شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

رواجي موضوعن کي نواڻ ڏيندڙ شاعر....! ـــ شبنم گل

هالار پبليڪيشن پاران تازو ئي طارق عالم جو ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڇپجي منظر تي آيو آهي. شاعريءَ جي هڪ منفرد ۽ اهم صنف هائيڪو تي مشتمل هي ڪتاب، طارق عالم جي نئين ڪاوش هڪ منفرد انداز ۾ پڙهندڙن آڏو آهي.
سنڌي ادب ان لحاظ کان rich ادب آهي جو اهو ادب جي دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي اندر ۾ سموئڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. اسي واري ڏهاڪي ۾ جتي دنيا ۾ Scientific Discoveries انقلاب برپا ڪري ڇڏيو اتي ادب کي به بدلجندڙ دنيا جي نون لاڙن ۽ رجحانن هڪ تازگيءَ جو احساسُ ڏنو. اهڙا ڪيترائي نوان تجربا ادب جي مختلف صنفن تي ڪيا ويا پر جيئن ته ڳالهه هلي پئي شاعريءَ جي ته ان حوالي سان صرف شاعريءَ جو ذڪر ڪنداسين.
جيئن آزاد نظم نون خيالن ۽ نون سوچن کي کڻي ادب جي وسيع ايوانن ۾ داخل ٿيو. ائين هائيڪو پنهنجي سونهن، اختصار ۽ ڀرپور تاثر نِگاريءَ، سميت سنڌي شاعريءَ ۾ تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هائيڪو بنيادي طور تي جاپاني شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي. جيڪا سونهن، جيڪو خيالُ ۽ جيڪو تاثر جاپاني هائيڪي ۾ اسان کي ملي ٿو ان جو روح سنڌي هائيڪي ۾ ڪٿي به مجروح نه ٿو ٿئي پر جاپاني هائيڪي وانگر سنڌي هائيڪو به ٽريٽمينٽ جي اعتبار کان پنهنجي فارم ۾ فٽ نظر اچي ٿو.
هڪ گهڙي، لمحي ۽ پل ۾ ڪائنات جي سڄي رمز سمايل آهي جيڪڏهن ادارڪ جو پاڇو اڻ چٽو هجي ته اهي گهڙيون، لمحا ۽ پل بي معنيٰ آهي، پر جي باطن جي ٽين اک روشن آهي ته ان هڪ گهڙيءَ جي جھپڪي ۾ اندر جا موسم، فهم ۽ ادارڪ جي روشنيءَ ۾ اجرا ٿي پوندا آهن.
”مورن اوچا ڳاٽ“ به طارق جي باطن جي ٽين اک جي ان هڪ جھپڪي ۾ ڪيل مشاهدي جو خوبصورت اظهارُ آهي.
سوچون، تجربا ۽ مشاهدا تنهائيءَ جي پس منظر مان جنم وٺي تخليق ۾ ڪو تاثُر پيدا ڪندا آهن ۽ طارق ان سانت، ماٺار ۽ خاموشيءَ کي ڪا معنيٰ ڪو خوبصورت مفهوم ۽ ڪو نئون عُنوان ڏيڻَ جو پورو پورو ڏانءُ رکي ٿو.
طارق تنهائيءَ جي ان همه گير احساسَ کي پنهنجي هائيڪي ۾ ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:

خالي آڳُرَ ۾
پٽ تي پيلو پن
سانت ڀاڪُرَ ۾

ان تنهائي ۾ هيڪلائپ جو تاثُر ٻئي هنڌ وري ڪجهه هن ريت ملي ٿو:

