ـــ علي دوست عاجز پري پري تائين! ـــ علي دوست عاجز
طارق جي گڙدن جي پيوندڪاريءَ جي ڪامياب آپريشن کانپوءِ ڪرام ويل جي ڊاڪٽر هن کي کلندي چيو: ”چوڏهن سالن جي لائيف گارنٽي، مان ٿو توکي ڏيان. انهن چوڏهن مان، ڏهه سال گذري چڪا آهن.“ اهڙي ڳڻتيءَ جو اظهار به طارق، ڪيئي سالَ اڳ نصير سان ڪري چڪو هو.
اهڙيءَ صورتحال ۾، خبر ناهي ته هو موت کان ڪيترو مرعوب هو. پوءِ به هن ڪجهه اوليتون ضرور مقرر ڪري ورتيون هيون. مثال طور: ڪارٽيزون جي لاڳيتي استعمال جي ڪري سندس ساڄي اک ۾ ڪيٽرڪٽ پوڻ ڪري، ڊاڪٽر اهو انديشو ڏيکاريو ته: ”اهو اڳتي هلي وڌندو ۽ کاٻي اک سان به مسئلو ٿي سگهي ٿو، ۽ اهي ڪارٽيزون بند نه ٿيون ته، تون سواءِ انچ ڏيڍ جي مفاصلي جي، ٻيو ڪجهه چٽو پَسي نه سگهندين.“
۽ هُنَ ڪائنات جي هر ننڍي وڏي نظاري کي ٻيهر اکين مان ڪڍڻ شروع ڪيو. بلڪه ڪئمرا وانگر ان نظاري کي اکين ۾، شعرن ۾ محفوظ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ۽ هن جي آرٽسٽ اکين ڪيترن ئي ڏيکن، چهرن ۽ احساسن کي قابو ڪندي ”مورن اوچا ڳاٽ“ ترتيب ڏنو/تخليق ڪيو.
”مورن اوچا ڳاٽ“ هائيڪو شاعريءَ جي حوالي سان هڪ خوبصورت مجموعو آهي. جنهن ۾ ڪيئي احساساتي منظر قلمبند ٿيل آهن، تنهن هوندي به طارق جي سڃاڻ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار واري ئي رهي. اصل ۾ طارق جي ڪهاڻين ۽ احساسن، جڏهن به اختصار جي انگِي پئي اوڍي، تڏهن انهن شاعريءَ جو روپ اختيار پئي ڪري ورتو. ۽ نظم ڄڻ سندس منظوم ڪهاڻي بڻجي پئي ويا.
طارق عالم جي هن مجموعي ۾ ڏنل شاعري پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته طارق فطرت پسند ۽ نگاهن سان منظر فلمائيندڙ شاعر هو، جنهن پنهنجن احساسن کي شاعريءَ جو روپ ته ضرور ڏنو آهي، پر ڪنهن عام شاعر وانگر رڳو قافيه پيمائي ناهي ڪئي، هن جا ڪجهه شعر/غزل ته آهن ئي بنا قافيي جي (جن کي غزل چوڻ مناسب نه ٿيندو) تنهن ڪري، هن جو اڪثر ڪلام رنگن سان ڀريل ٿالهه يا ريشم جي کليل ٿانن وانگر محسوس ٿيڻ جي باوجود، پڙهڻ کانپوءِ ڪنهن اهڙي اداسيءَ ۾ ٻڏل احساس کي جنم ٿو ڏئي، جيڪو سمنڊ ۾ ڪرندڙ سج جي ڏسڻ سان پيدا ٿيندو آهي.
تون جنهن کي پٿرن جو ڍير ٿو چئين
سا منهنجي ماءُ جي قبر آهي
-
اسان جي ڀاڳ ۾ آهين نه آهين،
اسان جي خواب ۾ آهين مگر تون،
نه هو پيغام اڄ بي ڪو پرينءَ جو،
هوائن جا پلوَ کولي پڙهيائين.
مٽايا اُس پاڇا پئي اڱڻ ۾،
غمن جا ڇڄ گُم سم ٿي ڇڙهيائين.
ڄڻ هن جا احساس منظرن مان ٿا جنم وٺن ۽ هو انهن احساسن کي وري منظرن جي خوبصورت تشبيهن سان نظمَ جو روپ ٿو ڏئي ۽ اها ڳالهه هن جي ڪلام ۾ تمام ججھي انداز ۾ ٿي ملي هوائن جا پلوَ کولي پڙهڻ، اڱڻ ۾ اس جا پاسا مٽائڻ غمن جي ڇڄ ڇڙهڻ وارو فن ۽ ترڪيبون فقط طارق وٽ آهن.
