سنڌي ادب جو روميو ـــ نصير مرزا
شايد هيءَ ڪنهن گذريل جنم جي دوستي هئي يا ان کان به ڪنهن اڳوڻي سمئي جي، جڏهن حضرت سليمان جا سريلا پکي گهاٽن وڻن جي ڊگهين شاخن تي ويهي ڌڻيءَ جي پرارٿنا جا گيت ڳائيندا هئا. موجوده جنم واري هنن جي هيءَ دوستي به ڄڻ ان ئي يگ کان ته Continue آهي. بس هن جنم ۾ ملڻ جو پهريون موقعو رڳو ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڏاڪڻين وٽ فراهم ٿيو هو هنن کي! ۽ طارق عالم کي پرنٽيڊ شرٽ ۽ سائي رنگ جي چست پينٽ پاتل ۽ مون کي وائيٽ ٽي شرٽ ۽ چاڪليٽي ڪارڊرا جي پينٽ.
هڪ ٻئي کي پسند ڪري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، دوست بنجي، بورڊ جي ڏاڪڻين تان هيٺ ڇا لٿاسين، اوڻيهه سؤ پنجهتر جو آسمان ويتر وشال وشال لڳو مون کي ۽ اوچتو خلا ئي خلا ۾ دور کان ڪنهن مندر جهڙو ڏيک ڏيندڙ ڄامشوري جي ريلوي اسٽيشن تان ڪنهن ريل جي ڏيئي جي ٽمڪندڙ لاٽ جهڙي وسل ڇا وڳي! واشنگ مشين ۾ ڦرندڙ ڪپڙن وانگر اسين ٻيئي، هڪ ٻئي سان ٻکجي ويا هئاسين. جدا ٿياسين ته منهنجي ڪپڙن ۾ هن جي ۽ هن جي وجود ۾ منهنجي خوشبو سرايت ڪري چڪي هئي.
دوستيءَ جي ڪنڊائين پيچري تي ان ڏينهن دوستيءَ جو اهو نئون سفر ڇا شروع ٿيو، آگم پبلشنگ هائوس جي آفيس ٽهڪن سان، ۽ ڄامشوري جا ميدان اسان جي وکن سان ڀرجي ويا. نه پير پٽ تي، هُنَ جو! نه اک آسمان ۾ منهنجي. هو مون سان منهنجي ننڊ ۾ گڏ، مان هن سان هن جي جاڳ ۾. دوستيءَ جو ڇا هي ڪوئي شديد بخار آهي؟ يا اسان ٻنهي جي ڪا جنسي محرومي؟ (۽ مون اڪثر ان مسئلي بابت به انهن ڏينهن ۾ سوچيو هو) پر اهڙي بي راهه رويءَ جو مينهن اسان جي نوجوانيءَ جي ڪچن ڪوٺن تي ڀرپور نموني سان وٺو به ته خبر ڪونه پئي بس دوستيءَ جي ڪا عجيب لهر هئي. جنهن ۾ ڪاغذ جي ٻيڙيءَ وانگر لڙهندا پئي وياسين.
بي حجابيءَ ۽ دوستيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڀرپور سهڪار هوندي به، مون طارق کي ڪڏهن به ۽ ڪجهه به ڪونه ڏيکاريو. پر هن جڏهن به ۽ جو ڪجهه به لکيو، پهرين مون کي ئي ڏيکاريو. پهرين ڪهاڻي ”پائلي“، پهريون ٽيلي ناٽڪ ”چنڊ رهين ٿو دور.....“، ”رهجي ويل منظر“ناول جا پهريان پنا..... .”مورن اوچا ڳاٽ“ جو پهريون هائيڪو.... سياحت نامي ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ جو پهريون چيپٽر....
