شخصيتون ۽ خاڪا

صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)

طارق عالم: سنڌي ٻوليءَ جو خوشنصيب ليکڪ ـــ شوڪت حسين شورو

طارق عالم تي جڏهن لکڻ لاءِ مون سوچيو ته، منهنجي ذهن ۾ هڪدم ٻه جملا آيا. ڪي ماڻهو سڀ ڪجهه هوندي بدنصيب هوندا آهن ۽ ڪي ماڻهو ڪجهه نه هوندي، خوشنصيب هوندا آهن. پر اهي ٻئي جملا اڻ سِڌا هئا ۽ پهرين ته آئون سمجھي نه سگهيس ته انهن جو طارق عالم جي حوالي سان ڪهڙو مطلب هو. پر طارق عالم تي سوچڻ کانپوءِ اهي چِٽا ٿيڻ لڳا، طارق عالم سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، سٺا ناٽڪ لکيا آهن، پر ان کان وڌيڪَ سنڌي ادب کي ”رهجي ويل منظر“ جهڙو شاهڪار ناول ڏنو اٿس. ان کي زندگي، جو سٺو ساٿي مليو آهي، اهو سڀ ڪجهه هوندي به بدنصيبيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هو گهڻو بيماريءَ جو شڪار ٿيو آهي، جنهن جي علاج لاءِ لکين روپيه کپن. اها بيماري اهڙي ڪانهي جيڪا لاعلاج هجي. طارق عالم جهڙي خوددار نوجوان کي ائين اقتدار جي فائدن لاءِ واجھائڻو پوندو ۽ آسرن تي ڏينهن ڪاٽڻا پوندا اِها پنهنجي جاءِ تي سچ ته تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. جيستائين خوشنصيبيءَ جي ڳالهه آهي، ته آئون نٿو ڀانيان ته سنڌيءَ جي ڪنهن ٻئي نوجوان ليکڪ کي پنهنجن ساٿاري ليکڪن، توڙي، پڙهندڙ سان، ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ايترو پيار، ايترو ڌيان مليو هجي. طارق عالم وڏيرو يا ايڏو وڏو آفيسر ڪونهي جو ماڻهو سندس خوشامد ۾ لڳا رهن. هو مولائي ماڻهو آهي، هُنَ وٽ ڪجهه ڪونهي. پوءِ به هُنَ کي اڻ ميوپيارُ مليو آهي. سموري ڏُکاين، تڪليفن ۽ اڻ هوند سان، هيستائين هن جيڪو بيماريءَ ۾ وقت ڪاٽيو آهي، سو هن پيار، ڌيان ۽ همدرديءَ جي گھاٽي ڇانوَ هيٺ ڪاٽيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي، جو همدرديءَ جو لفظ مون کي ناهي وڻندو. ۽ مون کي پڪ آهي ته طارق عالم کي به نه وڻندو. همدرديءَ جي لفظ مان رحم جي بوءِ ايندي آهي ۽ رحم وڏن ماڻهن کي ايندو آهي، سنڌي ليکڪ وڏا ماڻهو ڪونه آهن. اسان وٽ لکڻ سان وڏو ڪونه بڻبو آهي. هِتي وڏ ماڻهپائي، سماجي رتبي، سوشل اسٽيٽس سان ماڻي ويندي آهي، عبدالقادر جوڻيجي جو نالو ملڪ جون سرحدون ٽپي، بنا ويزا جي دوست ٽوڙي دشمن ملڪن ۾ وڃي پهتو آهي. پر اهو به رڳو نالي سان وڏو ماڻهو ٿي ڪونه سگهيو آهي. هن وقت يونيورسٽيءَ جي گهر ۾ رهندڙ ۽ پنهنجن پيرن تي ڀاڙيندڙ آهي. جيڪڏهن سنڌالاجيءَ ۾ نوڪري نه هجيس ته هڪ طرف نالي جو نشو ۽ٻئي طرف شيخائيءَ جي ڪري بيلنس وڃائي هيستائين اڌ چريو بڻجي چڪو هجي ها. چوڻ جو مطلب هي اهي، ته جوڻيجي کي طارق سان همدردي هوندي ته اُها برابريءَ جي بنيادن تي هوندي اهو ساڳيو درد هوندو جو پنهنجائپ ۾ ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪندو آهي. آئون جڏهن به طارق عالم سان ملندو آهيان ته منهنجي من ۾ پيار جي اُڇل اُٿندي آهي ان سان گڏ ان لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جي بيوسيءَ جو احساسُ ٿيندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نِگار جي حيثيت سان، طارق عالم جو سنڌي ادب ۾ ڪهڙو درجو آهي. ان جي ڪَٿَ هِتي نٿي ڪري سگهجي. ايترو چئي سگهجي ٿو ته هُنَ هروڀرو لکڻ لاءِ ڪجهه ناهي لکيو. جيئن اسان جا ڪي ليکڪ لکڻ لاءِ هروڀرو لکندا آهن. طارق عالم کي ادب جي ميدان ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه ٿيو آهي، هن ٿوري وقت ۾ جيڪي لکيو آهي، سو معياري آهي. اسان وٽ شارٽ اسٽوري يا مختصر ڪهاڻي، يورپ ۽ آمريڪا مان آئي. پر اها اُتي مري چڪي آهي. موپاسان، اوهينريءَ جو دور ختم ٿي ويو. انهن کانپوءِ يورپ يا آمريڪا جو اهڙو ليکڪ ڪونهي، جنهن کي رڳو ڪهاڻي لکڻ جي ڪري مڃتا ملي هجي. هُتي بنيادي شيءِ ناول آهي. جنهن کي ادب ۾ اوليت حاصل آهي. جيسين ڪهاڻيءَ جو تعلق آهي، ته ڪجهه ليکڪ ناول لکي پورو ڪري جيستائين ٻيو ناول شروع ڪندا آهن. تيستائين ساهي کڻڻ واري وقفي ۾ هڪ ٻه ڪهاڻيون لکي وٺندا آهن. اسان وٽ سڄو زور ڪهاڻيءَ تي رهيو آهي، پر ڪهاڻيءَ جي هن وقت حالت اها آهي، ته سٺا ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي چڪا آهن. جنهن جو مثال عبدالقادر جوڻيجو، آغا سليم، مشتاق شورو، مدد علي سنڌي آهي. علي بابا، امر جليل ۽ نور الهديٰ شاهه جون سال ۾ هڪ ٻه ڪهاڻيون نظر اينديون آهن. مون کي ته ڪيهر شوڪت جي به ڪهاڻي ويجھڙائيءَ ۾ نظر نه ائي آهي، رسالن جي ايڊيٽرن کي شڪايت آهي ته کين سٺيون ڪهاڻيون نٿيون ملن، منهنجو خيال آهي ته، ٽي ــ وي ۽ ريڊيو جي ڪري هي دؤر ڪهاڻيءَ جو ڪونهي، ڊراما ۽ ناول جو دؤر آهي. اِهو ته الڳ موضوع آهي، ان حوالي سان طارق جي فن تي نظر وجھجي، ته هن ۾ ڊرامن ۽ ناول لکڻ جي ڀرپور تخليقي قوت آهي. ”رهجي ويل منظر“ کانپوءِ هو ٻيو ناول لکي رهيو آهي ۽ سندس ڊراما به ٽي وي تي ايندا رهيا.
طبيعت ٺيڪ نه هوندي به سندس تخليقي قوت بيماريءَ اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن. ۽ اِها هر ڪنهن جي وس ڳالهه ڪانهي، طارق عالم پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو ڪردار آهي، هڪ اهڙو ڪردار، جيڪو ناول ۾ پڙهبو آهي يا فلمن ۾ ڏسبو آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن، پاڻ ڳڻي سگهندو آهي ۽ هر گذرندڙ آخري ڏينهن کي ويجھو پوندو ويندو آهي، پر اهو ڪردار هرپل کي موههَ جي مڻيي سان کل خوشيءَ سان گذاريندو آهي، ڪي ماڻهو جسماني طور ٿلها متارا هوندي به، ذهني طور ڪمزور ۽ بيمار هوندا آهن. طارق عالم انهن مان ڪونهي هو جسماني لحاظ کان ڪمزور آهي پر ذهني طور صحتمند ۽ بهادر آهي. اها ڳالهه سندس کِلَ مان ظاهر آهي، جنهن ۾ ڪو فرق نه پيو آهي، جيڪا هينئر به موهيندر آهي ۽ جنهن ۾ ڀرپور زندگي آهي. مون کي منهنجن دعائن ۾ اعتبار ڪونهي، پر پوءِ به ائين جيئن ڪنهن پنهنجي لاءِ پاڻمرادو دل مان دُعا نڪرندي آهي، تيئن طارق عالم لاءِ به دُعا نڪريو وڃي ته شالَ صحت ۽ وڏي ڄمارَ ماڻي.