توڙي جو اهي منظر نوان هرگز ڪونه آهن، پر اهي شاعريءَ ۾ به اهڙيءَ ريت بيان ناهن ڪيا ويا. ڇو ته انهن کي، اهڙي ريت فقط طارق عالم جهڙو مصور شاعر ئي پيش ڪري ٿو سگهي جو هو بنيادي طور هڪ مُصور آهي لفظ هن لاءِ ميڊيم يا اظهارَ جو وسيلو آهن، رنگن جي جاءِ تي.
سمونڊن تي سيگل ڏسي ايئن لڳو
اڏايا هجن، ڪنهن سوين خط ڪٺا
-
سرءَ جي شامَ، هو وسرام لئه لهي پيو سج
هوا لڏي پئي وڻ ۾، اداس آهي ٺل
-
هي ڪاريءَ جو ڪنڌ لڙهي ٿو
يا سنڌوءَ ۾ چنڊ لڙهي ٿو
-
ڇوڪري آهي يا ڏکڻهاري
اک ان جي هزار ڏنگ آهي
-
نديءَ جو ڇوڙ ساگر ۾ ٿئي ٿو
محبت جا هزارين ڇوڙ آهن
طارق جي شعر ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت نه آهي، نه لفظن جي هيرا ڦيري، نه ڏک جو ڏيکاءُ. هو سنڌ جو سچو آرٽسٽ ۽ درد مند ليکڪ/شاعر آهي. هن وٽ پنهنجا پُور ۽ سنڌ جا سُور رليا مليا پيا آهن. هن سنڌ جي سورن کي تبليغ بدران تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. پوءِ اهو بينظير جي شهادت جو هاڃو هجي يا ٻوڏن جون تباهيون، خواب هن جا پنهنجا ذاتي هجن يا عام جا، جيڪي ڏهه ڪلو اٽي لاءِ قطارن ۾ بيٺل هوندا هئا، ۽ هن کي ڪڏهن ڊسٽ بن الٽيون ڪندي محسوس ٿيندا هئا ته ڪڏهن روح جي تختين جهڙا جھوپڙا لڙهندا نظر ايندا هئا.
هي ڪنهن جا خواب ٿا لڙهندا وڃن پيا
سنڌوءَ جي لهرن ۾
هي جھرندڙ جھوپڙيون آهن
يا منهنجي روح جون تختيون پيون وکرن
هي ننڍڙي وڇ، تري هڪ وار ظاهر ٿي
وري گم ٿي ته گم ٿي وئي
ريل جي ڪُوڪ انڌيري کي پئي پرچائي،
دل ته ڌڙڪي پئي ، پر جسم ڪٿي بي ناهي،
لڙڪ لرزي ٿو، مگر نيڻ ڪٿي بي ناهن،
درد آهي ته سهي، زخم ڪٿي بي ناهي،
سنڌ جو آسمان مون کان پڇي ٿو،
بينظير ڏٺئي؟
۽ مان پنهنجي ڀنل اکين سان،
زمين کان آسمان تائين،
گلن جي پنکڙين جي
هڪ اڻکُٽ طوفان کي
ڦيريون پائيندي ڏسندو رهان ٿو.
هن جو نظم ”سنڌ يونيورسٽي“ ته ڄڻ کانئس حسرت ڀري موڪلاڻي آهي.
جي به خواب پوکيم، رات جي زمين ۾
سي اڃان کِڙيا نه ها، ڪنهن ٻڌل ربين
حسرتون ته ٻيون به هيون، جيڪي شاعريءَ جي نوٽبڪن ۾ گلاب جي پتين وانگر سوڙهيون ٿي سُڪي رهيون هيون.
ڀري جھول آئي ستارن جي رات
مگر تون نه آئينءَ ته هو ڇا ڪري!
هي سٽون هن چيون ته الاءِ ڪنهن لاءِ هيون، پر مون کي لڳو ته ڄڻ هن پاڻ لاءِ ئي چيون هجن.
رات گهاري هليو ويو هو به
بس گذاري هليو ويو هو به
هرڻ گم ٿي ويو آ جھنگلن ۾
۽ پويان ڇال رهجي ويا هوا ۾
هن جو نظم ”هو اڪيلو ئي ته هو“ ڄڻ سندس سيلف پورٽريٽ آهي.
مزارن تي ويٺل ڪبوترن جيان پاڻ ۾ گم
خدا جي وليءَ جي مجاور سمان
هن جي شاعريءَ ۾ خود ڪلاميءَ واري ڪيفيت به آهي ته تخاطب واري به جنهن ۾ تخليقڪار، جو ڪجهه پنهنجي شعور واري سگهاري اک سان، ڇهين حواس سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي، ان جي آگاهي ۽ چتاءُ به ڏيندو ويندو آهي.
ڪنهن پل ڇڄي الاءِ هي تند جند جي
هي چنڊ آسمان ۾ مهمان ٿو رهي
جدا ٿيڻ کان اڳ ڪجهه کلي ملي ته وٺون
ٻِي يا نصيب ملاقات، ڪا خبر ڪانهي !
ڪيترائي جڳاڙي ۽ جُگادري، هن جي گُفتي ۽ قلم کان ڪئو پيا کائيندا هئا. ايئن ڪندي، هن ڪنهن جي پرواهه به ڪانه ڪئي. ۽ جيڪي جِينيس هئا، انهن کي ٽربيوٽ به هن دل جي حضور سان ڏنو.
هن وٽ تخليقڪارن لاءِ بيحد عزت ۽ مڃتا هئي، پوءِ اهو علي بابا هجي يا شيخ اياز. علي بابا لاءِ چوندو هو: ”هُو جڏهن مون سان هٿ ملائيندو آهي ته منهنجي آڱرين ۾ تخليق وڄ جيان ڌڙڪا ڏيڻ لڳندي آهي.!“
۽ اياز لاءِ:
سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنوارڻ،
ايندو هاڻ اياز نه ڪوئي
هن کي Boss جي بانس کان سخت ڪوفت ٿيندي هئي، ۽ هو اهڙي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيترن ئي نمونن سان ڪندو هو ۽ ان لاءِ ڪڙيون تشبيهون ۽ لفظ ڪم آڻيندو هو:
پيو ڄِڀن سان ڏنگي ٿو هر ڪنهن کي
وات هن جو لنڊيءَ جو ڏر آهي
شاعراڻي احساس ۽ اظهار کان هٽي، هن ڪڏهن به فيل نه ڪرايو ته ڪو هن هارايو هو، نه ئي هن اهڙي قسم جي ڪا ڪمزوري لکائي... آخري ملاقات ۾ جڏهن ڊاڪٽرن وٽان مليل ٿوري موڪل واري وٿيءَ ۾ گهر آيو هو، کيس ڪينولا لڳل هُيو. صفا ڪمزور، چَپ خشڪ، پر رويي ۾ اڏول ۽ پُر اعتماد سڀ ڪجهه سمجھندي به سڀ ڪجهه لاءِ تيار. ”بس لکيوسين، پڙهيوسين، پيار ڪياسين، ٻيو اڃا ڇا ڪيون ها!“
طارق اسان کان ان عمر ۾ جُدا ٿي ويو، جيڪا تخليق جي حوالي سان سنڍ ناهي هوندي، سندس عمر ايڏي نه هئي جنهن ۾ تخليقڪار پنهنجو وقت ويٺي ويٺي يا ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندو آهي، طارق کي مهلت ملي ها ته هو اسان کي اڃان گهڻو ڪجهه ڏئي ها. ان ڳالهه جو احساس کيس به ضرور هيو.
ٿا جاڳن ڳوٺ ڳالهين جا اکين ۾!
پر سڀني شين کي اڌورو ئي رهجي وڃڻو هو، سندس هڪ ننڍڙي نظم جون سٽون آهن ته:
منهنجي مرڻ سان
ڪيتريون ڪهاڻيون
ڪيترا ناول
ڪيترا ڊراما مري ويندا.
اڄ جڏهن هو ڄامشوري ۾ وڻن جي جھڳٽي ڀرسان، پٿريلي زمين تي، جنهن طرف هو اڪثر سنڌي ادبي بورڊ واري آفيس جي دريءَ مان نهاريندو رهندو هو، هڪ ڊگهي سپني ڏسڻ لاءِ سمهي رهيو آهي، تڏهن ايئن پيو لڳي ڄڻ سندس آڱرين جي گرفت مان ڪيترائي پنا ڇڏائجي ويا آهن، جيڪي هوا ۾ سوين سِيگلس وانگيان اڏامي رهيا آهن ـــ جن کي ڏسي، سوچجي ٿو، الائي ته ڇا لکيو هوندائين انهن تي!!