بس سنڌ جي سياحت به مون کي جيڪا ڪرڻي هئي. مون اها طارق عالم سان ئي گڏجي ڪئي. هي موهن جو دڙو آهي ۽ اجھو گڏجي ان جي اسٽوپا جو طواف پيا ڪريون ۽ هي آهي ساڌ ٻيلو. سامهون مور پيو نچي ۽ اسين ٻيئي اتي بيٺل ڪيسو ڦل جي وڻ هيٺان شفق رنگ ڇڻيل پتن جي بيابان ۾ بيٺا آهيون ۽ بيٺا مور جو رقص ڏسون.... ۽ حياتيءَ جي انهن حسين ترين لمحن ۾، شامل ”باجي مثل“ اسان سان هو به ته، گڏ ئي هوندو هو: خدا بخش ابڙو! سفر ۾ طارق جي ڪشور ڪمار، مان جي مڪيش، ته خدا بخش ابڙو جهڙو علڻ فقير. شايد ڌڌڙ ڌوڙ چهرا کڻي ڳائيندا وڄائيندا سکر کان خيرپور، ”فيض محل“ جا در ديوار ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته، بس ۾ ڪنڊيڪٽر کي اسٽوڊنٽ ڪارڊ ڏيکاري اڌ ڀاڙو جو ڏيون ٿا ته، وريل وار ۽ ميرا ڪپڙا ڏسي بڇڙو منهن ڪري ٽوڪي ٿو وجھي: ”شڪل مان ته ٽيئي ڪلارڪ ٿا لڳو....!“ خير ريل ۾ ته سينٽي مينٽل جرني ڪندي ٽڪيٽ نالي واري شئي وٺڻ جي زحمت اسان ڪڏهن ڪئي ئي ڪونه!
سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو، جھمپير.... ۽ پنجهتر کان پنجاسيءَ تائين بيگ ڪلهي ۾ وجھي بنا ڀاڙي ايترو ته رلياسين جو هاڻي ياد ئي ڪونهي ته، ريل جي ڦيٿي هيٺان ڪيتري ڌرتي ڦري چڪي. سنڌ جي ڌرتي ته خير ٽن ڪنڊن تائين جيتري اکين جو نصيب هئي، ڏٺي سين. پر لوڪ ڪٿائن ۾ ڄاڻايل چوٿين ڪنڊ ۾ ڏسڻ جي حسرت ئي رهي اسان ٻنهي کي. ان طرف ڇا آهي؟ ڪو پراسرار شينهن؟ ڪو بگھڙ؟ ڪو هرڻ؟ مور.....؟ ۽ چوٿين ڪنڊ جي تلاش ۾ طارق ۽ مان پنهنجي اندر جي جڳياسا ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙي اهڙي جاءِ آهي، جِتي نه رلياسين! حيدرآباد جا قديم قبرستان، حيدرآباد جون پراڻيون سئنيمائون، اجاڙ باغ، چڪلي جون سوڙهيون گهٽيون، حيدرآباد واري پڪي قلعي جا برج، بارود خانا، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ هو مون وٽ اچي ته، ڳوٺ جو ڦاٽڪ، درگاهن ڏانهن ويندڙ پراسرار پيچرا، صوفي ٻيرن جي باغن جي سياحت.... ۽ ڄامشوري! مان هن وٽ وڃان ته، درياهه جا ڪنارا يا علامه آءِ آءِ قاضي جي مقبري جي ڏاڪڻ! جِتي، صبح جو طارق پنهنجي محبوبا (سنجھا) سان ملندو هو ۽ شامَ جو مون سان. ۽ آوارگيءَ جو اهو معمول ويهن سالن جي عرصي تي پکڙيل. ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هر لمحي ۾، جِتي ڪٿي هو مون سان هم قدم ۽ مان هن سان هم خيال. همعصر ته، ٽيون ڪنهن کي، اسان پنهنجي سمجھي ئي ڪونه. حيدرآباد جا رستا، ڄامشوري جون شامون، ريشم ڳليءَ جا تر و تازه چهرا، ڪشور ڪمار جا گانا، گاڏي کاتي چوڪ وارو ڪبابي، ڊي سيءَ جي بنگلي جي اڳيان بيٺل سرينهن جا گھاٽا وڻ، املتاس جا هيڊن گلن وارا ڇڳا..... بس اڄ تائين انهن کي ئي ته پنهنجو همعصر سمجھندا رهيا آهيون اسين ٻيئي. فطرتن هو ڪهاڻيڪار ۽ مان وري شاعر.... مطالعو ٻنهي جو واجبي. هن جي هٿ ۾ مون جي ڪڏهن ڪتاب ڏٺو به ته، وڌ ۾ وڌ امر جليل جو.... ۽ منهنجي هٿ ۾ اُنهي، قرة العين حيدر يا ميراجيءَ جا پُستڪ! مطالعو بس اڃان تائين اسان ٻنهي جو انهن کان اڳتي وڌيو ئي ڪٿي آهي؟ پوءِ به اصرار اسان ٻنهي جو اهو ئي ته، سنڌي ادب ۾ جدت جي رَٿ جو ڦيٿو، ٿورو گهڻو اسان به گڏجي اڳتي ڌڪيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ ۽ مون.....؟
طارق جون ڪهاڻيون مون کي گهڻيون پسند آهن. شايد ان ڪري به جو، هو مون کي انهن کان به گهڻو پسند آهي. سنڌي ادب ۾ هو هڪ اسٽائيل جو مؤجد آهي. ”اسلوب“ جو ڪهاڻيڪار آهي. مشاهدي ۽ احساسن کي تشبيهن جي رنگن سان رڱي ڇڏيندڙ ليکڪ آهي. هن جي لکڻ جي بنيادي خوبي ”فن“ جو اظهار آهي. علميت جو پرچار نه. هن جي ڪهاڻين جو اسٽائيل، هن جي آڱرين جو ڪمال آهي، جيڪي هڪ وڏي مصور جي ڀاءُ جون آڱريون آهن. هن جو اسلوب، هن جي اکين جو ڪمال آهي، جيڪي هڪ نامور فوٽوگرافر جي پٽ جون اکيون آهن. ”پائلي“ کان ”فريم“ تائين، ڀريا ويهه سال.... هن هر ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌايو آهي ته، ”طارق عالم کانسواءِ، اهڙيون ڪهاڻيون ڪو ٻيو لکي ئي نٿو سگهي“.
سندس ڪهاڻي S.O.S جي موضوع تي مون پهريون دفعو مُنهن ۾ گهنڊ وڌو هو. منهنجي تنقيدي راءِ ٻڌي پيشانيءَ ۾ گهنڊ موٽ ۾ طارق به وڌو. چيم: ”افسانو موضوع جي لحاظ کان مڊل ڪلاس سان لاڳاپيل ڪنهن ليکڪ جو لکيل، لڳي ئي ڪونه ٿو. جهڙو ڪنهن بيوروڪريٽ افسانه نِگار جو...“ منهنجي اعتراض تي هن هاڻي هڪ جي بدران، پيشانيءَ ۾ يڪا ٻه گھنڊ وڌا. مون ڊڄي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ مصلحت تي لهي آيس. چيم: ”اهو افسانو طارق عالم جو لکيل ته، ڪنهن به طرح لڳي ئي ڪونه ٿو....! ها! ”آدم، سمنڊ، خوشبو“، ”ٽڪنڊا، چوڪنڊا، دائرا“، يا ”فريم“ ها! انهيءَ ڏانءَ واري ڪنهن افساني کي چئبو آهي، طارق عالم جو افسانو“. تعريف ٻڌي اوچتو هو ريليڪس ٿي ويو ۽ سک جو ساههُ، پوءِ مون به کنيو. هونئن ادب ۾ پنهنجو پاڻ کي ”ڪا شيءِ“ سمجھڻ واري خوش فهميءَ جهڙي عياشيءَ کانسواءِ،ٻيو اسان کي ڦٻيو ئي ڇا؟ شراب، سجيون، سگريٽ، چرس، ڀنگ، گانجو....؟ ۽ اهي شيون، نه طارق کي گهڻيون پسند ، نه مون کي! جي انهن مان ڪجهه شيون وقتي واپرايون سين به ته، واجبي. ڇوڪريون البته جيڪي هن کي وڻيون، بعد ۾ اهي مون کي به بي حد وڻيون... هونئن ته ڦوهه جوانيءَ ۾، طارق پاڻ کي ”سنڌي ادب جو روميو“ سمجھندو هو، پر منهنجي حساب سان هن ٽي دفعا پنهنجو پاڻَ کي محبت ۾ “Involve” ڪرڻ جي ريهرسل ڪئي هئي. پهرينءَ ”محبوبا“ هن کي ڪا خاص لفٽ ڪانه ڪرائي. ٻيءَ هن کي لفٽ ته ڪرائي، پر وري جو ان لفٽ نه ڪرائي ته، طارق به پنهنجي ڳڻتيءَ جوڳي حالت مان نڪرڻ ۽ ريليڪس ٿيڻ لاءِ يڪدم انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجو بهترين ناول لکي ورتو: ”رهجي ويل منظر“.
ٽئين خاتون سان، فرسٽريشن واري دؤر ۾ هن رومينس ڪرڻ جي ريهرسل اڃان شروع ئي مس پئي ڪئي ته، ساڻس طارق جي شادي ٿي ويئي. ۽ ڀاڀي رضيه سان ان شاديءَ جو واقعو به ڪافي دلچسپ آهي.
ٿيو هينئن جو رضيه (ڀاڀيءَ) ”رهجي ويل منظر“ ناول تازو پڙهي چڪي هئي ۽ ان زماني ۾ ناول جي عجيب و غريب نوجوان ناول نِگار کي سنڌالاجيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ منصور عالم وٽ ايندي ويندي ڏسندي به رهندي هئي، اوچتو ملاقات جو اتفاق ٿيو ته، هن يڪدم، طارق سان سندس ناول جي حوالي سان گفتگو شروع ڪري ڏني.... گفتگو ڇا شروع ٿي؟ سنڌي ادب جي ”روميو“ جي پراڻي رڳ ڦڙڪي اٿي، جنهن ترڪش مان تير ڪڍي، وجھه وٺي پوري طاقت سان نشاني تي هنيو: ”مس رضيه لاڙڪ! ڇا توهان شادي ڪري سگهو ٿا مون سان؟“ ۽ ڪجهه ڏينهن رکي هو وري رمائنڊ ڪرائڻ لاءِ هن جي ٽئبل جي سامهون وڃي بيٺو..... ”ڇا سوچيو آهي اوهان منهنجي آفر بابت....“ بس ڪجهه ڏينهن رکي، هاڻي مس رضيه لاڙڪ، هن کي سڏرائي، سنڌالاجيءَ ۾ موجود پنهنجي آفيس ۾ ويهاري چانهه پياري ۽ پيار مان پڇيو به: ”طارق صاحب! پنهنجي ان آفر ۾، ڇا واقعي سيريئس آهيو اوهان....؟“ ۽ پوري سچائيءَ سان ”ها“ ڪرڻ کانپوءِ، طارق مون وٽ ڄامشوري مان هلي حيدرآباد آفيس ۾ پهتو. کلندي ٻڌايائين: ”رضيه کان پڇيم، گهڻا بي روزگار ننڍا وڏا ڀائر آهن، جن جي تون ڪفالت ڪندي آهين!؟ چيائين ٽن ڀائرن جي. چيومانس، مون سان شادي کانپوءِ سمجھجانءِ ته، مون سميت چار بيروزگار ڀائر سنڀالڻا آهن“ ۽ مس رضيه لاڙڪ سان ان مزيدار گفتگوءَ جو احوال ٻڌائيندي، طارق ان ڏينهن مون کي ائين خوش لڳو، جيئن ڪوئي ننڍو ٻارڙو ڪاٺ جي گھوڙي تي چڙهي، ان کي هڪلڻ مهل خوش نظر ايندو آهي.
