شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

پنهنجي رمز وارو ديو مالائي ماڻهو ـــ ضراب حيدر

زندگيءَ جا سمورا منظر بدلجي ويا آهن، هاڻي ماڻهن جا به ته رنگ بدلجي ويا آهن!؟
نه بدليو آهي ته ڄامشورو نه بدليو آهي.... ساڳئي درد سان ڄامشورو اڄ به لبريز آهي. ڄامشوري سدائين درد جا پيمانا ئي ته ڀريا آهن جن سدائين اکين ۽ دل کي ڇلڪايو آهي. اسان ماڻهن جو دردَ سان ازلي رشتو آهي، اهڙو رشتو جيڪو صدين جي تسلسل ۾ هلندو رهيو آهي. اسان جا اُهي يار به ته اسان سان انهي ازلي درد ۽ ڪهاڻي ڪٿا ۾ جُڙيلَ آهن، جنهن جي تاريخَ تمام پُراڻي آهي. طارق عالم هُجي، آئون هُجان يا ڪو ٻيو ڪهاڻيڪار هُجي، اسانجي اکين ۾ رهجي ويل اُهي سمورا منظر هڪ ئي ڪهاڻي سان جُڙيل آهن، جيڪا اسان جي پيارَ جي ڪهاڻي آهي، اسانجي دردَ جي ڪهاڻي آهي. اسان ڪهاڻيءَ کي ساهس بخشڻ لاءِ جيڪو پنهنجو پاڻ ارپيو آهي، سا ارپنا پنهنجو مَٽُ پاڻَ آهي اُها ارپنا ديومالائي هوندي به هڪ سچ هڪ حقيقت آهي.
هاڻوڪيون ٽهيون خبر ناهي ڄامشورو ڪيئن ٿيون ڀانئن؟ پر اسان ڄامشورو جيڪو ڀانئي نڪتاسين، سو اهڙو ته ڀانءِ پئجي ويو جو وري نه ڪو منظر اکين ۾ لهي سگهيو نه وري ڪو شهر دِل ۾ وسي سگهيو.
اسان جي دل جو شهر ڏاڍو پُراڻو آهي، جنهن جي هر ساهه ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ۽ افسانا آهن. هيءَ دل جي بستي جيڪا درد ۽ مستيءَ سان ڀريل آهي سا ڪيترا دفعا اُجڙي آهي ته ڪيترا ڀيرا وسي آهي، پوءِ به سندس عروج کي ڪڏهن ڪو زوال ناهي آيو. اسان جا سمورا ڏند ڪٿائي ڪردار اڄ به سچ آهن.
شهرُ جيڪو اسان جي دل جو شهر آهي، جيڪو اسانجي اکين جو شهرُ آهي، شهر جيڪو اسانجي سوچ ۽ تصور جو شهر آهي، اُهو شهر ارتقا جي تهذيبن جي عروجَ تائين حقيقتن کان ويندي ديومالائي آکاڻين تائين سچ آهي، جنهن جا ڪردار ڏاڍا سُندر ۽ سچا آهن.
