صبا، سنجھا ۽ رضيه جو طارق ـــ ممتاز لوهار
۽ موٽ ۾ هن لکيو هو ته: ”هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟“ ۽ مون کيس چيو هو ته: ”هي مان نه، پر منهنجو مرشد ٿو چوي.“
۽ هوءَ هميشه لاءِ ڇڏي وئي هئي، ”رهجي ويل منظر“ جي سنجھا جيان. تڏهن اکيون بند ڪري سيني تي ”رهجي ويل منظر“ رکي سمهي پيو هئم، ناول مان هي آواز آيو هو: ”ڪنهن جي ڇڏي وڃڻ سان ڪوئي مري ناهي ويندو، پر وسارڻ لاءِ ڪي ڏينهن، ڪي مهينا، ڪي سالَ، عذابُ ڀوڳڻو پوندو آهي.“ اکيون کوليون هئم ته ڪمري ۾ سنجھا سان گڏ منهنجي محبوبا بيٺي هئي، ٻئي مرڪي رهيون هيون، مون ٻيهر اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، ته بند اکين جي آڳر تي طارق عالم پنهنجون ٻئي ٻانهون کولي مون کي ڀاڪُرَ ۾ ڀڪوڙي چيو هو ته: ”هن جا ٽهڪ جيڪي ڪڏهن مون لاءِ اڇا ڪبوتر هوندا هئا، پوءِ ٽانڊا بڻجي پيا هُئا.“ هڪدم پي ٽي سي ايل تان نمبر ملائي پنهنجي مرشد سان ڳالهايو هُئم.
اڄ به منهنجي تخليقي وجود کي واسي رهيو آهي طارق عالم ابڙي جو آواز، جيڪو مون فون تي ٻڌو هئو، ”رهجي ويل منظر“ جي خُمارَ ۾ جڏهن کيس چيو هئم ته: ”اوهان جي آڱرين کي چمڻ ٿو چاهيان، جن اوهان جي احساس کي پني تي اتارڻ لاءِ بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهي پٽڻ جي اوهان جو ساٿُ ڏنو آهي.“
موٽَ ۾ پريان کان آيل شفيق آواز ۽ ٽهڪ، پل ۾ سوين ڪلوميٽرن جو سفر طئه ڪري منهنجي ڪنن کان ٿيندو دنيا جي سمورن گلابن جي خوشبوءِ کڻي منهنجي وجود کي مهڪائي ورتو هو. ان مهل ئي کيس چيو هئم: ”مان نه ٿو چوان، منهنجي دل ٿي چوي، منهنجي ڪهاڻين جي ڪِتابَ جو مُهاڳ اوهان لکي ڏجو.“
کلي چيو هئائين: ”حاضر پيارا!، جڏهن به چوندين..... حاضر آهيان.“ ۽ وقت جي سرڪش گهوڙي جي واڳ ڪٿي ٿي هٿن ۾ اچي، ۽ هڪ بي رحم گهڙي طارق عالم ۽ ان سان پيار ڪندڙن جي وچ ۾ هڪ ازلي ديوار کڙي ڪري وئي.... پر الائي ڇو، منهنجي دل اڄ به مڃي ئي نه ٿي، تون ويو آن ڇڏي.