خوش طبع ۽ Jolly ته، طارق هونئن ئي ازل ابد کان آهي. هر وقت جهڙو کٽمٺڙو، جهڙو اورينج جوس. جنهن محفل ۾ طارق موجود، معنيٰ رڳو فقرنگ، رڳو هوٽنگ.... نيون نيون چلولايون، نيون نيون مستيون...... اڃا ان ڏينهن دوست ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي اسان جي محفل ۾ اچي ويٺو. خبر پئي ته، نوشهري فيروز ۾ ڪلينڪ کوليو اٿس. پڇيومانس: ”في مريض کان، في گهڻي وٺين....؟“ سنتوش ڪڇي ئي ڪڇي، خوش طبع طارق وچ ۾ ٽپي پيو. چيائين ته: ”گهڻي وري گهڻي. في مريض في سبيل الله!“ شايد رميش ڪمار ڪو شعري مجموعو آڻي ٽئبل تي رکيو ۽ اک بچائي طارق کڻي، ان تي ڪجهه لکي، چپ چاپ ويچاري رميش جو ڪِتاب مون ڏانهن سرڪائي ڇڏيو. کولي ڏٺم. لکيل هو: ”سڪ مان نصير لاءِ،پاران: طارق عالم.“
گهڻو وقت اڳ، هو پنهنجا پاسپورٽ سائيز ڪي نوان فوٽا ڪڍرائي آيو هو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هڪڙو خاموشيءَ سان منهنجي ڊائري ۾ وجھي ڇڏيائين. گهر وڃي اوچتو ڊائري جو کوليان ته، هن جو فوٽو اچي اڳيان پيو. کڻي جو ڏسان ته، ان جي پٺيان لکيل هو: ”تنهنجي بي حد اصرار تي، پنهنجي تصوير. صرف تو لاءِ.“
ريڊيو تي منهنجي آفيس ۾ الائي ڪيترا دوست ويٺا هئاسين. هن ويٺي ويٺي ڪاغذ تي ڪجهه ٺاهيو ۽ ڀرسان ويٺل مختيار ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو. مختيار ڪاغذ کولي جو کڻي ڏٺو، مرد جي مخصوص عضوي جهڙي ڪا شيءِ ٺهيل هئي. مٿان لکيل هو. ”گلاب خاص“ مختيار ملڪ جي لاءِ“ ۽ هيٺيان لکيل هو: ”طرفان، سميع لُنڊ....“
ادبي بحث مباحثي ۾ طارق اڪثر چپ.... اجايو مٿو هڻڻ بدران، گهڻو ڪري سامهون واري هم خيال دوست سان، ها ۾ ها. راءِ لاءِ گهڻو اصرار ڪبس ته، اوچتو هو اِهو ئي طارق.... جنهن جي جملي تي گهٽ ۾ گهٽ مان ته پنهنجي، کل کي ضبط ۾ رکي سگهان ئي ڪونه.
حقيقت ۾ طارق فوٽوگرافر جو فرزند آهي. ان ڪري هر منظر جي عڪاسي ڪرڻ هن جي سرشت ۾ آهي. ڪئميرا جهڙوڪر هن جي اکين تي هر وقت رکي ئي رکي آهي. ”شيخ اياز“، ”علي احمد بروهي“، ”ادل سومرو“، ”ناشاد“، ”حسين شاهه راشدي“ ۽ هو جنهن سان ملي اٿيو، انهن جي هر ادا، هر لفظ کي انهن ئي وانگر ائين ادا ڪري سگهندڙ.... جو پتو ئي ڪونه پوندو ته، هي اُهي سڀ پيا ڳالهائين يا طارق عالم....
