طارق عالم: لفطن جو صادقين ـــ احمد سولنگي
ورئي واهوندن، ڪينجھر کٿوري ٿئي.
(شاهه)
هڪ مغربي شاعر رچرڊ جو نظم آهي ته:
”جڏهن رات جو پارو پئجي رهيو هو
۽ جنگ جي ميدانَ ۾ بندوقون خاموش هيون
مون کاهيءَ کي ٽيڪ ڏئي
هائيڪو شعر جوڙيو
چنڊ، گلن ۽ برف جي باري ۾“
هائيڪو جو گهرو اثر قبول ڪندڙ مغربي شاعرن جديد هائيڪو جي بدران باشو جي هائيڪو کي پنهنجي مطالعي جو موضوع بنايو آهي. ڊاڪٽر اسلم لکيو آهي ته باشو اهو پهريون فنڪار هو جنهن هائيڪو شاعريءَ جي فارم جي پوري طرح جائزو ورتو ۽ ان کي عالمي حيثيت ڏياري. جيڪو به شاعر هائيڪو کان متاثر آهي يعني اهو باشو کان متاثر آهي.
باشو جنهن دور ۾ اک کولي اهو ادبي اعتبار کان روايت ۾ جڪڙيل هو. لفظن جي بازيگري ابهام ـــ باشو انهن سڀني روايتن خلاف جهاد ڪيو ۽ هائيڪو کي نئين انداز سان متعارف ڪرايو ـــ باشو چيني شاعرن ”لي پائي“ ۽ ”نو مو“ ۽ جپان جي ”سوگي“ ۽ ”سائي گير“ کان تمام گهڻو متاثر هو. باشوءَ هائيڪو ۾ فطرت جي حسن، حيات ۽ ڪائنات جي اونهي معنيٰ ۽ پنهنجي بي قرار روح جي سوز کي پوريءَ طرح نمايان ڪيو آهي. باشو، مندرن، مقبرن ۽ اوچن وڻن جي گھاٽن جھنگن ۾ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ تي غور ڪندو رهيو. جيئن سنڌي ڪلاسيڪل بيت ۽ وائي تي تصوف جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. ائين جپاني هائيڪو تي به ٻڌمت جو تمام گهرو اثر ڇانيل آهي. جنهن جي بنياد وجھندڙ گوتم چيو هو ته: ”اهي شيون جيڪي ٻين شين مان جڙيون آهن سي فنا ٿينديون، باقي سڀ بقا آهي.“
هائيڪو صرف تصوير يا اسڪيچ ناهي پر ان سان گڏ هائيڪو جو فڪري تاڃي پيٽو ئي هائيڪو جي جان آهي. فڪر کانسواءِ هائيڪو اڻ مڪمل آهي. معروضيت ۽ فڪر جي ملڻ ڪري ئي هائيڪو جو حقيقتي تاثر پيدا ٿئي ٿو. هائيڪو ۾ فڪر کي به استمراري حالت ۾ Objective منظرن ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي. هائيڪو جي موضوع ۾ ڪو به مونجھارو ناهي اهو گل محمد کتريءَ جي مصوريءَ جهڙو آهي. جنهن ۾ رنگ ۽ عڪس رلمل آهن.
هڪ سڪل ڦانگ تي
خزان جي شام جي ڌنڌلڪي ۾
هڪ اڪيلو ڪانءُ
باشو پنهنجي هڪ هائيڪي ۾ ڪيڏي نه انوکي نموني سان هائيڪو جا سڀئي فڪري ۽ فني انداز اجاگر ڪيا آهن نه ئي ڪا لفظي بازي گري ۽ نه ئي ڪو ابهام. سادو ۽ بي تڪلفانه انداز. فطرت جو خاموش، ليڪن نفيس مشاهدو. مڪمل طور تي معروضي خزان جي شامَ جي تنهائي ۽ اداسيءَ جو ڀرپور اظهار. پوڙهائپ ۽ موت ڏي هلڪو اشارو غير محسوس پر بليغ ۽ پر معنيٰ. شيڪي پنهنجين لکڻين ۾ فطرت کي محفوظ ڪيو. هن جو چوڻ هو ته فطري ٿيو ۽ معروضي نظارن کي اهميت ڏيو.