ڪير ٿو چوي ته هو ڪونهي؟.... هو آهي.... هو رهندو.... جيسين سنڌُ آهي.... سنڌ يونيورسٽي آهي.... يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ پنهون ۽ سنجھا آهن.... اڄ به هو پنهنجي ئي هن محفل ۾ موجود آهي. اوهين ڀل ته يقين نه ڪريو... پر منهنجي دل چوي ٿي ته هو هتي ئي ڪٿي آهي.... اچو ته هڪ پل سڀئي پنهنجيون اکيون بند ڪري دل ئي دل ۾ کيس پيار سان سڏيون:
”پنهون.... پنهون .... پنهون! مان ڄاڻان ٿو ته تون هتي ئي ڪٿي موجود آهين، تون ڏسين پيو، تون اسان کي ٻڌين پيو، تون مرڪين پيو، تون ڀلي اسان جا سڏ نه ورناءِ، پر اسان توکي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته، اسين سڀ توسان بي انتها پيار ڪريون ٿا. مان ڄاڻان ٿو ته هينئر ادي رضيه جي اکين ۾ هڪ خواب بڻجي لٿو آهين. هن پوري پنڊالَ ۾ بڙ جي ڇانوَ ۾ ويٺل ڪنهن مسافر جي کنيل ڊگهي ٿڌي ساههَ جي هڳاءَ جيان، اسان سڀني جي وجودَ کي ڇُهي رهيو آهين. هي ڏس تنهنجا پيارا دوستَ توکي، تنهنجي وجودَ کي پنهنجي اندرَ جي اکين سان، سمورن حواسن سان محسوس ڪري رهيا آهن. تون ڏسين پيو ته توکان سواءِ اسان جون مرڪون ڳوڙهن ۾ ڀڳل آهن. توسان گهاريل گهڙين جون يادون اکين جي فريز روم مان نڪري آرس ڀڃي جاڳي پيون آهن. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ماڻهن کي منهنجيون ڳالهيون ديواني جو خواب لڳنديون هُجن، ان ڪري اچ، انهن کي پرههَ جي هيرَ جيان ڇُهي يقينُ ڏياري وڃ ته، تون اسان سان گڏ آهين، اسان جي وچ ۾ ڪٿي موجود آهين. ڀلي ته قنبر ۾ تنهنجو اصلوڪو گهر ڊهي ويو هجي، ڀلي ته هاڻي اتي ان جاءِ تي ڪي ٻيون عمارتون کڙيون ٿي ويون هُجن، پر دل تي يادگيرين جا نشان اڄ به موهن جي دڙي جي آثارن جيان شاندار ماضيءَ جون يادگار گهڙيون ٻڌائي رهيا آهن. هي اهو ئي لاڙڪاڻو آهي جنهن جي دادو ڪئنال ۾وهنجندڙ پنهنجي پياري دوست سائين اخلاق انصاريءَ کي ڏسڻ لاءِ تون ڄامشوري کان سيڙجي خاص اهو ڏسڻ ايندو هُئين ته منهنجا دوستَ ڪيئن ٿا وهنجن. پنهنجي امڙ جي هٿان مانيون ڪرائي پنهنجي دل گهريل دوستن کي زوري ترسائڻ، تنهنجا ٽهڪ، چرچا، دل وندرائڻ لاءِ ڪيل ڀوڳَ اسان مان ڪنهن به ناهن وساريا.
وسري هي سارو لوڪ، پر نه وسرين تون
توکي ڪيڏو مون، سانڍيو آهي ساههَ ۾
هن پروگرامَ لاءِ مون ”رهجي ويل منظر“ ناول تي لکڻ چاهيو هو، پر منهنجي دل مون کي صلاح ڏني ته ”رهجي ويل منظر“ ناول جي ٻئي ڀاڱي تي لکان. جي ها ”رهجي ويل منظر“ ناول جو ٻيو ڀاڱو، جنهن جو مرڪزي ڪردار پنهون ته ساڳيو پاڻ آهي، پر ان جي محبوبا صبا ۽ سنجھا نه پر، ڀيڻ رضيه آهي.
ڪجهه ڏينهن پياري دوست ۽ خوبصورت شاعر حبدار سولنگيءَ سان روز ڪچهريون ٿيون پئي. حبدار سولنگيءَ جڏهن طارق عالم سان گهاريل گهڙين جو ذڪر ڪيو. مليل محبت، طارق جي طبيعت ۽ ڀيڻ رضيه جي شخصيتَ ۽ طارق عالمَ سان سندس محبت ۽ نڀاءَ جون ڳالهيون ڪيون ته، اسان ٻنهي جي اکين ۾ سانوڻ جي وسڪاري کان اڳ وارا ڪارا ڪڪر ڀرجي آيا هئا ۽ مان ”رهجي ويل منظر“ جي پڄاڻيءَ واري پنهونءَ جي زندگيءَ تي سوچيندي پاڻَ سواليه نشان بڻجي ويو هئم. اهو سوچي ته سنجھا جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ پنهونءَ ڪيئن گزاريو هوندو!؟ ان احساس ۾ اکيون بند ڪري جڏهن سوچيو هئم ته تصور ۾ ڏٺو هئم ته ڀٽائيءَ جون ست ئي سورميون ادي رضيه جي هٿ ۾ هٿ ڏئي کيس طارق عالم وٽ وٺي آيون هيون. تڏهن پڪ ٿي هئي ته جڏهن سنجھا پنهونءَ کي الوداع چئي زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ اڃارو ڇڏي آسائش جي ڪوڙي ڪاڪ محل ۾ آرامي ٿي هئي، تڏهن ڀيڻَ رضيه ئي هئي جنهن طارق عالم جي وکريل وجود کي سهيڙيو هو.
جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي گهمڻ ويو هئم، توڙي جو اتي ڪجهه دوست پڙهندا هئا، ظاهري طور انهن وٽ رهيو هئم، پر سچ اهو آهي ته مان ”رهجي ويل منظر“ جي دنيا ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ ويو هئم. زيرو پوائنٽ، آرٽس فيڪلٽي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان ويندي پٿريلي رستن تائين هر پاسي منهنجون نِگاهون اهي آثار ڳولهي رهيون هيون، جِتي طارق عالم جو پنهون ۽ سنجها هٿ هٿن ۾ ڏئي گهمندا هئا.
1980ع واري دؤرَ جي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ماحول ۾ پلجندڙ پيار ڪهاڻيءَ تي لکيل هي ناول سنڌي ادب ۾ نظم توڙي نثر کي تخليق لاءِ ڪئي موضوع ڏئي ويو. سنڌ توڙي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن، جن جي سڃاڻپ پنهنجي الڳ مزاج، ماحول ۽ واقعن سان آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جنهن جو بنياد 1948ع ۾ پيو پر ان جي سڃاڻپ پيارَ جي علامت جو ڪارڻ طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ ٿي پيو.
هي ناول ڀلي ته دنيا جي ڪنهن به جديد ادبي نظريي جو اُهڃاڻ نه هجي، پر انسان جي فطري گهرج ۽ بين الاقوامي رويي پيارَ تي لکيل اهو ناول آهي جنهن سنڌي ادب ۾ جيڪا مڃتا ماڻي آهي اها اڄ تائين ڪنهن به ناول ۽ ليکڪ جي ڀاڳَ ۾ ناهي آئي. اهو ئي سبب آهي جو ادب جي دنيا جو هي هر فن مولا هڪ ئي وقت شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نِگار، سفرناما لکندڙ ۽ ڪالمسٽ هوندي به پنهنجين سمورين شاهڪار تخليقن جي باوجود هڪ ئي ناول جي ڪري اسان جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.سندس ٻيون تخليقون تارازيءَ جي پُڙَ ۾ ”رهجي ويل منظرَ“ جي ڀيٽَ ۾ شاهڪار هوندي به، ائين هلڪيون ٿي وڃن ٿيون، جيئن ڀيڻ رضيه جي وجودَ جي آڏو صبا ۽ سنجھا جا وجودَ هلڪا ٿي پون ٿا.
يونيورسٽيءَ جي رومانس تي ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون ملن ٿيون. جيئن رافع شيخ جو ”يونيورسٽيءَ جي ڌنڌَ ۾ گُم ٿي ويل خواب“، اسحاق انصاريءَ جو ”خالي بينچ“، منير چانڊيو جا ٻه ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۽ ”تو پُڄاڻان“ پرويز ابڙي جو ”تون هڪ خواب آهين“. ٿي سگهي ٿو اڃان اڳتي به هلي ڪي ناول ٻيا سرجن، اهي ڀلي ته ”رهجي ويل منظر“ کان وڌيڪَ سگهارا ثابت ٿين، پر پوءِ به ”رهجي ويل منظر“ جي حيثيت يونيورسٽيءَ جي رومانس تي لکيل ناولن جي پيڙهه جي پٿر واري رهندي. اسين سمجھون ٿا ته ”رهجي ويل منظر“ رڳو ناول نه پر هڪ ليکڪ جي جيون ڪٿا پڻ آهي. پر مان ان ناول جي پوري ٿيڻ تي جڏهن صبا، سنجھا ۽ پنهونءَ جي دردَ تي سوچان ٿو ته هڪ اڏول ڪردار اکين آڏو اچي وڃي ٿو، جنهن جيترو حوصلي سان زندگيءَ جي تلخين، سختين ۽ اذيتن سان سمجھوتو ڪري بردباريءَ سان ثابت قدم ٿي طارق عالم سان نباهيو آهي، اها هستي ”رهجي ويل منظر“ جي سمورن ڪردارن کان وڌيڪَ اُتم، اُوچي ۽ عظمت واري آهي. اها آهي منهنجي ڀيڻَ رضيه. جنهن لاءِ طارق عالم هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: ”رضيه منهنجي لڙڪن جو رومال آهي.“
۽ جڏهن ڀيڻَ رضيه کان سندس طارق بابت ٿا پڇون ته چوي ٿي: ”اسان هڪ ٻئي سان پنهنجين سمورين محبتن ۽ عقيدتن سميت زندگيءَ جا 26 سالَ هڪ اهڙي پُر امن جزيري ۾ گذاريا، جِتي نه ڪا نفرتَ هئي نه شڪايت، نه شڪ هو نه ساڙ، بس رڳو پيار ئي پيار.... مان طارق جي لکيل هر لفظ هر سٽ کي ائين سنڀالي رکيو، جيئن عورتون پنهنجا زيور سنڀالينديون آهن.“
هن ناول جي مُهاڳ ۾ سائين عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي ته: ”ڪنهن نه ڪنهن پنهون“ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني يونيورسٽي ڪئمپس ۾ جنم وٺندي رهندي آهي ۽ ان کي ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي، پر مسئلو ڪنهن ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام موضوع جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ اندر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ ڪيئن چيو ويو آهي. طارق عالم جو هي ناول به ان ئي نقطه نِگاهه کان پرکي سگهجي ٿو.... گذريل ستن اٺن سالن ۾ مون سنڌي زبان جي (شيخ اياز کي ڇڏي) ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي..... جيتوڻيڪ هن ناول ۾ پنهون طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار وسيلي ڪو به نعرو هڻائي سگهي ٿو، پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪه هنڌ هنڌ پنهنجا ڇوڏا به لاهي ويو آهي.“
ائين ئي سنڌي افساني جي شهنشاهه امر جليل چواڻي ته: ”دنيا ۾ لکڻ لاءِ ساڳيا موضوع آهن. بس انهن جي پيش ڪرڻ جو انداز هر هڪ جو الڳ ۽ پنهنجو آهي.“
تڏهن مان سوچان ٿو ته هن اهڙي شاهڪار ناول کانپوءِ جِتي طارق عالم کي سنڌ مان کوڙ سارو پيارُ ۽ موٽَ ملي هئي، اتي جئيلسي ۽ سازش جي ڌٻڻ به کيس اذيتون ڏنيون هونديون. منهنجي ان سوال جو جواب سندس ئي ناول جي هن جملي ۾ موجود آهي ته: ”محبتن ۾ ماڻهو سواءِ هڪ ٻئي جي، سڄي دنيا کي جئيلسيز ڏيندو ۽ وٺندو آهي.“
۽ مان سوچيان ٿو ته طارق عالم جهڙي کري ۽ سچي ماڻهوءَ (جنهن وٽ صرف پيار ۽ نفرت ئي هوندي هئي) وٽ وچ وارو ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو هو. تنهن هن دنيا جي ڊپلوميٽڪ ۽ ٻن منڍن وارن ماڻهن، دوستن، محبت ڪندڙن دعويدارن ۽ سماج جي وچ ۾ ڪيئن گذاريو، ڀوڳيو ۽ لوڙيو هوندو؟ جنهن لاءِ هو ناول ۾ ئي چئي ويو آهي ته: ”ڪا اهڙي ڪئميرا به هجي ها، جيڪا اندر ۾ ٿيندڙ حادثن جا به فوٽو ڪڍي سگهي ها.“
هو دوستن جي روپ ۾ دشمنيون، محبتن جي روپ ۾ نفرتون ۽ رشتن جي ويساههَ گهاتين کانپوءِ به ٽهڪ ڏئي کلندو کلائيندو محبتون ونڊيندو رهيو. ۽ مان سوچان ٿو ته پنهونءَ کي جڏهن سنجھا ڇڏي هلي وئي هئي ته ڪيترائي سالَ گهر اندر رهي، خودڪشيءَ ڏانهن وڌندڙ هن شخص آخر زندگيءَ ڏانهن ڪيئنءَ موٽَ کاڌي؟ تڏهن سندس ئي جملو منهنجي ڪنن ۾ گونجي ٿو ته: ”منهنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن رضيه نه هجي هان ته مان خودڪشي ڪري ڇڏيان هان.“ تڏهن ناول مان هي آواز اڀريو هو ته، ”اسان جيڪڏهن پنهنجا اندر پنهنجي ٻاهران مڙهي هلون نه، ته هِڪَ وِکَ به هلي نه سگهون.“
مون پنهنجي ڪهاڻين جي ڪِتاب ”اڻپورا وجود“، جي مهورت تقريبَ ۾ اهو اعتراف ڪيو هو ته سائين اخلاق انصاري منهنجو مرشد ڪهاڻيڪار آهي، اڄ هڪ ٻيو به اعتراف ٿو ڪريان ته منهنجي ڪهاڻين ۾ تشبيهن جو اثر منهنجي ٻئي مرشد طارق عالم ابڙي کان متاثر ٿيڻ جي ڪري آهي.
نڪور ۽ تخليقي تشبيهن جي سونهن سان ڀرپور هي ناول يقينن اڄ به سنڌي ادب توڙي سنڌي ناولن جو ڳاٽُ اوچو ڪيو بيٺو آهي. هن ناول جو هر صفحو خوبصورت احساسن ۽ اڻڇهيل احساساتي تشبيهن سان ڀرپور آهي. جن مان ڪجهه تشبيهون حوالي طور پيش ڪيان ٿو:
ـــ تو پنهنجا چپ منهنجي ڊائريءَ مٿان اُتاري ڇڏيا هئا، اڄ به انهيءَ پني مٿان تنهنجي لپ اسٽڪ جي سُرهاڻ ۽ شفق رنگ چپ ستل آهن.
ـــ هونءَ به مون کي اُداس ڇوڪريون فٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ قيمتي ڪِتابن جهڙيون لڳنديون آهن.
ـــ منهنجا خوابَ اسان جي گهر جي مٿئين ڪمري جي روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ مان، آپگھات ڪري ڇڏيندا آهن. يا منهنجي خوابن جو ايبارشن ٿي ويندو آهي.
ـــ عورت بهرحال مرد جي وڏين ضرورتن مان هڪ ضرورت آهي.
ـــ مان سڄي رات سمنڊ جيان ڇلندي گذاري ڇڏي هئي.
ـــ مون کي جڏهن به سمنڊ گهمڻ جو شوق جاڳندو آهي ٽئگور کي پڙهندو آهيان.
ـــ هوا زنا جي ڏوهه ۾ ڇڏائي، ڀڄندڙ ڏوهيءَ پٺيان ڪنهن مڇريل هجوم جيان اندر ڌوڪي، هر طرف ڦهلجي وئي هئي.
ـــ نٽهڻ اُسَ ۾ منهنجو ذهن تنهنجي آواز جي برف باريءَ ۾ وڃائجي ويو هو.
ـــ کن لاءِ تنهنجا اداس نيڻ ٽانڊاڻن جان جرڪي پيا هئا، ۽ هلڪا ٽهڪَ، سڏڪا بڻجي هوائن ۾ اڏري ويا هئا.
اهڙين ڪيترين ئي دل ڇهندڙ تشبيهن سبب محبوبائن کي تحفي ۾ ڏيڻ جهڙو هي ناول انسان جي داخلي ڪيفيتن، جي ڀڃ ڊاهه، احساسن جو دستاويز ۽ پيار جي ڪٿا تي مشتمل جيءُ جھوري ڇڏيندڙ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي، جيڪو سنڌي ناولن جي چوڌاري هڪ مضبوط قلعو قائم ڪيو بيٺو آهي. هي ناول سنڌ يونيورسٽيءَ جي 1980ع واري دؤر جي تاريخ پڻ آهي.
جيئن طارق عالم ابڙي جي نالي سان هي خوبصورت ناول ڳنڍيل آهي، تيئن ئي سندس زندگيءَ سان ادي رضيه جو نانءُ ڳنڍيل آهي. جنهن جي عظمت، سهپ ۽ وفا آڏو منهنجا لفظَ ڪنڌُ جھُڪائي اظهارين ٿا ته: ”منهنجي ڀيڻَ رضيه! تون انهن ڏينهن ۾ طارق عالم جي وکريل وجودَ کي سهيڙيو هو، جڏهن طارق ڪمري جي اڪيلائي ۾ آئيني سان ڳالهائيندي چوندو هو ته: ”ماڻهو محبتن جي موٽَ ۾ ويساهه گهاتيون، دوستين جي نانءَ تي دوکا ڇو ڏيندا آهن....؟“
”رهجي ويل منظر“ وقت ۽ ادبَ جي نقادن، ۽ محققن جي راين سان توريو ويو آهي، پر مان هن ناول لاءِ پنهنجي احساسن جي پڄاڻي هن ئي ناول جي هن خوبصورت احساساتي جملي سان ڪندس ته:
”جنهن صبح جو تو کي اچڻو هو، ان صبح جو وزم گهڻي پيئڻ ڪري منهنجو گلو سالن کان سڪل کوهه جيان ڪلراٺجي ويو هو. چپ سڪل پنن جهڙا ٿي پيا هئا. ننڍڙي موريءَ تي ويهي تنهنجو انتظار ڪرڻ لڳو هوس. بس آئي هئي، پهرين اسٽاپَ تي بيٺي هئي، پر تون نه لٿي هُئينءَ. بس منهنجي ڀر مان لنگهي هئي، ڏٺو هئم تون فرنٽ سيٽَ تي ويٺي هئينءَ. سمجھي ويو هوس، ته تون انهن رستن تان اچڻ نه ٿي چاهيو، جن کي اورانگهي ڪڏهن مون وٽ پيار ونڊڻ ايندي هئينءَ.
موريءَ تان اُٿي اڳئين اسٽاپَ ڏانهن هلڻ لڳو هوس. شايد تو مون کي ويٺل ڏسي ورتو هو. تڏهن ئي ته گهر وڃڻ بدران، موريءَ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو هُيئي.....؟ سُنسان روڊ جي هڪ ڪنڊ کان مان توڏانهن اچي رهيو هوس. ٻئي کان تو مون ڏانهن.....
ڪيتري عجيب ڳالهه هئي سنجھا....؟ ماڻهو سدائين ملڻ لاءِ وڇڙندا آهن ۽ اسان هميشه وڇڙڻ لاءِ ملي رهيا هئاسون......؟ اسان ٿاٻڙجندا هڪ ٻئي جي اڳيان بيهي رهيا هئاسون. کاٻي طرف ڳليءَ ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هومانءِ.
هن ڳليءَ مان، پاڻ اڳي ڪڏهن لنگهيا آهيون؟ ڪنڌُ جھُڪائي ناڪار ۾ لوڏي ڇڏيو هُيئي. چيو هئم: هن ڳليءَ مان گهر ته ويجھو آهي، پر مان توکي وٺي نه هلندس. ڇو ته ڪجهه ڳليون ڪجهه رستا اهڙا به هُجن. توکان وڇڙڻ پُڄاڻان جن تان ڪڏهن لنگهان به، ته مون کي ڪُجهه به ياد نه اچي.“