۽ دوستن جي محفلن ۾ ٽهڪن جا ٽانڊاڻا پکيڙيندڙ ان طارق عالم کي، رضيه ڀاڀيءَ سان ڇهاسيءَ تائين پرڻئي اڃا سال ئي مس گذريو هو جو، اوچتو.... هن جي جوانيءَ جي شاخن تان پن غائب، ڦول گم، اکيون اجاڙ، نسون پاٺيون، چهرو وساميل وساميل.... نتيجي ۾ پهرين ڪوٽڙيءَ جي تعلقي اسپتال ۾ ايڊمٽ، ٻئي ڏينهن فورن سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن شفٽ.... شايد گردا پيا وڃن.... ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ جو اعلان... هتان نڪرو بابا حيدرآباد مان.... علاج ڪونهي هِتي ان بيماريءَ جو.... دوست شفقت عرف ”ببن ميمڻ“، جي تنبيهه. سندس صلاح سول اسپتال حيدرآباد مان راتو رات ”لاما“. ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن سڄي رات ڊائلاسز ڪري، فجر جو ڦڪڙ ڦاڙي وڌو ”گردا ڦس“، واحد علاج ”ڪڊني ٽرانسپلانٽ.“
سڄي رات جي اوجاڳي کانپوءِ، صبح جو سڀئي دوست ٻاهر فوٽ پاٿ تي ويٺا هئاسين ته، اها ڀوائتي خبر اندران ڪنهن اوچتو اچي ڏني. اندر وارڊ ۾ انڌا ڌنڌ گهڙيس ته، طارق بظاهر سست، اکيون ننڊاکڙيون. پر هميشه وانگر نه آواز ۾ لرزش، نه همٿ ۾ گهٽتائي.... هان؟ هي ڇا طارق؟ موٽ ۾ هن جي چپن تي ٻيو ڪجهه نه. صرف فلم ”معصوم“ جو، معصوم گيت: ”تجهه سي ناراض نهين زندگي ، حيران هون مين، تيري معصوم سوالون په پريشان هون مين، حيران هون مين!“
۽ طارق جي گردن جي پيوندڪاريءَ کي هاڻي ڪئي سال گذري چڪا. ڪامياب آپريشن کانپوءِ چوڏهن سالن جي لائيف گارنٽي، مان ٿو توکي ڏيان.... اهو ڪرام ويل هاسپيٽل لنڊن ۾ هن جي معالج، هن کي کلندي چيو هو...
ڊاڪٽر صاحب طرفان ڏنل انهن چوڏهن مان، ڏهه سال گذري چڪا آهن. تازو هڪ ڏينهن، طارق مون کي اطلاع ڏنو: ”باقي مان صرف چار سال“ ۽ سدا سمارٽ رهندڙ طارق عالم انهن ايندڙ چئن پنجن سالن لاءِ، پنهنجو پاڻ کي جهڙوڪر حالتن جي وهڪري تي ڇڏي ئي ڏنو آهي.... ڳلي ۾ سوني زنجير ۽ زنجير ۾ پُتلي جي جاءِ تي آڱر واري مُنڊي پويل. وار ڪڏهن ڪروڪٽ، ته ڪڏهن هوائن ۾ آزاد. ڪڏهن ڪلين شيو ته، ڪڏهن وري چهرو جهڙو ڏاڙهيءَ جو جھنگ. هونئن طارق جو اهو پاڻ ڏانهن لاپرواهه ٿي وڃڻ وارو اندازُ، هن جو سروپ آهي، ٻهروپ نه. شايد مسلسل اينٽي بائٽڪ ۽ لائيف سيونگ ڊرگس واپرائڻ جي ڪري هن جي سدا شگفته سڀاوَ ۾ هيءَ جا ڪاهلي ڪاهي پيئي آهي ته، اها به، انهن دوائن جي ڪري ئي.....
