رهجي ويل منظر ـــ عبدالقادر جوڻيجو
گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي ۽ پاڻ ۾ ايترو جڪڙيو هجيس جو صبح جو 11 وڳي کان شامَ جو 7 وڳي تائين هڪڙي ئي نشست ۾ پڙهي ويو هجانس. سو به تڏهن جڏهن هن ناول جي ڊمي پڙهڻ کان ٿورو وقت اڳ اينڊريا نيومين (Andrea Newman) جو ڪئمپس جي زنگيءَ تي لکيل هڪ سهڻو ناول “A share of the world” پڙهيو ويٺو هجان.
طارق عالم جنهن ذهني نسل مان آهي، اهو هلڪڙي جذباتيت، نعري بازي، لفاظي، ورجاءَ، سطحيت، شوبازي ۽ مشرق جي مخصوص فينٽسيءَ جو ماربل نسل آهي. ان ڪري اها توقع ئي نه هئي ته ڪو طارق عالم سنڌي زبان جو پهريون شاهڪار ناول لکندو. پر جيئن بادشاهيءَ جو قصو بيان ڪندا آهن ته بادشاهه بي اولاد مري ويو ته درٻارين فيصلو ڪيو ته ڪبوتر ٿا هوا ۾ ڇڏيون. اڏري اڏري جنهن جي مٿي تي ويهندو اُهو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. سو سنڌي زبان جي هن تخليقي شاهڪار جي ڪبوتر کي الائي ڪهڙي من ۾ آئي، جو هو ڪنهن اصلي شهزادي جي بدران رول ڇوڪري طارق عالم جي سِرَ تي اچي ويٺو. ڪنهن جي ڀاڳن سان ريس ته ڪانهي پر اُميد الله ۾ آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي سندس مٿي تي ڪبوتر جي بدران ڪانگ وهاريو ويندو. رهي ڳالهه تخليقَ جي ته اها ڇم ڇم ڪندي وٽس ئي آئي آهي.
هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو. ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سُرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا. ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽُٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجھامندا محسوس ٿو ڪري.
ناول جي صنف جِتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گهوري آهي، اُتي ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي هُنر مندي ٿي کپي، ڇاڪاڻ ته ناول جو ڪينواس ٻين سڀني صنفن جي مقابلي ۾ وڏو ۽ طاقتور آهي. ڊگهي پنڌ ۾ ساڳيءَ رفتار ۽ موڊَ سان هلڻ يا آرٽ ڪرافٽ جو توازن برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ۽ خاص ڪري ان صورت ۾ اهو ڪم وڌيڪَ ڏکيو ٿي وڃي ٿو جڏهن سنڌي ادب ۾ هنر منديءَ تي ڌيان ڏيڻ ته ڇا، ان کي عيب، سمجھيو ويندو آهي. هُنرمنديءَ تي يا وري ڪجهه ڌريون ايترو زور ڏينديون آهن جو آرٽ گم ٿي ويندو آهي ۽ رڳو ناصحانه قسم جو ڪرافٽ ئي وڃي بچندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ناول ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو توازن ڏسي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي، سنجھا ۽ پنهونءَ جي رومانس شروع ٿيڻ کان وٺي ظهير ۽ سنجها جي رومانس تائين ناول کي شاهه ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو آهي. ليکڪ ڪٿي به ٿيڙهه کائي ٻئي پاسي ايترو نه هليو ويو آهي، جو مرڪزي لائين غائب ٿيندي محسوس ٿئي. جيتوڻيڪ هي ناول رڳو سنجھا ۽ پنهونءَ جي رومانس تائين محدود نه آهي. هن ناول ۾ نصير، ناردمني، ٽيلي اسٽار، راحت حسين، صبا، سنجھا جي ”ادا“ پارٽي ۽ چڻن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو، مرڪزي ڪردارن سان گڏجي ڪئمپس جو هڪ پورو ۽ خاص پهلو پڙهندڙ اڳيان چٽو ڪري ٿا بيهارين. اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڪئمپس جي ڀرپور نمائندگي ٿا ڪن، منجھن ڪو به غير معمولي نه آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ڪردار پنهنجي تحرڪ سان ڪهاڻيءَ کي مرڪزي نقطي يا مرڪزي لائين تان نه ٿا هٽائين، ايتريقدر جو ناول نويس ڪئمپس مان نڪري ڪراچيءَ ۾ عليءَ جي گهر ٿو اچي ته عليءَ ۽ سندس زال جي جھيڙي ۾ به کيس پنهنجو مستقبل نظر ٿو اچي ۽ عليءَ جي گهر کي هو ناول ۾ ايترو ئي ٿو آڻي جيتري ان جي ضرورت آهي، نه ته عليءَ جي ڪردار ۾ ايڏي ته ڇڪ آهي جو اِهو ڪردار ناول جي مرڪز جي فيوز کي وڏي خوشيءَ سان اڏائي سگهي ٿو.
جِتي مرڪزي لائين کان هٽي وڃڻ ناول لاءِ نقصانڪار آهي. اُتي خود ان لائين تي قائم رهڻ به خطري کان خالي نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورتحال ۾ ليکڪ ڪٿي به يڪسانيت، ورجاءُ ۽ سست رفتاريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. پر هن ناول ۾ ليکڪ ساڳيءَ واٽ تي هلندي ڏاڪي به ڏاڪي زندگيءَ جا ۽ رشتن جا نوان پهلو کوليندو ٽوڙ ڪري ٿو، جِتان تان کڻي ٿو اُتي ئي وڃي ٽوڙي ٿو، پر تان کڻڻ ۽ تان ٽوڙڻ جي وچ واري عرصي ۾ هو زندگيءَ جا ڪئين رنگ ۽ روپ ڏيکاري ٿو. اُهي رنگ روپ اهي آهن جيڪي اسان ڏسندا ته رهندا آهيون پر انهن کي کولي پڌرو ڪري نه سگهندا آهيون.
اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪه پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر جيڪي ڪردار ملندا آهن، اُهي يا ته فرشتا هوندا آهن يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندا، غازي يا شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهٽ تخليق ڪيو ويو آهي. ٻه چڱايون چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين منصف مزاجي ٿي کپي. ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي خصوصيتون ڏيکاريون آهن. هن سڄي ناول ۾ پنهنجي ڪنهن به دوست ڪردار تي رحم نه کاڌو اٿس، ڪنهن به دشمن ڪردار سان بي انصافي نه ڪئي آهي. ڪنهن به ڪردار جي مٿي تي سڱ نه آهن. ڪٿي به اصول جي پيار جو ۽ چڱائيءَ جو نعرو هنيل نه آهي، ڀلا جي ڪو ماڻهو نعرو هڻي به سهي ته ليکڪ جو ايجاد ڪيل نعرو ڇو هڻي. پنهنجو نعرو ڇو نه هڻي. جيتوڻيڪ هن ناول ۾ ”پنهون“ طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار وسيلي ڪو به نعرو هڻائي سگهي ٿو. پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪه هنڌ هنڌ پنهنجا ڇوڏا به لاهي ويو آهي.