اِها اُنهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪهاڻيءَ پنهنجي ارتقا کان پير سوريندي ڏيهان ڏيهه پُهتي، اُها ڪهاڻي جڏهن پنهنجي پري ميچوئر شِڪل ۾ هُئي ته اسين ساڻس گڏ هئاسين، اسان ئي سندس هٿڙا وٺي کيس هلائڻ سيکاريو هو، اسان ئي ته سندس ناز نخرا سَٺا هئا، صدين جي سفر ۾ اسان ڪٿي به سندس پاند نه ڇڏيو آهي. مُهين جي دڙي جي هر دور ۾ اسٽوپا کان وٺي کنڊرن تائين جي هرآثار ۾ اسان پنهنجي ڪهاڻي کي سنڀاليو، اسان پنهنجي تهذيب جي سمورن اهڃاڻن ۾ سندس ساکَ کي بچايو آهي. منهنجو اِهو ايمانُ آهي ته مُهين جي دڙي واري تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب آهي، مُهين جي دڙي واري تهذيب کي به عروجَ تائين پهچڻ ۾ صدين جو سفر ڪرڻو پيو هو، ۽ اُها ٻولي جنهن ۾ پهريون جيڪو به ٻول ٻوليو ويو هو، سو سنڌي تلفظ جي تاثير سان پُر هو. وقت ضرور ان ڳالهه تي مُهرَ هڻندو ته جيئن سنڌ جي تهذيب قديم آهي ايئن ئي سنڌي ٻولي به جھوني ۽ پراچين آهي، آئون اُنهي سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن سنسڪرت سميت ٻين ڪيترين ٻولين کي اُچار ۽ گفتار جو گَسُ ڏِنو..... ها هيءَ ٻولي ئي آهي جنهن دنيا جي پهرين ڪهاڻي پنهنجي اڻپوري تصويري ۽ لکت واري لِپيءَ ۾ دنيا کي ٻُڌائي، ته:
”هي مُهين جو دڙو آهي هي شهر ڏاڍو پُراڻو آهي. جنهن ۾ سوين هزارين ڪهاڻيون وسن ٿيون، جيڪي اسانجون خلقيل اسان جون ئي لکيل آهن.“ بلڪل تاريخ ۽ اِتهاس اڄ به ان ڳالهه جو گواهه بڻيل آهي ته ٻولي ۽ تهذيب سان گڏوگڏ ڪهاڻي جو ورثو به هن سرزمين جو حصو آهي جنهن جا مثال صدين پُڄاڻان به پڌرا ۽ چِٽا آهن. اُهي سموريون ڪهاڻيون جيڪي طارق لِکيون ۽ اسان لِکيون سي هڪ اهڙي شاهڪار ورثي جي ثابتي آهي جنهن جي ڏند ڪٿا ۽ حقيقت به هڪڙو سچ آهي.
آئون اڪثر ديومالائي ڪردارن متعلق سوچيندو رهندو آهيان ۽ بس انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته انسان پنهنجي خيال ۽ تصور جي آڌار اهڙن ڪردارن کي پئي جنم ڏنو آهي جيڪي حقيقي توڙي پريڪٽيڪل لائيف ۾ مُلهه مهانگا، اڻ لڀ هوندا هئا، تن کي فطري صلاحيتون ڏئي، انسان ديوتا مثل بڻايو، پر زندگيءَ جي ارتقا ۽ ڪهاڻيءَ ڪٿي نه ڪٿي اِهو ثابت ڪيو ته سمورا ديومالائي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن سوچ ڪنهن نه ڪنهن روپَ ۾ سچ هئا. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ماڻهو اهڙا ڪردار ضرور ڏٺا آهن جيڪي هڪ ڏند ڪٿائي سچ هئا/آهن.
ها بلڪل طارق عالم..... هِڪُ ديومالائي ڪردار آهي. جيڪو حقيقتن جي رنگ سان اڄ به منهنجي دل ۾ لٿل آهي جنهنڪري شايد ڪي به منظر بدلجي نه سگهيا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو محبتون ۽ رفاقتون ڪڏهن به پوڙهيون ٿي نه سگهنديون آهن. اُهي پَلَ اُهي ساعَتون ۽ اُهي منظرَ جيڪي اکين ۾ رَهجي ويندا آهن سي ڪڏهن به بدلجي نه سگهندا آهن. ها منهنجي اکين ۾ به ڪيئي منظر رهجي ويا آهن. جيڪي سارَ بڻجي سِڪَ جي سنسارَ ۾ مونکي روليندا رهن ٿا، سارَ جڏهن ايندي آهي ته ساههُ ئي نڪري ويندو آهي.
ٻُڌڻ ۾ آيو ته طارقَ جي ٻئين ورسي آهي....
مونکان ڄڻ ڇرڪُ نِڪري ويو.... هان!!؟ طارق جي وَرسي؟!