تازو ٻڌايائين پئي انهن دوائن جي لاڳيتي استعمال ڪري حافظو به ڪافي ويهي ويو آهي. ويسر به ٿي پئي آهي ۽ پتو ئي نٿو پوي ته ڏاڙهي ڪڏهن کان ڪونه لاٿي اٿم. تازو حيدرآباد ۾ ڪنهن جيولر جي دڪان تي چڙهيس، جيڏانهن اک کڻان، آرسيءَ ۾ ڪو ڀئوش ماڻهو، جهڙو مون کي ئي پيو گهوري.... وکريل وار، بي ترتيب ڏاڙهي. جهڙو ملنگ.... اڇا! ته اهو مان آهيان؟ سخت پريشان ٿيس. هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي! جهڙو ڪوئي ديوانو.... بس رڳو ڳچي ۾ زنجيرون ۽ ”گيڙو الفي“ پائڻ جي ڪسر باقي رهي آهي.
چيومانس: ائين به جي ٿي پوي ته......؟
وڃي ويهندس ڀٽائيءَ تي.... وراڻيائين.
چيم: اتي اڳي ئي گهڻا ويٺا آهن
چيائين: مان اتي انهن جو خدمت گار ٿي وڃي رهندس، حريف ٿي نه.
۽ بي ترتيب ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ الجھيل ۽ آرسيءَ ۾ اوچتو ڏسي. پاڻ کي ڀٽائي جو فقير سمجھندڙ، هي اڄوڪو طارق.... اهو اڳوڻو ارڏو طارق عالم ڪٿي؟ جنهن کان اڪثر سينيئر شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڪن هڻندا هئا ۽ هن جي تحريرن ۾ زخمي ٿيڻ کان سخت ڊڄندا ۽ کانئس بچڻ جي پوري ڪوشش ڪندا هئا.
ڇا هاڻي فارٽيز ۾ قدم رکڻ سان هو مصلحت پسند ٿي رهيو آهي؟ ۽ اهو منهنجي ۽ طارق جي هڪ ڪامن دوست هڪ ڏينهن چيو پئي. چيم: هاڻي هو ٻن ڪمسن پٽن جو پيءُ ۽ هڪ باوقار اداري ۾ عزت ڀريي اهم عهدي تي فائز شخص آهي. اڳوڻو، آواره عاشق، بي ڊپو ليکڪ ۽ چلولو طارق عالم ابڙو، بهرحال ان ڄمار ۾ پهچي ويو آهي، جڏهن طبيعت ۾ اعتدال، ٺهراءَ ۽ سنجيدگي خود به خود اچي ويندي آهي. اختيار ڪرڻ جي ضورت پوندي ئي ڪونهي.
لڳي ٿو پوڙها ٿي رهيا آهيون يار!...... اهو هاڻي هو وقت به وقت مون کي چوندو ۽ ياد ڏياريندو رهندو آهي.
ويٺي ويٺي ۽ هن جي ان اوچتي انڪشاف تي، ڪڏهن ڪڏهن ته سچ پچ لڳندو اٿم، هڪ ٻئي آڏو ويٺل هي اسين ٻيئي، خوبصورت ۽ تر و تازه چهرن وارا، اهي اڳوڻا، طارق عالم ۽ نصير مرزا، رهيا ئي ڪٿي آهيون؟ آمهون سامهون ويهي، هڪ ٻئي سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندڙ، هي ته جهڙا ڪي، بنهه ٻيا ٻه جھونا شخص....
هڪڙو، جهـڙو ”بابو ناصر علي بيگ مرزا“ ۽ ٻيو....؟؛ ٻيو ته، صفا جهڙو ”چاچو محمد عالم ابڙو!.“