جپاني عورتون وڏيون هائيڪو نگار ٿي گذريون آهن. ”سونو جو“ پنهنجي هائيڪي ۾ منظر ڪشيءَ جي لطافت سان گڏ ان ۾ اشارتي پهلو به وڌيڪَ پيدا ڪيو آهي. باشو پنهنجي موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن بيماري جي حالت ۾ هو تڏهن ان ”سونو جو“ لاءِ چيو ته هو اهڙي ڦلواڙيءَ جي ڦولَ جيان آهي جنهن تي مٽيءَ جي دز به نه آهي.
جان گولڊ کي هائيڪو جي معروضيت وڌيڪَ پسند هئي ان موجوده انگريزيءَ شاعريءَ ۾ معروضيت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. حقيقت ۾ هائيڪو جي سڄي تاريخ باشوءَ جي اثر جي تاريخ آهي. باشوءَ جو اثر اڄ به زندهه ۽ تابنده آهي. هائيڪو نيون منزلون طئه ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ ان کي عالمي حيثيت به حاصل ٿي چڪي آهي ۽ دنيا جي مختلف زبانن ۾ هائيڪو لکجي رهيو آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسي ۽ نارائڻ شيام بهترين ۽ خوبصورت هائيڪو لکيا آهن ۽ انهن هائيڪو جي اصل ڳر کي به سلامت رکيو آهي. تنوير ۽ شيام کانپوءِ سنڌيءَ شاعريءَ ۾ اياز، امداد، ادل سومري، ايازگل، تاج جوئي، سحر امداد، نعيم دريشاڻي، تاجل بيوس، خاڪي جوئي، وسيم سومري، مختيار ملڪ ۽ ٻين ڪيترن نوجوان شاعرن بهترين خوبصورت هائيڪو لکيا آهن.
طارق عالم جو ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ تمام وڏو واڌارو آهي سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ کانپوءِ طارق عالم جو ئي ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ آهي، جنهن ۾ طارق سوچن، جذبن، خيالن ۽ فطرت جي حسين نظارن جو اظهار ڪيو آهي. مونکي طارق عالم جي هائيڪو ۾ جيڪا وڌيڪَ شيءِ محسوس ٿئي ٿي يا نظر اچي ٿي اها اِها آهي ته طارق سنڌي هائيڪو جي فارم ۾ هائيڪو جو حقيقي تاثر، حقيقي احساس، مزاج ۽ مفهوم کي برقرار رکيو آهي. جنهن مان ڄاڻ پوي ٿي ته طارق هائيڪو جو گهرو مطالعو ڪيو آهي، جنهن جو ئي اثر آهي جو طارق جي هائيڪو ۾ “Objective” منظر وڌيڪَ نمايان آهن.
گهلي پورب واءُ
ٻالڪ پهرين وک تي
ڪيڏو مرڪي ماءُ
طارق جي چٽي تخيل هڪ نقش جو خاڪو پيش ڪيو آهي. پورب جو واءُ گھلي ٿو. ٻالڪ پهرين وک کڻي ٿو ۽ ماءُ مرڪي ٿي. اهي ٽئي منظر ڪيڏي نه انوکي نموني سان طارق هائيڪو ۾ سمايا آهن ۽ ان سان گڏ طارق هائيڪو جي حقيقي ڪيفيت کي متعارف ڪرايو آهي.
باشو جو چوڻ هو ته: ”ڪو به اهڙو موضوع ناهي جيڪو هائيڪو لاءِ ٺهڪندڙ نه هجي“. تنوير جا هائيڪا آهن:
چهرو ڪاوڙيل
۽ ڪالر تي ڪوٽ جي
ٽڙندڙ گل لڳل
ڪيڏو نه چٽو عڪس آهي ۽ شاعريءَ لاءِ ڪيڏو نه جديد ۽ نئون موضوع آهي. انهيءَ هائيڪو ۾ تنوير ڪيڏي نه مهارت سان رنگ ڀريا آهن.
ڇڻيو ٻٻر جو ٻور
چارو پيلو ٿي ويو
وڃڻو پوءِ به دور
امداد، تنوير جي انهيءَ هائيڪو تي لکيو آهي ته تنوير جا چارا ٻٻر جي ٻور سان ڇانيل ضرور آهن پر اها ”ماڳ“ ڏانهن ويندر واٽ ئي ته آهي. تنوير جي شاعريءَ جي ٻين صنفن تي پڻ هائيڪو جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. نارايڻ شيام ته تمام خوبصورت هائيڪو لکيا آهن:
سينور چڙهيل تلاءُ
ڏيڏر ٽپ ڏنو مگر
لهرن جو نه لکاءُ
ڪوتا جي ڪاڪ ڌڻيءَ سانوري شيام جي ته سنڌي هائيڪو تي هڪ هٽي آهي. پر طارق عالم جا هائيڪا اهڙا ته خوبصورت ۽ فنڪارانه انداز سان لکيل آهن جو لڳي ئي نٿو ته هائيڪو ڪا اوپري صنف آهي. تنوير جي لکڻ موجب ته ٻوليءَ لاءِ ڪا به صنف اوپري نه آهي رڳو ان کي شاعرن جي فنڪاراڻي ڇهاءَ جي ضرورت آهي.
ٽيڙن جي ٽم ٽم
سرد هوائن ۾ بيٺل
تنها وڻ گم سم
خالي آڳر ۾
پٽ تي پيلو پن آ
سانت ڀاڪر ۾
طارق ڪيئن نه صادقين جيان هڪ جھٽڪي سان پنهنجي منظر جي ڪائنات تخليق ڪري وٺي ٿو ۽ هائيڪو جي اختصار ۾ ڪيڏي نه وسيع ڪائنات جي رمز پيش ٿو ڪري.
سنڌو ڪنارو
ٻيڙيون، ٻار، مهاڻيون
ٽمڪيو پي تارو
مٿئين هائيڪو ۾ معروضي منظر ۽ عڪس ته ڀرپور آهي پر ان معروضي منظر ۽ عڪس جو استمراريءَ جي حالت سان ڳانڍاپو ڪونهي.
”ٽمڪيو پي تارو“ ماضي قريب جو مفهوم ٿو ڏئي جنهن جي نتيجي ۾ هائيڪو جو اصل تاثر پيدا نه ٿو ٿئي. انهيءَ معروضي منظر جي مسلسل عمل کي (ٿي رهيو هجڻ) استمراريءَ ۾ قلمبند ڪيو وڃي ها ته هائيڪو جي ڪيفيت برقرار رهي سگهي ٿي. اهيو ساڳيو هائيڪو جيڪڏهن هن طرح لکيو وڃي ته هائيڪو جو اصل مفهوم برقرار رهي سگهي ٿو.
سنڌو ڪنارو
ٻيڙيون، ٻار مهاڻيون
ٽمڪي پيو تارو
جيتوڻيڪ انيڪ فني ۽ فڪري ڪوتاهين کان طارق عالم جي هائيڪو شاعري به آزاد ڪونهي پر ان جي باوجودجيتري ٿوري وقت ۾ طارق عالم هائيڪو لکي ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. اهو ڪنهن ورلي شاعر کي مقام حاصل هوندو.
مجموعي طور ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي هائيڪو شاعري ۾ خوبصورت ۽ بهترين اضافو آهي.