مونکي هِڪَ لمحي لاءِ به اُهو احساسُ نه رهيو ته طارق به هن فاني دنيا مان وڃي چُڪو آهي!! طارق منهنجي خيالَ جو ديومالائي سچ آهي، ڪالهه ڪالهوڪي ته ڳالهه آهي جو هُنَ مونسان گڏ مُهين جي اولاهين ڪَڙَ تي ويهي مِٽيءَ جا پنوڙا ٺاهيا هُئا، پوءِ اُنهن ۾ ڪاٺيءَ سان سوراخ ڪري کين اسٽوپا تي ويهي بوڙيندا ڪري وڄايو هو، اُنهيءَ ساعتَ پدمڻي شيوادِجي (ناچڻي) پنهنجي ڇيرَ ڇَمڪائيندي اسانجي ويجھو آئي هُئي پوءِ جيڪا ڪهاڻي طارق لکي هُئي سا اتهاس جي کوٽائي مان پڌري ٿي، نئين دورَ ۾ اُنَ جا چرچا ”رهجي ويل منظر“ بڻجي منظر عام تي مشهور ٿي ويا، ها ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو مون ساڻس يوينورسٽي ڪالوني واري ڪوارٽر م ڦوٽي واري چانهه پيتي هُئي، اُنهيءَ ڦوٽي جي خوشبوءِ ۽ ڪوپ مان نِڪرندڙ گرم گرم ٻاڦ جو احساس اڃان تازو آهي. طارق جي مُرڪن ۾ زندگيءَ کي شڪست ڏيڻ وارو سڀاءُ، ڪٿي بدليا آهن اُهي سڀ منظر؟
دل آهي جيڪا ڪجهه به مڃڻ لاءِ تيار ناهي، طارق ٻه گهڙيون اڳ ۾ ته اکين کان اوجھل ٿيو آهي جو آئون سندس محفل مان اُٿي آيس، جو هُنَ ناچڻيءَ سان پنهنجون ڪهاڻيون ويٺي ونڊيون. هي هيڏو سارو سفر جيڪو گڏ گڏ گذريو، سو صدين کان اڃان جاري آهي. اسين ساڳئي ڪهاڻيءَ جي قافلي جون مَهارون وٺي گڏ گڏ هلي رهيا آهيون، اسان جي ڪهاڻيءَ جي ريل گاڏي اڃا منزل (ڪلائيميڪس)کي نه رسي آهي، هو ته مُنڍَ واري اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ٽنگون ساهِڻَ لاءِ لَهي ويو آهي..... نه نه طارق هِتي ئي آهي منهنجي دل ۾ منهنجي سوچَ ۽ خيالَ ۾......
ديو مالائي ڪردار ڪو ٿورئي مرندا آهن؟
اُهي ته جُڳن تائين زندهه هوندا آهن، اُهي ته سدائين زندگيءَ جو اُهڃاڻ بڻيل هوندا آهن، اُهي پنهنجي مرضي پنهنجي رمز وارا هوندا آهن، طارق به پنهنجي رمز وارو چرياڻ ماڻهو آهي دِل چيو هوندس سو لهي ويو هوندو ڪا ڪهاڻي ڳولِهڻ، ڪا ڪهاڻي بڻجڻ لاءِ، ايئن بِنا موڪلائڻ جي ڪٿي آهي طارق وڃڻ وارو؟! مون طارق جي هٿن کي غُورَ سان ڏٺو آهي ۽ پڙهيو آهي، سندس هٿ ڇڏڻ ۽ ڇڏائڻ وارا آهن ئي ڪونه!!
هُنَ جا هٿ هڪ آرٽسٽ جا هٿ آهن، اُهو آرٽسٽ جيڪو پنهنجي هٿن سان وڃايل زندگيءَ جي خدوخالن ۾ رنگ ڀريندو آهي. هڪ لمحي لاءِ آئون، طارق جي اُنهن هٿن کي سوچيان ٿو جيڪي صحرا، اڻ کُٽ رِڻَ ۽ ٿورن وچ ۾ هڪ اپيل هڪ احتجاج بڻيل هُئا، هڪ سڏ وراڪو بڻيل هُئا. اُهي هٿ جيڪي ”انگن چڙهيو انگ“ جي سروررق (ٽائيٽل) تي طارق پنهنجن هٿن سان اُڪاري مونکي زندگيءَ جو انمول تحفو ڪري ڏنا هئا. ڏکن ۽ تڪليفن جي ٻن سورجن زماني جي ٿورن ۽ اڪيلائين جي وسيع رِڻَ مان اُسريل/ڦُٽيل طارق جو اُهو هٿ اڄ به منهنجي شعورَ ۾ هڪ علامتَ بڻيل آهي، هڪ اُتساههَ جي علامت.....