ٽيڙن جي ٽم ٽم
سرد هوائن۾ بيٺل
تنها وڻ گم سم

هائيڪو جي سڄي سونهن منظر نِگاري ۾ آهي جنهن سان ڪٿي نه ڪٿي ڪو انوکو احساسُ ڪو اشارو يا ڪو واقعو منسوب هوندو آهي. يعني هڪ لحاظ کان مشاهدو ڪندو رهڻ فطرت جو ۽ سموري ڪائنات ۾ ٿيندڙ چرپر جو ۽ پوءِ ان سڄي وسعت کي ٽن سٽن ۾ سموئي ڇڏڻ، هائيڪو جي خوبصورتي آهي، ۽ طارق هائيڪو جي ان رمز کان بخوبي واقف ٿو ڏسجي. هن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي هائيڪن ۾ جنهن مهارت ۽ سادگيءَ سان چٽيو آهي ان ۾ سنڌ جي روايتي ماحول جو هُڳاءُ آهي.
ان لحاظ کان طارق جي هائيڪن ۾ جذبن جي گهرائيءَ سان گڏ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيارَ جو ڀرپور تاثُر ملي ٿو. طارق جي هائيڪن ۾ مختلف منظرن جو عڪسُ چٽيل آهي. جيئن ڪارونجھر جي ڪورَ تي کنوڻين جا چمڪاٽ، ڪچيءَ ڀت مٿان چمپڪ ورني نينگر ڇيڻا ٿڦيندي، مُهاڻن ٻارن جي اڏاريل آشڙين دوران تاڙين جا ڦهڪا، بوند پوڻ تي گهر آڳر کان ٻاهر دڳ تي نڪري ايندڙ کيچليون ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي انيڪ منظر.
مثال طور هڪ هنڌ طارق هڪ منظر کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:
سنڌوڪنارو
ٻيڙيون، ٻار، مُهاڻيون
ٽمڪيو پي تارو.

وري ٻئي هنڌ هڪ ٻيو منظر نيڻ نهار تائين ڦهلجي وڃي ٿو.

پوڙهو سڄو پگهر
نيڻن ۾ سومهڻي پاڇا
پويان ڦهليل ٿَرُ

طارق، عام رواجي موضوعن کي هڪ نواڻ ڏني آهي. هونئن به هائيڪو ۾ موضوع جي اعتبارَ کان ڪا پابندي نه آهي ۽ اها ئي هائيڪو جي انفراديت آهي. ڪو به منظر. نِگاهن ۾ رفليڪٽ ٿي دل جي گهرايُن کي ڇُهي وٺي ته هائيڪو جو موضوع ٿي سگهي ٿو. جيئن:

بلب روشن هو
پتنگ اُڏريو تنهن مٿان
ڪرڙيءَ جو حملو

انسان جي زندگيءَ جي چوڌاري ڦرندڙ موضوع ته پُراڻا ٿي سگهن ٿا پر هڪ اک کان ٻي اک تائين هڪ ذهن کان ٻئي ذهن تائين فڪر جي گهرائي، مشاهدو ۽ احساس جي انفراديت، ٽريٽمينٽ جي نقطه نِگاهه کان ان پراڻي موضوع ۾ نواڻ آڻيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو طارق جي اکين عام رواجي موضوع کي فوڪس ڪري ان کي احساسَ جي فريمَ ۾ اهڙيءَ طرح سان فٽ ڪري ڇڏيو آهي جو پڙهندڙن کي لفظن جي ان آرسيءَ ۾هر منظر چٽو نظر اچي ٿو) ۽ هو به ڄڻ ته ان ئي منظر جو حصو بڻجي وڃن ٿا، مٿال طور هڪ جڳهه تي هڪ هائيڪي ۾ هڪ عام منظر آهي:

بابُوءَ هنئي سيٽي
مائيءَ ڊوڙي ٻار کنيو
رهجي ويس پيٽي

هڪڙي ٻئي هائيڪي ۾ طارق مامتا جي لازوال جذبي جي سچائيءَ کي هڪ پلڪ ۾ جھٽي ورتو آهي:

گھلي پورب واءُ
ٻالڪ پهرين وک تي
ڪيڏو مُرڪي ماءُ

جيئن ڪائنات جي سندر اکين ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو اٽڪي پوندو آهي ائين نون جذبن نين اُمنگن سان نوجوان کي پنهنجي نئين دنيا ۾ پوڙهو ماڻهو ڀري بهار مان سڪل ٽارڙيءَ جيان لڳندو آهي. طارق ignore ٿيل ان پوڙهي ماڻهوءَ جو ڏک سمجھي ٿو:

جھور هيو پوڙهو
ايندڙ ويندڙَ کي چئي
منهنجو ڳالهه ٻُڌو

زندگيءَ ۾ رنگ آهي، خوشيون آهن، پيارُ آهي پر ساڳي وقت ۾ زندگيءَ جون ڪجهه تلخ حقيقتون زندگيءَ جي ان سونهن ۽ سُندرتا جي سموري احساسَ کي زائل ڪري ڇڏينديون آهن. خوشين جا سمورا رنگ اسان جي شهرن جي نقشي تان ميسارجي چڪا آهن، اڄ ماڻهو گلن جي سرهاڻ بدران بارود جو زهرُ پنهنجي ساههَ ۾ اوتي رهيا آهن. فطرت جي سونهن آڏو ٽيئر گيس ۽ بارود جو ڌنڌ ڇانيل آهي. اکين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هڪ حساس شاعرٻين کي ڪيئن رومان پرور فضائن جا خواب ڏيکاري سگهي ٿو اهڙين حالتن ۾ هُو فقط اهو ئي چئي سگهي ٿو:

رستا سڀ ويران
ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
ڪرفيو جي دوران

هو ان حقيقت کان آگاهه آهي ته زندگي انسانيت جي لئه تي ڇيڙيل هڪ پيار ڀريو آلاپُ آهي ۽ انسان هن ڌرتيءَ تي محبتن جو سفير. پوءِ هڪ انسان کان ٻئي انسانَ جي سوچَ ۾ ايڏو تضادُ ڇو آهي؟ زندگيءَ جي حسن کي گهائل ڪرڻ وارن لاءِ طارق جي لهجي ۾ حيرت سان گڏ افسوس جو تاثر به ملي ٿو:

ڪيڏا احمق آهن
ان اپائڻ بدران
گوليون پيا ٺاهن

پر انهن تلخ حقيقتن جي باوجود به طارق حالتن مان مايوس نه ٿو ڏسجي. شڪست جي احساسَ کي پنهنجي مٿان طاري ڪرڻ بدران هو اڃان به انسانيت جي روشن آئيندي تي ويساهُه رکي ٿو. اُميدَ جو روشن رنگ سندس هن ٽه سٽي مان صاف ظاهر آهي:

اڃان نه مان مايوس
توڙي جو نگري ۾
هيڏي ٻڪر ٻوس

هو پڙهندڙن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
”منهنجا محترم ۽ بيحد پيارا دوستو! ان کان اڳ جو منهنجي نيڻن ۽ ڪائنات جي وچ ۾ ڪيٽرڪيٽ جو (آئرن ڪرٽين) اچي وڃي ۽ مون لاءِ سڀ ڪجهه الوپ ڪري ڇڏي، مان هي هائيڪن جي ننڍڙي سوکڙي، توهان کي بيحد سڪ ۽ پيار مان آڇيان ٿو.“
۽ پڙهندڙن کي به طارق عالم مان اها توقع آهي ته ان اميد جنهن کيس ”رات، سانت ۽ سوچون“ لکڻ لاءِ اڪسايو ۽ جنهن کيس ”رهجي ويل منظر“ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اتساهيو، ۽ جنهن ايترين مشڪلاتن جي باوجود پڙهندڙن کي هڪ خوبصورت تحفو ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڏيڻ لاءِ هڪ حوصلو عطا ڪيو. اها اميد زندگيءَ ۾ اڳتي به طارق کان ڪجهه نه ڪجهه لکرائيندي رهندي.
مجموعي طور تي ڪِتابَ جو ٽائيٽل پر ڪشش ۽ ڇپائيءَ جو انداز دلڪش آهي. انهن سمورين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي.