صبح جو ستارو ـــ ماهتاب اڪبر راشدي
طارق عالم ابڙو، پنهنجي ادبي حيثيت ۽ قد ۽ بت ۾ اضافو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي ڪندو رهيو. منجھس لکڻ جو ڏانءُ هو. هڪ تخليقڪار وانگر حساسيت هن جي سوچ ۽ زندگيءَ جو حصو رهي. جذباتي به گهڻو هو پر هروڀرو به اَنا پرست ڪونه هو. مون هن کي پنهنجي آس پاس ڏٺو. مرڪندڙ..... نهٺو.... حليم... هوريان ڳالهائيندڙ.... هميشه عزت سان پيش ايندڙ.... پنهنجي رَوين ۾ هو مون کي هميشه مثبت نظر آيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رسالي جي ادارت ڪندي سندس ڪم جي مهارت نظر آئي. هن سان وڌيڪَ تعارف تڏهين ٿيو، جڏهن خبر پيم ته طارق جي شادي سنڌالاجي جي ميوزم ۾ ڪم ڪندڙ اسان جي ڪارڪن رضيه لاڙڪ سان پئي ٿئي. خوشي ٿيم. رضيه کي جن ويجھو کان ڏٺو آهي ۽ کيس سڃاڻن، سي اهو ٻڌائيندا ته هُوءَ هڪ انتهائي سنجيده قسم جي خاتون آهي. ڇهن سالن تائين، جيستائين مان اُتي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ رهيس، مون کي ميوزيم جي انچارج وٽان سندس ڪم جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪا شڪايت ڪانه ملي. بلڪه ان جي برعڪس، عظيم چانڊئي جهڙي ڏُکئي منتظم سان ڪم ڪرڻ ۽ تعريف حاصل ڪرڻ لاءِ رضيه کي ئي دادُ ڏئي سگهجي ٿو.
اسان وٽ عام طور ليکڪ، آرٽسٽ ۽ شاعر گهڻو تڻو پاڻ کان به لاپرواهه ته گهر وارن جي ذميواريءَ کان به پاڻ کي آجو ئي رکندو آهي. تخليقڪار هئڻ جي نالي ۾ گهڻي آزادي ۽ ڇڙواڳي چاهيندو آهي ۽ اهو ورتاءُ سندس زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي. مون کي طارق جي اٿڻي ويهڻيءَ جي ايتري خبر ته ڪانه هئي، پر اِها پڪ هيم ته رضيه جهڙي سنجيده، وفادار، اَوِرچ ۽ محبت ڪندڙ عورت، طارق جي گهريلو زندگيءَ ۾ ڪو نظم و ضبط ضرور آڻيندي. جھيڙيڪار ته هوءَ هُئي ڪونه، ان ڪري لڳي ٿو ته سندس بي ترتيبن ۽ وقت بي وقت گهر اچڻ تي به ڪو فساد برپا ڪونه ڪيو هوندئين. هُوءَ باوقار عورت وانگر پنهنجي گهر، وَر ۽ ٻچن کي پاڻ سان سانڍيندي رهي.
ٿيو ته ائين ئي، پر طارق ۽ رضيه جي زندگيءَ ۾ به ڪي آزمائشن جهڙيون آزمائشون آيون!! طارق جي صحت، گُڙدن جي خرابيءَ جي لحاظ کان سندن زندگيءَ جي وڏي آزمائش هئي. ان معاملي ۾ مان طرق کي خوشنصيب سمجھان ٿي ته کيس دوستن، احبابن ۽ گهر وارن جون بي انتها محبتون جھوليون ڀري ڀري کيس سدائين نصيب ٿيون. پهريون ڀيرو به جڏهن ڪڊني ٽرانسپلانٽ لاءِ هُو انگلنڊ روانو ٿيو هو، ته اُهو سڄو مرحلو ۽ حڪومتي اقدام، محمد خان جوڻيجي مرحوم جي حڪومت ۾ وڌيڪَ وقتائتا، باوقار ۽ عزت ڀريا هئا. انگلينڊ ۾ هن جو مرحوم ڄام صادق علي جهڙي سخي مرد سان واسطو.... جيڪو پنهنجي تڪراري سياسي ڪردار باوجود سٺو انسان به سمجھيو ويندو رهيو آهي ۽ مهمان نوازي ۽ انسان شناسيءَ جو هنر پڻ ڄاڻندو هو، جنهن جي مدد ڪرڻ وارو انداز انوکو هو، جنهن ۾ هُو اِهو نه ڏسندو هو ته هن جو ڪهڙي ”پارٽيءَ“ سان تعلق آهي، سڀاڻي ووٽ ڏيندو يا نه!. انهن سڀني ڳالهين جو اظهار، طارق، پنهنجي اُنَ دؤرَ جي لکڻين ۾ ڪري چڪو آهي. هي اُهو دؤر هو. جڏهن گُڙدن جي تبديليءَ وارو علاج، پاڪستان ۾ عام ڪونه هو ۽ ڪي خوشقسمت يا پئسي وارا ئي، ٻاهران وڃي اهو علاج ڪرائي سگهندا هئا. الله وڏي حياتي ڏئي ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ کي جنهنSIUT جهڙو عظيم ادارو ٺاهي، سنڌ ۽ پاڪستان جي بي اميد، بي آسرا ۽ بي يارو مددگار ماڻهن لاءِ اهڙو دروازو کوليو آهي جِتي ڪير به وڇي سگهي ٿو. بنا ڪنهن سفارش ۽ بنا ڪنهن پئسي خرچڻ جي، انتهائي قابل ڊاڪٽرن جي مدد ۽ معاونت سان علاج کين ميسر ٿئي ٿو ۽ هُو شفاياب ٿين ٿا.
طارق، جڏهين، انگلنڊ مان علاج کانپوءِ واپس آيو ته اڪثر ملاقاتن ۾ سندس وڌيل وزن ڏسي کيس چوندي هئس: ”طارق! ٿلهو ٿيندو ٿو وڃين.... خير ته آهي؟“ کِلي چوندو هو: ”ميڊم! دوائن جو ڪرشمو آهي. ٽرانسپلانٽ کانپوءِ، مسلسل دوائون وٺڻيون آهن ۽ نارمل زندگي گذارڻ لاءِ، ايترو ٿلهو به رهڻو پوندو...“
نارمل زندگي هن يقيناً گُذاري... نوڪري... گهر... ٻار ٻچا... دوستي ياري.... سئر سپاٽا... ڪانفرنسون... فنڪشن.... لکڻ..... تخليق.... سڀ ڪجهه. کيس سُڪون وارو گهر ميسر هو، همدرد ۽ پيار ڪرڻ واري زال جو ساٿُ هو، پيار ڪرڻ وارا ٻار، محبت ڪرڻ وارا ڀائر ۽ ڀينرون ۽ جان ڏيڻ وارا دوست! ٻيو کيس ڇا گهربو هو؟
انهن سڀني ڳالهين جو اندازو تڏهين ٿيو، جڏهن خبر پيم ته طارق جو ٻيو گڙدو به جواب ڏئي ويو آهي، ان کي تبديل ڪرڻو پوندو، ٽرانسپلانٽ ٿيل گڙدو به ڪم نه پيو ڪري، پر وڏو مسئلو ته اِهو ٿي پيو ته هن جو جيرو پڻ متاثر ٿي چڪو هو ۽ ان جو علاج ان کانسواءِ ٻيو ڪو نه هو ته ان کي تبديل ڪيو وڃي ۽ اُهو علاج پاڪستان ۾ ميسر ڪونه هو.
هُو SIUT۾ پنهنجي همدرد، غم گسار ۽ فرشته نما، ڊاڪٽر اديب رضويءَ جو اچي مهمان ٿيو. مون وٽ نصير مرزا ۽ انعام شيخ جا فون ۽ پيغام اچڻ شروع ٿيا. مان هنن ۽ ڊاڪٽر صاحب جي وچ ۾ هڪ رابطو هئس. ڊاڪٽر ڇا ٿو چوي؟ هي ڇا ٿا چاهين؟ طارق جي ڪهڙي تڪليف هئي. ڇا ڪرڻ گهرجي..... صلاحن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو هو. علاج لاءِ ڊاڪر صاحب، بنارس (چنائي) جي ڊاڪٽرن سان ڳالهائي سڀ انتظام ڪرايا. ڪڊني جيرو ٻئي هڪ دفعي ۽ هڪ ئي آپريشن ۾ تبديل ٿيڻا هئا. گڙدو،ط ارق جي ڀائٽي، جيڪو دارا ابڙي جو پُٽ آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو، تنهن جي طرفان ڏيڻ جي آڇ ٿي ۽ جيري ڏيڻ لاءِ سندس پُٽ هالار موجود هو. ٽيسٽون ٿيون، سڀ ڪجهه موجود هو. پئسا گُهربا هئا سٺ لک....! حڪومت جي ”اعليٰ“ حڪام کي جاڳائڻ شروع ڪيو ويو، همدرد وزير به ميسر آيا ۽ آفيسر پڻ. نصير ۽ انعام مون کي خبر ڏيندا هئا ته فلاڻو ڪاغذ، فلاڻي جي ميز تي پيو آهي. ميڊم وارو ڪيو! هتان منهنجا ٽيليفون... بس ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪاغذن کي اڳتي ڪرائي وزير اعليٰ هائوس ۾ پهچرايو ويو. اُتي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري ڊپٽي سيڪريٽريءَ کي ان ڪم تي لڳايم ته اِها سَمري ڳولهي هٿ ڪري ۽ ان کي سڀني فائيلن جي مٿان ڪري رکي ته جيئن وزيرِ اعليٰ صاحب جي نظر مان گذري ۽ ان کي منظور ڪري، ان جون ڪوششوپن به جاري رهيون. سمري ڳولهي ڦولهي هٿ ڪري، سڀني کان مٿي رکي وئي، پر.... وزيرِ اعليٰ صاحب کي ”ٻيا“ گهڻا ضروري ڪم ڪار اهڙا سامهون پئي آيا، جو سمريون ڪڍڻ جو کيس وقت ئي نه پئي مليو. ان وچ ۾ هن جي دلدار دوستن، سندس سڄڻن کي هٿ ونڊائڻ ۽ مدد جي درخواست ڪئي. دوستن واهُر ڪئي. گهر وارن پنهنجي ميڙي چونڊي جاچي، ڪو پلاٽ هيو، ان کي وڪڻڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آندائو، پر، جڏهن خريدار ملي!!
اسپتال، مان ۽ راشدي صاحب، طارق سان ملڻ وياسين. ملاقات واري ڪمري ۾ مُرڪندو آيو.... ڪمزور لڳم... ڏٺم ته پنهنجي ڪمزوري مون کي محسوس ٿيڻ نٿو ڏئي. هِتان هُتان جون ڳالهيون، کيس همت ڏيارڻ جون ڳالهيون، حوصلي ڏيارڻ جون ڳالهيون. ڊاڪٽر رضويءَ جي تعريف ڪيائين. کوڙ دير ويٺا رهياسين. کيس چيم اسپتال ۾ ڪا تڪليف هجئي ته ٻڌاءِ.
کلي چيائين. ”اسپتال جو نالو ئي تڪليف آهي ميڊم!“
چيائين ته سچ پئي. جواب ڏنم: ”ٻيو ڪو پاڻ وٽ متبادل آهي به ته ڪونه!“ کلندي ئي موڪلايو هيم. ”ڀلا ڪو ڪتاب کپئي، ته ٻڌاءِ وٺي موڪلي ڏيانءِ“. اهو ئي ڪري پئي سگهيس ته اِسپتال جي هن خاموشيءَ ۾ ڪِتاب ئي هُنَ جا ساٿي هجن.
هڪ ڏينهن نصير جو فون آيو: ”ميڊم! طارق صفا چِڙي پيو آهي، ضد ٿو ڪري ته مان هاڻي اسپتال ۾ ڪونه رهندس، سڀ نلڪيون زوري لاهي ٿو. گهر وڃڻ جو ضد پيو ڪري پليز توهان سمجھايوس.“ هيءُ هاڻي اُهو وقت هو، جڏهين، سندس روزانه ڊائليسز ٿيڻي هئي. هُو جڏهين اسپتال ۾ داخل ٿيو هو ته هفتي ۾ ٻه دفعا ڊائليسز ٿيندي هئس. ڊائليسز ٿيڻ کانپوءِ کيس گهر وڃڻ جي اجازت ملندي هئي. هُو ٻه ٽي ڏينهن گهر رهڻ کانپوءِ موٽي ايندو هو ۽ وري دائليسز جي تڪليف واري مرحلي مان گذّرندو هو، پر هاڻي وقت واريءَ مثل اسان سڀني جي مُٺ مان تِرڪندو پئي ويو. سندس حالت هاڻي اِها اجازت ئي ڪانه پئي ڏني ته هُو اسپتال جي ڪمري مان به نڪري سگهي. کيس فون ڪيم: ”طارق! ڏاهو ٿي. ڇو ٿو ضد ڪرين؟“
چوڻ لڳو: ”ميڊم، ڏاڍو بيزار ٿي پيو آهيان. بس هاڻي نٿو سهي سگهان.“
کيس چيم، ”ڀلا پاڻ وٽ ٻيو ڪو طريقو آهي؟ ٻي ڪا واهه آهي“؟ خاموش رهيو. چيومانس: ”هي سڀ تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ ئي اهو ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪجهه هن مهل ممڪن آهي. بس تون ايترو ڪر، ته هنن جو ڪم مشڪل نه بڻاءِ.“ هن مون کي انڪار نه ڪيو. هن شايد خاموشيءَ سان هار مڃي ڇڏي هئي. ڏاڍو ادب سان منهنجو چيو مڃي مون کي مانُ ڏنو هئائين. مون کي مٿس ڏاڍو پيار آيو. اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. وڌيڪَ ڳالهائي نه سگهيس. ان وچ ۾ اسان جون هر طرح جون ڪوشسون جاري رهيون... شل سي. ايم صاحب جي نظر مان سمري گذري. عبدالعزيز بُلي صاحب کي چيم ته: ”ائين نه ٿئي جو سي. ايم صاحب محمود غزنويءَ وانگر اوڏي مهل خزاني جا منهن کولي، جڏهن سندس مدح سرائي وارو شاعر دنيا مان رخصت ٿي چڪو هجي.....“
