۽ هن جي تخليق ۾ مور پنک جا هيڏا رنگ رچي رهيا آهن.
طارق عالم ـــ هڪ ليکڪ ـــ هڪ شاعر ـــ هڪ ڪهاڻيڪار ـــ اسڪرين پلي رائيٽر ـــ هڪ فوٽوگرافر ـــ هڪ مصور ـــ هڪ ٽوئرسٽ ــ ۽ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ڳالهه ته هو هڪ سٺو ماڻهو ـــ هڪ سٺو دوست ـــ هڪ سٺو عاشق ـــ ۽ هاڻ هڪ سٺو مڙس ـــ ۽ هڪ سٺو پيءُ پڻ ـــ ثابت ٿيو آهي.
عشق ۽ دوستي هن ڪافر جو مذهب آهي ـــ هو هڪ ماڊرن صوفي ۽ نيم Nationalist آهي زندگيءَ هن لاءِ ڪڏهن به سپر هاءِ وي ناهي بڻي بلڪه اڇڙي ٿر وانگر رهي آهي ـــ جنهن ۾ هلندي هلندي ڪو ڪيترين ئي ڏٻڻين ۾ ڦاٿو آهي. ۽ سڀ کان وڌيڪَ خطرناڪ ڌٻڻ سندس بيماري هئي. جنهن جو سمورو عرصو هن ڄڻ ته واڳون جي وات ۾ گذاريو آهي پر هر ڀيري هن موت کي هڪ رقيب جيان شڪست ڏني ۽ هاڻ سندس هيءُ جهڙوڪر پنر ملن آهي. جنهن جو اصل ڪريڊٽ سندس ٻن محسنن قابل احترام محترم پروفيسر نثار احمد نوراني ۽ سندس ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي وڃي ٿو. جن جي نانءِ طارق، اڄوڪي ڪتاب ”مورن اوچات ڳاٽ“ جي ارپنا پڻ ڪئي آهي.
طارق مونکي سدائين ڪنهن عقاب جيان لڳو آهي. پر هاڻ هيءُ عقاب هڪ آکيري ۾ پناهه وٺي چڪو آهي. بلڪه ائين کڻي چئجي ته هو هن آکيري ۾ سمائجي چڪو آهي ۽ اهو آکيرو اسان جي ڀاڀيءَ رضيه جي شخصيت ۽ سندس بي انتها پيار آهي.
گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي هڪ اداس بهار ۾ (اپريل 83ع ۾)مادام “K” سان عشق ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ طارق ڄامشوري جي پل جي اٺيتاليهن دروازي تان سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيڻ بجاءِ بازار مان هڪ ٿلهو نوٽ بڪ خريد ڪري، نصير کان اڇن سرڪاري پنن جو مفت جو دستو ۽ هڪ پال پوائنٽ وٺي پنهنجو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ تخليق ڪيائين. ڇاڪاڻ ته طارق جهڙا ماڻهو پيار ۾ هار کانپوءِ آتم هتيا ڪرڻ بجاءِ ناول لکندا آهن. پيار جي هار سان زندگيءَ ۽ ڪائنات کي اڃان ۽ وڌيڪَ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ چاهيندا آهن. پر ڪنهن چيو هو: “Life is a foreign language every body pronounces it wrong”. زندگيءَ هڪ پرڏيهي ٻولي آهي. جيڪا هر ماڻهو غلط اچار ۾ ڳالهائي ٿو).

بوتو گوتم ٻڌ جو
پوڙهي بڙ هيٺيان
دک تي مرڪي پيو
ـــ طارق

طارق جو هيءُ هائيڪو ان جي ترديد ٿو ڪري ته طارق جي زندگي کي غلط اچاريو آهي.
وليم بلئڪ، شيلي ۽ جان ڪيٽس جي ملڪ ۾ موت کي شڪست ڏئي ايندڙ ٿر جي بارشن جهڙو اسان جو هيءُ دوست، هيءُ شاعر ـــ زندگيءَ جو شاعر آهي. اها زندگي جا لياريءَ کان ڪشمور تائين ڪنجھي ۽ ڪرڪي رهي آهي پر احتجاج نٿي ڪري.
امبر تارن ۾
ڏئيا جليا ڳوٺ ۾
ڪچن جارن ۾

هو انقلاب جو نه پر سنڌ جي رومانس جو شاعر آهي (تاريخ ۾ انقلابن جي دور جي پچاڻي ٿي، پڙهو پريسٽرئيڪا ۽ گلانوسٽ)
”طارق لنڊن شهر کي به هڪ ماڊرن سنڌيءَ جي نظر سان ڏٺو هو.“
هن ڪتاب ۾ طارق ـــ ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ ۾ لکي ٿو:
”ٿر جي ٺريل چانڊوڪي رات جهڙو هلڪي هلڪي برکا ۾ سامهون روڊ ڏانهن ڏسان ٿو انگريز ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جهڙيون قدآور، حسين ”ليموزين“ ۽ رولز رائيٽر ۽ هوائن جي رٿ تي اڏامندڙ ”ٽربو“ اسپورٽس ڪارون.“ طارق هڪ ٻي هنڌ لکي ٿو:
”ڪنڌ ورائي اسٽيشن جي مين گيٽ ڏانهن ڏسان ٿو، گيٽ کي ٽيڪ ڏنل ڪارل مارڪس جي چهري وارو ساڳيو شرابي فقير اوور ڪوٽ ۾ ويڙهيل، هٿ ۾ اڌ ڀريل ”جاني واڪر“ جي بوتل کي لوڏي جھومي رهيو آهي“. ”مورن اوچا ڳاٽ“ ۾ طارق جو لکيل چئپٽر ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ به بذات خود هڪ خوبصورت قسم جو مني سفرنامو آهي ـــ مان طارق جي هائيڪن جي Form ۽ Content تي بحث سندس مخالف ۽ ساڻس Jealious شاعرن تي ڇڏيان ٿو. سندس هائيڪن بابت خوبصورت Justifications طارق طرفان ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ ۾ ئي ملي سگهن ٿيون.
بس هن جا هائيڪو ماڊرن سنڌي شاعريءَ ۾ اياز ۽ تنوير کانپوءِ نون لهجن ۽ رنگن سان هڪ نئون تجربو آهن.
جھوٽي ڏسن چمي
لاٽ شرم کان اوندهه جي
چادر تاڻي سمهي


لڙڪ هاري لپ
زرد ٽشوءَ جي مٿان
ڇڏي ويئي چپ

سامهون آ بگ بين
واٽرلو جي برج تان
گذري برٽش ٽرين

هو ۽ ”مان هائيڪو لکان ٿو“ ۾ هڪ هنڌ هيئن به لکي ٿو:
”۽ رنگين دلربا لنڊن جا عڪس، پنهنجن اجھامندڙ ماڻڪين سان سدائين لاءِ ذهن جي وڊيو تي ٽيپ ڪري، سنڌ موٽي ٿو اچان، پوءِ سنڌ جا واهڻ وستيون، ڍنڍون ڍورا، وڻ ٽڻ، ٻار جوانڙا، گل ۽ پوپٽ، پکي پکڻ، صبح ۽ شام، سنڌو ڪنارا، شامَ جو هڪ هڪ ٿي آسمان ۾ ڦٽي پيل تارا، ڪجهه روشن ڪجهه ڌنڌلا ڏسان ٿو، ۽ هڪ شامَ گهر موٽي پهريون هائيڪو لکان ٿو، پوءِ ٻيون، ٽيون، چوٿون ـــ پوءِ منهنجي وجود تي هائيڪن جو وڏ ڦڙو وسڻ لڳي ٿو، هائيڪا منهنجين آڱرين مان، منهنجي نيڻن مان، منهنجي وجود مان جھنگلي گلن جيان ڦٽي پون ٿا.
منهنجا محترم ۽ بي حد پيارا دوستو!، ان کان اڳ جو منهنجي نيڻن ۽ڪائنات جي وچ ۾ ڪٽرئڪٽ جو آئرن ڪرٽين اچي، مون لاءِ سڀ ڪجهه الوپ ڪري ڇڏي ـــ مان هيءَ هائيڪن جي ننڍڙي سوکڙي، توهان کي بي حد سڪ ۽ پيارمان آڇيان ٿو“.