طارق هتي ئي ڪٿي آهي، هي سڀ ماڻهو ڀُليا آهن، کين اخباري خبرن تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي، طارق ايئن پاند ڇڏائي وڃي نٿو سگهي.... طارق جيڪو سفر نڀائيندـڙ ساٿي هو، هُو مسافتن کان لنوائڻ وارو ماڻهو بنهه ڪونهَ هو. مونکان ڀلا اُهو وڙ ڪيئن ٿو وسري سگهي؟ چوويههَ سالَ گذري وڃڻ باوجود مون لاءِ اڄ به اُهو منظر تازو آهي جڏهن طارق منهنجي سڏ تي طبيعت جي ناسازي سبب به ڪهي آيو هو ۽ اسلاميه ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم هال ۾ منهنجي ڪهاڻي ڪِتاب ”انگن چڙهيو انگ“ جو ٽائيٽل پنڊال طرف ڏيکاريندي چيو هيائين ته: ”جنهن ڪِرڻي جي مونکي سالن کان تلاش هئي سو هي آهي“ طارق پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجا اُڪريل هٿ پِنڊالَ طرف ڪيا هئا ته منهنجي ٻولي ۽ گُگدام لفظن کي ڄڻ زبانَ ملي وئي هئي. طارق جيڪو اڪثر منهنجي لکت ۽ لفطن کي گُگدام ڪوٺيندو هو، سو پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پاڻَ به صفا گُگدام بڻجي ويو هو، آئون سندس لاڳيتي خاموشي کي اڃان سوڌو صحيح ڪري (ڄاڻي) نه سگهيو آهيان.
جڏهن طارق عالم جي تڏي تي طارق قريشي سان گڏ ويٺو هوس ته مونکي گوتم بڻيل ايازعالم ۽ ارورڙ جي قلعي جهڙو قيس عالم اِهو ئي باور ڪرائي رهيا هئا ته: ”طارق اندر ويو آهي، اِجھو ٿو اچي.....“ پر مون سندس ٽُٽل دليون ۽ ڇَلڪيل اکيون پڙهي ورتيون هيون پوءِ جڏهن ٿوري ئي عرصي ۾ قيس به طارق جي پويان لِڪي ويو ته دل جا سمورا آٿت ختم ٿيڻ لڳا هئا. پر اهو منهنجو محض گُمان هو. هيءَ ڪهاڻي جيستائين هلي پئي جيئري آهي تيستائين طارق ۽ ٻيا جيڪي به اکين کان اوجھل ٿي ويا آهن سي ڪهاڻي قافلي جون مهارون وٺي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اُهي نظر نه اچي رهيا آهن پر هر لمحي محسوس ٿي رهيا آهن هر مُنڍ، وِچَ، پڇاڙي ۽ ڪِلائيميڪس سان، هن سنسار ۾ هن دنيا ۾ جيستائين ڪا هڪ ڪهاڻي ڪو هڪ ڪردار باقي آهي، تيستائين طارق عالم جهڙا آرٽسٽ ڪهاڻيڪار ۽ ديومالائي ماڻهو مرڻا ناهن. اهو ئي سچ آهي اها ئي حقيقت آهي. اسانجي ڪهاڻي ڪٿا جي انوکي ڏند ڪٿا آهي. جنهن ۾ ڪنهن به ديوتا ڀڳوان سان پنهنجو ڪو مقابلو ڪونهي. اسان جا پنهنجا رنگَ پنهنجون رمزون آهن جيڪي اتهاس ۽ ڪهاڻيءَ جي گڏيل تهذيبَ آهن جنهن جا ڦٽائيندڙ ۽ وسائيندڙ اسين ئي آهيون. اسان اُنَ ڪٿا، اُنَ تهذيبَ کي ڦٽائي به شاهڪار ثابت ڪيو آهي ۽ وسائي به شاندار بڻايو آهي.