ٻه ٽي ڏينهن رکي، رات جو دير سان ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جو فون آيو: ”مهتاب! همارا دوست بس اب جاني ڪو هي.“ دل ڄڻ ته اچي پيرن ۾ ڪِري. چيومانس: ”ڊاڪٽر صاحب! شاييد ايڪ دو دن ۾ پئسون ڪا انتظام هو جائي.“
”هان، ليڪن اب ڪوئي فائده نهين، ايڪ هفته پهلي بهي يه هوجاتا تو، وه سفر ڪرني ڪي قابل ٿا. اب يه ممڪن نهين، بس اب اُس ڪي لئي دُعا ڪَرين.“
بس سمجهه ۾ نه آيم ته ڇا ڪريان؟ نصير ۽ انعام کي ميسيج ڪري، ڊاڪٽر رضويءَ واري ڳالهه ٻڌايم. رضيه کي فون ڪري.... کيس ايندڙ سانحي لاءِ ذهني طرح تيار رهڻ لاءِ چيم. وڏي حوصلي مند آهي رضيه. الائي ڪيئن ٻڌائين... سندس دل تي ڇا گذري هوندي؟ هڪ ڏينهن ٽي وي ڏسندي هڪ ٽِڪر هليو. وزيرِ اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه طارق عالم ابڙي جي علاج جي سلسلي ۾ ڇهه لک روپيه منظور ڪيا. اُنهيءَ مهل اُنهي ڊپٽي سيڪريٽري (جنهن کي وزيرِ اعليٰ هائوس ۾ ان ڪم تي لڳايو هُيم ته سمري مٿي رکي ۽ جيئن صحيح ٿئي ته مون کي ٻڌائي) جو خوشيءَ مان فون آيو: ”ميڊم! صاحب سمري منظور ڪري ڇڏي.“. چيومانس: ”بابا! تنهنجي مهرباني تو ته وڏي ڪوشش ڪئي، پر سمري ته سٺ لک روپين جي سفارش ڪيل هئي، سي ايم صرف ڇهه لک منطور ڪيا آهن ڇا؟ مونکي ڏسي پڪ ڪري ٻڌاءِ.“ واپس فون ڪري مايوس لهجي ۾ چيائين: ”توهان صحيح ٿا چئو. سٺ لک روپين لاءِ ئي وزيرِ اعليٰ صاحب کي سفارش ڪيل هئي، پر هنن ڇهه لک ئي منظور ڪيا.“
ان تي هاڻي ڪهڙو تبصرو ڪيان!؟ اسان اُها بدقسمت قوم آهيون جيڪي پنهنجي هٿان ماريا ويندا آهيون. اسان دهشتگردن جي هٿن ۾ يرغمال حڪومت کي دهشتگردن جي پيرن ۾ ويهي حڪومت ۾ رهڻ ۽ حڪومت ۾ ٻيهر اچڻ تي، سنڌين جي وقار کان وٺي.... سنڌ جا هڙئي وسيلا آڇڻ ۽ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بس صاحبن جي صاحبي جو خير هجي. تاريخ، سنڌ جي اِنهن سڄڻن جو ذڪر ڪهڙي نموني ڪندي، اِهو تاريخ ئي ٻڌائيندي، پر اسان اِهو ڏٺو ته طارق جي دوستن، هن جي چاهيندڙن ۽ سنڌ واسين، دل و جان سان هن جي زندگيءَ جي تند کي ڳنڍڻ جي بيحد ڪوشس ڪئي، پر جن جي هٿ۾ قلم هيو. جن جي هٿ ۾ وسيلا هئا جيڪي وقتائتو ۽ صحيح فيصلو ڪري، شايد هن جي زندگي بچائي سگهن ها، تن کي رب طرفان اُها عزت ئي نه ملڻي هئي، جنهن ۾ هُو ساڃاهه وندن جي سامهون سُرخرو ٿي سگهن.
پر.... هُو ته صبح جو تارو هو. هن جي زندگي ايتري ئي هئي. هُنَ کي رخصت ئي ٿيڻو هو. ائين ئي جھيڻو ڳالهائيندي، مُرڪندي... مُرڪندي...! ۽ اسان سڀني جي اکين آڏو... اسان جي هٿن مان هُو واريءَ وانگرنڪري ويو... پر محبتن جي آسمان تي هي صبح جو چمڪندڙ تارو. اڄ به موجودآهي، رڳو دل جون اکيون کولي ڏسو.